ناول

فاتح مُرڪ

ھي ڪتاب جاويد سومري جو ايم آر ڊي جي تحريڪ جي پسمنظر ۾ لکيل ناول آھي، ھن ناول ۾ 80 جي ڏھاڪي ۾ سنڌين پاران شروع ڪيل ان تحريڪ جي ڪھاڻي آھي جنھن ضياء مارشلا کي لوڏي وڏو ھيو. جاويد سومرو لکي ٿو:
”مان ناول بابت فقط اهو چوڻ چاهيندس ته هي تاريخ جو ڪتاب ڪونهي ۽ نه ئي هن ۾ ايم آر ڊي جهڙي عظيم جدوجهد جي سمورن پهلوئن تي لکيو ويو آهي. هن ناول ۾ آيل واقعا ۽ ڪردار حقيقي واقعن ۽ ڪردارن کان متاثر ضرور آهن پر انهن واقعن ۽ ڪردارن جو هوبهو بيان ڪونهن. ناول ۾ دلچسپي پيدا ڪرڻ لاءِ ادبي وڌاءَ به هوندو پر اهو حقيقتن جي ويجهو آهي. ناول جي ڪردارن جي حقيقي زندگيءَ ۾ ڪنهن سان مشابهت فقط اتفاقي هوندي.
Title Cover of book فاتح مُرڪ

9

سڄو شهر اونداهيءَ ۾ ٻڏل هو. سڙڪن ۽ گهٽين ۾ دوڪانن ۽ گهرن مان ميڻ بتين، لال ٽينن، گولن ۽ ڏيئن جي هلڪي روشني، شهر ۾ زندگيءَ جو احساس جاڳائي رهي هئي. شهر ۾ چوٻول هو ته ڪن ماڻهن شهر کي بجلي پهچائيندڙ ٽرانسميشن لائين کي بم سان اڏائي ڇڏيو. جڏهن ته بس اسٽاپ تي ڪجهه سرڪاري بسن کي باهيون ڏنيون ويون آهن. شهر جا ماڻهو دل ئي دل ۾ خوش هئا ۽ کين اندازو هو ته فوج پاران ماريل بي گناهه سنڌين جي احتجاج ۾ سڀاڻي ڪامياب احتجاج ٿيندو. پر منجهن خوف جو احساس به واسو ڪري ويو هو. شهر ۾ فوج ۽ پوليس جو گشت تمام گهڻو وڌي ويو هو. هر چونڪ ۽ روڊ تي فوج جون گاڏيون گشت ڪري رهيون هيون، جڏهن ته شهر جي ڪيترن پاڙن ۾ فوج جون چوڪيون قائم ڪري مسلح فوجين کي لڳايو ويو هو.
ماڻهن پرڏيهي ريڊيو جي خبرن مان نه صرف پنهنجي شهر ۾ ٿيندڙ ڪاررواين بابت ڄاڻ حاصل ڪئي هئي پر کين اها پڻ خبر پئي ته سموري صوبي ۾ احتجاجن جو اعلان ڪيو ويو آهي ۽ پاڪستان جي ٻين ڪيترن علائقن ۾ به جمهوريت جي حامين پاران سنڌ ۾ ٿيل قتلام خلاف احتجاج ٿي رهيو آهي. هڪ خبر ۾ اهو پڻ ٻڌايو ويو ته چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ملڪ ۾ عام چونڊون ڪرائڻ جو هڪ ڀيرو وري اعلان ڪيو آهي.
ڳجهي جاءِ تي سوڳ ڪميٽيءَ جا سمورا ساٿي گڏ ٿيا هئا. ڪمري ۾ ٻرندڙ ميڻ بتين جي روشنيءَ ۾ سمورن ساٿين جا چهرا ڏاڍا پراسرار لڳي رهيا هئا.
ڀائو سليمان هميشه جيان سگريٽ جا ڪش هڻندي وڏي گهري سوچ ۾ ٻڏل ٿي لڳو. جڏهن ته نوجوان ڪارڪنن جي چهرن تي مستي ۽ جوش نچي رهيو هو. ساٿي سلطان وڃي سمورن ساٿين لاءِ گرما گرم چانهه ٺاهي آيو هو. ساٿي حميد رات جي مانيءَ جي تياريءَ ۾ رڌل هو.
گڏجاڻيءَ جي شروعات ٿي ته ڀائو سليمان سڀ کان پهرين ساٿين کي ٻڌايو ته سڀاڻي جي جلوس مٿان جمهوري تحريڪ جي مخالفن پاران حملي جي اطلاع کان بعد، هٿياربند ساٿين جا ٽي جٿا تيار ڪيا ويا آهن، جيڪي جلوس جي اڳيان، وچ ۾ ۽ پويان هلندا ۽ ڪنهن به حملي جي صورت ۾ ان کي پختي موٽ ڏيندا.
حسين کي ان فيصلي تي خوشي ۽ اطمينان ٿيو. ان کان پوءِ حسين ساٿي دلدار سان گڏ ڪيل ڪارروائي کان گڏجاڻيءَ کي آگاهه ڪيو ، جنهن بعد حميد ۽ محمد بخش بس اسٽاپ تي بيٺل سرڪاري بسن کي باهيون ڏيڻ جي رپورٽ ڏني.
”ساٿيو- پاڻ سڀاڻي جي احتجاج لاءِ جيڪي ممڪن ٿي سگهيو ٿي سمورا اپاءَ ورتا آهن. هاڻ پاڻ کي مڪمل ڦيٿا روڪ لاءِ هڪ آخري ڪم ڪرڻو آهي. پاڻ ڪوڪن لڳل ڪاٺوڙا ٺاهي سڄي شهر جي ايندڙ ويندڙ رستن تي راتو رات اڇلائي اينداسون پر اهو ڪم ڏاڍي هوشياريءَ سان ڪرڻو آهي. سڄي شهر ۾ پوليس ۽ فوج جا وڏا اٽالا هر وقت گشت ڪري رهيا آهن.“ ڀائو سليمان گهري سوچ مان نڪرندي چيو.
سوڳ ڪميٽيءَ جي ڪارڪنن کي ان بابت اول ئي اطلاع هو ته کين ڇا ڪرڻوآهي. گڏجاڻي جي ختم ٿيڻ کان بعد ڀائو سليمان روانو ٿي ويو. ڀائو سليمان اهڙي شخصيت جو مالڪ آهي جنهن بابت اهو اندازو لڳائڻ سدائين ڏکيو هوندو آهي ته هو ڪهڙي ڳالهه تي خوش ٿيندو ۽ ڪهڙي تي ناخوش؟ سمورا ساٿي سندس تمام گهڻي عزت ڪندا آهن ۽ هو سمورن سان پنهنجن ٻچن وانگر پيار ڪندو آهي. پر هو ڪڏهن ڪڏهن اها ڳالهه وساري ويهندو آهي ته پنهنجن تنظمي ساٿين سان پيو ڳالهائي نه ڪي پنهنجن ٻارن سان. سندس پيار اهڙو آهي جو ڪو به ساٿي سندس ڇڙٻن تي ڪاوڙبو ڪونهي، بلڪه کلي ويهندا آهن. ڀائو سليمان سرڪاري ملازم آهي ۽ سندس وڏي ڪٽنب جو واحد ذريعو معاش سندس سرڪاري نوڪري آهي، پر هو هڪ اڻ ڏٺي منصفاڻي سماج کي قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجو سڀ ڪجهه داءُ تي لڳائڻ لاءِ تيار رهندو آهي. حسين کي هو هميشه چيني ڪتابن ۾ پڙهيل انقلابي اڳواڻن جهڙو لڳندو هو. ڏسڻ ۾ سادو ۽ نهٺو پر اندران ذهين، گهرو، جذباتي ۽ ارڏو، ٿورن لفظن ۾ گهڻو چوڻ وارو پر جتي چوڻ ضروري هجي، اتي ڪنهن به صورت ۾ زبان بند نه رکڻ وارو.
ڀائو سليمان جي روانو ٿي وڃڻ کان پوءِ ڄڻڪ نوجوان ڪارڪنن ۾ هڪدم موج مستي اچي وئي. هنن مان ڪن سگريٽ دکايا، ڪي کٽ تي ليٽي چيلهه سڌي ڪرڻ لڳا ته ڪن وري ريڊيو تي آڪاش واڻي کان نشر ٿيندڙ گانا ٻڌڻ شروع ڪيا.
سلطان وڃي فوٽو فريمن ۾ استعمال ٿيندڙ سنهي ڪاٺيءَ جي پٽين جو هڪڙو بنڊل ۽ ڪوڪن جو ٿيلهو کڻي آيو ۽ سڀ ٿوري جهٽ ۾ ڪم ۾ جنبي ويا. هنن ڪاٺيءَ جي پٽين کي ٽن ٽن انچن جيترو ڪٽيو ۽ پوءِ ان ۾ ٽن طرفن کان هڪ هڪ انچ ڊگها ڪوڪا ٺوڪيندا ويا. ڪوڪا ڪاٺيءَ جي هڪ پاسي کان وڃي ٻئي پاسي کان نڪري ٿي آيا، ائين ٽنهي پاسن کان ڪوڪن جو چنهبون نڪتل ٿي بيٺيون. ڪوڪن لڳل انهن ڪاٺوڙن کي جڏهن روڊ تي ڦٽو ڪبو آهي ته اهي جنهن به پاسي تي ڪرندا، هڪ ڪوڪو مٿي اُڀو ٿي بيهندو ۽ جڏهن ان مٿان ڪنهن به گاڏيءَ جو ٽائر پوندو ته ڪوڪو ٽائر ۾ ٽنبجي ويندو. هنن ڪاٺوڙن جو مقصد اهو هو ته جيڪڏهن سمورن اپائن کان پوءِ به ڪي گاڏيون روڊن تي نڪرن ٿيون ته انهن جا ٽائر برسٽ ڪري ڇڏجن جيئن اهي هلڻ لائق نه رهن. ميرانجهڙي ميڻ بتين جي ٽمڪندڙ ميرانجهڙي روشنيءَ ۾ هي ڪوڪن وارا ڪاٺوڙا ٺاهڻ جو ڪم رات جو ٽين وڳي تائين هليو. جنهن بعد سمورن ساٿين ٻن ٻن جي ٽولي ٺاهي ڪاٺوڙا ورهائي کنيا ۽ شهر جا علائقا به طئي ڪيائون ته ڪهڙن رستن تي ڪهڙي ٽولي ڪوڪا وڇائيندي.
حسين هڪ ٿيلهي ڀري ڪاٺوڙن جي کنئين ۽ محمد بخش کي ساڻ ڪري پنهنجي ذميواريءَ ۾ کنيل علائقي ڏانهن روانو ٿي ويو. هي اڄوڪي ڏينهن جي سندس آخري ذميواري هئي ۽ کيس سڀاڻي وري ڪيترن همدردن کي ساڻ ڪري احتجاجي مظاهري ۾ پهچڻو آهي. محمد بخش سان اونداهن رستن تي هلندي، حسين کي نور ياد آيو، گهڻو ڪري اهڙن ڪمن ۾ نور هن سان گڏ هوندو هو، پر اڄ ٿاڻي جي لاڪ اپ ۾ خبر ناهي هو ڪهڙي حالت ۾ هجي؟

***

حسين ڇرڪ ڀري ننڊ مان سجاڳ ٿيو. وهاڻي جي هيٺان واچ ڪڍي اڌ کليل اکين سان وقت ڏٺائين، صبح جا نو لڳي ڏهه منٽ ٿيا هئا. کيس ڪجهه اطمينان مليو ۽ هن اکيون بند ڪري جسم کي هڪ ڀيرو وري ڍرو ڇڏي ڏنو. حُسين ڇرڪ ڀري اٿڻ کان پهرين خواب پئي ڏٺو ته سندس اک نه کلي آ ۽ هو اڄ جي احتجاج ۾ شامل ٿي نه سگهيو آهي، ان خواب ايندي ئي ڄڻ بجليءَ جي جهٽڪي کيس ننڊ مان سجاڳ ڪري ڇڏيو هو. جلوس يارهين وڳي کان شروع ٿيندو، تنهن ڪري وٽس اڃا ڪافي وقت هو. هن پنهنجي لاڳاپي وارن سمورن ساٿين ۽ همدردن کي شهر جي چوڪ وٽ ٺهيل باغ ۾ گڏ ٿيڻ لاءِ چيو هو.
هاڻ جڏهن هو گهري سڪون جي حالت ۾ اکيون بند ڪيو پنهنجي بستري تي ليٽيو پيو هو ته کيس پنهنجي ماءُ جو خيال آيو. اڄ رات صبح اسر ويل جڏهن حُسين، محمد بخش سان گڏ پنهنجي علائقي جي روڊن تي ڪوڪا ڦٽا ڪري گهر پهتو هو ته سندس ماءُ دروازو کوليو. هن ماءُ کي ڏسي مرڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر سندس امڙ سڏڪا روڪي نه سگهي.
”ڇا ٿيو امان، ڇو پئي روئين؟“ حسين ائين پڇيو ڄڻ سندس روئڻ جي سبب کان اڻڄاڻ هجي، حالانڪه هاڻوڪن ڏينهن ۾ سندس ماءُ جي وڏي ۾ وڏي تڪليف جو سبب هو پاڻ پئي بڻيو.
”ڪجهه نه.... بس قسمت تي ٿي روئان پٽ، تون وڃي سمهه.“ سندس ماءُ رئي سان اکيون اگهندي کيس چيو.
”امان... مهرباني ڪري روءُ ته نه!“ حسين پنهنجي امڙ کي ڀاڪر پائيندي چيو، ”مون توکي ڪيترا ڀيرا سمجهايو آهي ته مون کي ڪجهه نه ٿيندو... تون مون بابت پريشان نه ٿيندي ڪر..... ڏس هن مهل تائين جاڳين ويٺي. روئي روئي ڪهڙي حالت ڪري ڇڏي اٿئي پنهنجي...؟“
”بابا مون توکي ته ڪجهه نه چيو.... ڄاڻان ٿي تون منهنجي ڳالهه نه ڪڏهن ٻڌي آ ۽ نه ٻڌندين، پر ماءُ جي دل کي ڪير سمجهائي،“ حسين جي ماءُ چيو ۽ وري رئي جي پلاند سان ڳوڙها اگهيائين.
”امان ڏسين ٿي ملڪ تي ڪهڙو عذاب نازل ٿيل آ، ڀلا جي اسين ڪجهه نه ڪنداسون ته ڪير ان عذاب مان جان ڇڏائيندو؟“ حسين چيو، ”انهن نوجوانن جون به مائرون هونديون، ڀيڻون هونديون، زالون ۽ ٻار هوندا جن کي ظالمن گولين جو کاڄ بڻايو آهي. ڀلا تون چاهين ٿي ته قوم مٿان اهڙي ويل ۾تنهنجو پٽ بس خاموش تماشائي رهي؟“
”خبر اٿم ته تنهنجي سوچ تي منهنجن ڳوڙهن جو ڪو اثر نه ٿيندو پر اهو به سوچيندو آهين ته جي توکي ڪجهه ٿي وڃي ته اسان جو ڇا ٿيندو؟“
”امان مون کي ڪجهه نه ٿيندو... ۽ جي ٿيو به ته شهيد جي ماءُ سڏرائيندينءَ!“ حسين مرڪندي چيو،
”چڱو هاڻ اهڙيون وايون نه ڪڍ، وڃي سمهه، ذري گهٽ صبح ٿي ويو آهي.“ حسين جي ماءُ پنهنجا ڳوڙها اگهندي ڪمري ۾ هلي وئي ته حسين به وڃي پنهنجي بستري تي ڦهه ٿيو. هو سڄي ڏينهن ۾ ڏاڍو ٿڪجي پيو هو. کيس جلد ننڊ اچي وئي. صبح جو اک کليس ته رات جون ڳالهيون ذهن تي تري آيون هئس. ”هاڻ امان کي ڪيئن سمجهايان ته انقلاب قربانيون گهرندا آهن ۽ هر قرباني ڏيندڙ ڪنهن نه ڪنهن جو پٽ ۽ ڌيءَ به هوندا آهن.“ حسين ليٽي ليٽي سوچيو. هن سوچيو ته اڄوڪي جلوس ۽ احتجاج کان پوءِ هو ڪجهه ڏينهن گهر ۾ ماءُ وٽ رهندو ۽ گهر ۾ وقت گذارڻ سبب سندس امڙ کي ڪجهه سڪون ملندو. في الحال کيس جلوس ۾ وڃڻو هو سو هو جلدي جلدي تيار ٿي گهر مان نڪرڻ وارو هو ته سندس امڙ اچي کيس امام ضامن ٻڌو ۽ خبر ناهي عربي ۾ ڇا ڇا پڙهي کيس شوڪارا هنيا. حسين کيس ڏسي کلندو رهيو.
پوڻي يارنهن وڳي حُسين جڏهن باغ ۾ پهتو ته چند ساٿي پهرين ئي اتي موجود هئا. هنن اکين ئي اکين ۾ عليڪ سليڪ ڪئي ڇو جو سڀني ساٿين کي چيل هو ته هو پري پري رهندا ۽ هڪ ٻئي سان نه ڳالهائيندا ۽ نه ئي ملندا ته جيئن مٿن پوليس ۽ خفيه وارن جو شڪ نه ٿئي.
شهر جي مرڪزي چوڪ جي ڀرسان ٺهيل هن باغ ۾ هر وقت ماڻهن جو چڱو تعداد موجود رهندو آهي پر اڄ اهو انگ اڃا وڌيڪ هو. جمهوري تحريڪ جا حامي ۽ ڪارڪن پري پري جي علائقن کان ڪهي اچي هتي گڏ ٿيا هئا. ڪن ساٿين سوير اچي جهنڊا، بينر، پلي ڪارڊ ۽ ڏنڊا باغ جي وڻن ۽ ٻوٽن ۾ لڪائي ڇڏيا هئا ۽ طئي ڪيل پروگرام مطابق جڏهن اڳواڻ جٿو اچي نعرا هڻندو ته سمورا ڪارڪن تڙ تڪڙ ۾ اهي جهنڊا ۽ بينر وغيره کڻي اچي جلوس ۾ شامل ٿي ويندا. حسين کي اها پڻ خبر هئي ته ڪيترن ساٿين وٽ اڄ هٿيار پڻ هوندا ڇو جو امڪان هو ته متان جمهوري تحريڪ جي مخالفن پاران حملو ڪيو وڃي.
شهر جي باغ جي پسگردائيءَ وارو علائقو فوجي ڇانوڻيءَ جو ڏيک ڏئي رهيو هو. سون جي تعداد ۾ چوڪس فوجي ۽ پوليس وارا علائقي کي گهيرو ڪيو بيٺا هئا ۽ امڪان اهو پئي لڳو ته جلوس ۽ جلسو ڪرڻ شايد کين نه ڏنو وڃي.
يارنهن لڳي ڏهن منٽن تي هاري اڳواڻ غلام محمد ۽ شاگرد اڳواڻ مراد جي اڳواڻيءَ ۾ اڳواڻ جٿي چوڪ جي وچ ۾ بيهي جمهوريت جا جهنڊا کوليا ۽ نعرا هڻڻ شروع ڪيا. بس ڏسندي ئي ڏسندي سوين ماڻهو باغ مان جهنڊا، بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻندا، نعرا هڻندا جلوس ۾ پهچي ويا. ڪي ڪارڪن ۽ همدرد ڀرپاسي وارين گهٽين ۽ روڊن تان نڪري آيا ته وري ڪي سڙڪ تي ٺهيل لاتعداد هوٽلن ۽ چانهه جي ڪئبنن مان نڪرندا ڊوڙندا اچي جلوس ۾ شامل ٿيا. اک ڇنڀ ۾ ماڻهن جو ايڏو تعداد چوڪ تي نڪري آيو جو پوليس ۽ فوج پڻ حيران پئي لڳي. سڄو علائقو جمهوريت جي حق ۾ ۽ مارشل لا جي خلاف نعرن سان گونجڻ لڳو ۽ جمهوري اتحاد جي مختلف پارٽين جا سوين ڳاڙها، ڪارا ۽ساوا جهنڊا فضا ۾ بلند ٿي ويا هئا. مراد نعرا هڻائي رهيو هو ۽ جلوس هوريان هوريان هلڻ شروع ڪيو، پر جلوس اڃان ٿورو اڳتي ئي وڌيو هوندو جو پوليس جي وڏي اٽالي جلوس جو رستو روڪي ڇڏيو. فوج جا مکيا چکيا آفيسر ۽ جوان پوليس جي سپاهين ۽ گاڏين کان پويان، پنهنجين ٽرڪن ۽ جيپن تي سوار ويٺا، سمورو لقاءَ ڏسي رهيا هئا. فوج عام طرح پوليس جي مدد لاءِ موجود رهندي آهي پر جلسن جلوسن کي منهن ڏيڻ لاءِ پهرين پوليس کي اڳيان ڌڪيو ويندو آهي ۽ پوليس جا ڪي ”شاهه کان وڌيڪ شاهه جا وفادار“ آفيسر، جمهوري تحريڪ جي ڪارڪنن سان وڏيون جٺيون ڪندا آهن. اڄ به پوليس جي اڳواڻي ايس پي لوڌي ڪري رهيو هو جنهن پاران سنڌي ڪارڪنن سان ڪيل ڏاڍائين جون ڪهاڻيون هر طرف پکڙجي ويون آهن. ”خبردار.... توهان کي اطلاع ٿو ڏجي ته هي مظاهرو غيرقانوني آهي، جي توهان پرامن طريقي سان منتشر نه ٿيا ته پوليس کي پنهنجي ڪارروائي ڪرڻي پوندي“. ايس پي لوڌي مظاهرو ڪندڙن کي ميگا فون تي وارننگ ڏني.
مظاهري ۾ ان وارننگ سان جوش اڃا وڌي ويو ۽ جمهوريت جا حامي وڌيڪ پرجوش نعرا هڻندا پوليس جي سامهون بيٺل قطار ڏانهن وڌندا رهيا. ايس پي لوڌي هاڻ پوليس جي اٽالي پويان وڃي بيٺو ۽ سپاهين پنهنجون رائفلون ۽ ڳوڙها گئس واريون بندوقون سڌيون ڪيون. جلوس وڃي پوليس جي قطار جي سامهون ٿيو. جلوس جي اڳيان هلندڙ مراد ۽ ساٿي محمد بخش پوليس وارن کي رڙ ڪندي چيو ته هو اڳيان پري ٿي وڃن، هي جلوس پرامن آهي ۽ شهر جي رستن تي پرامن مظاهرو ڪرڻ کان پوءِ منتشر ٿي ويندو پر ان وقت تائين ايس پي جلوس مٿان لاٺي چارج ڪرڻ جو حڪم ڏئي چڪو هو. سوين سپاهين اک ڇنڀ ۾ جلوس مٿان ڏنڊن جو وسڪارو ڪري ڏنو ۽ ٻن سپاهين جلوس مٿان ڳوڙها گئس جا شيل فائر ڪيا. ڪن سپاهين رائفلن سان هوائي فائر پڻ شروع ڪري ڏنا، جلوس ۾ ٽاڪوڙو پئجي ويو. ڪن ڪارڪنن پوليس جي گهيري کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڏسندي ڏسندي سندن مٿا ۽ جسم خون جا ڦوهارا بڻجي ويا. ”مارشل لا مرده باد، جنرل ضياءَ مرده باد، جمهوريت بحال ڪيو“. نعرا فضا ۾ گونجندا رهيا ۽ ڳاڙهي خون سان ملي رنگين ٿي ويا.
فوجي آفيسرن پڻ پنهنجن سپاهين کي ڪارروائي جي تياريءَ جو حڪم ڏنو. صورتحال ڏسي جلوس هاڻ ٽولين ۾ ورهائجي ويو هو. نوجوانن جي ٽولين گهٽين ۾ پناهه ورتي ۽ آس پاس جي عمارتن جي وٽ وٺي بيهي رهيون هيون ۽ ڪيترن هاڻ پوليس ۽ فوج مٿان پٿر اڇلائڻ شروع ڪيا. ڳوڙها گيس جي شيلن جو وسڪارو جاري رهيو ۽ نوجوانن پاران پٿرن وسائڻ جو سلسلو به بند نه ٿيو. پوليس جي گهٽ سپاهين کي سڌين گولين هلائڻ جو حڪم ڏنو ويو. شهر جو مرڪزي علائقو جنگ جو ميدان ٿي ويو. سڄو علائقو خوفناڪ ٺڪائن سان گونجي رهيو هو. جلوس ۾ شريڪ ماڻهن جو وڏو انگ هاڻ گهٽين ۽ باغ جي پوئين رستن کان ٿيندو غائب ٿي ويو هو پر ڪيترا ماڻهو اڃا پوليس سان چڪريون جاري رکيو ويٺا هئا.
حُسين جي نظر سڪندر تي پئي جنهن کي ايس پي لوڌي وارن کان جهليو زمين تي ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. حسين، ساٿي محمد بخش کي پڻ ڏٺو جنهن کي پوليس وارا لتون هڻندا پوليس جي گاڏي ۾ دسي رهيا هئا. حسين ڪيترن ٻين ساٿين کي زخمي ٿيندي ڏٺو ۽ هن ڏٺو ته وچ چوڪ تي ٻه انساني جسم بي حرڪت پيا هئا. سندن گرم خون روڊ جي گرم ڏامر تي چٽ چٽيا هئا.
جهٽ پل ۾ شهر قبرستان وانگر خاموش ٿي ويو هو. هر شئي بند هئي. دوڪان، آفيسون، هوٽل، ڪئبنون، جوس جا دوڪان، ٽريفڪ سڀ ڪجهه بند هو. فقيرن جون ٽوليون پڻ نظر نه پئي آيون. بس شهر ۾ فقط آوارا ڪتا آزاديءَ سان گهمي ڦري رهيا هئا. لاش ۽ ڪيترا زخمي پوليس کنڀي اچي سول اسپتال ۾ ڦٽا ڪيا.

***

سينٽرل جيل سکر جي ملاقاتي ڄاريءَ جي پرين ڀر سوين قيدي هئا ۽ اورين ڀر سوين ملاقاتين ۽ قيدين وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه سمجهڻ هڪ معجزي کان گهٽ ڪونهي. سوين ماڻهو تمام ويجها ويجها بيٺي هڪ ٻئي سان هڪ ئي وقت ۾ واڪا ڪري ڳالهائيندا آهن، ۽ ملاقات جي جاءِ تي اهڙو چوٻول هوندو آ جو سامهون واري جي ڳالهه سمجهڻ ڏاڍو ڏکيو ٿيو پوي. ماڻهو اٽي کي گهوٻاٽو ئي سمجهندو آهي. ملاقاتي، پنهنجو آواز پنهنجن قيدي ساٿين، دوستن يا مٽن مائٽن تائين پهچائڻ لاءِ رڙيون ڪري ڳالهائيندا آهن تڏهن به سامهون واري کي اڌو گابري ڳالهه مس سمجهه ۾ ايندي آهي. آوازن، شڪايتن، پيغامن، دلاسن ۽ طعنن جو هڪ اهڙو اڻکٽ سلسلو هوندو آ جو ماڻهو ڀانئي ته هو جانورن جي پڙيءَ ۾ بيٺو هوڪرا ٻڌي. جيل ۾ هر قسم جي قيدين سان ملاقاتي اچن ٿا. قاتلن، رهزنن، چورن، ڳنڍيڇوڙن کان وٺي، ڪاروڪاري ۾ واڙيل، بي گناهه ٻڌل، وڏيرن ۽ پوليس جي ستايلن ۽ سياسي ۽ قومي ڪارڪنن تائين، هر قسم جي قيدي کي ملاقات جو اوسيئڙو رهندو آهي.
قيدين سان ملاقات جو هي وقت فقط قيدين لاءِ ئي خوشيءَ جو سبب ڪونهي، پر جيل جي سپرنٽڊنٽ کان وٺي، هڪ قول لڳل سپاهيءَ تائين آهي ڇاڪاڻ ته هر هڪ جي روزي روٽي ۽ گهرو ونهوار هلائڻ جو سبب پڻ آهي. هر قيدي لاءِ سندس ملاقاتي ماني، ميوو، صابڻ، سگريٽ ۽ نشو پتو وغيره کنيون ايندا آهن پر سامان جو لڳ ڀڳ اڌ حصو هڪ اڻ لکيل قانون تحت جيل جي عملدارن ۽ پوليس ۾ ورهائجيو وڃي. جيل جا سپاهي، نه صرف ملاقاتن ڪرائڻ جا پئسا وٺن پر جن شين جي جيل ۾ اچڻ تي مڪمل قانوني بندش آهي، انهن کي سرنديءَ وارن قيدين تائين پهچائڻ لاءِ ريٽ پڻ مقرر آهي.
ڪو قيدي اڃا جي وڌيڪ پئسي ڏوڪڙ وارو هجي يا سندس پٺ تي ڪي وڏا بااثر ماڻهو هجن ته پوءِ کيس پنهنجن ملاقاتين سان ملڻ لاءِ شيخن ۽ ڄارين جي خواريءَ کي به ڏسڻو ڪو نه پوي ۽ هو سڌو سنئون ماڙيءَ ۾ سپرنٽينڊنٽ يا وري جيلر جي ڪمري ۾ آرام سان ويهي جيترو وقت چاهي ڪچهريون ڪري سگهي ٿو بلڪه آيل قيدين جي کاڌي پيتي جو پڻ خيال رکي سگهي ٿو. بس ان وي آءِ پي سروس جي کيس پئسي يا ڪنهن ٻي صورت ۾ رقم چڪائڻي پوي ٿي.
حسين پڻ اڄ ملاقاتين ۾ شامل هو. سندس شهر کان ڏيڍ ٻن ڪلاڪن ۾ بس سکر پهچندي آهي ان ڪري هو صبح جو سوير ئي اچي بس ۾ سوار ٿيو هو. هن جي ڪيترن ڏينهن کان نور ۽ ٻين ساٿين سان ملاقات جي دل پئي ڪري. کيس خبر پئي هئي ته نور سميت ٻين سوين ساٿين کي سکر سينٽرل جيل منتقل ڪيو ويو آهي پر هو جلسن، جلوسن ۽ ٻين تنظيمي ڪمن ۾ اهڙو رڌل هو جو کيس ساڻن ملڻ لاءِ وقت ئي ملي نه سگهيو هو. پر هاڻ عيد ۾ وڃي باقي ڪجهه ڏينهن بچيا هئا سو هو سنگت ساٿ لاءِ ٿورو سامان، ڪي سنيها ۽ ڪجهه سوکڙيون پاکڙيون کڻي اچي جيل تي پڳو هو. کيس اڻ تڻ هئي ته هو سنگت سان ملي حال احوال ڪري. ملاقاتين جي انبوهه ۾ بيٺي کيس اڌ ڪلاڪ گذريو هوندو جو هن پري کان ڪريم، نور، فدا حسين ۽ ٻين ساٿين جا چهرا ڏٺا. سندن چهرن تي مرڪ ۽ اطمينان هو ۽ هو ڌوتل پوتل ۽ هشاش بشاش پئي لڳا. نور جي چهري تي ان پيڙا جا نشان هاڻ نظر نٿي آيا جيڪا هن مٿس تشدد کان بعد پوليس لاڪ اپ ۾ ڏٺي هئي. ”جيئي سنڌ“ نور پري کان رڙ ڪري حسين کي ڀليڪار ڪيو. حسين ماڻهن جي هجوم مان ٿيندو اچي ڄاريءَ وٽ پهتو، هن هٿ وڌائي ڄاريءَ تي رکيو ۽ ساٿين سندس هٿ سان هٿ ملائي کيڪاريو.
” نور ڪيئن آهين، سنگت جو ڇا حال آ؟“ حسين پڇيو. نور کي گوڙ ۾ آواز ته ٻڌڻ ۾ ڪونه آيو پر هن محسوس ڪيو ته حسين کانئس سنگت جو حال احوال پڇي رهيو آهي. هن وراڻيو، ”سنگت ٺيڪ آ، صورتحال جيل ۾ ڪجهه بهتر آ.“ نور ڏاڍيان ڳالهائيندي چيو. ”جي؟“ حسين پڇڻ جي ڪوشش ڪئي.
”مون چيو صورتحال بهتر آ،“ نور جملو ننڍو ڪندي جواب ڏنو. حسين کي ڪجهه سمجهه ۾ آيو ڪجهه نه. هن وراڻيو، ”ٺيڪ آ.“
”گهڻا سياسي قيدي آهن جيل ۾،“ حسين پڇيو ،
”خبر نه آهي چون ٿا ڇهه ست مهينا اڃان نه ڇڏيندا،“ نور جواب ڏنو.
”مون پڇيو گهڻا قيدي آهن.“ نور زور سان ڳالهائيندي پڇيو.
”ها، الله ڀلي ڪندو. توهان ڪيئن آهيو، ٻاهر ساٿي ڪيئن آهن، تحريڪ جو ڪهڙو حال آ؟“
”ٺيڪ آ، ڏاڍو سٺو ٿيو، خوشي ٿي توهان جو حال معلوم ڪري.“
”ساٿي مون پڇيو تحريڪ ڪيئن پئي هلي؟“
”ڇا؟“
”تحريڪ، تحريڪ ڪيئن پئي هلي؟“
”تحريڪ زبردست پئي هلي. سڄي سنڌ ۾ احتجاج ۽ مظاهرا آهن، سول نافرمانيءَ جي جدوجهد ۾ پوري سنڌ ۽ ملڪ ۾ هزارين ڪارڪنن ۽ همدردن گرفتاريون ڏنيون آهن، سرڪار جا جيل ڀرجي ويا آهن پر عوام جي همت ۽ جذبي ۾ گهٽتائي نه آئي آهي. فوجي جنتا اڳئين سال چونڊون ڪرائڻ جو اعلان پڻ ڪيو آهي ۽ سياسي قيدين کي آزاد ڪرڻ جي آڇ به ڏني آ،“ حسين ذري گهٽ واڪا ڪندي ملاقات جي ڄاري وٽان هڪ ننڍڙي تقرير ڪري ڇڏي. قيدي ساٿين کي ڪجهه ٻڌڻ ۾ آيو ڪجهه نه پر کين اهو احساس ٿيو ته ٻاهر ساٿين جمهوري تحريڪ کي ڪمزور ٿيڻ نه ڏنو آهي.
حسين، ڪريم، فدا حسين ۽ ٻين ساٿين سان پڻ حال احوال ڪيو ۽ کين ٻڌايو ته هو ڪجهه سامان جيل جي ماڙيءَ تي ڇڏيون پيو وڃي جيڪو هو وصول ڪري وٺن. حسين ساٿين کان موڪلايو ۽ کين ڪي سنيها ڏنا. واپسي وقت نور پنهنجي کيسي مان چند ڪاغذ گول گول مروڙي حسين کي ڏنا. حسين ڏٺو ته سندس اکين ۾ بي پناهه قرب هو. حسين مروڙيل ڪاغذ وٺي کيسي ۾ وجهي ڇڏيا ۽ کانئن موڪلائي بس اسٽاپ ڏانهن روانو ٿي ويو.

***

هارن وڄائيندي، ڌڌڙ اڏائيندي ۽ لتا منگيشڪر جا پراڻا گانا سرڙاٽي آواز ۾ وڄائيندي، جڏهن سکر بس اسٽاپ کان بس رواني ٿي ته سج لٿي جو وقت ٿيڻ وارو هو، دري کان ٻاهر ميلن ۾ پکڙيل ٻنيون، ٻنين ۾ ٺهيل ڪچا، ڪکاوان گهر، گهرن ۾ ٻڌل ٻڪريون، سڙڪ سان لڳو لڳ آباد ٿيل ڳوٺ ۽ ڳوٺن ۾ چانهه جا هوٽل، سگريٽن جون مانڊڻيون، سيڌي سامان جا دوڪان، دوڪانن تان شيون خريد ڪندڙ اڌ اگهاڙا ٻار، ٻارن سان گڏ سندن سار سنڀال رکندڙ ٻن چوٽين واريون سندن وڏڙيون ڀينرون.... چانهه جي هوٽلن تي جاري سياسي معرڪا، جهريون پيل چهرن وارا سنڌي سگهڙ، سگهڙن جون محفلون، محفلن ۾ سندن پن جون ٻيڙيون ڇڪڻ.... اهو سڀ ڪجهه حسين کي ڏاڍو موهيندڙ لڳندو آهي. کيس اهو خالص سنڌ جي علامت ۽ ان جي زندهه قوم هجڻ جو ثبوت لڳندو آهي. هن پنهنجي ننڍي عمر ۾ جيترو پڙهيو ۽ تجربو حاصل ڪيو هو ان جي بنياد تي هو چئي سگهيو ٿي ته هي اهو ماحول هو جيڪو صدين کان ائين جو ائين رهيو آهي. جيتوڻيڪ ان ۾ ڪي سطحي تبديليون ضرور ٿيون آهن پر بنيادي ماحول ۽ ڪم ڪار جي وهنوار ۾ ڪو وڏو فرق نه آيو هو. هن سوچيو ته صوفين ۽ امن جي پانڌيئڙن جي ڌرتي اڄ رتو رت ٿيل آهي پر سنڌ اڄ به پنهنجي اصل ۾ ڪا وڏي تبديلي نه آندي آ. سندس ذهن منجهيل هو ته ڇا ڪا تبديلي نه اچڻ قوم لاءِ سٺو سوڻ آهي يا وري ان سبب کيس ڇيهو رسندو؟
حسين جي ذهن ۾ سوالن ۽ انهن جي اڌوگابرن جو ابن ۽ وري ٻين نون ۽ وڌيڪ پيچيده سوالن جي اڀرڻ جو سلسلو جاري رهندو هو. حسين ڪڏهن منجهي پوندو هو ته جيڪي جواب کيس سندس سوالن جا پنهنجي ذهن کان يا ٻين ساٿين کان ملن ٿا اهي درست ۽ عمل جوڳا آهن يا نه؟ هو سدائين سوچيندو هو ته سنڌ وطن جو ڇا ٿيندو؟ ان جو مستقبل ڪيئن هوندو ۽ اهو ڪهڙو رستو آهي جيڪو سندس قوم لاءِ آجپي جو ثابت ٿئي، کيس ملڪ ۾ جاري مختلف نظرين ۽ سوچن جي وچ ۾ هلندڙ جنگاڻ جو علم هو، پر هو هر سوچ، نظرئي ۽ سماجي نظام بابت ۽ وري انهن سوچن، نظرين ۽ سماجي نظامن کي اڏڻ جي اڳواڻي ڪندڙن جي شخصيتن جي تضادن ۽ انهن جي اڳواڻيءَ جي صلاحيتن بابت هميشه ٻڏتر جو شڪار رهندو هو. پر جيئن ته هو انتهائي حد تائين اميد ڀريو رهڻ جو عادي هو، ان ڪري هميشه سمورن مونجهارن کان پوءِ به کيس اها سوچ همت ڏيندي هئي ته جيڪڏهن قوم جو پڙهيل ڳڙهيل ۽ متحرڪ طبقو، قوم جي ڀلائيءَ جو جذبو دل ۾ رکي پاڻ پتوڙيندو رهندو ته ان جي سامهون نظرياتي ۽ ذهني مونجهارن کان ڇوٽڪاري جا رستا کلندا ويندا. کيس ان ڳالهه تي پورو ويساهه هو ته عمل، علم ۽ وري عمل ۽ هر عمل جي جاچ ۽ هر علم تي سوال ۽ وري انهن سوالن جي کوجنا.... اهو ئي رستو آهي جيڪو قوم کي ڇوٽڪاري ڏانهن وٺي ويندو.
حُسين کي جمهوريت جي عمل تي پڻ پورو ويساهه هو. هو دوستن کي چوندو هو ته ملڪ ۾ ڀلي قسمين قسمين سماجن ۽ نظامن جي اڏجڻ جو بحث هلندو رهي پر هڪڙي ڳالهه پختي طرح دل سان سانڍجي ته انهن نظامن جي حاصلات جو رستو جمهوريت کان ٿيندو وڃي ٿو. ”جديد جمهوريت جيڪا فرد جي آزاديءَ جي ضمانت ڏئي ۽ عوام کي حڪومت ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ جو حق ڏئي اها وطن جي ڪيترن ڏوجهرن کي دور ڪري سگهي ٿي.“
حسين سوچن جي ان وهڪري ۾ هو ته کيس نور جا ڏنل مروڙيل ڪاغذ ياد آيا . هن قميص جي پاسي واري کيسي ۾ هٿ وجهي ڪاغذ ڪڍي ورتا. نور پاران هي کيس لکيل ٻيو خط هو:
”پيارا ساٿي جيئي سنڌ.
گهڻا ڏينهن گذري ويا آهن، پنهنجي ملاقات ۽ منهن سامهون ڪچهري ٿي نه سگهي آ سو سوچيم ته توهان کي وڌيڪ احوال کان آگاهه ڪيان. توهان پوليس لاڪ اپ تي اچي اسان جي حالت ته ڏسي ويا هئا پر ان کان پوءِ پوليس ۽ فوجي انتظاميه کي جڏهن اهو اندازو ٿيو ته اسان مٿان انتهائي تشدد کان پوءِ به ڪجهه حاصل ڪري نه سگهيا آهن ته هنن ٻين ڪيترن سياسي قيدين سان گڏ مون کي به سکر سينٽرل جيل روانو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ٻئي ڏينهن اسان کي قيدين واري بس ۾ واڙي هو سکر جيل تي کڻي آيا. جيل جو جهان ڏاڍو عجيب ۽ تڪليف پهچائيندڙ آهي. هتي قيدين سان ۽ خاص ڪري عام قيدين سان انتهائي غير انساني سلوڪ ڪيو ٿو وڃي. اسان جيئن ته سياسي قيدي هئاسون ۽ سون جي تعداد ۾ هئاسون تنهن ڪري اسان سان رويو ڪجهه مختلف هو. عام طرح جڏهن قيدين کي هڪڙي جيل مان ٻئي جيل منتقل ڪيو ويندو آ ته سڀ کان پهرين جيئن ئي قيدي مين دروازي کان ماڙيءَ ۾ داخل ٿيندا آهن ته مٿن ڏنڊن، مڪن، لتن ۽ گارين سان آڌر ڀاءُ ڪيو ويندو آ. پوليس جا سپاهي کين ڪٽيندا ويندا آهن ۽ کين ڪنڌ هيٺ رکڻ جو حڪم ڏيندا آهن. کين حڪم ڏنو ويندو آهي ته هو جوڙي جوڙي ٺاهي، ڀت سان لڳي ڪنڌ هيٺ ڪري ويهن ۽ هن جانورن جهڙي سلوڪ تي ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍن. جنهن چون چران ڪئي ته مٿس ڏنڊن جو وسڪارو اڃا تيز ڪيو ويندو آهي.
ساٿي، آءٌ ان ورتاءَ لاءِ تيار هوس پر جيل جي انتظاميه اسان مٿان اهو تشدد نه ڪيو جو اسان سياسي قيدي هئاسون، پر هنن سڀ کان پهرين اسان کي جوڙي جوڙي ڪري ويهاريو ۽ اسان جي نالن کي درج ڪيو. پوليس وارن اسان جي تلاشي ورتي ۽ پوءِ قطارن ۾ بيهاري، اسان کي پنهنجين پنهنجين بيرڪن ۾ وٺي ويا. منهنجي بيرڪ ۾ ويهارو کن ماڻهو هئا جيڪي سمورا سياسي قيدي هئا ۽ انهن مان ڪيترا پنهنجا ساٿي ۽ دوست آهن. فوجي ڪيمپ ۽ پوليس پاران تشدد کان پوءِ هيترن سارن دوستن جا چهرا ڏسڻ تي جيڪا خوشي مون کي ملي اها بيان ڪرڻ به ڏکيو آهي. ساٿين وڏي قرب ۽ پيار سان اسان کي ڀليڪار ڪيو ۽ جيل جي قاعدن ۽ رهڻي ڪهڻي کان آگاهه ڪيو. مون کي ائين لڳو ڄڻ مان جيل ۾ نه پر پنهنجي گهر آيو آهيان. توهان ساٿي منٺار کي سڃاڻو ٿا. هو ڄڻڪ جيل ۾ اسان جي نانڙي آ. سمورا ڪم سندس مشوري سان ٿين. جي ڪن معاملن تي ساٿي قيدين جي وچ ۾ ڪا ناراضگي يا اختلاف ٿين ته ساٿي منٺار ئي سندن وچ ۾ ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪندو آهي. هو سمورن ساٿين کي سمجهائي، منجهن اختلافن کي دور ڪندو آهي. ساٿي منٺار ڏاڍو عجيب ۽ ارڏو ماڻهو آ، لڳندو آ ته هن پنهنجن سمورن جبلتن تي ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو آ. کيس مون ڪڏهن ڪاوڙ ۾ نه ڏٺو آ، سندس چپن تي مرڪ سدائين مشڪريون ڪندي رهندي آ ۽ ان سڀ جي باوجود هو جيل ۾ مطالعو به جام ڪندو رهندو آهي. ڏسبو ته ڪڏهن ڪتاب ٿو پڙهي، ڪڏهن سنگت جا فيصلا ويٺو ڪري ۽ وري ڪڏهن بورچيءَ ۾ سڀني لاءِ کاڌو پيو تيار ڪري. جيل ۾ رڌڻي کي بورچي سڏين. سچ پچ ساٿي منٺار جيل جي ناني آ. سندس هئڻ اسان لاءِ وڏي آٿت جو سبب آهي. جيل ڪهاڻين سان ڀريل جاءِ آ. هر قيدي هڪڙي ڪهاڻي آ، ڪاش مون وٽ وڌيڪ وقت هجي ته آءٌ توهان کي قيدي ساٿين جي زندگين جون ڪهاڻيون لکان ها.... سندن وفائين، جفائن ۽ مٿن ٿيل ڏاڍائين ۽ انهن پاران ڪيل ڪلورن جا قصا ٻڌايان ها. جي زندگي رهي ته اهي قصا توهان کي ضرور ٻڌائبا.جيل ۾ ٻن قسمن جا قيدي ٿين. هڪڙا پڪا قيدي ٻيا ڪچا قيدي، پڪا قيدي گهڻو ڪري اهي آهن جيڪي ڪورٽن کان سزائون حاصل ڪري چڪا آهن ۽ سندن اپيلن ٽپيلن جا سلسلا پيا هلن. ڪچا قيدي اهي آهن جن کي اڃا سزائون نه مليون آهن پر کين ضمانتون به ڪونهن ۽ اهڙا قيدي سالن جا سال پيا تاريخن تي ڪورٽن ۾ شنوائين تي وڃن ۽ عمريون جيلن ۾ گهارن.
اسين پڻ سڀ ڪچا قيدي آهيون ۽ خبر ناهي اسان سان ڇا ٿيڻو آ، بس انتظار ۽ اميد تي دنيا قائم آهي.
جيل ۾ قيدين جي رهڻ جي بيرڪن کي به ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. هڪ آهي ڪارو چڪر ۽ ٻيو اڇو چڪر. ڪاري چڪر جي بيرڪن ۾ پڪا قيدي رهن جڏهن ته اڇي چڪر جي بيرڪن ۾ گهڻو ڪري ڪچا قيدي. اسان ۽ لڳ ڀڳ سمورا سياسي قيدي اڇي چڪر ۾ آهيون. اسان کان جيل انتظاميه ڪم ته نه وٺي پر اسان پاڻ ۾ ڪم ورهائي کڻندا آهيون. مثال طور ڪجهه ساٿي بيرڪ جي سمورن قيدين لاءِ ماني رڌين ته ڪي وري ڪپڙن ڌوئڻ جي ذميواري پوري ڪن. ڪي بيرڪ جي صفائي ڪن ته ٻين تي وري ٿانون وغيره ڌوئڻ جو ڪم رکيل هوندو آهي. سچ پچ جيل ۾ ساٿين جي وچ ۾ اهڙو پيار هوندو آهي جو ماڻهو ڀانئي ته سدائين گڏ رهي. اسان هتي تعليمي سرگرميون به جاري رکيو اچون. ڪن ساٿين جيل مان اندران پنهنجا امتحان ڏنا آهن. ان کانسواءِ تنظيمي مطالعو ۽ اسٽڊي سرڪل وغيره به هلائيندا آهيون ۽ ڪڏهن سينيئر ساٿي ليڪچر ڏيڻ جو بندوبست به ڪندا آهن.
سکر جيل ڏاڍو وڏو جيل آهي ۽ هتي سڄي صوبي بلڪه سڄي ملڪ مان قيدي آندا ويندا آهن. آءٌ ڪيترن سياسي قيدين سان مليو آهيان جن تي فوجي حڪومت جي ڪارندن انتهائي سخت ۽ ظالماڻو تشدد ڪيو آهي. ٻين ڪارڪنن تي ٿيل تشدد جو احوال ٻڌي مون کي پاڻ مٿان ٿيل تشدد ڏاڍو معمولي لڳندو آهي ۽ هنن سمورن معصوم ماڻهن جو ڏوهه ڪهڙو هو؟ صرف اهو ته هنن چاهيو پئي ته ملڪ ۾ جمهوريت بحال ڪيو ۽ فوج وڃي سرحدن جي حفاظت ڪري، جيڪو سندس بنيادي ڪم آهي، ۽ جنهن ۾ هو اڄ تائين ڪامياب ٿي نه سگهيا آهن. ساٿي، جيل جي انهن سمورن پاسن جي باوجود جيل آخرڪار جيل آهي. انسان بندش ۾ آهي. هن ديو جهڙي چار ديواريءَ ۾ بند آهي. ڪڏهن ڪڏهن دل ڏاڍو اداس ٿيندي آ. شدت سان تمنا ٿيندي آهي ته آزاد فضا ۾ ساهه کڻان، پنهنجي مرضيءَ سان جاڳان، ڪڏهن دوستن سان اوطاق ۾ ويهي ڪچهري ڪيان، ۽ ڪڏهن دل گهرئي محبوب جو ديدار ڪيان، ڪڏهن دل چوندي آهي ته امڙ جي هٿن جي ماني کانوان، ۽ ڪنهن شام مينهوڳي ۾ مدهوش ٿيان، انسان جو روح آزاد پکيئڙي جيان آهي، کيس سون جي پڃري ۾ به بند ڪيو وڃي ته به هو آزاديءَ جي ڪوشش ڪندي زخمي ٿي پوندو. سوچيندو آهيان ته اسين جيڪي هيترن سارن دوستن سان گڏ آهيون ۽ هڪ عظيم مقصد اسان جي جدوجهد کي طاقت ٿو ڏئي انهن جي اهڙي حالت آهي ته هي جيڪي ٻيا قيدي آهن ۽ جن جي زندگي جانورن کان به بدتر ٿي گذري انهن مٿان ڇا گذرندو هوندو؟
ساٿي هي ظلم، هي ناحق، هي بربريت، هي انسان سوز معاشرو ضرور بدلبو... ان اميد تي پنهنجو پورو يقين آهي. سدائين گڏ.
تنهنجو نور.
***