ناول

فاتح مُرڪ

ھي ڪتاب جاويد سومري جو ايم آر ڊي جي تحريڪ جي پسمنظر ۾ لکيل ناول آھي، ھن ناول ۾ 80 جي ڏھاڪي ۾ سنڌين پاران شروع ڪيل ان تحريڪ جي ڪھاڻي آھي جنھن ضياء مارشلا کي لوڏي وڏو ھيو. جاويد سومرو لکي ٿو:
”مان ناول بابت فقط اهو چوڻ چاهيندس ته هي تاريخ جو ڪتاب ڪونهي ۽ نه ئي هن ۾ ايم آر ڊي جهڙي عظيم جدوجهد جي سمورن پهلوئن تي لکيو ويو آهي. هن ناول ۾ آيل واقعا ۽ ڪردار حقيقي واقعن ۽ ڪردارن کان متاثر ضرور آهن پر انهن واقعن ۽ ڪردارن جو هوبهو بيان ڪونهن. ناول ۾ دلچسپي پيدا ڪرڻ لاءِ ادبي وڌاءَ به هوندو پر اهو حقيقتن جي ويجهو آهي. ناول جي ڪردارن جي حقيقي زندگيءَ ۾ ڪنهن سان مشابهت فقط اتفاقي هوندي.
Title Cover of book فاتح مُرڪ

10

عيد سدائين حُسين کي مونجهاري جو شڪار ڪندي آهي. هن کي سمجهه ۾ نه ايندو آ ته هو ان ڏينهن کي ڪيئن گذاري، صبح جو سوير اٿي نه سگهندو آ ان ڪري عيد نماز پڙهندو ڪونهي، عيد ڏينهن نوان ڪپڙا پائڻ هن کي اصل نه ڀانئين ۽ کيس اهڙا ڪي مٽ مائٽ آهن ڪونه، جن سان ملڻ لاءِ هو آتو هجي. سو سندس لاءِ عيد، آرام ڪرڻ جو هڪ بهترين ڏينهن آهي ۽ هن عيد تي پڻ اهو ئي پئي ڪيائين.
پنهنجي ڪمري ۾ ويٺي ڪجهه پڙهيائين پئي، ته دروازو کليو ۽ سندس سامهون ياسمين ۽ سائره بيٺيون هيون.
حسين کين ڏسي اچرج ۾ پئجي ويو. ٻنهي مان ڪنهن جي به اچڻ جو ڪو پروگرام ڪو نه هو، ۽ نه ئي هن توقع پئي ڪئي ته هو ڪو عيد ڏينهن ساڻس ملڻ اينديون. پر هاڻ کين سامهون ڏسي هو ڪجهه لمحن لاءِ فيصلو نه پيو ڪري سگهي ته سندن اچڻ تي خوش ٿئي يا سندس آرام ۾ خلل پوڻ تي افسوس ڪري.؟
”ڇو حسين ائين حيرت سان پيو ڏسين، اسين ڪو ڀوت آهيون ڇا؟“ سائره کلندي پنهنجي خاص انداز سان هوا ۾ هٿ لهرائيندي حسين کان پڇيو.
”نه ..... نه سائره اهڙي ڳالهه ڪونهي، اصل ۾ توهان جي اچڻ جو ڪو پروگرام ڪو نه هو نه، سو توهان کي اوچتو ڏسي ٿوري حيرت ٿي اٿم“ حسين پاڻ سنڀاليندي چيو، ”اچو ويهو.“
ياسمين بلڪل خاموش هئي. سندس عينڪ پٺيان اکيون اداس پئي لڳيون پر منجهن سانت هئي. جڏهن ٻئي ڪرسين تي ويهي رهيون ته حسين کانئن چانهه جو پڇيو.
”ها، چانهه پيئنديون سين، “ سائره وراڻيو.
حسين بغير وڌيڪ ڪجهه چوڻ جي ڪمري مان نڪري ويو.
”سائره پاڻ ٻنهي هتي اچي غلط ڪيو. تون ڀلي اچين ها مون کي اجايو گهلي آندو اٿئي.“ ياسمين، سائره کي ڏسندي چيو. سائره اچڻ سان ئي حسين جي ڪتابن کي اٿلائڻ پٿلائڻ شروع ڪري ڏنو هو. هن ڪتاب مان نظرون هٽائڻ کان سواءِ ئي ڏاڍي لاپرواهيءَ سان جواب ڏنس، ”يار، هڪڙو ته توجهڙا ماڻهو مون کي سمجهه ۾ ايندا ڪونهن. تون هن کي چاهين ٿي، شايد هو به توکي پسند ٿو ڪري، آءٌ وچ ۾ هروڀرو اچي وئي آهيان، سو اڄ ڳالهيون صاف ٿا ڪريون ڀلا پاڻ دوست ته آهيون نه؟ پوءِ ڳالهائڻ ۾ ڪهڙو حرج؟“
”نه سائره ڳالهه ايتري سادي ڪونهي، تون وچ ۾ نه آئي آهين. هو مون سان پيار نٿو ڪري، منهنجي بي پناهه عزت ٿو ڪري ۽ مون کي هڪ انقلابي ساٿي جو درجو ڏئي ٿو پر چاهي هو توکي ٿو، منهنجو خيال آهي ته تون به کيس پسند ڪرين ٿي، نه ته سندس ايترو ويجهو نه وڃين ها.“
”آءٌ کيس پسند ڪريان ٿي، پر آءٌ ڪنهن ٻئي کي به پسند ڪري سگهان ٿي. مان عظيم ۽ لافاني محبتون ڪرڻ جي قابل ناهيان. منهنجي محبت دنياوي محبت آهي، جيڪا هڪ شخص جي نه ملڻ تي ٻئي کي حاصل ڪري سگهي ٿي، “ سائره، ياسمين کي سمجهائيندي چيو، ”منهنجو پيار ايڏو سيريئس ڪونهي، جهڙو تنهنجو.“
”چري پيار پيار هوندو آهي،“ ياسمين وراڻيو، ”اهو فاني ۽ لافاني جي چڪر ۾ نه پوندو آهي. سيرئيس ۽ غير سيريئس پيار نه هوندو آهي. هر پيار ٽٽڻ تي تڪليف ٿيندي آهي.“
”ڪنهنجون پيا گلائون ڪيو؟“ حسين ڪمري ۾ داخل ٿيندي چيو، ٻنهي کيس ڏسي مرڪيو. ”تنهنجون پيا گلائون ڪيون،“ سائره حسين کي چيو.
”بڪواس بند ڪر سائره“ ياسمين سائره کي چپ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي.
”ٿئي ڇا پيو، ڪجهه مون کي به ته خبر پوي؟“ حسين سوال ڪيو.
”حسين، ياسمين ڏاڍي اداس آهي، سندس دل هڪڙي بدتميز ٽوڙيو آ، ڏس اسان سڀ دوست آهيون ۽ هر ذاتي معاملي تي پاڻ کُلي ڳالهائيندا آهيون، ان ڪري توکي پئي ٻڌايان“ سائره چيو.
”ڪهڙِي بدتميز سندس دل ٽوڙيو آهي؟“ حسين اڻ ڄاڻ ٿيندي پڇيو.
”ڪنهن کي به سڄو جهان نه ٿو ملي، ڪنهن کي ڌرتي ته وري ڪنهن کي آسمان نٿو ملي... اهائي زندگي آهي سو ان تي شڪايت ڇا جي؟“ هاڻ ياسمين جي اندر اڌمو کاڌو هو. سندس عينڪ پٺيان اکيون ڀرجي آيون هيون. ياسمين پنهنجي هيٺين چپ کي چڪ هڻي پنهنجن اڌمن تي قابو رکڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. ٽنهي جي زبانن مان ٻڙڪ به ٻاهر نه ٿي آئي. سائره اکيون جهڪايو ويٺي هئي جڏهن ته حسين خالي خالي نگاهن سان ڪڏهن ياسمين کي ٿي نهاريو ته ڪڏهن سائره کي. سندس اندر به اڌمن سان ٽمٽار ٿي ويو هو. هن کي ياسمين لاءِ کوڙ سارو پيار ۽ عزت هئي. سندن دوستي مثالي هئي ۽ هو کيس ڪڏهن به ڏکويل ڏسڻ نه چاهيندو هو پر هاڻ جڏهن ياسمين تمام گهڻو ڏکويل هئي ته حسين کي احساس ٿي رهيو هو ته سندس تڪليف جو سبب هو پاڻ ئي بڻيو آهي.
”حسين تو ياسمين سان ڏاڍائي ڪئي آهي.“ نيٺ سائره ڳالهايو، ”تو سندس دل ٽوڙيو آهي. ۽ مان سمجهان ٿي ته توهان هڪ ٻئي لاءِ ئي آهيو ”ان ڪري مان وچ مان نڪري وڃڻ ٿي چاهيان“ .سائره اداس ٿيندي چيو.
ياسمين جو صبر ٽٽي پيو، سندس اکين مان وهندڙ ڳوڙها، ڳلن تان گسڪندا کاڏي وٽان ٽمڻ لڳا. حسين هڪ اکر ڪڇڻ کانسواءِ پنهنجي کيسي مان رومال ڪڍي کيس ڏنو. ياسمين مٿو ڌوڻي رومال وٺڻ کان نَهَڪَر ڪئي. پر سائره ٽپ ڏئي حسين کان رومال کسيو ۽ اٿي اچي پهرين ياسمين جي عينڪ لاهي پاسي تي رکي ۽ پوءِ سندس ڳوڙهن کي اگهيو.” منهنجي پياري ياسمين پليز رؤ نه. تون ايڏي زبردست، مضبوط ۽ پراعتماد ڇوڪري آهين، توکي ڪنهن جي لاءِ به ائين روئڻ نه جڳائي.“ سائره چيو.
ياسمين زوريءَ جي مرڪ چپن تي آندي، سائره جي هٿ مان رومال ورتو ۽ کيس چيو، ”اڇا بابا ڪو نه ٿي روئان. بس ڪي ڪي اڌما ڏاڍا طاقتور ٿيندا آهن، ويهه هاڻ، مان ٺيڪ آهيان.“
”ياسمين مون کي معاف ڪجو، جي توهان کي منهنجي ڪري ڏک پهتو آهي،“ حسين جيڪو هن مهل تائين چپ چاپ ويٺو ٻنهي سنگتياڻين کي ڏسي رهيو هو، تنهن هوريان هوريان ڳالهائڻ شروع ڪيو، ”پر مون توهان جي دل نه ٽوڙي آهي. مون ڪڏهن به ڪو ڪوڙو واعدو، دلاسو يا پيار جو اقرار نه ڪيو آهي ته پوءِ بي وفائي ڪرڻ جو سوال ڪيئن ٿو پيدا ٿئي؟“
”پر توهان کي خبر هئي ته ياسمين توهان سان پيار ٿي ڪري،“ سائره چيو.
”ها خبر هئي پر ان جو مطلب اهو ته ڪونهي ته جيڪو توهان سان پيار ڪري توهان به لازمي طرح ان سان پيار ڪيو. سائره توسان به ڪيترا نوجوان پيار ڪندا هوندا، پوءِ ڇا تون سڀني سان پيار ڪندينءَ؟“ حسين سوال ڪيو.
”ياسمين ”ڪيترا“ ناهي، ياسمين هڪڙي آهي ۽ هن کي ضرور تو ڪو اهڙو ڏيک ڏنو هوندو جنهن سبب سندس دل ۾ تنهنجي لاءِ پيار جاڳيو هوندو.“ سائره وراڻيو.
”ٿي سگهي ٿو مون ڄاڻائي اڻ ڄاڻائي ۾ اهڙو ورتاءَ رکيو هجي جنهن سان کيس ائين محسوس ٿيو هجي. پر يار اسان جي عمر ۾ انسان جا پيار طرف رويا بالغ ٿوروئي هوندا آهن. هن عمر ۾ ته دل هڪ آزاد پکيءَ وانگر هوندي آهي جيڪا هڪ وڻ کان اڏامي ٻئي تي ويهندي آهي ۽ وري اتان اڏامي ٽئين تي،“ حسين چيو.
”خدا جي واسطي بند ڪيو پنهنجا اهي اجايا دليل“، اوچتو رڙ ڪندي ياسمين اٿي بيهي رهي، ”توهان جون ڳالهيون مون کي وڌيڪ تڪليف ٿيون ڏين، منهنجي غلطي هئي، مون مڃيو. بس مهرباني ڪري ان قصي کي هاڻ ختم ڪيو.“
حسين ۽ سائره ٻئي خاموش ٿي ويا. حسين کي ماحول جي ڇڪتاڻ ڏاڍي اڻوڻندڙ پئي لڳي. هو دل ئي دل ۾ لڄي به ٿي رهيو هو ته هن جي ڪري سندس هڪڙي دوست کي تڪليف پهتي آهي پر هن کي سائره تي ڪاوڙ پڻ اچي رهي هئي جيڪا رات وچ ۾ ”باد و بي ميار“ ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. هن سوچيو، ”ڇا اها سائره ڪونه هئي جنهن کيس پنهنجي شاعريءَ، ڪتابن ۽ ادائن سان موهيو ۽ سندس مدهوش ڪندڙ بدن جو سرت چکايو؟ ۽ ڇا کيس پنهنجي سنگتياڻيءَ جي جذبن جي ڄاڻ ڪو نه هئي جو هاڻ ويٺي کيس گناهه گار ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري؟“
پر حسين هڪ اکر نه ڪڇيو. هن نه ٿي چاهيو ته سندس جملا تير ۽ ڀالا ٿي ياسمين جي دل کي وڌيڪ زخمي ڪن. هن سوچيو ته ٻنهي سان ڪنهن ٻئي وقت هو الڳ الڳ ملي سموريون ڳالهيون ڪندو. ”ٻڌو هاڻ ٽريجڊي سين گهڻو ٿي ويو. عيد جو ڏينهن آهي، توهان ان ڳالهه تي ئي کڻي خوش ٿيو ته پاڻ دوست ته آهيون نه. توهان ويهي منهنجي گلا ڪيو ته مان وڃي ٿو چانهه کڻي اچان،“ حسين اهو چوندو ڪمري مان نڪري ويو.
چانهه، بسڪٽ ۽ مٺائي وغيره جڏهن کڻي حسين ڪمري ۾ واپس آيو ته ان وقت تائين ٻنهي ڇوڪرين جو موڊ ڪافي حد تائين خوشگوار ٿي چڪو هو، ”لڳي ٿو منهنجي گلا مان توهان ٻنهي کي ڪافي خوشي نصيب ٿي آهي،“ حسين چانهه جو ٽري ميز تي رکندي چرچو ڪيو. ٽئي زور زور سان کلڻ لڳا.
” ڇا ڪيون جيستائين ٻن چئن جي پاڙ نه پٽيون، سڪون ئي نه ملندو آهي.“ سائره پڻ ساڳي انداز ۾ وراڻيو.
”توهان جهڙين عورتن ئي مردن جون پاڙون پٽي آباديءَ تي ڪنٽرول ڪيو آهي.“ حسين کلندي جواب ڏنو.
”اڇا ٻڌ، حسين، هي ڪارڊ ياسمين پاران تنهنجي لاءِ ڇڏيون پيا وڃون. پڙهجانءِ ۽ ان کي سمجهڻ جي ڪوشش پڻ ڪجانءِ“، سائره پنهنجي بيگ مان هڪ اڇو لفافو ڪڍي حسين جي ڪتابن واري ميز تي رکيو. هن حسين سان اکيون نه ملايون، بس چپ چاپ پنهنجي ڪوپ مان چانهه جون گرم گرم سرڪيون ڀريندي رهي.


***

رات جو دير سان ،جڏهن ڏينهن جا سمورا آواز غائب ٿي ويا هئا ۽ خاموشيءَ جو پڙاڏو ڏاڍو رومانوي پئي لڳو، حسين ياسمين جي ڏنل ڪارڊ کي کوليو، ڪاري رنگ جي هن عام عيد ڪارڊ تي ڳاڙهي گلاب جا ٻه گل ڇاپيل هئا. اندر جي عبارت لاءِ ياسمين ڪرشن چندر جو سهارو ورتو هو.
”پيارا حسين،
زندگيءَ ۾ ڪي اهڙا به انسان ملندا آهن جيڪي دل جي تارن کي ڇيڙي ويندا آهن. سندن موجودگي موسيقيءَ جيان محسوس ٿيندي آهي.
حسين تنهنجي موجودگي منهنجي لاءِ اهڙي آهي پر شايد تنهنجي لاءِ منهنجو وجود ايترو اهم ڪونهي.
جي ڀانئين ته منهنجو وجود تنهنجي لاءِ جلترنگ پيدا ڪري سگهندو، ته موٽي اچج.... انتظار ڪنديس.
پر جي موٽي نه به آئين ته به پاڻ هڪ عظيم مقصد جي پانڌيئڙن طور هميشه هڪ ٻئي کي پيار ڪندا رهنداسون.
ياسمين“
ڪارڊ پڙهي حسين جي چهري تي تڪليف جون ريکائون نروار ٿيون هيون. هن هڪ اونهو ٿڌو ساهه کنيو ۽ ڪارڊ لفافي ۾ وجهڻ لڳو ته هڪڙو ڀڪوڙيل ڪاغذ لفافي مان ترڪي سندس پيرن ۾ اچي ڪريو. هن ڪاغذ کڻي کوليو. سندس سامهون سائره جا هٿ اکر هئا.
”ميري مخروطي انگليان ڪرچيان چنتي هين،
ليڪن وه اتني زخمي نهين،
جتني اس وقت هوئين جب انهون ني
ميري دل ڪي ڪرچيان چن ڪر، ڪتابون ۾ محفوظ ڪرلين“
حسين مون کي معاف ڪجانءِ ڪڏهن ڪڏهن اندر جي پشيمانيءَ کان آجو ٿيڻ لاءِ محبت به قربان ڪرڻي پوندي آهي... تنهنجي سائره.“


***

ايس پي لوڌيءَ جي حڪم تي سڪندر ۽ محمد بخش کي پوليس ٿاڻي تي آڻڻ بدران کين پوليس لائين جي هڪڙي ڪواٽر تي آندو ويو هو. سندن مٿا ڦاٽل ۽ منهن سڄيل هئا. جلوس مان گرفتار ٿيڻ کان پوءِ مٿن ڪئي ڪلاڪ تشدد ڪيو ويو هو. ايس پي کانئن پڇا ڳاڇا ۽ تشدد جي بذات خود نگراني ڪئي هئي ۽ هو کانئن معلوم پيو ڪرڻ چاهي ته ”ملڪ دشمنن“ جا ليڊر ڪٿي لڪل آهن ۽ کين تحريڪ هلائڻ جا پئسا ڪير ٿو ڏي.؟
”توهان پنهنجن ساٿين جا نالا ٻڌايو ۽ قبول ڪيو ته انڊيا جي پئسن تي هي تحريڪ پئي هلي ته توهان کي ڇڏڻ لاءِ تيار آهيون، نه ته ٽيپ توهان جي نصيب ۾ لکيل آهي،“ ايس پي ٻنهي کي مخاطب ٿيندي چيو هو.
”ايس پي صاحب اسان کي ٽيپ جون ڌمڪيون نه ڏي، باقي توکي ٻڌائي چڪا آهيون ته هيءَ عوامي جذبي سبب اڀريل تحريڪ آهي، انڊيا سان ان جو ڪو تعلق ڪونهي ۽ ڪي به ملڪ دشمن ماڻهو ڪونهن جن جا نالا توهان کي ٻڌايون،“ محمد بخش کيس جواب ڏنو.
”ڪوڙا ڪوڙي جا پٽ، “ لوڌيءَ رڙ ڪئي، ”اڙي تون ڇا ٿو چئين؟“ ايس پي سڪندر کي مخاطب ٿيندي چيو.
سڪندر کي سمجهه ۾ پئي آيو ته صورتحال تي کلي يا روئي؟ ڇا ته ستم ظريفي هئي. سڪندر ۽ سندس جماعت جمهوري تحريڪ جي ان ڪري مخالف هئي جو سندن بقول اها تحريڪ پاڪستان کي بچائڻ لاءِ هئي ۽ هتي سرڪار نامدار پاران ڏنڊي جو زيپٽ هو ته انهن ماڻهن جا نالا ڏسيو جيڪي ملڪ دشمن آهن ۽ هيءَ تحريڪ پيا هلائين. ”ايس پي صاحب مان جمهوري تحريڪ جو ڪارڪن يا حمايتي ڪو نه هوس ۽ نه انهن کي سڃاڻان، صرف جلوس ڏسڻ آيو هوس پر توهان جي ڪرتوتن مون کي هن تحريڪ جي ڪارڪن ٿيڻ ۾ مدد ڏني آهي. جيڪا ڳالهه مان بحثن ۾ سمجهي نه سگهان ها، توهان جي ٻن ٽن ڪلاڪن جي ميزبانيءَ ۾ سمجهي ويو آهيان. هاڻ ڀل جان وڃي پر توهان سامهون نه جهڪبو،“ سڪندر ڏاڍي پر اعتماد لهجي ۾ جواب ڏنو. محمد بخش دل ئي دل ۾ سڪندر جي اعتماد جي ساراهه ڪري رهيو هو ۽ سندس چپن تي مرڪ هئي.
پوليس ٻنهي همراهن کي ڏنڊن، لتن، مڪن ۽ سچو پترن سان ڪٽي ڪٽي ٿڪجي پئي هئي پر هنن ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍي. سڪندر ۽ محمد بخش جا الف اگهاڙا بدن پوليس ڪوارٽر جي پٿرائين فرش تي جڏهن بي سڌ ۽ بي هوش ٿي ويا ته پوليس وارن سگريٽ ڇڪڻ جي وٿي ورتي.
انسپيڪٽر ٻنهي جي جاچ رپورٽ فون تي ايس پي کي ڏني ۽ ايس پي کيس حڪم ڏنو ته سڀاڻي چالان ڪري کين جيل اماڻي ڇڏيو ۽ سندن ڪيس فوجي عدالت ۾ موڪلي ڏيو.

****

سرڪٽ هائوس بيد مشڪ ۽ نم جي چهچ ساون وڻن جي وچ ۾ ڳاڙهي سرن سان ٺهيل هڪ رعبدار عمارت آهي. ڪو وقت هو جڏهن هن عمارت ۾ ملڪ جو چونڊيل وزيراعظم ۽ ٻيا اعليٰ عملدار اچي رهندا هئا پر اڄ هن عمارت ۾ ضلعي جو فوجي ايڊمنسٽريٽر برگيڊيئر صاحب رهي ٿو، جڏهن ته ٻين فوجي آفيسرن جي رهائش ۽ فوجي ڪورٽ پڻ هت قائم آهي.
سرڪٽ هائوس جي پسگردائيءَ وارو سمورو علائقو فوجي ڇانوڻيءَ جو ڏيک ڏيندو آهي. عام ماڻهو ته اِن عمارت جي پاسي کان لنگهندي به ڪيٻائيندا هئا. چؤطرف فوجي جوان ائين پهرو ڏيندا هئا ڄڻ سرڪٽ هائوس تي ڪنهن وقت به ڪو حملو ٿي پئي سگهيو.
فوجي عدالت جو جج ڪرنل زمان الله هو، جنهن بابت مشهور هو ته ڏاڍو سخت آ. اڄ ڪرنل زمان الله جي ئي فوجي عدالت ۾ سڪندر ۽ محمد بخش کي پيش ڪيو پيو وڃي.
ٻنهي کي پوليس جو وڏو اٽالو کڻي اچي سرڪٽ هائوس پڳو هو. محمد بخش ۽ سڪندر جو منهن اڃان سڄيل هو، سندن چهري تي ڌڪن جا نشان هئا ۽ اڃان کين هلڻ ۾ سخت تڪليف پئي ٿئي. ٻنهي کي ٻن ٻن سپاهين اچي عدالت ۾ ملزمن جي ڪٽهري ۾ ويهاريو هو. کين هٿ ڪڙيون ۽ ڏنڊا ٻيڙيون لڳل هيون. ٻنهي جو سياسي طرح ته هڪ ٻئي سان ڪو تعلق نه هو پر سندن وچ ۾ تشدد سهڻ جو هڪ رشتو قائم ٿي ويو هو. پوليس کين هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ کان روڪيو پئي پر هو چند لفظن سان ئي هڪ ٻئي کي آٿت ڏئي رهيا هئا.
”سب کڙي هو جائين،“ هڪ فوجي سپاهي جج ڪرنل زمان جي اچڻ تي رڙ ڪندي چيو، فوجي عدالت جي ڪمري ۾ ويٺل ٻيا ماڻهو ته اٿي بيٺا پر سڪندر ۽ محمد بخش ويٺا ئي رهيا. هونءَ به منجهن اٿڻ جي سگهه به ڪو نه هئي. سندن ڀر ۾ ويٺل چئن پوليس وارن کين کنڀي اٿاريو.
”مقدمي ڪي ڪارروائي شروع ڪي جائي“ ڪرنل زمان حڪم جاري ڪيو.
سرڪاري وڪيل انتهائي ڦڙتي ڏيکاريندي وڌي آيو ۽ اچي جج جي سامهون بيان شروع ڪيائين.
”سر- هي ٻئي ملزم خطرناڪ دهشتگرد آهن. هندوستان جي پئسي تي پاڪستان جي سرزمين کي نقصان ٿا پهچائڻ چاهين. کين اُن وقت گرفتار ڪيو ويو جڏهن هو مارشل لا جي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي جلوس ڪڍي رهيا هئا ۽ ان کان پهرين هنن سرڪاري ملڪيتن جي ڀنڃ ڊاهه ڪئي ۽ پاڪستان جي جهنڊي کي باهه ڏني“ سرڪاري وڪيل پنهنجي بيان جو ٿلهه ٻڌو.
”سڀ ڪوڙ“، اوچتي محمد بخش هڪل ڪئي. فوجي عدالت جي ڪمري ۾ چؤٻول مچي ويو.“ اسان نه هندوستان کان پئسا ٿا وٺون، نه پاڪستان جا دشمن آهيون ۽ نه ئي وري پاڪستان جو جهنڊو ساڙيو اٿئون. باقي مارشل لا پاڻ غيرقانوني آ، ته اُن جي حڪمن کي مڃڻ لاءِ اسان تيار نه آهيون“ محمد بخش ڪمري ۾ چؤٻول دوران رڙيون ڪندي پنهنجي ڳالهه چئي.
”تم چپ رهو، جب تم سي پوچها جائي تب بات ڪرو“ ڪرنل زمان چيو، ”ورنه عدالت سي نڪال دونگا.“
”سر- توهان ٻڌو هي پاڻ ٿو چوي ته قانون کي نٿا مڃون، اُن کان وڏو ٻيو ڪهڙو ثبوت هجي. هي پنهنجي جرم جو اعتراف ٿو ڪري.“
سڪندر چپ ڪيو ويٺي پيو سڄو تماشو ڏسي. کيس سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هو فوجي جج کي ڇا چوي. هو پاڪستان جو دشمن ته هو پر کيس اُن ڏوهه ۾ ته جهليو نه ويو هو. کيس نه صرف جلوس ڏسڻ جي ڏوهه ۾ پڪڙي مٿس تشدد ڪيو ويو ۽ هن ڪورٽ ۾ آندو ويو آهي. ۽ هو جن کي پاڪستان بچائيندڙ ۽ پنجاب جا ايجنٽ چوندا رهيا آهن، انهن مٿان پنجاب جي نوڪر شاهي ۽ فوج ملڪ دشمنيءَ جي فتوائون ڏئي رهي آهي. سڪندر سوچيو ته هو چپ ئي رهندو ۽ جي ڪرنل کانئس ڪي سوال ڪيا ته هو صاف صاف کيس ٻڌائيندو ته هن جو تحريڪ سان ڪو واسطو ڪو نه هو پر هاڻ هنن جي طلم ۽ ڏاڍائي سبب هو پنهنجي قوم جو ساٿ ڏيندو ۽ پنهنجي وس آهر آمريت جي ظلم خلاف احتجاج ڪندو.
”توهان ٻئي پنهنجي جرم جو اعتراف ڪيو ٿا ته مارشل لا قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي ۽ جلوس ڪڍي ڀڃ ڊاهه ڪئي؟“ ڪرنل زمان ٻنهي ڏانهن سڌو سنئون مخاطب ٿيندي پڇيو؟
”فوجي حڪومت مرده باد، فوجي هٿ ٺوڪي عدالت مرده باد...“ اوچتو محمد بخش ڦاٽ کاڌو. محمد بخش جي نعريبازي سبب ٻن سپاهين وڃي کيس سوگهو ڪيو. هڪ فوجي پڻ اچي کيس ڳلي کان جهليو. سڪندر اهو سڄو حال ڏسي مايوس پئي لڳو، کيس ڀؤُ هيو ته محمد بخش جي ان روئي سبب فوجي جج کين سخت سزا ڏيندو.
محمد بخش جڏهن نعريبازي بند ڪئي ۽ پوليس وارن کيس سوگهو ڪري سندس وات بند ڪيو ته سڪندر ڳالهائڻ شروع ڪيو. ”سائين مان هن جمهوري تحريڪ جو حصو نه هوس ۽ جلوس ڏسڻ آيو هوس پر پوليس ۽ فوج اسان کي پڪڙي تشد ڪيو آهي، اسان کي غير انساني روئي جو شڪار بڻايو آهي. محمد بخش ۽ جلوس ۾ شامل ٻين ماڻهن مان ڪنهن به پاڪستان جي خلاف ڪا ڳالهه نه ڪئي آهي ۽ نه ئي سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچايو آهي ته پوءِ اهڙن الزامن مڙهڻ جو مطلب ڪهڙو آهي؟“
”سائين هي ڪوڙا آهن. پوليس جي اهلڪارن ۽ هنن جي اعترافي بيانن مان اها ڳالهه ثابت ٿي ٿئي ته هي وڳوڙي آهن، کين سخت سزا ڏني وڃي.“ سرڪاري وڪيل چيو.
جج ٻنهي ملزمن ڏانهن ڏٺو، سندن سڄل جسم کي نظر انداز ڪندي چيائين، ”توهان کي پنهنجي صفائيءَ ۾ ڪجهه چوڻو آهي؟“
پر جواب ڏيڻ جي بجاءِ، محمد بخش اوچتو هيٺ جهڪيو، ۽ وڄ وانگر پنهنجو ميرو ۽ ڀڳل سينڊل لاهي، ڪرنل زمان کي ڇڪي ڪڍيو.
فوجي عدالت ۾ موجود ماڻهن کان رڙ نڪري وئي. هڪ فوجي سپاهيءَ بندوق جو ڪنداڪ ٺڪاءَ ڪري محمد بخش جي مٿي تي هنيو، محمد بخش سور ۾ ٻيڻو ٿي ويو ۽ وڃي ڦهڪو ڪيائين.
ڪرنل زمان ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو هو، هو پنهنجي ڪرسيءَ تان اٿي بيهي رهيو هو ۽ سندس سڄو بدن لرزش ۾ هو. هن چند منٽن ۾ پنهنجي جسم ۽ جذبن تي قابو ڪيو. پنهنجي يونيفارم کي غليظ جوتي جي مٽيءَ کان پاڪ ڪيو ۽ پوءِ ڳلوص اف ڪندي چيائين، ”هي عدالت ملزم محمد بخش ۽ سڪندر کي ملڪ جي قانونن جي ڀڃڪڙي، غيرقانوني جلوس ڪڍڻ ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جو مجرم قرار ڏي ٿي جنهن تحت ٻنهي کي هڪ هڪ سال جي سخت پورهئي سان ٽيپ ڏني وڃي ٿي. جڏهن ته ملزم محمد بخش کي عدالت جي توهين جي ڏوهه ۾ پندرهن ڦٽڪن جي سزا پڻ ٻڌائي ٿي.“
حسين جي اک تڏهن کلي جڏهن هن محسوس ڪيو ته سندس گهر جو دروازو ڪو ايڏي زور زور سان کڙڪائي رهيو هو ڄن ڪو کيس ڀڃندو هجي. گهٽيءَ مان ماڻهن جي ڳالهائڻ جا آواز پڻ آيا جڏهن ته هو گهٽيءَ مان گاڏين جي انجڻن جي گرڙ گرڙ به صاف ٻڌي پئي سگهيو. حسين کي ٿوريءَ جهٽ لاءِ ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي پر اوچتو کيس صورتحال سمجهه ۾ اچڻ شروع ٿي وئي هئي.“ ڇا پو.“
کيس اندازو ٿيو ته سندس گهر تي ڇاپو پيو آهي. ٻاهر پوليس ۽ فوج بيٺل آهي، هن سوچيو. حسين ٽپ ڏئي اٿيو، وقت ڏٺائين صبح جا چار ٿي رهيا هئا. هن جلدي ۾ پنهنجو ٻٽون کيسي ۾ وڌو ۽ چمپل پائي هيٺ لهي آيو. آڳر ۾ سندس ماءُ، ڀاءُ ۽ ڀيڻ انتهائي پريشانيءَ جي عالم ۾ هئا ۽ سندس ماءُ دروازي تان پڇي رهي هئي ته ٻاهر ڪير آ؟
” دروازو کوليو، توهان جي گهر جي تلاشي وٺڻي آهي، خبر پئي آ ته هڪ ڏوهاري رهيل آ.“ ٻاهران ڪنهن پوليس واري رعبدار آواز ۾ حڪم ڏنو.
حسين جي ماءُ خوف ۽ پريشانيءَ ۾ روئي رهي هئي. ”ادا هن گهر ۾ ڪو به ڏوهاري ڪونهي.“ سندس ماءُ جواب ڏنو.
”مهرباني ڪري دروازو کوليو نه ته اسان کي ڀڃڻو پوندو،“ ٻاهران آواز آيو. حسين کي ادنازو ٿي ويو ته هاڻ وٽس وڃائڻ لاءِ وقت ڪونهي. هن جلدي ۾ وڃي پنهنجي ماءُ کي ڀاڪر پاتو ۽ کيس ڏاڍي هوريان آواز ۾ چيو، ”امان مان هاڻ ڇت تان ڀت ٽپي نڪري وڃڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو، جي بچي نڪري ويس ته توکي فون ڪري اطلاع ڏيندس پر جي سڀاڻي تائين فون نه ڪري سگهان ته شهر جي پوليس ٿاڻن يا وري مرده خانن ۾ وڃي مون کي تلاش ڪجو.“
”پٽ نه وڃ، پاڻ کي پوليس جي حوالي ڪر، تنهنجي ضمانت ڪرائينداسون. بابا ڀڄي وڃڻ جي ڪوشش نه ڪر هي ظالم توکي ماري ڇڏيندا..“ حسين جي ماءُ کيس روئيندي التجا ڪيو.
”امان مون کي ڪيترا ڪم ڪرڻا آهن. ٻاهر رهندس ته جمهوريت جي تحريڪ لاءِ ڪم ڪري سگهندس. ٻيو هي بدمعاش جي پڪڙي ويا ته سمورن اڳواڻن جي باري ۾ پڇندا ۽ خبر نه آهي ڪهڙو تشدد ڪن. امان، دل جاءِ ڪر... مون کي ڪجهه نه ٿيندو.“ حسين ڏکوئل اکين ۽ مشڪندڙ چپن سان چيو.
”جلدي دروازو کوليو نه ته هاڻ ڀڃون ٿا.“ دروازي جي ٻاهران آواز آيو.
حسين جلدي ۾ ماءُ کان موڪلايو، ڀاءُ کي ڀاڪر پائي کيس گهر جو خيال رکڻ لاءِ چيائين ۽ ڀيڻ کي نرڙ تي چمي ڏيندي، ڇت ڏانهن روانو ٿي ويو. حسين جڏهن پنهنجي گهر جي ڀت ٽپي پاڙي جي ڇت تي لٿو ته هن پنهنجي گهر جو دروازو کلڻ جو آواز ٻڌو، جنهن بعد هن ڪيترن بوٽن جي ڌاٻڙ ڌاٻڙ پنهنجي گهر ۾ داخل ٿيندي ٻڌي. حسين پاڙي واري گهرجي ڀت اڃان چڙهي رهيو هو ته يس ڪنهن هڪ ڪئي. ”اتي ئي بيهه رهه نه ته گولي هڻنداسون ئي.“
حسين سامهون ڏٺو سندس گهر جي ڀت تي هڪ سپاهي چڙهيو بيٺو هو ۽ سندس رائفل حسين طرف هئي. حسين چند گهڙين لاءِ ڍرو ٿيو ، پر پوءِ پاڙي واري گهر جي ڀت تان ٽپو ڏئي ڇڏيائين. هڪ زوردار ٺڪاءُ ٿيو ۽ کيس محسوس ٿيو ڄڻ گولي سندس وارن کي ڇهندي گذري وئي هجي. حسين وري ٻئي گهر جي ڇت تي ٽپي ويو. پر هاڻ پوليس جا به ڪيترا سپاهي فائرنگ ڪندا، ڀتيون ٽپندا سندس پويان اچي رهيا هئا. حسين انتهائي ڦڙتيءَ سان پاڙي جي ڇتين تان ٽپندو رهيو ۽ سندس پويان پوليس وارن جا هوڪرا ۽ گوليون به جاري رهيون. حسين جي گهر واريءَ گهٽيءَ جي پڇاڙيءَ ۾ مينهن جو واڙو آهي. هو تمام تيزي سان گهٽيءَ جي آخر ۾ پهچي ڀت تي چڙهيو ته هڪ گولي سندس ڀرسان اچي ڀت ۾ لڳي. هن بغير هڪ سيڪنڊ به وڃائڻ جي مينهن جي واڙي ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو. هن محسوس ڪيو ته هو وڃي پلال جي هڪ ٻنڊ تي ڪريو آهي. وڄ جي تيزيءَ سان هو اُٿيو ۽ واڙي جي ڀت ٽپي اونداهي گهٽيءَ ۾ پوري طاقت سان ڊوڙڻ لڳو. ڪجهه گهر پويان کيس سپاهين جون هڪلون ۽ وقفي وقفي سان ٿيندڙ فائرنگ جا آواز پڻ اچي رهيا هئا.
حسين کي اڄ پوليس جي ايڏي وڏي اٽالي جي گهيري مان نڪري وڃڻ تي اچرج ٿي رهيو هو، سندس ائين ڀڄي اچڻ کيس ڪنهن معجزي کان گهٽ نه پئي لڳو. هن ڊوڙندي ڊوڙندي پنهنجي امڙ، ڀيڻ، ڀاءُ، سائره ۽ ياسمين بابت سوچيو. هو سڄو ٿڙڪي رهيو هو، پگهر سندس سڄي جسم مان پئي وهيو پر کيس پنهنجي نڪري اچڻ تي خوشي پڻ هئي. هن پنهنجي منهن ڀُڻڪيو، ”امان تون فڪر نه ڪر... مون کي ڪجهه به نه ٿيندو.“ سندس چهري تي مرڪ تري آئي.
حسين جا ڊوڙندڙ قدم هاڻ شهر جي بس اسٽاپ طرف روانا هئا.
شهر جي خوبصورت ۽ سرسبز علائقي جي وچ ۾ ٺهيل وڏي ۽ رعبدار اسٽيڊيم جي پسگردائي واري علائقي ۾ اڄ تمام گهڻي فوج ۽ پوليس لڳل هئي. روڊن تي فوجي ٽرڪن ۽ جوانن جون قطارون موجود هيون، جڏهن ته پوليس جا وڏا اٽالا پڻ چوڪس حالت ۾ موجود هئا. اسٽيڊيم جي مين روڊ تان لنگهندڙ ماڻهن تي ڪرڙي نظر رکي پئي وئي. اسٽيڊيم ۾ داخل ٿيندڙ ماڻهن جي جهڙتي وٺي ۽ سندن سڃاڻپ ڪري پوءِ اندر ڇڏيو پئي ويو.
اسٽيڊيم ۾ ڪو ملاکڙو يا ڪوڏي ڪوڏي جي راند نه هئي پر اڄ فوجي عدالتن پاران ڏنل ڦٽڪن جي سزائن تي عمل ڪرائڻ جو ڏينهن هو. ملڪ ۾ فوجي حڪومت جڏهن کان اسلامي سزائن جي نالي ۾ سياسي ڪارڪنن ۽ ٻين عام ماڻهن کي ڦٽڪن جون سزائون ڏيڻ شروع ڪيون آهن ملڪ جا اسٽيڊيم گهڻو ڪري اذيت خانه بڻجي ويا آهن.
هر ڏهين پندرهين ڏينهن سڄي ملڪ جي اسٽيڊيمن ۾ ٽڪٽڪيون سجايون وينديون آهن، ۽ ماڻهن مٿان هنيانءُ ڏاريندڙ تشدد ڪيو ويندو آهي. خبر نه آهي ان تشدد سان سرڪار کي ڇا حاصل ٿيندو، ۽ ڪيئن اُن سان معاشرو سڌرڻ جو امڪان پيدا ٿيندو؟ هن وقت تائين جڏهن کان ڦٽڪن جي سزائن جو رواج شروع ڪيو ويو آهي، ملڪ ۾ سوين ماڻهن کي ڦٽڪا هنيا ويا آهن ۽ انهن ۾ اڪثريت سياسي ڪارڪنن ۽ جمهوريت جي حامين جي رهي آهي. فوجي آمر هنن سزائن کي سرعام ڏيڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي جيئن عوام اُن مان عبرت حاصل ڪري ۽ منجهن خوف پيدا ڪيو وڃي ته هو فوجي جنرلن خلاف ٻڙڪ به ٻاهر ڪڍي نه سگهن. پر ماڻهوءَ به عجيب آهن، مٿن انهن ظلمن جو ڪو اثر ئي نٿو ٿئي. هو ٽڪٽڪين کي ائين ٿا ڀاڪر پائن ڄڻ ڪنهن محبوب سان پائيندا هجن. هر ڦٽڪو جڏهن سندن چتڙن تان کلهه ٿو لاهي ته هو جمهوريت جو نعرو ٿا هڻن. عجيب ديوانا آهن هي ماڻهو، سندن ديوانگي جنرل ضياءَ جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن. خبر نه آهي جنرلن کي اها ننڍڙي ڳالهه سمجهه ۾ ڇو نه ٿي اچي ته هو جبر ۽ ظلم سان، عقوبت خانن ۽ ڦٽڪن سان نه ڪجهه حاصل ڪري سگهيا آهن ۽ نه ئي ڪري سگهندا. الٽو اڌ ملڪ وڃائي ويٺا ۽ موجوده ملڪ جي صوبن کي پڻ ملڪ کان ڌار ٿيڻ تي سوچڻ لاءِ مجبور ويٺا ڪن.
اسٽيڊيم جي وچ ۾ اڄ فقط هڪڙي ٽڪٽڪي کوڙي وئي هئي. ٽڪٽڪيءَ کان ٿوري مفاصلي تي چوڌاري ماڻهن جو هڪ چڱو خاصو تعداد گڏ ٿي ويو هو. ڪي ماڻهو ته فقط رونشو ڏسڻ آيا هئا پر ٻيا گهڻا ماڻهو وري سزائون سهندڙ جي دل جوئيءَ لاءِ ڪهي آيا هئا. ماڻهن جي چهرن تي انتظار ۽ اضطراب هو. ڪن ويٺي ٻيڙيون ڇڪيون ته ڪي وري پاڻ ۾ ڳالهائڻ ۾ مشغول هئا. سندن ڏٻرا چهرا، ڏرا ڏنل اکيون ۽ تن تي غريباڻا لٽا سندن حالتن جي گواهي ڏئي رهيا هئا. اسٽيڊيم کان ٻاهر، روڊ جي ٻئي ڀر ريلوي جي پل آهي جنهن تي به ماڻهن جو چڱو خاصو تعداد گڏ ٿي ويو هو. اسٽيڊيم ۽ ان جي پسگردائي وارو علائقو ڪنهن ميلي جو ڏيک ڏئي رهيو هو.
اوچتو اسٽيديم ۾ ٽڪٽڪيءَ جي چوڌاري بيٺل ماڻهن ۾ چرپر ٿي وئي. جيل جي هڪ گاڏي گڏ ٿيل ماڻهن جي ڀر سان اچي بيٺي هئي ۽ ماڻهن پري ٿي وچمان رستو ٺاهيو هو. چار سپاهي محمد بخش کي کنڀي گاڏيءَ مان لاهي آيا. محمد بخش جو چهرو اڃان تائين تشدد سبب سڄيل هو، سندس هٿ پويان ٻڌل هئا ۽ پيرن ۾ بيل ڪڙيون لڳل هئس. هو جسم ۾ سور ۽ ڦٽڪن جي باوجود ڏاڍي بااعتماد انداز سان هلندو رهيو. ٻن پوليس وارن اچي کيس ٽڪٽڪيءَ سان ٻڌو. ٽڪٽڪي ڪاٺيءَ جي ٺهيل اهڙي ڏاڪڻ سان مشابهه هوندي آهي، جنهن کي ڄڻ ته ٿورو هڪ طرف جهڪائي رکيو ويو هجي. جنهن شخص کي ڦٽڪن جي سزا ڏيڻي هوندي آهي اُن کي پهرين ٽڪٽڪيءَ سان ٻڌي پوءِ سندس چتڙن تي، رٻڙ ۽ ڪاٺيءَ جي ٺهيل، چهبڪ جهڙي، ڊگهي ڦٽڪي سان زوردار ڌڪ هنيا ويندا آهن. ڦٽڪا هڻڻ وارا به پوليس ۽ فوج جا خاص سپاهي هوندا آهن. جن کي اِن ڳالهه جي تربيت ڏنل هوندي آهي ته سزا ڏنل شخص کي ڪهڙي ريت ڦٽڪا هڻجن جو کيس گهڻي کان گهڻي اذيت پهچائي سگهجي.
پوليس وارن محمد بخش کي ٽڪٽڪيءَ سان پئي ٻڌو ۽ هو ڏاڍو اعتماد سان چوڌاري گڏ ٿيل ماڻهن ڏانهن ڏسي رهيو هو. پوليس وارن جڏهن کيس ٻڌي سوگهو ڪيو ۽ سندس شلوار لاهي کيس ڦٽڪن لاءِ تيار ڪيو ته جيل جي گاڏيءَ پويان بيٺل فوجي گاڏي مان هڪ سيڪنڊ ليفٽيننٽ ۽ هڪ فوجي جمعدار لٿا. جمعدار گاڏيءَ مان هڪ تازو، چلڪندڙ ڦٽڪو کڻي آيو. جڏهن ته سيڪنڊ ليفٽيننٽ ٽڪٽڪيءَ ۽ محمد بخش جو معائنو ڪيو.
جمعدار ٽڪٽڪيءَ پويان پوزيشن ورتي، سڄو هٿ پٺتي تائين کڻي ويو ۽ پوءِ الله اڪبر جو نعرو هڻي، ڦٽڪو محمد بخش جي چتڙن تي وهائي ڪڍيو، محمد بخش کان دانهه نڪرندي نڪرندي رهجي وئي. هن وات ڀڪوڙي فقط هڪ ”آهه“ ڪئي، اسٽيڊيم ۾ گڏ ٿيل ماڻهن ۾ سانت ڇانئجي وئي.
فوجي جمعدار پنهنجو هٿ پوريءَ طرح پوئتي ڇڪيو ۽ وري ڦٽڪو چتڙن تي وهائي ڪڍيو، محمد بخش سور ۾ ٻيڻو ٿي ويو، کيس محسوس ٿيو ته ڪنهن سندس پوئين حصي تي تيزاب هاري ڇڏيو آهي پر هن ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍي، چوٿين ڦتڪي تي هن جي زبان مان پاڻ مرادو نعرو بلند ٿيو، ”جمهوريت زندهه باد.“ ۽ پوءِ هر ڦٽڪي تي محمد بخش هڪ نعرو ٿي هنيو. ”آمريت مرده باد، جنرل ضياءُ مرده باد، فوجي جنتا مرده باد.“
ٽڪٽڪيءَ جي چوگرد ماڻهن جو انبوهه ڄڻڪ انهن نعرن تي ننڊ مان سجاڳ ٿيو هو. منجهن هڪ پاڻمرادو چرپر پيدا ٿي هئي. هنن جي جسمن ۽ خيالن جي بيٺل پاڻيءَ ۾ ڄڻڪ ڪنهن پٿر اڇلائي لهرون پيدا ڪري ڇڏيون هجن. ڄڻڪ سندن ڏٻرن هٿن ۽ نحيف زبانن ۾ يڪدم بجليءَ جي لهر پيدا ٿي هجي. ”جمهوريت زنده باد.“ انبوهه مان ڪنهن ڏاڍي هلڪي آواز ۾ نعري جو جواب ڏنو. سندس ساٿ هڪڙي ٻئي هلڪي نعرو ڏنو. ”مارشل لا مرده باد.“ محمد بخش کي جڏهن يارهون ڦٽڪو هنيو ويو ته سندس زبان مان فقط هڪڙي ”آهه“ ئي نڪري سگهي. پر انبوهه مان ڪنهن جذباتي ٿي زوردار نعرو هنيون. ”پاڪستان جو مطلب ڇا- ڦاسي، ڦٽڪا، مارشل لا.“
گڏ ٿيل ماڻهن ۾ هاڻ اوچتو جوش پيدا ٿي ويو هو. سندن ڏٻرا چهرا ۽ ڏرا ڏنل اکيون روشن ٿي ويون هيون. هاڻ هو روشنائي نه بلڪه هن غير انساني ۽ غير منصفاڻي سزا جي خلاف هن پاڻمرادو اڀرندڙ احتجاج جو حصو ٿي ويا هئا. سندن اکين ۾ هاڻ آگ هئي. محمد بخش جي جسم تي ڦٽڪا وسندا هئا، سندس انگ انگ سور ۾ لڇي پيو ۽ ڄنگهون ٿڙڪي رهيون هئس. سندس زبان تي اٽڪيل نعرا هئا ۽ فضا ۾ احتجاج جي گونج هئي. حسين شهر جي گهٽين ۽ رستن تان ڊوڙي ڊوڙي ٿڪجي پيو هو. اسر ويل جي ٿڌڙي هير پئي گهلي ۽ پکي پکڻن جون لاتيون شروع ٿي ويون هيون، پر سندس من نراس ۽ اوتاولو هو. هو ڊوڙندي ڊوڙندي شهر جي بس اسٽاپ تي پڄي ويو هو پر کيس سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڪيڏانهن وڃي؟ هن ڪجهه دير بس اسٽاپ تي هڪڙي بينچ تي ويهي ساهه پٽيو. صبح جي هن ويل بس اسٽاپ گهڻو تڻو خاموش ۽ ويران هوندو آهي، پر حسين کي خبر هئي ته شهر مان بسن جي روانگي ڪلاڪ کن ۾ شروع ٿي ويندي. حسين پنهنجي گهر وارن بابت ڏاڍو پريشان هو. هن سوچيو ته سندس ڀڄي وڃن کان پوءِ خبر نه آهي ته پوليس ۽ فوج سندس گهر وارن سان ڪهڙو ورتاءُ ڪندي. سندس ماءُ جا سڏڪا، ڀيڻ جا ڳوڙها ۽ ڀاءُ جي پريشاني ذهن تي تري رهي هئي. ”مان ڪيئن معلوم ڪيان ته منهنجي گهر وارن جي حالت ڪهڙي آهي!“ حسين سوچيو کيس خيال آيو ته پهرين هو شهر کان نڪري ڪنهن ٻئي شهر پهچي پوءِ پنهنجن گهر وارن سان رابطو ڪندو. حسين رات جي ڇاپي بابت پنهنجي تنظيم کي پڻ اطلاع ڏيڻ پيو چاهي، هن کي اندازو هو ته هاڻ هو ڳچ وقت تائين پنهنجي گهر موٽي نه سگهندو. هن شهر کي ڇڏڻ کان پهرين سائره ۽ ياسمين کي به چڱيءَ ريت خدا حافظ چوڻ ٿي چاهيو، پر اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ نه وٽس وقت هو ۽ نه ئي حالتون. حسين جيئن پئي سوچيو تيئن سندس ذهن وڃي پيو وڌيڪ منجهندو. هو اکيون بند ڪري بينچ تي ليٽي پيو ۽ ذهن مان سمورا خيال ڪڍي ٿڌڙي هير ۽ پکين جي ٻولين جو لطف وٺڻ لڳو، پر ڪجهه سيڪنڊن جي ذهني پولار کان وري خيال ۽ نقش سندس ذهن ۾ ڪهي آيا. گذريل ڪجهه مهينن جا واقعا ۽ حالتون سندس ذهن ۾ گردش ڪرڻ لڳا. حسين جو ساهه منجهڻ لڳو کيس لڳو ڪو سندس نڪ، وات ۽ ڳلي تي سوار هجي. هن ماڻهن جا انبوهه ڏٺا، نعرن جي گونج ٻڌي، مرد، ٻار، عورتون روڊن تي پيل لاش، زخمي ٿيل انسانيت، فوجين ۽ پوليس وارن جا خونن سان رنڱيل هٿ، ڦٽي ٿيل جسم، غدار وڏيرن جا ٽهڪ ڏٺا. سندس ذهن جي پردي تي ياسمين جون نراس اکيون ۽ سائره جا ڏڪندڙ چپ تري آيا. هن جي ڪنن تي آهون ۽ صدائون پهتيون ۽ انهن ۾ هن پنهنجي ماءُ جا سڏڪا ٻڌا.
سندس ساهه هاڻ ذري گهٽ بند ٿي ويو هو. هن کي فقط اوندهه نظڊر پئي آئي. پري پري تائين اوندهه ۽ قبرستان جهڙي خاموشي. حسين اوندهه ۾ دور تمام دور هڪڙي هلڪي روشني ڏٺي. اوچتو کيس اُن روشنيءَ ڏسندي محسوس ٿيو ته هو هاڻ وري ساهه کڻڻ لڳو آهي. سندس ذهن ۾ هڪ چمڪو ٿيو. ”لطيف“ هن جي سامهون هاڻ دور تمام دور نظر ايندڙ روشنيءَ جو رستو واضع ٿيڻ لڳو هو. ”چريا-لطيف سائين جي هوندي ڪو هن ڌرتيءَ تي اوندهه ٿي، ٿي سگهي؟“ حسين پاڻ کي چيو، حسين کي منزل ملي وئي هئي. هن بينچ تي ليٽي اکيون کوليون. آسمان سج جي پهرين ڪرڻن سان روشن ٿيڻ لڳو هو. بس اسٽاپ تي زندگي شروع ٿي وئي هئي. دوڪانن، مانڊڻين ۽ چانهه جي کوکن جي شروعات ٿي وئي هئي ۽ ڪلينرن اچي بسن ۽ ويگنن کي صاف ڪرڻ شروع ڪيو هو.
حسين پاڻ کي ڪجهه هلڪو پئي محسوس ڪيو، هو اٿيو ۽ اچي اُن بس ۾ سوار ٿيو جيڪا ڀٽ شاهه وڃن لاءِ سبنت ڪري رهي هئي.

تارن ڀريل آڪاش هيٺان، لطيف جي چائنٺ لڳ، يڪتاري جي تند مان جڏهن ڪارو ويس اوڍهيل فقيرن وائيءَ جا سر ٿي پکيڙيا ته حسين جو وار وار اڀو ٿي پئي ويو. هو انهن سرن ۾ اهڙو مدهوش هو ڄن مڌ جا مٽ پيتا هجائين. هر آلاپ سندس اندر ۾ لهي پئي ويو ۽ سندس اندر جرڪي پئي پيو، هو اندر ۾ هڪ عجيب خوشي محسوس ڪري رهيو هو ۽ گڏوگڏ کيس لڳو پئي ته هو سمورين پريشانين ۽ سوچن مان آجو ٿي ويو آهي. هن لاءِ زمان ۽ مڪان بي معنيٰ ٿي ويا هئا. حسين پاڻ کي اڄ جهڙو آزاد ۽ خوش پيو محسوس ڪري اهڙو هن پهرين ڪڏهن محسوس نه ڪيو هو.
رات جي ٽين پهر، جڏهن ماحول ۾ فقط خوشبوئن ۽ سُر جو واسو هو ۽ جڏهن حسين کي لڳي پيو ته هو لطيف سائين جي پيرانديءَ کان بيهه ساڻس چار اکر ڳالهائي سگهي ٿو ته هن دل ٻڌي ۽ اچي سندس پيرانديءَ کان بيٺو.
.سائين جي اجازت هجي ۽ جي توهان جي گهري سڪون ۾ خلل نه پوي ته چند ڳالهيون توهان سان ڪيان؟“ منهنجي دل ڏاڍي نراس هئي، هر قسم جي وسوسن ۾ ڦاٿل هئي، پر هينئر توهان جي در تي اچي ڏاڍي خوش ٿي آ. جي ڪن ڳالهين ڪرڻ جي اجازت ڏيندؤ ته اندر هلڪو ٿي پوندو ۽ منزل جو رستو نظر ايندو.“ حسين، لطيف سائين کي ڏاڍي عاجزي سان عرض ڪيو. هو چند گهڙين لاءِ خاموش رهيو. کيس جرئت نه پئي ٿئي ته بغير اجازت ڳالهائڻ شروع ڪري. ”حق موجود- بابا جيڪو گهرڻو ٿي گهر.“ اوچتو آواز حسين جي ڪنن تي پيو ۽ ڪو کيس پويان پٺي ٺپي رهيو هو. حسين ڪنڌ ورائي پوئتي ڏٺو هڪ پوڙهو، جهور فقير سندس پٺي ٺپي رهيو هو ۽ سندس اکين ۾ اجازت هئي. حسين فقير کي ڏسي مرڪيو ۽ ڪنڌ ورائي وري مرشد سان مخاطب ٿيو. ”ٻاجهارا سائين- تون سنڌ جي دل به آهين ته دماغ به. تون سنڌ جو يگانو شاعر ۽ فيلسفو به آهين ته هن ڌرتيءَ جي دردن جي دوا به. تو کان ڪجهه ڳجهو ڪونهي. سنڌ جن مِرُن جي ور چڙهيل آ ۽ جيئن هو تنهنجي هن نگريءَ کي ڏاڙهي رهيا آهن ۽ سندس انگ انگ لتاڙي رهيا آهن اُن تي تنهنجون اکيون به اليون هونديون. تنهنجي امن جي ڌرتيءَ تي، تنهنجي ٻوليءَ تي، تنهنجن ماروئڙن تي اڄ جيڪي ڪاهون آهن، انهن جو ماضيءَ ۾ مثال ڪو نه ٿو ملي. ڌرتي ڌڻين کي هر ڏينهن چيچلائين ٿا، سندن ڪڇڻ تي، تنهنجي وائي الاپڻ تي تنهنجي ٻولي ڳالهائڻ تي ۽ تنهنجي سڏ ڀرڻ تي کين غدار ڪوٺيو ٿو وڃي. جنهن سيني ۾ تنهنجا شعر رهندا هئا اُن سيني ۾ اڄ گوليون لاٿيون ٿيون وڃن. مورڙي ۽ مائي ڪولاچيءَ جي نگري تي اڄ مانگر مڇ چڙهي آيا آهن ۽ تنهنجي پوشاڪ تي ٺٺوليون ٿا ڪن. ڪالهه جنهن ملان کي تو پاراتا ڏنا هئا ۽ جن ملڪ منجهايا هئا اهي اڄ ملڪن جا هٺ ٺوڪيا وارث بڻجي، تنهنجي سوچ کي ئي تاراج ويٺا ڪن. تنهنجي سنڌ اڄ واڳن جي وات آ. هو تنهنجي چائنٺ تي به نفرت جا غليظ جهنڊا کوٽڻ ٿا چاهين. اي سنڌ جا سردار هي سڀ ڪلور ڪرائڻ ۾ ڪي اهڙا بدبخت به شامل آهن، جيڪي تنهنجي ٻولي ٿا ڳالهائين ۽ ڪي ته مورڳو تنهنجا شعر به پڙهن ٿا. هي اهي آهن جيڪي ڌارين سان ڌاڙي ۾ گڏ آهن. هنن کي تون نٿو کپين، تنهنجي نگري نٿي کپي، تنهنجي ٻولي به نه ٿي کپي، تنهنجو عقل ۽ فراست به نٿي کپي ۽ نه ئي تنهنجا پانڌيئڙا ٿا کپن. کين فقط پنهنجا ببڀ ٿا کپن. حرس ۽ لالچ جا هي پوڄاري پنهنجي ڌرتي ماءُ جو سودو ڪندي به نه ٿا ڪيٻائين. نوٽن ۽ محلن لاءِ هو ڏينهن رات پنهنجي ضمير ۽ تنهنجين وائين جو سودو ويٺا ڪن. آيتن جهڙي تنهنجن بيتن کي نيلام ويٺا ڪن. ملڪ ۾ انڌو ڪار ويٺا ڪن. پر اي مرشد سائين. بيشڪ تنهنجا سچا عاشق ۽ تنهنجن لفظن جا پوئلڳ به مرڻ وارا ڪونهن. تنهنجي ڪتاب جو بارود سندن هٿيار آ ۽ جيستائين سندن دلين ۾ تنهنجي شعر جي هڪ سٽ به جيئري آ، تنهنجي ڌرتيءَ کي مرڻ نه ڏيندا. توئي ته کين سيکاريو ته ڍالن کان بغير به جنگ جي ميدان ۾ ڀالا ڪئين اُڀا ڪبا آهن. هي تنهنجي سينا جا سپاهي ماري متارا ضرور ٿيندا.“
حسين اکيون کوليون، صبح جو سج پنهنجي پوري جاهه و جلال سان چمڪي رهيو هو. ڀٽ ڌڻيءَ جي مزار تي فقيرن جو راڳ ڪا مهل اڳ ئي ختم ٿي چڪو هو، ماڻهن جو تمام وڏو انگ مزار تي گڏ ٿي ويو هو. حسين آهستي آهستي لطيف سائين جي چانئٺ ڇڏي. ٻاهر روڊ تي اچي بس جو انتظار ڪرڻ لڳو. سندس اڳئين منزل مورڙي جو ماڳ ڪراچي هو.