ناول

فاتح مُرڪ

ھي ڪتاب جاويد سومري جو ايم آر ڊي جي تحريڪ جي پسمنظر ۾ لکيل ناول آھي، ھن ناول ۾ 80 جي ڏھاڪي ۾ سنڌين پاران شروع ڪيل ان تحريڪ جي ڪھاڻي آھي جنھن ضياء مارشلا کي لوڏي وڏو ھيو. جاويد سومرو لکي ٿو:
”مان ناول بابت فقط اهو چوڻ چاهيندس ته هي تاريخ جو ڪتاب ڪونهي ۽ نه ئي هن ۾ ايم آر ڊي جهڙي عظيم جدوجهد جي سمورن پهلوئن تي لکيو ويو آهي. هن ناول ۾ آيل واقعا ۽ ڪردار حقيقي واقعن ۽ ڪردارن کان متاثر ضرور آهن پر انهن واقعن ۽ ڪردارن جو هوبهو بيان ڪونهن. ناول ۾ دلچسپي پيدا ڪرڻ لاءِ ادبي وڌاءَ به هوندو پر اهو حقيقتن جي ويجهو آهي. ناول جي ڪردارن جي حقيقي زندگيءَ ۾ ڪنهن سان مشابهت فقط اتفاقي هوندي.
Title Cover of book فاتح مُرڪ

6

پيارا ساٿي، جڏهن ٻيهر هوش آيو ته مان چاوڙيءَ ۾ اونڌي منهه ستو پيو هوس، ٿورو پرڀرو ڪريم به ليٽيو پيو هو. صبح جي هلڪي هلڪي روشني ظاهر ٿيڻ شروع ٿي هئي. جسم سور ۾ تڙپي رهيو هو. رات ڪنهن وقت جڏهن پوليس وارا ماري ماري ٿڪجي پيا هئا ته اچي، چاوڙيءَ ۾ ڦٽو ڪري ويا هئا. جتي ٻين باندين اسان جا خون ۾ ٻڏل ڪپڙا لاهي پنهنجا ڪپڙا پهرايا ۽ اسان جا زخم پاڻيءَ سان صاف ڪيا هئا. هيءَ رات هڪ ڀوائتي خواب جيان هئي، ان جا نقش شايد سڄي زندگي منهنجي ذهن ۽ جسم تي هڪ داغ وانگر رهندا. ساٿي، هن ڏکي گهڙيءَ ۾ مون توکي ڏاڍو ياد ڪيو ۽ جي ٿي سگهي ته اچي مون وٽان ٿي وڃ، تنهنجو نور“.
نور جو خط پڙهندي حسين جون اکيون ڀرجي آيون. سندس آواز بند ٿي ويو ۽ نڙيءَ ۾ ڄڻ ڪا شئي اٽڪي پئي هئس. هو بي وسيءَ جي حالت ۾ خالي نظرن سان ڪيتري دير پنهنجي ڪمري جي ڀتين کي گهوريندو رهيو. کيس سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڇا ڪري. هن کي عجيب عجيب خيال ذهن ۾ اڀرڻ لڳا. سندس دل پئي چوي ته زور زور سان رڙيون ڪري، پر هو رڙيون ڪرڻ جي به سگهه نه پيو محسوس ڪري. حسين کي نور ۽ ڪريم جا بدن پنهنجي ڪمري ۾ لڙڪندي نظر آيا. سندن ٽمندڙ خون پنهنجي اکين مان وهندي محسوس ڪيائين.
حسين پنهنجي قميص سان پنهنجا ڳوڙها صاف ڪري ڏٺا. پر ڳوڙهن جو رنگ ڳاڙهو نه هو. حسين کي پنهنجي بي وسيءَ تي سخت ڪاوڙ پئي آئي. ”نه! آءٌ بي وس نه آهيان“، حسين سوچيو ”اسان بي وس نه آهيون، اسان طاقتور آهيون. نور ۽ ڪريم طاقتور آهن. بي وس اهي آهن جيڪي سمورين طاقتن ۽ ڏاڍائين جي باوجود نور ۽ ڪريم جي عزم جي سامهون بي وس آهن.“
حسين کي انهن سوچن طاقت ڏني. هن جي ڳالهائڻ جي سگهه موٽي آئي ۽ هاڻ چٽيءَ طرح سوچڻ لڳو.
حسين تڙ تڪڙ ۾ تيار ٿيو ۽ گهر مان ڪري پوليس ٿاڻي ڏانهن روانو ٿي ويو. هو جلد از جلد ٿاڻي تي پڄي نور ۽ ڪريم جو حال معلوم ڪرڻ پيو چاهي. ٿاڻي کان ڪجهه فاصلي تي بيهي حسين پهرين صورتحال جو جائزو ورتو. ٿاڻي جي عمارت کان حسين کي سدائين خوف محسوس ٿيندو هو. ٿاڻي جو ماحول، ٿاڻي جي بوءِ، ٿاڻي تي ويٺل پوليس وارا، ماڻهن جا چيچلائيندڙ چهرا، پوليس وارن جا ملعون ٻوٿ، سگريٽن جا سوٽا، قيدين جي ڏتڙيل حالت، سڀ ڪجهه هن کي ڊيڄاريندڙ لڳندو هو. پر اڄ حسين انهن مان ڪنهن شيءِ کان ڊنل نه هو. نور جي خط حسين کي هڪ نئين بهادري ڏني هئي.
هن ڏٺو ته ٿاڻي تي اڄ معمول کان وڌيڪ رش هئي. ماڻهو آيا پئي ويا پئي ۽ چاوڙيءَ جي ٻاهران ڪيترا قيدي پنهنجن مٽن مائٽن ۽ دوستن سان ملاقات ڪري رهيا هئا.
حسين پڻ وڌندو ٿاڻي ۾ داخل ٿيو. اڃان هن هڪ قدم ٿاڻي جي حد ۾ داخل ڪيو ئي مس ته ڪنهن کيس هڪل ڪئي. ”صاحب ڪاڏي ٿو وڃين؟“
حسين ڪنڌ ورائي ڏٺو ته هڪ سپاهي ٿاڻي جي گيٽ جي پاسي ۾ ڪرسي تي ويٺو هو ۽ سندس هٿن ۾ ڪاغذ قلم هو.
”منهنجو هڪڙو مائٽ گرفتار ٿيو آ، ان سان ملڻ آيو آهيان.“ مون جواب ڏنو.
”ڪهڙو تنهنجو مائٽ، نالو ڇا اٿس؟“
”نور، سائين“
”نور! اڙي اهو ته دهشت گرد آ.“
نه سائين هو ويچارو ته پرائمري ماستر جو پٽ آ.“
”چڱو چڱو مون کي سبق نه پڙهاءِ. ملاقات بند آ.“
”پر سائين هي ٻيا ماڻهو ته ملن پيا.“
”سائو هلائي جي ملاقات ڪرڻي اٿي.“
”سائو؟ سائو ڇا هي سائين؟“
”سائو قائداعظم“
”سائو قائداعظم؟ سائين توهان جي ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي صاف ٻڌايو ڇا ٿا چوڻ چاهيو؟“
”اڙي ڪهڙي جهان ۾ رهندو آهين؟ سائي جي به خبر نه اٿئي. سائو قائداعظم معنيٰ ڏهين جو نوٽ“
”حسين کي هاڻ پوليس واري جي ڳالهه سمجهه ۾ آئي. هن پنهنجن کيسن ۾ هٿ وجهي ڳولها ڦولها ڪئي پر سندس کيسي مان رڳو اٺ رپيا ئي نڪتا.
”سائين مون وٽ اٺ رپيا ئي آهن. ڏهه ڪونهن. منهنجي ملاقات ضروري آ. جي ڪرائين ته توهان جي مهرباني ٿيندي.“ حسين ڏاڍي نوڙت سان پوليس واري کي عرض ڪيو.
”اڙي جي کيسي ۾ پئسو ڪونهيوَ ته پوءِ ملاقاتن لاءِ ڇوٿا سيڙجي نڪرو؟“ سپاهي ناراض ٿيندي چيو، ”هاڻ اورتي ڪر پئسا ۽ جلدي ملاقات ڪري هل.“
حسين کي ملاقات جي اجازت ملي ته هو جلدي ٿاڻي ۾ داخل ٿي ويو ۽ سڌو وڃي چاوڙيءَ جي گيڻ تي بيٺو. اندران پيشاب ۽ پگهر جي سخت بوءِ پئي آئي. پهرين نظر ۾ هن کي لڳو ڄڻ هو جانورن جي پڃري جي ٻاهران بيٺو هجي. اندر هڪ انتهائي سوڙهي ڪوٺيءَ ۾ ويهارو کن ماڻهو ڏاڍي بي درديءَ سان واڙيا پيا هئا. اونداهي ڪوٺيءَ ۾ حسين کي نور ۽ ڪريم ته نظر ئي نه آيا. هن چاوڙيءَ جي شيخن واري دروازي وٽ پهچي پڇيو ته نور اندر آهي؟ اندران ڪنهن قيدي رڙ ڪري چيو، ”ها ڀائو آهي هڪڙو منٽ ترس.“ حسين غور سان اندر جهاتي پاتي. اندر قيدين ۾ چرپر ٿيڻ شروع ٿي. ڪي قيدي جيڪي شيخن جي ويجهو ويهي ٻاهر جي هوا جهٽي رهيا هئا انهن جاءِ خالي ڪئي، پريان وڌيڪ چرپر ٿي ۽ پوءِ حسين جيڪو منظر ڏٺو ان سندس جسم ڪانڊاري ڇڏيو.
هن ڏٺو ته نور جو بدن اگهاڙو هو، کيس هڪ ننڍڙو انگوشو ٻڌل هو. جسم تي بي شمار ڳاڙها ۽ نيرا نشان هئس. چپ ڦاٽل، اکيون سوڄ جي ڪري بلڪل نظر نه پئي آيس ۽ وار خون ڄمي وڃڻ سبب سندس مٿي سان چنبڙي ويا هئا. هو هڪ زخمي شينهن وانگر بانبڙا پائيندو اچي شيخن تائين پهتو.
حسين بلڪل بي سڌ، وائڙين اکين سان نور کي ڏسندو رهيو، نور شيخن وٽ پهچي پنهنجا هٿ شيخن ۾ وڌا ۽ پوءِ آهستي آهستي ٿڙڪندڙ ڄنگهن ۽ ڪنبدڙ ٻانهن سان پنهنجن ڀڳل پيرن تي اُٿي بيٺو.
نور جي اٿي بيهڻ کان پوءِ حسين کيس پهريون ڀيرو غور سان ڏٺو، سندن نظرون مليون ۽ سڄل منهن، ذري گهٽ بند اکين، ڳاڙهن ۽ نيرن نشانن جي پويان حسين کي نور جي چهري تي عجيب مرڪ نظر آئي. اهڙي مرڪ جنهن هزارين لفظ ڳالهايا. جنهن سوين سنيها ڏنا. حسين ان مرڪ کي ڪو نانءُ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. اهڙو نانءُ جيڪو ان مرڪ جي شايان شان هجي. ”فاتح، مرڪ.“ اوچتو حسين کي پنهنجي ڳولها جي منزل ملي. ”ها- اها فاتح مرڪ هئي. اهڙي مرڪ جيڪا سوين ڪوٽن کي نيست و نابود ڪرڻ جي سگهه رکي ٿي. جيڪا بي وسي ۾ به ظلم کي بي وس ڪري ڇڏي فاتح مرڪ“.
حسين ۽ نور شيخن جي ٻنهي پاسي بيٺا هڪ ٻئي کي ڏسندا رهيا. حسين کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته نور سان ڇا ڳالهائي. ڳالهه ڪٿان شروع ڪري. ڪيئن کانئس پڇي ته هو ڪيئن آهي؟ ”ساٿي فڪر جي ڪا ڳالهه ڪونهي“، آخر نور آهستي آهستي ٽٽل اکرن سان ڳالهايو، ”ٻاهر ساٿين کي چئجو ته جدوجهد جاري رکن. کين چئجو ته اسان ٺيڪ آهيون، ٻه چار ڏينهن ٿاڻي جو عذاب هوندو، پوءِ جيل اماڻي ڇڏيندا. جتي حالتون بهتر آهن ۽ اتي سوين ساٿي ۽ ٻيا ڪارڪن گڏ هوندا.“
حسين کيس ڪو جواب ڏئي نه سگهيو.پنهنجا هٿ نور جي هٿن تي رکيائين، جيڪي شيخن کي پڪڙي بيٺا هئا. حسين ساڻس کوڙ ڳالهيون ڪرڻ پئي چاهيون، پر هو ڪجهه چئي نه سگهيو. هن فقط نور جي اکين ۾ نهاريو، نور جي هٿن کي پنهنجن هٿن سان مضبوط جهليائين ۽ واپس ورڻ کان پهرين فقط هڪڙو جملو چيائين ”نور پنهنجو خيال رکجانءِ.“

***

ياسمين جي اک وري ان وقت کلي جڏهن سندس ماءُ اچي دروازو کڙڪايو ۽ کيس چيو ”پٽ منجهند ٿي وئي آ، ماني تيار آ، اچي مانجهاندو ڪر.“ ياسمين ٽپ ڏئي اٿي ويٺي، کيس پشيماني پئي ٿئي ته هن ماءُ کي چيو هو ته اٿي ماني پچائيندي پر پوءِ ننڊ مان سجاڳ ئي نه ٿي.
”امان اچان ٿي.“ ياسمين ماءُ کي وراڻيو.
ياسمين جو ڪمرو هميشه ڏاڍي سليقي سان ٺهيل هوند آ. سندس ڪتابن جي الماڙي ۾ ادب ۽ سياست کان وٺي سائنس ۽ مذهبن جي ارتقا سميت ڪيترن موضوعن تي ڪتاب ڏاڍي طريقي سان رکيل هوندا آهن. سندس ڪمري ۾ هڪ ڪپڙن لٽن جي الماڙي کانسواءِ هڪ ميز ڪرسي پڻ آهي. جنهن تي به ڪتاب ۽ لکيل، اڻ لکيل ڪاغذ پيل آهن.
ياسمين کي خيال آيو ته اڄ هوءَ منجهند جي مانيءَ کان بعد، ڳوٺ ۾ ٿيل عورتن جي ميڙاڪي جي رپورٽ تيار ڪندي جنهن کان پوءِ هوءَ سائره سان ملندي. ياسمين کي دل ۾ اڻ تڻ هئي. هوءَ معلوم ڪرڻ پئي چاهي ته حسين بابت سائره ڪيئن ٿي محسوس ڪري ۽ ڇا حسين به کيس پسند ڪري ٿو؟
خيالن جو اهو سلسلو ياسمين کي ڏاڍو تنگ پيو ڪري. هوءَ ان انداز ۾ سوچڻ نه پئي چاهي ۽ سائره سان ملي کانئس حسين بابت معلوم ڪرڻ جو تصور کيس پاڻ کي ڪمتر ڪرڻ جي برابر پيو محسوس ٿئي. ”نه – آئون سائره سان ملنديس ضرور پر حسين بابت ڳالهه نه ڪنديس.“ ياسمين سوچيو، ”آءٌ مريو ٿوروئي ٿي وڃان حسين لاءِ جو پاڻ کي گهٽ ڪيان.“ ياسمين اهو سوچي ڪمري کان نڪري آئي ۽ رڌڻي ۾ وڃي ماءُ سان ڳالهيون ڪرڻ لڳي. ”امان تو مون کي سوير ڇو ڪو نه اٿاريو؟ مون توکي چيو هو ته منجهند جي ماني مان پچائينديس.“ ياسمين ماءُ کان پڇيو.
”پٽ تون گهري ننڊ ۾ هُئين ۽ ٿڪل هُئين،. سو سوچيم ڀلي ننڊ ڪري. ڀلا ماني پچائڻ ۾ ڪهڙي دير.“
”چڱو ڀلا ٺيڪ آ، هاڻ ماني لڳايون ڄاڻ بابا، منظور ۽ نورين آيا.“ ياسمين اهو چوندي پليٽون کڻي رڌڻي مان نڪري وئي ۽ وڃي دالي ۾ وڇايل دسترخوان تي رکيون. سندس ماءُ به ماني کڻي جهٽ ۾ اچي وئي. انهيءَ وچ ۾ ياسمين جو پيءُ ۽ ڀاءُ ڀيڻ پڻ اچي ويا ۽ سڀني گڏجي ماني کاڌي.
ياسمين مانجهاندي کان پوءِ تيار ٿي سائره جي گهر رواني ٿي وئي. سائره ۽ ياسمين جڏهن به ملنديون هيون ڏاڍي پيار سان ملنديون هيون پر انهن جي وچ ۾ بحث به ڏاڍا تيز ترار ٿيندا هئا. سندن وچ ۾ خاص طرح اختلاف جو سبب اهو هوندو هو جو ياسمين چاهيندي هئي ته سائره تنظيمي ڪم ۾ سرگرم ٿئي، وڌيڪ گڏجاڻين ۾ اچي، ٻين عورتن سان ملي کين انقلاب ڏانهن راغب ڪري ۽ هار سينگار تي گهٽ ڌيان ڏي. جڏهن ته سائره کيس سمجهائيندي هئي ته زندگي هڪ ڀيرو ٿي ملي، ان جو پورو لطف وٺجي. تنظيمي ڪم به ضرور ڪجي پر هار سينگار به ضروري آ. سائره جو خيال هو ته سڄو وقت رڳو اهڙي انقلاب جي نظر نٿو ڪري سگهجي جيڪو خبر ناهي اچي يا نه اچي ۽ جي اچي به ته الائي ڪڏهن. سو ڪهڙو فائدو جو پنهنجي زندگي وڃائي آخر ۾ پڇتائجي؟.
ٻئي سنگتياڻيون ننڍي هوندي کان گڏ گڏ رهيون آهن، پرائمري اسڪول کان وٺي گڏ ۽ ٻنهي جي وچ ۾ ننڍڙا ننڍڙا اختلاف به سدائين رهيا آهن. پر هاڻ ڳالهه ڪجهه مختلف هئي. هاڻ ڳالهه هئي پيار جي. ياسمين جي دل ۾ حسين لاءِ الاهي پيار هو ۽ هوءَ سمجهي پئي ته حسين به کيس پسند ڪري ٿو پر سائره الائي ڪٿان وچ ۾ اچي وئي هئي. ياسمين کي خوف هو ته متان سائره ناز نخرن ۽ ادائن سان حسين کي موهي نه وٺي. هيءَ اها لڙائي هئي جيڪا ياسمين هارائڻ نه پئي چاهي. هن ڊوڙ ۾ شڪست سندس انا کي ڏاڍو ڌڪ رسائيندي. محبت انسان کان اهڙا ڪم ڪرائيندي آهي جيڪي عام حالتن ۾ ڪندي جيڪر انسان کي ڏاڍو معيوب لڳن. پر پوءِ به ياسمين جون ڪي اخلاقي حدون هيون جيڪي هن جي خيال ۾ هوءَ اورانگهي نه سگهندي.
ياسمين جڏهن سائره جي گهر پهتي ته کيس سائره جي ماءُ ٻڌايو ته هوءَ پنهنجي ڪمري ۾ آهي. ياسمين سندس ڪمري ۾ داخل ٿي ته ان وقت سائره آئيني جي سامهون بيٺي ڊانس پئي ڪيو ۽ ٽيپ رڪارڊ تي گانا پئي هليا. هميشه جيان سائره خوش ۽ خوبصورت پئي لڳي. سندس ڪمري ۾ خوشبوئن جو واسو هو ۽ هوءَ تنگ ڪپڙن ۽ الجهيل وارن سان ڏاڍي دلڪش پئي لڳي.
گاني جي ڌن تي ڊانس جا اسٽيپ کڻندي سائره پڇيو ”ياسمين ڪيئن آهين؟
”آءٌ ٺيڪ آهيان، تون ٻڌاءِ ڇا پيو ٿئي؟“
يار آءٌ ڏاڍي مزي ۾ آهيان، خوش آهيان ۽ ڏسين پئي ڊانس پيو ٿئي. اچ ياسمين تون به شريڪ ٿي وڃ.“ سائره کيس دعوت ڏيندي چيو.
”ادي ڊانس مون کان پڄي ڪو نه، هاڻ اهو مڇيءَ وانگر ٿڙڪڻ بند ڪر ۽ اچي ويهه ته ڳالهيون ڪيون.“
سائره وڃي ڪيسٽ پليئر بند ڪيو ۽ اچي ياسمين جي سامهون ڪرسيءَ تي ويٺي. شوخ نظرون ۽ شرارتي مرڪ چپن تي آڻيندي ياسمين کي چيو، ”چڱو ڀلا بند ڪيوسون ٿڙڪڻ هاڻ ٻڌاءِ ڪهڙيون خبرون چارون آهن؟“
”خبر چار خبر آهي، توسان ڪجهه ڏينهن کان ملي ڪو نه هئس سوچيم ته توسان ملي اچان ۽ توکي جمعي تي ٿيندڙ گڏجاڻيءَ جي دعوت پڻ ڏيان.“ ياسمين چيو.
”اڇا- جمعي تي گڏجاڻي آ، مان ڪوشش ڪنديس ته اچان.“ سائره چيو.
”ڪوشش نه، توکي اچڻو پوندو. تون نٽائي ٿي وڃين.“
”اڇا بابا اينديس.“
”ڀلا اڄڪلهه پڙهي ڇا پئين؟“ ياسمين کانئس پڇيو.
”ياسمين آءٌ پڙهان پئي بانو قدسيه جو ”راجه گِڌ“
”سائره وري اهي رومانوي اجايا ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيا اٿئي. مون جيڪا توکي هوچي منهه جي ڪهاڻي ڏني هئي اها نه پڙهيئي ڇا؟“
”هوچي منهه جي ڪهاڻي بور ڪندڙ هئي، چري تون راجه گِڌ پڙهي ته ڏس. سيميءَ جو ڪردار ته پڙهه. بانو قدسيه ڪمال جو ڪردار تخليق ڪيو آ.“
”ها اهو ڪردار تخليق ئي آهي، هڪ تخيل آهي. حقيقت نه آهي. هوچي منهه حقيقت آهي ۽ اها حقيقت ئي اسان جي آجپي جي راهه ڏيندي.“ ياسمين ٿورو خفي ٿيندي چيو.
” ڏس تون ناراض نه ٿي. مون هوچي منهه جي ڪهاڻي پڙهي پوري ڪئي هئي پوءِ راجه گِڌ شروع ڪيو. مون کي خبر آ ته هوچي منهه ڪهڙين سخت حالتن ۾ انقلاب جي قيادت ڪئي، پر يار ادب به ته انسان جي آجپي لاءِ اهم آهي نه؟ جيئن هوچي منهه جي ڪهاڻي اسان کي آجپي جي راهه ٿي ڏسي تيئن خوبصورت ادب به ته اسان جي روح جي آجپي جي راهه ٿو ڏيکاري نه.“ سائره سنجيده ٿيندي چيس، ”چڱو ڀلا هاڻ ڇڏ اِن بحٿ کي ويهه ته چانهه کڻي اچان.“
سائره چانهه ٺاهڻ لاءِ ڪمري کان ٻاهر هلي وئي ته ياسمين اٿي وڃي ٽيبل تي پيل ناول جا ورق اٿلائڻ لڳي. کيس ڪنهن ڪنهن مهل سائره جا دليل ڏاڍا مضبوط محسوس ٿيندا هئا، هن کي به لڳندو هو ته واقعي انسان زندگي هڪ ڀيرو ماڻي ٿو پوءِ ڀلا ان کي رڳو تڪليفن ۽ ڊوڙ ڊڪ ۾ گذارڻ درست ٿيندو؟ پر اهڙن خيالن کي ياسمين پاڻ ئي پنهنجي ذهن مان تڙي ڇڏيندي هئي. ”ها اهو صحيح آهي ته زندگي هڪ ڀيرو ٿي ملي، پر اسان جي وطن ۾ ڪروڙين ماڻهن جي زندگي زهر ته اڳ ۾ ئي آهي، ڌارين جي ڦرلٽ ۽ پنهنجن وڏيرن ۽ جاگيردارن جون زيادتيون ۽ ڌارين سان ڀاڱي ڀائيواري ته سنڌ جي اڪثريت جي زندگي موت کان به بدتر پهرين ئي ڪري ڇڏي آهي.“ هوءَ سوچيندي هئي، ”پوءِ ڀلا جي اسان تبديليءَ لاءِ ڊڪ ڊوڙ نه ڪيون ۽ پاڻ کي تڪليفون نه به ڏيڻ چاهيون، تڏهن به ڀلا هنن ظلمن جي هوندي ڪهڙو خوش رهي سگهجي ٿو؟“
ياسمين پنهنجي آس پاس ڪيترا انسان ڏٺا آهن جيڪي ڪو به قومي ڪم ڪو نه ڪندا آهن پر پوءِ به سندن زندگيون خوشيءَ کان خالي آهن. هو انهن مادي شين جي حاصلات ۾ سرگردان رهندا آهن جن کي حاصل ڪرڻ سندن لاءِ ممڪن ئي نه هوندو آهي. ”هڪ اهڙي سماج ۾ جتي عام انسان کي صحت، تعليم، خوراڪ ۽ ڪپڙي لٽي جون سهوليتون نه هجن ۽ سندن قومي ۽ جمهوري حقن تي ڌاڙا لڳل هجن، جتي ڪڇڻ تي جيل ۽ ڦٽڪا ملن ۽ جتي عورت جانورن جهڙي ورتاءَ جو نشانو بڻيل هجي، ڪاري ڪري ذليل ۽ خوار ڪئي وڃي ۽ ماڻهن جي اڪثريت وڏيرن ۽ پيرن جي سامهون چيچلائي چيچلائي دم ڏيندي هجي. اُتي حقيقي خوشي ڪيئن ممڪن آهي؟“ هوءَ سوچيندي هئي .
”ياسمين جي تون پڙهڻ چاهين ته ڀلي ناول کڻي وڃ،“ سائره ڪمري ۾ داخل ٿيندي ياسمين کي چيو جيڪا ناول هٿ ۾ کنيو، الائي ڪهڙن خيالن ۾ گم هئي. سائره جي اوچتو ڪمري ۾ اچڻ تي، ياسمين ٿورو ڇرڪي ۽ ڳالهه نٽائيندي چيائين ”نه، بس مون ته فقط ڪجهه ورق پئي اٿلايا، نه ته اهڙا ناول مون کي ڪو خاص پسند ڪونهن.“
”ڀلي تنهنجي مرضي، پر انسان کي هر طرح جون لکڻيون پڙهڻ گهرجن، پاڻ کي محدود ڪرڻ سان ذهن محدود ٿيندو آهي.“ سائره دليل ڏيندي چيو.
”ها ادي في الحال اسان جو ذهن محدود ئي ٺيڪ آهي. غلام قومن کي صرف آزادي ۽ ڇوٽڪاري تائين ئي ذهن کي محدود ڪرڻ گهرجي،“ ياسمين چيو:
”پر ياسمين ڇوٽڪاري ۽ آزاديءَ جي دڳ کي به تلاش ڪرڻ لاءِ انسان کي گهڻ طرفي مطالعي جي ضرورت هوندي آهي نه؟ ۽ ادب ته انساني اڌمن، امنگن، خواهشن، نظرين، حاصلاتن، اڻ پورين اميدن ۽ گهٽجي ويل صدائن جي ڀرپور ترجماني ٿو ڪري. ان کي پڙهڻ کان سواءِ انساني روح ۽ انسان جو اندر ته بکيو ئي رهجي ويندو. پوءِ بکيو روح ڀلا ڪهڙي آزادي ۽ ڪهڙو ڇوٽڪارو ماڻي سگهندو؟“ سائره سنجيده ٿيندي ياسمين کي دليل ڏنو.
ياسمين سندس دليل جي پختگي ۽ لفظن جي چونڊ تي دل ئي دل ۾ ڪافي متاثر ٿي. وٽس سائره کي ڏيڻ لاءِ اهڙو ڀرپور جواب موجود ڪونه هو. ”چڱو سائره اهي بحث ته هلندا رهندا، اهو ٻڌاءِ ته تنهنجي حسين سان ملاقات ٿي؟“ ياسمين آخر پاڻ کي اهو سوال پڇڻ کان روڪي نه سگهي. پر سوال پڇڻ سان ئي کيس احساس ٿيو ته هن کي اهو پڇڻ نه گهرجي ها. سائره ان مان الائي ڪهڙو مطلب وٺندي؟ ياسمين سوچيو.
سندس سوال پڇڻ شرط سائره جي چپن تي شرارت ڀري مرڪ پکڙجي وئي. هوءَ ياسمين جي اکين ۾ اکيون وجهي کيس جانچڻ جي ڪوشش پئي ڪري، پر ياسمين سائره کان نظرون چورائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هئي. ”هون! ڇا ڳالهه آهي ياسمين، اوچتو حسين جو خيال آيو اٿي ۽ ان بابت وري پڇين به مون کان ٿي؟ جيستائين مون کي خبر آهي ته توهان جي دوستي ڏاڍي پڪي آهي پوءِ ڇا توکي خبر ڪونهي ته هو ڪنهن سان ملي ٿو ۽ ڪنهن سان نه؟“، سائره کلندي ۽ کيس چيڙائيندي چيو.
ياسمين اندر ۾ پشيمان پئي ٿئي. سندس نظرون ڪمري ۾ چوطرف پئي ڦريون ۽ هوءَ پنهنجي رئي جي ڪُنڊ کي پنهنجي آڱر تي ويڙهي ۽ کولي رهي هئي، ” نه سائره مون بس ائين ئي پڇيو، تو ٻڌايو پئي نه ته تو هن ڏانهن پنهنجو شعر لکي موڪليو هو، سو سوچيم پئي ته ڇا ان کان پوءِ ڪا ملاقات ٿي؟“ ياسمين چيو،
”اڙي يار پنهنجي اهڙي قسمت ڪٿي جو هن سان ايترو جلدي ملاقات ٿئي. اهي توهان جا ڀاڳ جو جڏهن دل چوي ته هو توهان جي خدمت ۾ حاضر ٿيو وڃي.“ سائره کيس وڌيڪ چيڙائيندي ۽ بي نيازي سان پنهنجن ڪلهن کي جهٽڪو ڏيندي چيس.
”چڱو هاڻ بڪواس بند ڪر، حرامزادي، سدائين اهڙيون ڳالهيون سجهنئي.“ ياسمين ناراضگي جو ناٽڪ ڪندي چيو. ٻئي زور زور سان ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳيون.

***

هن شهر ۾ ڪلهه گولي هلي هئي. فوج جمهوريت جي لاءِ مظاهرو ڪندڙن مٿان سڌيون گوليون هلايون جنهن ۾ اٺ ماڻهو شهيد ويا ۽ پنجاهه کن ڦٽجي پيا. ملڪ ۾ ان قتلام جي ٽي وي ۽ ريڊيو تي ڪا خبر نه هئي. اخبارن کي خبر ڇاپڻ جي اجازت نه ڏني وئي پر ماڻهو اها ڏکوئيندڙ خبر پرڏيهي ريڊيو تي ٻڌي چڪا هئا.
حميد جڏهن شهر جي بس اسٽاپ تي لٿو ته کيس ائين لڳو ڄڻ شهر ۾ راڪاس گهمي ويو هجي. هر طرف خاموشي، دڪان، هوٽل ۽ شئي شگل جا گاڏا ۽ مانڊڻيون مڪمل طرح بند. روڊ ۽ گهٽيون ويران ۽ ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهن کان سواءِ ڄڻڪ سڄو شهر خالي. روڊ تي فقط فوجين جون وڏيون خاڪي ٽرڪون بيٺل ۽ انهن تي مکيا چکيا فوجي جوان، خونخوار هٿيارن سان ليس، بلڪل تيار پوزيشن ۾ ويٺل. فوجن جون ٽرڪون ۽ هيلمٽ پاتل فوجي ڏسي، حميد کي لڳو ته ڄڻڪ هو سنڌ جي شهر ۾ نه بلڪه ڪنهن مفتوح علائقي ۾ آيو هجي، جتي بس ڏهڪاءُ جو راڄ هجي ۽ آبادي پنهنجا گهر ٻار مال متاع ڇڏي جهنگلن ۽ جبلن ڏانهن فرار ٿي وئي هجي.
حميد کي ياد آيو ته جڏهن پهرين هو هن شهر جي بس اسٽاپ تي لهندو هو ته ڏهاڪو کن ٽانگا ۽ رڪشائون ايندڙ مسافرن ڏانهن ائين ڌوڪي پوندا هئا ڄڻ سندن وچ ۾ مسافرن کي زوري پنهنجي سواري ۾ ويهارڻ جي گوءِ لڳل هجي. هر ٽانگي ۽ رڪشا وارو ڪوشش ڪندو هو ته مسافر سندس سواري استعمال ڪري. ٽانگي وارن جي هوڪرن ۽ رڪشائن جي زوڪٽ ۾ ائين ڌڌڙ اٿندي هئي. ڄڻڪ بس اسٽاپ ڏاندن جي گوءِ جو ميدان هجي. گوڙ ۾ ڪا ڳالهه ٻڌڻ ۾ ئي نه ايندي هئي.
۽ اڄ! اهڙي خاموشي جو ڀانئجي ته انسان کي پنهنجن ساهن کڻڻ ۽ دل جي ڌڙڪڻ جو آواز به صاف ٻڌڻ ۾ اچي. اڄ کيس چانهه جا هٽ، پڪوڙن ۽ مٺائين وارن جا دوڪان، ڇولن وارن جا گاڏا ۽ فقيرن جون قطارون ڪجهه به نظر نه پئي آيو. سڀ هن شهر کي ڄڻ ويران ڪري ويا هجن. ۽ ٻار ڪيڏانهن هليا ويا آهن؟ شهر جي رستن تي ٻارن جا ميڙاڪا هوندا هئا. رڙيون ڪندڙ، سنگهون وهائيندڙ هڪ ٻئي پٺيان ڊوڙون پائيندڙ، چدي راند ۽ اٽي ڏڪر کيڏندڙ، هڪ ٻئي کي بي معنيٰ سمجهي ڪچيون گاريون ڏيندڙ ٻار. اهي سڀ ڪيڏانهن هليا ويا آهن؟
حميد احتياط سان هر طرف ڏسندو شهر جي گهٽين مان ٿيندو ربنواز جي گهر ڏانهن روانو ٿيو. ربنواز هن شهر ۾ تحريڪ جو اڳواڻ آهي پر هو انتهائي روپوشي ۽ رازداريءَ سان جمهوري تحريڪ کي منظم ڪرڻ جي ڪم ۾ رڌل آهي. کيس هر قدم سوچي سمجهي کڻڻو پوندو آهي، ڇو جو جيڪڏهن سندس جمهوري سرگرمين جي ٻڙڪ به سرڪار تائين پهتي ته هو نه رڳو گرفتار ٿي جيل حوالي ٿيندو پر سندس سرڪاري نوڪري به ويندي. ربنواز جو اصلي نالو سواءِ ڪجهه ماڻهن جي، تحريڪ ۾ ڪنهن کي به خبر ڪونهي بلڪل ائين جيئن ڊاڪٽر احمد جو اصل نالو ڪنهن کي معلوم ڪونهي. تحريڪ جا سرگرم اڳواڻ انتهائي رازداريءَ سبب پنهنجن فرضي نالن سان ڪم ڪندا آهن.
حميد شهر جي مختلف روڊن ۽ گهٽين مان ٿيندو اچي ربنواز جي گهر جي گهٽيءَ تائين پهتو. هن پهرين سڀني طرفن ۾ نهاريو، ڪجهه دير انتظار ڪري پڪ ڪئي ته سندس پويان ڪو ڪڍ لڳل ڪونهي ۽ کيس ڪو به نه پيو ڏسي، جنهن بعد هن وڃي ربنواز جو دروازو کڙڪايو. جهٽ پل ۾ ربنواز اوطاق جو دروازو کوليو ۽ ٻئي اندر داخل ٿي ويا. ٻنهي جي چهرن تي نهايت سنجيدگي ۽ ڏک جا پاڇولا تري رهيا هئا. جنهن شهر ۾ فقط هڪ ڏينهن اڳ بي گناهه، هٿين خالي ماڻهن جا لاش ائين بي درديءَ سان ڪيرايا ويا هجن اتان جا رهواسي ڀلا ڪهڙو خوش هوندا.
ربنواز، حميد کي اوطاق ۾ ويهاري گهر هليو ويو ۽ ڪجهه دير بعد منجهند جي ماني کڻي اچي حميد سان ويٺو ته حميد کانئس واقعي جي پوري تفصيل پڇي.
”ساٿي، ماڻهن جو اهڙو جوش ۽ سندن اهڙي غير معمولي بي ڊپائي مون پنهنجي زندگي ۾ اول نه ڏٺي ۽ نه ٻڌي،“ ربنواز آهستگيءَ سان ڳالهائڻ شروع ڪيو.
”توهان کي خبر آهي ته ڪالهه جنرل ضياءَ هتي اچڻو هو سو جمهوري اتحاد مارشلا خلاف احتجاج ۽ مظاهري جو سڏ ڏنو هو. شهر ۾ تمام گهڻي پوليس ۽ فوج موجود هئي ۽ هتان جي فوجي ڪمانڊر اهو اعلان ڪيو هو ته شهر ۾ جنرل صاحب جي اچڻ وقت نه احتجاج ڪرڻ ڏنو ويندو ۽ نه جلسو جلوس، پر ڀلا جمهوري تحريڪ جا ڪارڪن ۽ عوام ڪٿي مڙڻ وارا هئا. اسان سڄي شهر ۾ پوسٽر هنيا، چاڪنگ ڪرائي ۽ زباني طرح سموري عوام کي اپيل ڪئي ته هو جنرل ضياءَ جي خلاف ڀرپور مظاهرو ڪري اهو ثابت ڪن ته هتان جو عوام مارشل لا نٿو چاهي ۽ هو پنهنجي محبوب وزيراعظم جي قاتل کي ڀليڪار نه چوندو.
جنرل جي هيلي ڪاپٽر پهچڻ کان ٻه اڍائي ڪلاڪ پهرين شهر جو چوڪ پوري طرح فوج ۽ پوليس جي گهيري ۾ هو ڇو جو اسان اعلان ڪيو هو ته مظاهرو چوڪ تي ٿيندو. پر اصل ۾ احتجاج فوجي ڇانوڻي تي ئي رٿيو ويو هو. اسان سمورن ڪارڪنن، ميمبرن، همدردن ۽ ٻئي عوام کي ذاتي طور زباني طرح پهرين ئي آگاهه ڪيو هو ته جيتوڻيڪ مظاهري جي جاءِ پوسٽرن ۾ شهر جو چوڪ ٻڌائي وئي آهي پر اصل ۾ احتجاج ٿيندو ڇانوڻيءَ جي ٻاهران جتي، جنرل ڪاڻو اچي پيو. اها اسان جي فوج کي ڀنڀلائڻ جي حڪمت عملي هئي. جنرل جي اچڻ کان پهرين، لِڪ ڇپ ۾ سوين ماڻهو ڇانوڻيءَ جي پسگردائي ۾ جمع ٿيڻ شروع ٿي ويا، وٽن احتجاجي پلي ڪارڊ به هئا ته بينر به، پر سڀ ڪجهه لڪل هو. بس عوام کي انتظار هو جنرل ضياءَ جي اچڻ جو.
ڇانوڻيءَ ۾ به فوج وڏي تعداد ۾ موجود هئي ۽ سپاهي ٻاهر پهري تي به بيٺل هئا، سندن ٽرڪون به بيٺل هيون. پر جيئن ته کين وهم گمان ۾ به نه هو ته هتي احتجاج ٿيندو، تنهنڪري هو بلڪل ڦڙت ۽ تياريءَ ۾ نه هئا ۽ هنن ڇانوڻيءَ جي پسگردائي ۾ آهستي آهستي گڏ ٿيندڙ ماڻهن ڏانهن ڌيان ئي نه ڏنو، انهن ماڻهن مان ڪن سان گڏهه هئا جن کي ڏسي لڳو پئي ته هو ڇانوڻيءَ سان لڳ وهندڙ شاخ مان گڏهن کي وهنجارڻ آيا آهن، ڪي انگوڇن ۽ پوتڙن ۾ هئا جيڪي علائقي جا هاري ٿي لڳا ته ڪي وري اهڙا شاگرد پئي لڳا جيڪي اسڪول جا پيرڊ گسائي اچي وڻن هيٺان ويهي ٻيڙيون ۽ سگريٽ ڇڪيندا آهن، پر هي سڀ همراهه بس هڪ نعري جي انتظار ۾ هئا.
اوچتو آسمان ۾ گرڙ گرڙ شروع ٿي وئي ۽ جنرل ضياءَ الحق جو هيلي ڪاپٽر ظاهر ٿيو. هيلي ڪاپٽر آهستي آهستي هيٺ ٿيندو ويو ۽ هيلي پيڊ کان ڪجهه پرڀرو فوج جو مقامي ڪمانڊر، سول ۽ فوجي آفيسر، وڏيرا، ڪامورا سڀ قطار ۾ اٽينشن جي پوزيشن ۾ بيٺا هئا.
ڇانوڻيءَ جي مين گيٽ کان ٿورو پرڀرو اوچتو هڪ تحريڪي ڪارڪن احتجاجي جهنڊو کڻي ظاهر ٿيو ۽ هڪ زوردار نعرو هنيو، ”جمهوريت- بحال ڪيو“ ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي ڪيترائي ماڻهو آس پاس کان ظاهر ٿيا، وڻن تان لٿا، شاخ مان نڪتا ۽ ٻنين مان ڊوڙندا آيا، هنن پنهنجن ورن مان جهنڊا، بينر ۽ پلي ڪارڊ ڪڍيا ۽ فضا بس نعرن سان گونجڻ لڳي. ”جيڪو مارشل لا جو يار آ، غدار آ غدار آ. جيڪو فوجين جو يار آ ، غدار آ غدار آ، جمهوريت بحال ڪيو، جنرل ضياءَ تي لعنت بيشمار!“
ماڻهو تمام گهڻا جذباتي هئا. هنن جيئن ڏٺو ته جنرل ضياءَ جو هيلي ڪاپٽر زمين تي لهڻ وارو آهي تيئن هنن هيلي ڪاپٽر کي ڀونڊا ڏيڻ شروع ڪيا. ڄڻڪ ڀونڊا نه هجن پٿر ۽ پادر هجن جيڪي هزارين فوٽ مٿي اڏامندڙ هيليڪاپٽر کي نه بلڪه جيئري جاڳندي انسان کي هنيا پيا وڃن. مڇريل ماڻهن جو اوچتو مظاهرو ڏسي پهرين فوجي بتال ٿي ويا. پر پوءِ هنن هڪدم پنهنجون صفون ٻڌيون. پوليس جون به ڪجهه گاڏيون اچي ڇانوڻي وٽ پڳيون. فوجين ۽ پوليس وارن هاڻ مظاهرو ڪندڙن طرف پنهنجون بندوقون سڌيون ڪيون، ۽ کين هليو وڃڻ جو حڪم ڏنو.
پر احتجاج ڪندڙن بندوقن کي ليکي ۾ ئي نه آندو. هنن پنهنجا پلي ڪارڊ سڌا ڪيا، بينر اڀا ڪيا ۽ گڏهن مٿان وڏن اکرن ۾ ”ضياءُ الحق“ لکيل پوسٽر چنبڙائي ڇانوڻيءَ ڏانهن روانا ڪري ڇڏيا. ڇانوڻي وارو علائقو جنگ جو ميدان ٿي ويو هو. عجيب نظارو هو. هڪ پاسي باوردي ۽ چست فوجي بندوقون سڌيون ڪيو بيٺا هئا، انهن کان ڪجهه اڳيان ڦلهڙي پوليس جي قطار هئي ۽ سندن سامهون هينگون ڪندڙ گڏهه ڪڏي رهيا هئا جن مٿان ضياءُ الحق لکيل هو. پوزيون هڻندڙ انهن گڏهن جي پويان احتجاجي مظاهرو ڪندڙ عوام هو، جيڪو اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي رهيو هو. ڇانوڻيءَ اندر، فوج جو ڪمانڊر ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو هو. سندس جنرل هيلي ڪاپٽر مان لهي ٿڌي ۽ صاف ڪمري ۾ آرام سان چانهه پي رهيو هو.
پر ڪمانڊر، برگيڊيئر عاطف اندر ئي اندر ۾ وڍ ويٺي کاڌا. هن پنهنجي نائب کي آهستگيءَ سان حڪم ڏنو ته ٻاهر وڃي صورتحال تي ڪنٽرول ڪري.
”عاطف يه باهر ڪيا هور رها هي، ڪون لوگ هين؟“ اوچتو جنرل ضياءَ پنهنجي ڪمانڊر کان سوال ڪيو. ڪمانڊر صاحب جو هيٺان مٿان پئي پگهر وهيو، کيس سمجهه ۾ نه پئي آيو ته پنهنجي باس کي ڪهڙو جواب ڏئي. ”سر ڪڇ بدتميز اور ملڪ دشمن لوگ هين“ ڪمانڊر جنرل ضياءَ کي جواب ڏنو ”آپ بي فڪر رهين ايوري ٿنگ ول بي انڊر ڪنٽرول، سر.“
جنرل ضياءَ پنهنجي ڪمانڊر جي اکين ۾ گهوري ڏٺو جيڪو جنرل جي گهور کان لنوائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. هو اڄ پنهنجي جنرل جي اچڻ جي ڏينهن تي، پنهنجي در تي احتجاج نه روڪي سگهيو هو ان تي کيس سخت پشيماني ۽ شديد ڪاوڙ اچي رهي هئي. هن لاءِ پنهنجي ستاويهن سالن جي فوجي زندگي ۾ اڄ سڀ کان وڌيڪ بي عزتيءَ جو ڏينهن هو ۽ پنهنجي بي عزتيءَ تي هو دل ئي دل ۾ ٻاهر بيٺل گندن ۽ غدار ماڻهن مان ڪئي سون کي گوليون هڻي ماري چڪو هو.
پر ٻاهر نظارو ڪجهه ٻيو هو. احتجاج جو هي نرالو رنگ هو. فوجين پوليس وارن کي حڪم ڏنو ته هو گڏهن کي سوگهو ڪن ۽ مٿن ”ضياءُ الحق“ جي نالي جا پوسٽر هٽائين، سو ڦيڦا پوليس وارا ميدان ۾ گڏهن کي پڪڙڻ ۾ مشغول هئا. گڏهن کي به مستي سجهي هئي سو هينگون ڪندا پئي پوليس وارن سان کيڏيا. گڏوگڏ عوام جو احتجاج ۽ نعري بازي به جاري هئي ۽ ماڻهن جو انگ وڃي پيو وڌندو.
”مين چاهتا هون ڪي باهر احتجاج ڪرني والي عوام سي خود جا ڪي ملون اور ان ڪي مسائل پوڇون.“ اوچتو جنرل ضياءَ ڪمري ۾ ويٺي ويٺي برگيڊيئر عاطف کي چيو.
برگيڊيئر جو ساهه خشڪ ٿي ويو. کيس سمجهه ۾ نه پئي آيو ته سندس جنرل کي هي ڪهڙو ڀوت سوار ٿيو آ؟ ڇو کيس عوامي ليڊر ٿيڻ جي تمنا جاڳي آ ۽ سا به اهڙي وقت ۽ هنڌ جيڪو تپيل تئي وانگر تتل آهي ۽ جيڪو هر شئي کي ڀسم ڪري سگهي ٿو.
”سر اس وقت يه شايد مناسب نه هو، باهر جمع لوگ ملڪ دشمن اور دهشتگرد هين ان سي بات ڪرني ڪا ڪوئي فائده نهين. آپ اگر چاهين گي تو هم معزز لوگون سي آپ کي ملاقات ارينج ڪرلين گي.“ برگيڊيئر جنرل ضياءَ کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
پر طاقت جو نشو به عجيب شيءِ آهي. انسان کي پاڻ تي اهڙو ڪوڙو اعتماد ٿي پوندو آ جو کيس لڳندو آ ته هو جيڪو ڪرڻ چاهي ڪري سگهي ٿو، سندس هڪ نظر، هڪ لفظ ۽ ڀرون جو هڪ اشارو اڇلون کائيندڙ سامونڊي لهرن جا رستا موڙي سگهي ٿو. حڪمرانن جي چوڌاري چمچن جون قطارون کين سندن مافوق الفطرت طاقت هجڻ جو اهڙو يقين ڪرائين ٿيون جو هو واقعي پنهنجي هڪ خيالي دنيا ۾ ئي رهن ٿا. جنرل ضياءَ کي پڻ اڄ ڪوڙي خود اعتماديءَ جو دورو پيو هو يا جيئن سنڌي ۾ چوندا آهن ته، ڳوهه کي موت کڻي ته شهر جو رخ ڪري، سو جنرل ضياءَ پنهنجي آواز ۾ هاڻ حڪم جو عنصر پيدا ڪندي چيو، ”عاطف مين اس طرح ڪي ڪئي حالات سي نمٽ چڪا هون، مين جا ڪي بات ڪرون گا، ان مظاهرين سي، آخر هم پاڪستان ڪا استحڪام اور اسلام ڪي سربلندي چاهتي هين تو ڦر به لوگ همين ڪيون نهين سنين گي؟“ ائين چوندي جنرل ضياءَ اُٿي بيٺو ۽ گڏوگڏ ڪمري ۾ ويٺل سمورا آفيسر، ڪامورا، وڏيرا پڻ ٿڙندا ٿاٻڙندا اٿي بيٺا.
برگيڊيئر عاطف جو ساهه مڪمل طور ڇڏائي ويو هو. سندس منهن اڇو ٿي ويو ۽ دل ئي دل ۾ هن کي جيڪي آيتون ۽ انترمنتر ياد هئا سڀني جو ورد شروع ڪري ڏنائين. کيس خبر هئي ته اڄ هو اهڙو خوار خراب ٿيندو جهڙو ڪڏهن نه ٿيو.
”اوکی سر. آپ دو منٹ تشريف رکھيں ميں حالات کا جائزه ليکر آتا ہون“ برگيڊيئر عاطف پاڻ سنڀاليندي آخري ڪوشش ڪئي، پر جنرل ضياءَ سندس ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪندي ڪمري مان نڪري چڪو هو. جنرل جيئن ڪمري مان ٻاهر نڪتو، کيس سلوٽن جو وسڪارو شروع ٿي ويو، برگيڊيئر تڪڙا تڪڙا قدم کڻندو اچي سندس پويان ٿيو. فوج جا ڪمانڊو، اسپيشل گروپ جا سندس باڊي گارڊ ۽ پوليس جي نفري کين چوڌاري حفاظت ڪندي ڇانوڻيءَ جي مين گيٽ ڏانهن رواني ٿي وئي. ٻاهر مظاهرو ڪندڙن جو فوج ۽ پوليس سان دنگل جاري هو.
احتجاجي ماڻهو تکي نعري بازي ڪري رهيا هئا پر پوليس وارن هاڻ گڏهن کي قابو ڪري ورتو هو ۽ مٿن ”ضياءُ الحق“ جي نالي وارا پوسٽر هٽائي ڇڏيا هئا.
فوجي اڃا بندوقون سڌيون ڪيو بيٺا هئا. اوچتو مظاهرو ڪندڙن پري کان گيٽ مان جنرل ضياءَ ۽ ٻين آفيسرن کي ٻاهر ايندي ڏٺو. جلوس ۾ سانت اچي وئي. اهڙي سانت جيڪا طوفان جي اچڻ جو سنيهو ڏيندي آ. جلوس جي ماڻهن کي پنهنجين اکين تي يقين نه پئي آيو ته آيا هو واقعي جنرل ضياءَ آهي يا ڪو ٻهروپيو، اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته جنرل ضياءَ پاڻ مظاهري دوران اچي نڪري، کين يقين نه پئي آيو. ضياءَ الحق منجهن اهڙي سانت ڏٺي ته کيس پنهنجي آفاقي طاقت تي يقين اڃا پختو ٿيو. هن ڳلو صاف ڪيو ۽ ڳالهائڻ شروع ڪيو. ”ميري هم وطنو....“
پر بس هو صرف اهي ٽي لفظ ئي ڳالهائي سگهيو. جنرل جي انهن ٽن لفظن سان احتجاج ڪندڙن تي اها ڳالهه واشگاف ٿي ته سندن سامهون بيٺل شخص ٻهروپيو نه بلڪه پاڻ جنرل آهي. پوءِ ته بس جلوس ۾ هوڪرا پئجي ويا. نعرن ۾ اوچتو تيزي اچي وئي. ”جيڪو ضياءَ جو يار آ، غدار آ غدار آ. جيڪو ڪاڻي جو يار آ، غدار آ غدار آ، جيڪو مارشل لا جو يار آ، غدار آ غدار آ، جمهوريت بحال ڪيو، فوج تي لعنت بي شمار، آمريڪا مرده باد.“ ماڻهو نعرا هڻندي، هوڪرا ڪندي جهمريون هڻڻ لڳا.
ضياءَ الحق هڪ دفعو کين وري مخاطب ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن اڃا وات کوليو ئي مس ته جلوس ۾ انگوڇن ۽ پوتڙن وارن همراهن پنهنجا انگوڇا ۽ پوتڙا کولي، پنهنجون شرم گاهون وائکيون ڪري جهمريون شروع ڪري ڏنيون ”ضياءَ ڪتو مرده باد، آمريڪامرده باد، جمهوريت، بحال ڪيو.“
ماڻهن جو جوش ۽ ولولو ڏسڻ جهڙو هو. ائين پئي محسوس ٿيو ڄڻ سنڌو پنهنجا بند ٽوڙي، ڪچي ۾ ڪاهي پيو هجي ۽ صدين کان خاموش ڪارونجهر ڦاٽ کاڌو هجي. ماڻهن جو انبوهه هر خوف کان آزاد ٿي ويو هو، کين جنرل، سندس فوج، سنگينون بندوقن جا نال، گولين جا چمڪندڙ پٽا، فوجي رعب ۽ دٻدٻو سڀ نيچ ۽ حقير پئي لڳا. هو اندر جي خوف کي هڪ طوق جيان ڳچيءَ مان لاهي ڦٽو ڪري چڪا هئا. هنن هڪ لمحي لاءِ بنا ڏهڪاءَ جي آزاد فضا ۾ ڪي ساهه کنيا هئا ۽ هو انهن چند ساهن جي سرور ۾ اهڙا مدهوش ٿي چڪا هئا جو کين هر ظلم جي مورت پيرن هيٺان لتاڙجندي پئي محسوس ٿي. هنن پرجوش ماڻهن هڪ ڀيرو، فقط هڪ ڀيرو ڏاڍي ۽ ظالم سان اکيون اکين ۾ وجهي کيس ڪمزور ۽ گيدي چوڻ جو مزو ماڻيو هو ۽ کين محسوس ٿيو هو ته سندن ڏوجهرن ۾ چيٿاڙيل زندگي سڦل ٿي وئي هئي. چند ساعتن ۾ هنن هڪ مڪمل، آزاد ۽ بي نياز زندگي گذاري ورتي هئي. هاڻ جي زندگي نه رهي ته کين ڪو اُلڪو تشنگي نه رهندو.
زوردار ٺڪاءَ ٿيو ۽ ڪنهن جو نعرو ٿڙڪندڙ چپن ۾ اٽڪي پيو. جسم زمين تي ڪريو پر جهنڊو فضا ۾ بلند ٿيو. ڪنهن ڪريل جسم کي ٻانهن ۾ کنيون ۽ اٽڪيل نعري کي چمي ڏئي اکين سان لاتو.
فوجين جو هڪ جٿو جنرل ضياءَ کي حفاظت ڏيندي ڇانوڻي ۾ اندر وٺي وڃي چڪو هو ۽ گيٽ وٽ عاطف ڪنبندڙ هٿن ۾ پستول جهليو بيٺو هو جنهن مان هن هينئر فائر ڪيو هو. جلوس هاڻ مڇر جي ويو هو، سندس اڀ ڏاريندڙ نعرن ۾ اڃا تيزي اچي وئي هئي ۽ ماڻهو فوج طرف الرون ڪندي وڌندا ويا.
برگيڊيئر عاطف هڪ ٻيو فائر ڪيو ۽ هڪ ٻيو ساٿي ڪريو، سندس جاءِ وٺڻ لاءِ ڪيترا وڌي آيا. پوئين صفن ۾ موجود ساٿين فوجين ۽ پوليس تي پٿر اڇلائڻ شروع ڪيا، ڪن پنهنجن بينرن مان ڏنڊا ڪڍي، سپاهين تي وسڪارو ڪري ڏنو.
”سبق سکائو ان حرامزادون ڪو،“ برگيڊير عاطف جو آواز گونجيو ۽ گڏوگڏ مشين گنن جا منهن کلي ويا. مشين گنون پٽن جا پٽا کائي ويون. ٺڪائن جو اڻ کٽ سلسلو، گولين جو وسڪارو، بارود جي ڌپ چوطرف ۽ دونهين ۽ مٽي جا ڪڪر. هٿين خالي انسانن جا سينا. ساٿي ڪرندا ويا ۽ سندن جاءِ تي ٻيا ساٿي نعرا هڻندا وڌندا رهيا. جوڌن آڏو ڄڻ هيءَ راند هئي. نه ته ڀلا ائين ڪو مقتل ڏانهن وڃي سگهي ٿو؟
جيڪي ساٿي زخمي پئي ٿيا ٻيا انهن کي پنهنجن ڪلهن تي کڻي اسپتالن ڏانهن ڊوڙندا پئي ويا. مڇريل ماڻهن جو انبوهه ڇانوڻيءَ ڏانهن وڌندو رهيو. فوج جي صفن ۾ ڪنبڻي مچي وئي هئي. پهرين برگيڊيئر عاطف پويان پير ڪيا. پوءِ سندس نائبن جا چهرا غائب ٿيا ۽ آهستي آهستي پٿرن جي وسڪاري جي وچ ۾ فوجين ۽ پوليس جون ٽرڪون غائب ٿي ويون.
ڇانوڻي جي پسگردائي جو ميدان، مياڻيءَ جو ميدان ٿي ويو هو. ڳاڙها جهنڊا، ڳاڙهي رت ۾ رنڱجي اڃا وڌيڪ ڳاڙها ٿي ويا هئا. ڪيترن ساٿين جا بي جان جسم ڏاڍي سڪون سان مقتل گاهه ۾ رکيا هئا. جڏهن ته زخمين کي آهستي آهستي اسپتالن ڏانهن پهچايو پئي ويو. سول اسپتال جون ڪجهه ايمبولينسون پڻ اچي ويون هيون ۽ سڄو علائقو هڪ عارضي اسپتال جو منظر پئي لڳو.
هر طرف جهنڊا، بينر، پلي ڪارڊ ۽ لاش پيل هئا. ڪي زخمي پنهنجن ڦٽن تي هٿ رکيو، سور ۾ ٻيڻا ٿيو، اسپتال جي عملي جو انتظار ڪري رهيا هئا ته ڪي وري گولين جو کاڄ ٿيڻ کان بچي وڃڻ وارن کان پنهنجن زخمن تي انگوڇن ۽ قميضن سان پٽي ٻڌرائي رهيا هئا ته جيئن سندن وهندڙ خون بند ٿي وڃي. نما شام مهل جڏهن پاڇا پوري طرح لڙي چڪا هئا ۽ آسمان تي ڳاڙهاڻ جو ڏيک پڌرو هو تڏهن ميدان تان آخري لاش کي نيو ويو.“

***