7
اوچتو جنرل ضياءَ پنهنجي بغل مان لڪڻ ڪڍي پنهنجي ٻئي هٿ جي تري تي آهستي آهستي هڻڻ شروع ڪيو ۽ هڪ ڀرون مٿي ڇڪيندي برگيڊيئر عاطف ڏانهن نهاريو.
برگيڊيئر پنهنجي جنرل جي نهار سهي نه سگهيو ۽ ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيائين.
ڪمري ۾ سمورا فوجي آفيسر، ڪامورا، پوليس جا آفيسر ۽ تر جا وڏيرا ڪنڌ هيٺ ڪيو اهڙو خاموش ويٺا هئا ڄڻ ڪنهن جي مرتئي تي آيا هجن ۽ سندن سامهون جنرل ضياءَ نه پر سندس لاش رکيو هجي.
”تم لوگون کی میا کيوں مرگئی ہے؟“
نيٺ جنرل پاڻ ئي رڙ ڪئي، ” یہ سب کيا بدتميزی ہی، عاطف، تيری بولتی کیوں بندہی؟“
”سر.....دراصل“ ، عاطف جيڪو اندر ۾ انتهائي بي عزتيءَ جي احساس سان ويٺو هو تنهن ڪنڌ مٿي ڪرڻ کان سواءِ آهستي آهستي ڳالهائڻ شروع ڪيو،”ہم اس احتجاج کے لئے بلکل تیار نہيں تھے...“
”وه تو مجهے بهے نظر آرہا تھا، بیوقوف.“جنرل ضياءَ عاطف جو جملو اڌ ۾ ڪٽيندي کيس چهڪ ڏنو، ”لیکن یہ لوگ يہان تک پھنچے کیسے اور کس کے آدمی ہیں؟“
”سائين يه دوسري وڏيري ڪي آدمي ٿي، جو آپ ڪي خلاف هي.“ ٽپ ڏئي وڏيري جمن خان، برگيڊيئر عاطف کان پهرين جواب ڏنو.
وڏيري کي چمچه گيري جي روايت برقرار رکندي اميد هئي ته هو هن موقعي تي به جنرل صاحب جي نظرن ۾ ڪجهه وڌيڪ مارڪون ٺاهيندو، پر جنرل هن وقت ڪنهن به رک رکاءَ يا اخلاقيات کي برقرار رکڻ جي موڊ ۾ نه هو. وڏيري جمن خان کي ڪاوڙيل نظرن سان جنرل چند ساعتن لاءِ ڏٺو ۽ پوءِ يڪدم ڦاٽ کاڌائين، ”تم سي ڪسي ني پوچها سويلين جاهل؟ اتني تميز نهين که جب دو افسر بات ڪر رهي هون تو چمچون ڪو منهه بند رکنا چاهئي. نڪل جائو يهان سي.“ جنرل ضياءَ کي خبر ناهي اڄ الائي ڇا ٿي ويو هو! هو عام طرح ڏاڍو ٿڌو ۽ قربائتو هوندو هو ۽ ڪاوڙ ته ڪو کيس ورلي ايندي هئي، پر اڄ سندس جهڙي گڦ پئي ڳڙي. اهڙي ته ڪڏهن عاطف به نه ڏٺي هئي.
وڏيري جمن خان پنهنجي عزت سڀني جي سامهون ٽڪي جهڙي ٿي وڃڻ کان پوءِ به هار نه مڃي ۽ وڏي نوڙت سان ٻانهون ٻڌي جنرل کي عرض ڪيائين، ”سائين، صدر صاحب معاف کرو، غلطی ہوگئی، آگے سے بيچ میں نہيں بولين گی ميں تو صرف....“
جنرل، وڏيري جمن جي ڳالهه وري ڪٽيندي کيس چيو، ”اچھا چپ کرو.... اور یہ تم ہاتھ جوڑ کر کيوں کھڑے ہو؟ ملتے ہو تب بھی ہاتھ جوڑ کر، بنیوں کی اولاد. نکلو يہاں سے“
برگيڊيئر عاطف محسوس ڪيو ته جنرل ڏاڍو تپيل آ، ساڻس هن وقت ڪنهن جو به ڳالهائڻ مناسب ڪونهي سو هن وڏيري جمن کي اک سان هليو وڃڻ جو اشارو ڪيو. وڏيرو پنهنجي ٽوپي سنڀاليندو. ڪنڌ هيٺ ڪري ميس مان نڪري ويو.
”جي. عاطف صاحب بتائیں یہ سب کيون ہوا اور کس نے کيا. ”را“ کي ایجنٹ کيا يہاں بھی گهس آئے ہيں؟” جنرل ضياءَ وڏيري جمن جي ڪمري مان نڪري وڃڻ کان پوءِ وري عاطف ڏانهن ڦرندي پڇيو.
“سر- يہاں بھی ہيں کچھ ملک دشمن عناصر اور انہيں کچھ مقامی وڈيرون کی پشت پناہي بھی حاصل ہی . ليکن سر.... بہت جلد ہم ان کا قلعہ قمع کر ديں گی. آج جو ہوا وه فِر کبھی نہ ہوگا، آئی وِل میک شور آف ديٹ”. برگيڊيئر عاطف پنهنجي باس کي ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
‘‘ليکن مجھی سمجھ میں نہيں آر ہا يہ کون لوگ ہيں جو نظام مصطفيٰ کی مخالف ہیں.’’ جنرل ضياءَ پنهنجي چهري تي اچرج جو تاثر پيدا ڪندي چيو، ‘‘ميں تو اسلام کی سربلندي کے لئے کام کر رہا ہوں، ملک سے گندے اور غير اسلامی قوانين کا خاتمہ کر کے ان کی جگھ پر اسلامی قوانين نافذ کر رہا ہوں اور یہ لوگ ہيں جو خود کو باب الاسلام کی لوگ کہتے ہيں، وه ايک مسلمان حکمران کو اپنے گندی گندی چيزيں دکھا رہي ہيں.؟’’
برگيڊيئر عاطف پنهنجي جنرل جا فيلسوفاڻا خيال ٻڌي خاموش رهيو ۽ ها ڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندو رهيو.
”خير... عاطف آئي ايم آف ناؤ. ميرے پنڈے میں ایک میٹنگ ہی۔ لیکن ڈہ واٹ ایور اِٹ ٹیکس ٹو اسٹاپ دس نان سینس دو دِن میں مجھی رپورٹ بھیجو کے یہ ڈراما کیا تھا اور گرفتار کرو ‘‘را’’ کے ایجنٹون کو جو پاکستان کو غیر مستحکم کر رہی ہیں“، جنرل ضياءَ حڪم جاري ڪندو اٿي بيٺو، سمورا ماڻهو به سندس پويان اٿي بيٺا ۽ ٻاهر هيلي پيڊ ڏانهن روانا ٿي ويا، جتي جنرل صاحب جو هيلي ڪاپٽر تيار بيٺو هو.
***
هڪ هڪ ڪري سمورا ساٿي ڳجهي جاءِ تي پهچي ويا هئا. اڄ پارٽيءَ جي اهم گڏجاڻي هئي. ٻن ڏينهن کان پوءِ جيڪو احتجاج ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ٿيڻي هئي ان جي رٿابندي ۽ ڪمن جي ورڇ اڄ جي گڏجاڻيءَ ۾ ٿيڻي هئي.
ڀائو سليمان، جيڪو احتجاج ڪميٽيءَ جو صدر هو، سو ڪنهن گهري سوچ ۾ هو ۽ ويٺي سگريٽ جا سوٽا هنيائين. تنظيم جي ضلعي اڳواڻ ڊاڪٽر احمد نيٺ گڏجاڻيءَ جي شروعات ڪئي ۽ پهرين ساٿي حميد کان سندس دوري جي رپورٽ پڇيائون. حميد ڪالهه ئي ان شهر مان واپس وريو هو جتي فوج احتجاج ڪندڙن تي فائرنگ ڪري اٺن ڪارڪنن کي شهيد ۽ ڪيترن کي زخمي ڪري ڇڏيو هو. حميد گڏجاڻيءَ کي سڄي پيرائتي رپورٽ ٻڌائي.
گڏجاڻيءَ ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ ڇانئجي وئي. ساٿي حميد جي رپورٽ کان بعد، حُسين گڏجاڻيءَ کي نور ۽ ڪريم سان ملاقات ۽ سندن مٿان ٿيل تشدد جي ڄاڻ ڏني.
”اسان جي ساٿين تي وحشياڻو تشدد ٿيو آهي. اها انتهائي ڏک جي ڳالهه آهي. پر اسان کي معلوم ڪرڻ گهرجي ته فوج ۽ پوليس تي گرفتارين وقت فائرنگ ڪنهن ڪئي؟ ڊاڪٽر احمد چيو، ”هيءَ جمهوري تحريڪ پرامن آهي پر ڪي ماڻهو ان کي تشدد جو رنگ ڏئي رهيا آهن.“
ڊاڪٽر احمد جي ڳالهه جو جواب ڪنهن وٽ به نه هو. ڀائو سليمان نيٺ پنهنجو سگريٽ وسايو ۽ ڳالهائڻ شروع ڪيائين. ”ساٿيو فوج مٿان جنهن به فائرنگ ڪئي ان تحريڪ کي ڪو فائدو نه رسايو بلڪه ان سان نقصان ئي ٿيندو ۽ فوج کي وڌيڪ موقعو ملندو ته اسان جي پرامن جمهوري تحريڪ کي طاقت سان ڪچلي.
خير ان کي معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي ته ڪير آهن اهي ماڻهو جيڪي تحريڪ کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش پيا ڪن. في الحال پاڻ کي فوج پاران ساٿين کي شهيد ڪرڻ ۽ بي گناهه ماڻهن تي تشدد خلاف ڀرپور احتجاج جي تياري ڪرڻي آهي.“ ڀائو سليمان چيو.
”ساٿيو. هن ڀيري احتجاج اهڙو هجي جو فوجي ايوانن ۾ ٿرٿلو مچي وڃي ۽ اسان کي اهڙي تدبير ڪرڻ گهرجي جو سڄي ضلعي ۾ مڪمل ڦيٿا روڪ هڙتال هجي.“ ڊاڪٽر احمد راءِ ڏني.
”اسين ٽرانسپورٽ ۽ دوڪاندارن جي ايسوسيئيشن سان ڳالهائينداسون ۽ کين پنهنجا ڪاروبار بند رکڻ تي راضي ڪنداسون،“ مراد چيو
”پر رڳو ساڻن ڳالهائڻ ئي ڪافي ڪونهي.“ حسين چيو، ”اسان کي ڪي اهڙا اپاءَ پڻ ڪرڻا پوندا جن جي ڪري ٽرانسپورٽ هلي نه سگهي.“
”ڇا مطلب آهي توهان جو؟“ ڊاڪٽر احمد سوال ڪيو.
”ڊاڪٽر پاڻ ڪا هڪ اڌ سرڪاري بس ساڙيون، بجلي سپلاءِ ڪندڙ لائين کي نقصان پهچايون، اسڪولن جي تالن کي خراب ڪري ڇڏيون جو اهي کلي نه سگهن ۽ اسڪولن ۾ پڙهائي ٿي نه سگهي. ۽ ٻن چئن هنڌن تي ٽائرن وغيره کي باهيون ڏيون ته جيڪي ماڻهو پنهنجا ڪاروبار بند نه به ڪرڻ چاهيندا هجن اهي بند ڪرڻ تي مجبورٿين.“ حسين جواب ڏنو.
ڀاءُ سليمان ڄڻڪ ڪنهن سوچ مان نڪتو ۽ سوال ڪيائين، ”پر انهن عملن سان عوام اسان جي خلاف ته ڪو نه ٿيندو؟ پاڻ پرامن تحريڪ جا حامي آهيون، پوءِ انهن عملن جو مطلب ڪهڙو ورتو ويندو؟“
”ڀائو سليمان عوام جي اڪثريت اسان جي تحريڪ جي حمايت ڪندڙ آهي پر ڪي ماڻهو آهن جيڪي فوج جا حمايتي ۽ جمهوريت جا مخالف آهن انهن کي ڪنهن به صورت ۾ پاڻ ڏانهن ڪري نٿو سگهجي، انهن کي پنهنجا ڌنڌا ڌاڙي بند رکڻ لاءِ اهي طريقا تمام ضروري آهن. جيستائين پرامن هجڻ جو تعلق آهي ته اسين پرامن ئي رهنداسون. اسان ڪنهن جي خلاف تشدد ته ڪو نه پيا ڪيون.“ مراد چهري تي مرڪ آڻيندي ۽ ڀائو سليمان کي اک ڀڃندي چيو.
”ٺيڪ آهي.“ ڀائو سليمان رضامندي ڏيکاري. ”مراد ۽ سلطان دوڪاندارن ۽ ٽرانسپورٽ جي ايسوسيئيشن سان ملندا، حميد ۽ محمد بخش سڀاڻي رات ڪجهه ٻين ساٿين کي ساڻ ڪري هڪ ٻن سرڪاري بسن کي باهه ڏيندا، ساٿي حسين، ساٿي دلدار کي ساڻ ڪري سڀاڻي رات بجلي جي سپلاءِ لائين کي ناڪاره ڪندو. جنهن بعد سوڳ ڪميٽيءَ جا سمورا ساٿي ڳجهي جاءِ تي اچي گڏبا، جتي ننڍڙا ڪوڪا ڪاٺيءَ جي ٽڪرن تي هڻي انهن کي شهر ۾ ايندڙ ويندڙ رستن تي اڇلائي ايندا ته جيئن جيڪڏهن ڪا گاڏي نڪري به ته ان جا ٽائر پنڪچر ٿي وڃن ۽ هلي نه سگهي. ان سان گڏوگڏ ساٿي حسين وڃي شهر جي اسڪولن جي تالن ۾ کونئر يا ايلفي وجهي انهن کي ناڪاره بڻائيندو ۽ مراد ۽ سلطان پوسٽر لکي ٻين ساٿين ۽ همدردن کي ڏيندا ته اهي سڄي شهر ۾ چنبڙائي عام ماڻهن کي احتجاج ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال کان باخبر ڪن.“
صورتحال جي حال احوال ۽ ذميوارين جي ورهاست کان پوءِ گڏجاڻي پوري ٿي ۽ سمورا ساٿي ڳجهي جاءِ مان هڪ هڪ ڪري روانا ٿي ويا.
***
”ميري مخرو طي انگليان ڪرچيان چنتي هين.“
رات ڪافي گذري وئي هئي، هر طرف سانت هئي، بس ڪنهن ڪنهن وقت هوا جو جهوٽو وڻن جي پنن سان راند کيڏندي، سرڙاٽ پيدا پيو ڪري. حسين پنهنجي ڪمري ۾ ڪرسيءَ تي ويٺو ڪتاب پڙهي رهيو هو ۽ سندس ميز تي ڪتاب ۽ ڪاغذ وکريل هئا.
هو سڄي ڏينهن جي سرگرمين کان پوءِ ٿڪجي پيو هو پر رات جو گهر جي ڇت تي ٺهيل پنهنجي ننڍڙي ڪمري ۾ ويهي ڪتاب پڙهڻ کيس ڏاڍو سٺو لڳندو هو. هينئر جڏهن هو ڪامريڊ لينن جي چونڊ لکڻين جو ڪتاب پڙهي رهيو هو ته اوچتو کيس ڪتاب جي وچ ۾ پيل ٻيڻو ٿيل ڪاغذ مليو ۽ جيئن ئي ان کي کوليائين ته سندس نظر پهرين سٽ تي پئي، ”ميري مخروطي انگليان کرچيان چنتي هين.“
شعر جي هيٺان سائره جو نالو پڙهي کيس ياد آيو ته هي ڪتاب هن سائره کي پڙهڻ لاءِ ڏنو هو. شعر جي هيٺان جتي سائره جو نالو لکيل هو ان سان لڳو لڳ سائره جا چپ به ڇاپيل هئا، جيڪي لپ اسٽڪ لڳل چپن سان ڪاغذ تي گهري چمي ڏيڻ سان ڇاپجي پوندا آهن. جيتوڻيڪ حسين ڪمري ۾ اڪيلو هو پر هن يڪدم پنهنجي چوڌاري ڏٺو ته کيس ڪو ڏسي ته نه پيو. سندس دل جو ڌڙڪو تيز ٿي ويو، اوچتو حسين کي سڄو ڪمرو سائره جي خوشبوءِ سان واسيل لڳو. هن دريءَ کان ٻاهر ڏٺو. گهري سانتيڪي رات ۾، تارن ڀريل آسمان ڏاڍو دلڪش هو. ٿڌڙي هير ۽ چانڊوڪي ۾ سائره جي خوشبوءِ جو واسو ۽ حسين جي هٿ ۾ سائره جي خوبصورت ڀريل چپن جو لازوال عڪس، حسين لاءِ سندس رومانوي تخيل جو ڄڻ ڇيهه هو. هن هڪ ڀيرو وري شعر پڙهيو ۽ جيئن جيئن حسين شعر جي اکرن کي پڙهي رهيو هو تيئن تيئن سائره جو ڪمري ۾ موجودگي جو احساس پختو پئي ٿيندو ويس.
هو انهن احساسن کي امر بڻائڻ پيو چاهي. هن سائره جي چپن کي ڏٺو. ڳاڙها، وڻندڙ چپ هاڻ ٿڙڪڻ لڳا هئا. ڪنهن طلسم منجهن جان وجهي ڇڏي هئي. حسين کي اهي چپ پنهنجن چپن جيان اڃائتا لڳا. ڄڻڪ ٿر ۾ وسڪاري کان پهرين ڪنهن ناريءَ جا چپ.
حسين انهن چپن جي تاس اجهائڻ ٿي چاهي. هو پنهنجا چپ هوريان هوريان، اوڃايل چپن جي ويجهو کڻي آيو. سندس اکيون پاڻمرادو بند ٿي ويون. هن کي سائره جي خوشبو اڃان ويجهو محسوس ٿي ۽ پوءِ هن پنهنجا چپ سائره جي چپن تي رکي ڇڏيا. حسين ڪا مهل پنهنجي ڪرسيءَ تي اکيون بند ڪيو بي سڌ ويٺو رهيو. سندس اکيون وري ان وقت کليون جڏهن اسر مهل گيت ڳائيندڙ پکين جي ٻولين کيس جاڳايو.
حسين دريءَ مان ٻاهر نهاريو، رات جي ڪاراڻ بس تمام ٿورڙي گهٽ ٿي هئي. صبح ۾ اڃان ڪجهه ڪلاڪ باقي هئا. حسين کي ياد آيو ته هن کي اڄ ڪيترا ڪم ڪرڻا آهن ۽ کيس سائره سان به ملڻو آهي سو هو ڪجهه ڪلاڪ ننڊ ڪرڻ جو سوچي بستري ۾ هليو ويو.
***
حسين جڏهن سائره جي گهر جو دروازو کڙڪايو ته اندران توقع جي خلاف سائره جو ئي آواز کيس ٻڌڻ ۾ آيو، ”ڪير آهي؟“
”مان آهيان. حسين“
ڪجهه لمحن جي خاموشي، وري هلڪو آواز، ”توهان!“ وري ڪجهه لمحن لاءِ خاموشي، آهستي دروازي جو ڪڙو کلڻ جو آواز ۽ پوءِ دروازي جو هڪڙو تاڪ ٿورو کليو، وٿي مان سائره جو ٻهڪندڙ چهرو ۽ شرارتي اکيون ظاهر ٿيون. اڇن ڪپڙن ۽ کليل وارن سان، بغير چادر يا رئي جي سائره سدائين جيان ڏاڍي سهڻي ۽ پرڪشش لڳي رهي هئي. حسين جون نظرون سندس اکين تان ترڪنديون، گلابي چپن تان ٿينديون ڀٽڪنديون ويون. اوچتو هن پاڻ کي سنڀاليو.
”سائره، توهان ڪتاب ڏئي وڃڻ لاءِ چيو هو، سو سوچيم هينئر ڪجهه وقت آهي ته توهان کي ڏيندو وڃان- ۽ ها، توهان جو شعر مون پڙهيو خوبصورت هو،“ حسين سندس اکين ۾ ڏسندي چيو .
”توهان جي مهرباني جو آيا ۽ شعر پسند ڪيو ڪهڙو ڪتاب آندو اٿو؟“
”هي هڪڙو مختصر ويٽنامي ناول آهي. ڳاڙهو لالٽين،“ حسين ڪتاب سائره ڏانهن وڌائيندي چيو.
”مهرباني“ سائره ڪتاب وٺندي چيو، ”ٻڌو توهان گهر اچو، چانهه وغيره پي وڃون.“
”نه مون کي ڪجهه ڪم آهن، پوءِ ڪنهن ٻئي ڀيري“.
”توهان سدائين جلدي ۾ هوندا آهيو، اچو ٿوري دير، امان به گهر ۾ ڪونهي، پاڙي ۾ ويل آهي.“ سائره معنيٰ ڀري نظرن سان حسين کي چيو.
خالي گهر ۾ سائره سان اڪيلو هجڻ جي خيال حسين کي بي تاب ڪري ڇڏيو. سندس دل ڄڻڪ اندر ۾ ڦٿڪڻ لڳي. هن ڪجهه پلن لاءِ سائره جي اکين ۾ نهاريو ۽ بغير ڪجهه سوچڻ سمجهڻ جي گهر جي چانئٺ ٽپي گهر ۾ داخل ٿي ويو. سائره پويان در بند ڪري ڇڏيو. حسين جي ذهن ۾ خيالن جي جنگ شروع ٿي وئي. کيس سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هو گهر ۾ داخل ٿيڻ جو قدم کڻي درست پيو ڪري يا غلط.. هو بند ٿيل دروازي کي ٽيڪ ڏئي بيٺو رهيو ۽ سندس دل ۽ دماغ ۾ گهمسان جي جنگ هلندي رهي. ڪلهه رات کان سندس ذهن ۾ سائره جو واسو هو، هو گهڻي ڪوشش کان پوءِ به کيس ذهن مان ڪڍي نه سگهيو هو، پر هينئر جڏهن هوءَ پنهنجين سمورين رعنائين سان سندس سامهون بيٺل هئي ته حسين جي همٿ جواب ڏئي وئي هئي.
”ڇا ڳالهه آ حسين، توهان دروازي تي ڇو بيهي رهيا آهيو؟، سائره حسين جو هٿ پڪڙيندي پڇيو.
حسين جو ساهه ئي ڄڻ ڇڏائي ويو. هن پنهنجي هٿ ڏانهن ڏٺو، جنهن مٿان هاڻ سنهڙين آڱرين ۽ سينگاريل ننهن واري نرم هٿ جي گرفت هئي. ٻئي لمحي هن سائره جي اکين ۾ ڏٺو. سائره ٿوري حيرت، ٿوري شرارت ۽ ڪجهه شرم وچان حسين کي نهاري رهي هئي. سندس چپ هلڪا هلڪا ٿڙڪي رهيا هئا ۽ زور زور سان کڄندڙ ساهن سبب سندس ڇاتي بي تاب هئي. حسين سائره جي اکين ۾ پسيل سنيهو چٽيءَ طرح پڙهي ٿي سگهيو پر پنهنجن عملن تي سندس اختيار نه رهيو هو. ڪيتري دير کان ٻنهي هڪ اکر به نه ڪڇيو هو، حسين پنهنجو هٿ سائره جي هٿ مان ڇڏائڻ جي ڪوشش نه ڪئي پر پنهنجو ٻيو هٿ کڻي سائره جي کليل ۽ وچڙيل وارن سان کيڏڻ لڳو. سائره جي ساهن جي رفتار اڃا تيز ٿي وئي ۽ هوءَ حسين جي بنهه ويجهو ڇڪجي آئي. ايترو ويجهو جو سندس پرفيوم ۽ پگهر جي گڏيل خوشبو حسين کي مدهوش پئي ڪيو ۽ پوءِ ڪيترن لمحن تائين اها مدهوشي ڇانيل رهي.
***
سمونڊ سنڌيءَ جي اوطاق تي اڄ وري گڏجاڻي هئي. گڏجاڻيءَ ۾ سڪندر، قربان پهلوان، رمضان دودو ۽ ڪي ٻيا ڪارڪن شريڪ ٿيا هئا. اوطاق ۾ سگريٽن ۽ چانهن جا دور هلندي، سمونڊ پنهنجن ساٿين سان ڳالهائڻ شروع ڪيو، ”ڪامريڊو هاڻ وقت اچي ويو آهي ته پاڻ پاڪستان پرستن کي سندن ڪڌن ڪمن ڪرڻ کان روڪيون.“
”ها ڪامريڊ هاڻ گهڻي ٿي وئي. هي پنجاب جا ايجنٽ هروڀرو سنڌي معصوم ماڻهن کي پيا مارائين.“ رمضان دودي، سمونڊ سنڌي جي ڳالهه سان سهمت ٿيندي چيو، ”تازو خيرپور ناٿن شاهه ۾ اجايو جلوس ڪڍي ڪيترا ماڻهو مارايا اٿن، هاڻ وري هتي سڀاڻي جلوس پيا ڪڍن.“
”پاڻ سندن جلوس ناڪام بڻائينداسون،“ اوچتو سمونڊ فيصلو ٻڌايو.
”ڪامريڊ اهو درست نه ٿيندو. اطلاع آهي ته سڀاڻي ڦيٿا روڪ هڙتال ۽ جلوس آهي، ۽ اهو سنڌين جي قتل عام خلاف پيو ٿئي ان کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوش درست نه ٿيندي.“ سڪندر، سمونڊ سنڌي جي ڳالهه کي رد ڪندي چيو. سمونڊ کي سندس دليل تي سخت ڪاوڙ آئي پر هن پاڻ تي ضبط ڪيو. هو چند گهڙين لاءِ خاموش رهيو. پوءِ سڪندر سان مخاطب ٿيندي چيائين، ”ڪامريڊ سڪندر تنظيم جو فيصلو آهي ته ان قسم جي جلسن کي ٿيڻ نه ڏجي ۽ انهن جي خلاف عام راءِ ٺاهجي، عام سنڌين کي ان پنجابي تحريڪ جي باري ۾ ٻڌائجي ۽ جي توکي تنظيم جو فيصلو قبول ناهي ته تنظيم ڇڏي وڃي سگهين ٿو. باقي جي تنظيم ۾ رهڻ چاهين ٿو ته پوءِ سمورن فيصلن جي پوئيواري ڪرڻي پوندئي.“
سڪندر ڪجهه چوڻ ٿي چاهيو پر هن پنهنجي زبان بند رکڻ ۾ ئي بهتري سمجهي. سمونڊ سنڌيءَ جي چهري مان ڪاوڙ بکي پئي. جيتوڻيڪ هن پنهنجي آواز تي ڪنٽرول رکيو هو پر سندس آواز ۾ آيل لرزش پڌرو پئي ڪري ته هو پاڻ تي قابو رکڻ لاءِ ڪيڏي نه ڪوشش ڪري رهيو آهي. گڏجاڻيءَ ۾ ماحول ڏاڍو ڇڪتاڻ وارو ٿي ويو هو ۽ سمورن ماڻهن تي خاموشي ڇانئجي وئي.
سمونڊ سنڌيءَ پنهنجن ساهن ۽ بلڊ پريشر تي ڪجهه ڪنٽرول ڪرڻ کان پوءِ هوريان هوريان وري ڳالهائڻ شروع ڪيو، ”ساٿيو، سڀاڻي واري هڙتال ۽ جلوس کي پاڻ ناڪام ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسون.... اڄ سڄي شهر ۾ پوسٽر ۽ شيٽون هڻبيون ته ان پنجاب جي ايجنٽ تحريڪ سان سنڌي ماڻهن جو ڪو واسطو ڪونهي.“ سمونڊ سنڌيءَ چيو، ”پاڻ کي هڪ جٿو به تيار ڪرڻو آهي جيڪو سڀاڻي جلوس ڪڍندڙن تي حملو ڪندو، ۽ کين پاڪستان بچائڻ جي سازش جو سبق سيکاريندو.“
گڏجاڻيءَ ۾ ويٺل همراهه اهڙو ڪڇن جهڙي ڀت، بس سڀ هڪ ٻئي کي خاموشيءَ ۽ سوچ وچان ڏسي رهيا هئا. آخر رمضان ڳالهايو، ”ڪامريڊ، اسين جيڪي هن گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ آهيون اهي سڀ سڀاڻي جي حمله ڪميٽيءَ ۾ شامل هونداسون ۽ پاڻ پاسي وارن ڪجهه ڳوٺن مان ڪي هٿيار بند ساٿي پڻ گهرائي وٺنداسون. سنڌ دشمنن کي سڀاڻي مزو چکائبو.“
”ساٿيو پاڻ ان عزم سان ئي ڪاميابي ماڻي سگهنداسون،“ قربان پهلوان پرجوش ٿيندي چيو.
سڪندر بس خاموش ويٺو رهيو، هن جي ذهن ۾ آنڌ مانڌ هئي پر هو چپ ڪيو ويٺو رهيو. سڪندر کي خبر هئي ته هن گڏجاڻيءَ ۾ سندس ڳالهه جو ڪو فرق ته نه پوندو پر الٽو کيس دشمن جو حمايتي ۽ ايجنٽ سمجهندا.
”ڪامريڊ سڪندر توهان، نذير ۽ غلام محمد ٽئي اڄ شيٽون لکي شهر ۾ لڳائيندا ۽ سڀاڻي صبح جو منهنجي اوطاق تي گڏ ٿجو جتان پاڻ نام نهاد جمهوري تحريڪ مان هوا ڪڍنداسون. ڪامريڊ رمضان دودا ۽ قربان پهلوان توهان ڀرپاسي وارن ڳوٺن مان وڃي ٻين ڪامريڊن کي وٺي اچو. پاڻ سڀاڻي جو ڏينهن پنجاب سامراج جي ايجنٽن جو آخري ڏينهن ڪرڻ ٿا چاهيون.“ سمونڊ سنڌي پنهنجي هٿ سان مڪ ٺاهي هوا ۾ هڻندي، نهايت جذباتي انداز ۾ چيو. گڏجاڻيءَ ۾ هڪ جوش اچي ويو هو، ويٺل همراهن کي پنهنجي منزل ويجهي ٿيندي محسوس پئي ٿي. سگريٽن جي دونهين سان سڪندر جو ساهه پئي ٻوساٽيو، هن جلد گڏجاڻي ختم ٿيڻ جي دعا پئي گهري. سندس دعا شايد اگهي، ”ڪامريڊ ساٿيو..... پاڻ هاڻ موڪلايون.... ۽ وڃي پنهنجن ڪمن سان لڳئون،“ سمونڊ سنڌيءَ چيو، سڀاڻي جو ڏينهن اهم هوندو. هوريان هوريان سمورا همراهه موڪلائيندا روانا ٿيندا ويا. سڪندر هميشه جيان منجهيل خيالن سان گڏجاڻيءَ مان اٿيو پر سندس ذهن ۾ هڪڙي ڳالهه بلڪل واضع هئي ۽ اها اِها ته ڀل کيس پنجاب جو ايجنٽ سمجهيو وڃي پر هو سڀاڻي نڪرندڙ جلوس کي ناڪام ٿيڻ کان بچائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندو. هن کي احساس هو ته کيس سمورا اپاءَ تڪڙا وٺڻا آهن.
***
مختصر زندگيءَ جا هي پل مختصر ترين هئا. بس ڪجهه ساعتن ۾ اهو سڀ ڪجهه ٿي ويو هو،ڄڻڪ هڪ اک ڇنڀ يا هڪ ويرم، هڪ اڌمو يا هڪ ساهه. سرءُ ۾ هڪ پَنَ جو وڻ مان ٽٽي زمين تي ڪرڻ يا طوفان جو هڪ جهوٽو، يا مرڻ کان پهرين جا اهي کن پل جڏهن سڄي زندگيءَ جي ڪهاڻي ذهن تي تري اچي. بس هڪ خوبصورت خواب.
حسين انهن پلن کي ڪو نالو نه پئي ڏئي سگهيو. هو سائره جي گهران نڪتو ته سندس پير زمين تي ڄڻ هوا ئي نه بلڪه ڪڪرن تي تري رهيا هئا. هو پنهنجي آسپاس کان بلڪل بي خبر هو. کيس پنهنجي پسگردائي جو ڪو احساس نه هو. سندس اندر جرڪي اٿيو هو. هو پنهنجي هجڻ يا نه هجڻ جي باري ۾ به پڪ سان نه پئي چئي سگهيو.
”آءٌ ڪير آهيان؟“ حسين سوچيو، ”آءٌ آهيان يا صرف ڪنهن جي خواب جو حصو آهيان؟“ سندس زندگيءَ ۾ اهڙو ڪو تجربو نه رهيو هو جنهن سان هو پنهنجي اڄ جي لقاءَ کي ڀيٽي سگهي. اڄ هن لاءِ سڀ کان مختلف هو. هو خوش هو، پر ساڳئي وقت خبر ناهي ڇو نراس به هو. هن جي جسم جو وار وار لذت جي احساس سان ٽمٽار هو پر سندس روح تي ٻوجهه هو. ”منهنجو اندر ڇو پيو ڦٿڪي؟“ حسين پاڻ کان سوال ڪيو. ”مون زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن جي قربت، ڪنهن سان ملي هڪ ٿي وڃڻ، ان جي ساهن کي محسوس ڪرڻ ۽ ڪنهن کي پنهنجي ٻانهن ۾ وٺڻ جو لطف ماڻيو آهي، پوءِ ڇو مان جرم جي احساس ۾ وڪوڙيل آهيان؟“
”ڇا اهو احساس ان پالنا ۽ ذهني اوسر مان ٿو جنم وٺي جيڪا ٻن انسانن جي ميلاپ ۽ ويجهڙائي کي سماجي ۽ مذهبي بنيادن تي پاپ جي طور تي سيکاري ۽ سمجهائي ٿي؟ يا وري اهو احساس ان جڙتو اخلاقيات جي پيداوار آهي ته غلام قومن جي فردن تي ڪنهن به طرح جي لذت ۽ خوشي حرام آهي؟“ حسين جو ذهن اڃان انهن سوالن جا جواب نه پئي ڏئي سگهيو. پر کيس هڪڙي ڳالهه جي پڪ هئي ته سندس زندگي هاڻ ڪڏهن ساڳي نه رهندي. هن کي احساس ٿيو ته انهن ڪجهه گهڙين سندس زندگيءَ ۾ وڏي آنڌمانڌ آڻي ڇڏي آهي ۽ هو سمجهي سگهيو ٿي ته اهي گهڙيون، اهي قربت جا پل، ڪنهن کي سڄو سارو پنهنجي وجود سان هڪ ڪري ڇڏڻ واريون ساعتون تمام مضبوط ٿين ٿيون ۽ انهن پلن ۾ انسان سمورن ٻين خيالن، سوچن، ڏوجهرن، مايوسين، ظلمن، نتيجن ۽ وفائن کان بي نياز ٿيو وڃي.
”شهزادا خيال ڪر.“ اوچتي رڙ تي حسين جي خيالن جو سلسلو ٽٽو. هن ڪنڌ ورائي ڏٺو ته هڪ ٽانگو ذري گهٽ اچي کيس لڳو هو ۽ ٽانگي وارو رڙ ڪري کيس خبردار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، ”صاحب پاڻ سنڀال، وچ روڊ ورتيون ٿو وڃين، بابا پاسي تي هل.“
حسين پاڻ سنڀاليندي روڊ جي هڪ پاسي تي هليو ويو. سندس چهري تي مرڪ تري آئي هئي. هن سوچيو ته سائره جي خيالن مان في الحال نڪري کيس تنظيمي ڪمن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن کي ياد آيو ته کيس اڄ شهر جي مختلف اسڪولن ۾ وڃي اسڪولن جي تالن ۾ ايلفي وجهڻي آهي ته جيئن صبح جو جيڪڏهن اسڪولن جي انتظاميه ڪلاس کولڻ به چاهي ته چاٻيون تالن ۾ وجهي نه سگهجن ۽ مجبوراً ڪلاسن کي بند رکيو وڃي. جيتوڻيڪ رٿابندي موجب جمهوريت جي اتحاد جون شاگرد تنظيمون سڀاڻي اسڪولن ۽ ڪاليجن جو بائيڪاٽ ڪرائينديون، پر ان کان پوءِ به فيصلو ڪيو ويو هو ته تالا خراب ڪبا ته جيئن اسڪولن کي بند رکڻ کي يقيني بڻائي سگهجي. حسين رستي تان هڪڙي اسٽور تان ايلفي جا ڪجهه پاڪيٽ خريد ڪيا ۽ پوءِ سڀ کان پهرين پنهنجي ويجهي اسڪول ڏانهن روانو ٿي ويو.
هن ڏاڍي احتياط سان اسڪول جي ڀت ٽپي ۽ پوءِ اندر لڪ ڇپ ۾ هر ڪلاس جي تالي ۾ ايلفي جا ڪجهه قطرا اوتيندو ويو. کيس اهو ڪم ڏاڍو خطرناڪ پئي محسوس ٿيو. هن کي لڳو ته جيڪڏهن پڪڙجي پيو ته ساڻس ڏاڍي جٺ ٿيندي. پر کيس ان ڪم ۾ خوف جي عنصر سبب مزو پڻ اچي رهيو هو. اڄ جي ڪم سبب ئي هن پيرن ۾ راند وارو بوٽ پاتو هو ته جيئن ڀڄڻ ۾ کيس سهولت ٿئي.
حسين ٽن اسڪولن ۾ اها ڪارروائي ڪاميابي سان ڪرڻ کان پوءِ شهر جي سڀ کان وڏي ۽ سخت اسڪول وٽ پهتو. هن پهرين چئني پاسن ڏانهن نهاريو پوءِ وڏي لوهي دروازي کي هلڪو ڌڪو ڏنائين ته دروازو کلي ويو. حسين اسڪول اندر داخل ٿي ويو.
اسڪول ۾ شام جو شاگرد رانديون کيڏندا آهن ان ڪري هتي سدائين ڇوڪرا ۽ چوڪيدار موجود هوندا آهن. اسڪول جي عمارت تمام وڏي ۽ خوبصورت آهي جيڪا پٿرن ۽ سرن سان تعمير ٿيل آهي. ڪلاسن جي عمارتن جي چوڌاري ۽ انهن وچ ۾ باغ آهن جن ۾ تمام گهاٽا ۽ ساوا وڻ اسڪول جي ماحول کي ڏاڍو سهڻو ۽ سرسبز ڪن ٿا. اسڪول جي عمارت جي پويان هڪڙو وڏو ميدان آهي جنهن ۾ سوين شاگرد مختلف رانديون کيڏي رهيا هئا. حسين اسڪول جي چوڌاري پهرين هڪ چڪر لڳايو ۽ پوءِ گرائونڊ فلور جي ڪلاسن جي تالن ۾ ايلفي وجهڻ شروع ڪيائين .هو هوريان هوريان وڏي احتياط سان تالن ۾ ايلفي وجهندو پئي ويو. کيس اندازو هو ته اسڪول تمام وڏو آهي ۽ کيس ڪافي وقت لڳي سگهي ٿو، تنهن ڪري هن کي پنهنجي ڪارروائي جي رفتار تيز ڪرڻي پوندي. حسين کي ڪلاسن جا تالا خراب ڪندي خيال آيو ته ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي جو کين هڪ ڏينهن لاءِ تعليم روڪرائڻ لاءِ هي طريقو اختيار ڪرڻو پيو آهي؟ ”تعليم ته انسان کي شعور ٿي ڏئي پوءِ ڇا هتي پڙهندڙن کي اهو شعور حاصل ڪونهي ته قوم مٿان جبر، ظلم ۽ مارشل لا کي هٽائڻ لاءِ جدوجهد جو ساٿ ڏيڻ ڪيڏو نه اهم ۽ ضروري آهي؟“ حسين سوچيو. هن گرائونڊ فلور جي تالن کي ناڪاره ڪرڻ کان بعد اسڪول جي مٿين منزل جو رخ ڪيو. اسڪول جي ڪاٺيءَ جي ڏاڪڻ چڙهي جڏهن هو مٿين منزل تي پهتو ته سڀ کان پهرين سامهون کيس فزڪس جي ليبارٽري نظر آئي. حسين ليبارٽريءَ جي تالي ۾ اڃا ايلفيءَ جا ڪجهه قطرا مس وڌا هوندا ته کيس ڪنهن هڪل ڪئي، ”ڪير آن، ڇا پيو ڪرين؟“
حسين آواز واري پاسي ڏانهن ڪنڌ ورائي ڏٺو ته سامهون واري بلاڪ جي پهرين منزل تي چوڪيدار بيٺل هو جيڪو کيس هڪلون ڪري رهيو.
حسين اندازو لڳايو ته چوڪيدار اڃان پري آهي ۽ کيس سامهون واري عمارت مان لهي هن عمارت ۾ اچڻ ۾ وقت لڳندو. هن چوڪيدار کي ڏٺو اڻڏٺو ڪندي تڪڙ تڪڙ ۾ ڪلاسن جي تالن ۾ ايلفي اوتڻ شروع ڪري ڏني. چوڪيدار کيس وري هڪل ڪئي، ”اڙي ڪير آهين مان چوانءِ ٿو بيهه اتي، اهو ڇا ٿو ڪرين تالن کي؟“ چوڪيدار هاڻ زور زور سان واڪا ڪرڻ شروع ڪيا هئا ۽ گڏوگڏ ڪهاڙي اڀي ڪري ڊوڙندو ڏاڪڻ طرف روانو ٿي ويو.
حسين کي خطري جو احساس هو پر هو ڪم به پورو ڪرڻ پيو چاهي. هن چوڪيدار کي سامهون واري بلاڪ مان نڪري هن بلاڪ ۾ ايندي ڏٺو ته تڪڙ ۾ پوئين ڏاڪڻ کان هيٺ لهي ويو ۽ وڻن جي اوٽ وٺندي ڪلاسن جي ان بلاڪ ۾ داخل ٿي ويو جتان چند منٽ پهرين چوڪيدار کيس هڪلون ڪري رهيو هو. هن پهرين هيٺين منزل جي ڪلاسن جي تالن کي خراب ڪيو ۽ پوءِ ڊوڙندو پهرين منزل تي پهچي ويو ۽ تالن ۾ ايلفي وجهڻ شروع ڪيائين.
ان وچ ۾ چوڪيدار ڊوڙندو سهڪندو جڏهن ان هنڌ پهتو جتي هن حسين کي ڪارروائي ڪندي ڏٺو هئائين ته کيس پنهنجين اکين تي يقين نه پئي آيو. هاڻ چوڪيدار حسين کي سامهون واري بلڊنگ ۾ تالن سان هٿ چراند ڪندي ڏسي پئي سگهيو. چوڪيدار ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو. سندس سڄو جسم ڏڪي رهيو هو ۽ هن زور زور سان رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون. ”چور چور چور. وٺوس هن مادر..... کي ڪلاسن جي تالن سان الائي ڇا پيو ڪري....“
چوڪيدار جون رڙيون ٻڌي اسڪول جي ميدان ۾ راند کيڏندڙ شاگردن به پنهنجي راند اڌ ۾ ڇڏي چوڪيدار طرف ڊوڙڻ شروع ڪيو.
حسين کي هاڻ اهو ممڪن نه پئي لڳو ته هو سڄي اسڪول جي تالن کي خراب ڪري سگهندو ۽ کيس سمجهه ۾ اچي ويو هو ته هت وڌيڪ بيهڻ سندس لاءِ تمام وڏي مصيبت پيدا ڪري ڇڏيندو. حسين باقي بچيل ايلفي وڻن ۾ اڇلائي ۽ عمارت سان لڳو لڳ پاڻيءَ جي پائيپ کي پڪڙي هيٺ لهي آيو. پر ان وقت تائين چوڪيدار به سامهون واري عمارت مان لهي هن طرف ڪهاڙي اڀي ڪيو ڊوڙندو پئي آيو.” بيهه ڙي ڪتي جا پٽ“ چوڪيدار رڙ ڪئي.
حسين نه بيهڻ وارو هو نه بيٺو. کيس ائين پئي محسوس ٿيو ته سندس پيرن ۾ ڄڻ اسپرنگ لڳي ويا آهن. هن سوچيو جي جان پياري اٿي ته عليءَ جو نالو وٺي ائين ڀڄ جيئن زندگيءَ ۾ ڪڏهن نه ڀڳو هئين. حسين سوچيو ته هو ڪلاسن واري بلاڪ مان نڪري شاگردن جي ميدان مان ٿيندو اسڪول جي پوئين ڀت ٽپي پاڙي جي گهٽين ۾ غائب ٿي ويندو. اهو سوچي هن ميدان طرف ڊوڙڻ شروع ڪيو. سندس پويان چوڪيدار هڪڙو هٿ لهندڙ گوڏ ۾ ۽ ٻئي سان ڪهاڙي اڀي ڪيو ڊوڙندو پئي آيو. حسين، چوڪيدار جون گاريون ۽ چور چور جا واڪا صاف ٻڌي پئي سگهيو.
حسين جي اڄ ڪا قسمت ئي خراب هئي. هو اڃان ميدان جي وچ ڌاري مس پڳو هو جو ڏٺائين ته پريان شاگردن جو هڪ اٽالو به چور چور ڪندو سندس پويان لڳي ويو هو. هن وچ ۾ بيهي پوئتي نهاريو ته هاڻ چوڪيدار سان گڏوگڏ ڪيئي شاگرد پڻ حسين طرف چور چور جا آواز بلند ڪندا ڊوڙندا پئي آيا. حسين کي اڄ پادر بلڪل سامهون نظر ٿي آيا. هن سوچيو ته جي اڄ بچو ته نئون ڄائو. سيڪنڊ جي ڪنهن حصي ۾ حسين پنهنجي سڄي طاقت جمع ڪئي، پوءِ هن ٻنهي طرفن کان ايندڙ انبوهن جي ويجهي پهچڻ کان پهرين، ٽئين طرف پنهنجي پوري رفتار سان ڊوڙڻ شروع ڪيو. کيس محسوس پئي ٿيو ته سندس پير زمين تي ڪونهن بلڪه هوا ۾ پيا اڏامن، حسين کي پنهنجي رفتار ۽ جذبي تي پاڻ حيرت پئي ٿئي. ”موت ائين ڏسي ته انسان ڪجهه به ڪري سگهي ٿو،“ حسين سوچيو. هن کي خيال آيو ته اسڪول جي هڪ پاسي کان ڊوڙندو سامهون واري گيٽ طرف وڌندو ۽ پوءِ اسڪول مان نڪري روڊ پار ڪري سامهون سول اسپتال جي ڀت ٽپي اسپتال ۾ گم ٿي ويندو. سندس آخري اميد اها هئي ته سندس پويان لڳل، هنبوڇيون هڻندڙ اٽالو سندس پويان ئي ڊوڙندو اچي، ائين نه ٿئي جو انهن مان ڪي وري پريان ڦري اسڪول جي مين گيٽ طرف اچي وڃن، ان صورت ۾ منجهس نه ڊوڙڻ جي سگهه هوندي نه ڪو ٻيو رستو ۽ پوءِ هو ائين ڪٽبو جيئن اٺ پتڻ تي. حسين ذري گهٽ اکيون بند ڪري ڊوڙندو رهيو ۽ کيس محسوس پئي ٿيو ته پويان ايندڙ اٽالو کيس ويجهو ٿيندو پئي ويو. پويان لڳل ڇوڪرا هوڪرا ڪندا، مٿس پٿر، بال، بيٽون، هاڪيون ۽ وڪيٽون اڇلائيندا، رونشي ۾ ڊوڙندا پئي آيا. حسين گوهيون ڏيندو، پٺيءَ ۽ ڄنگهن تي پٿر ۽ هاڪيون سهندو ڊوڙندو رهيو تان جو اسڪول جو چڪر لڳائي مين گيٽ واري رستي تي اچي پڳو. کيس اهو ڏسي ڪجهه اطمينان ٿيو ته رستو صاف هو پر سندس پويان لڳل انبوهه هاڻ بنهه ويجهو اچي پڳو هوس. هن زندگي ۽ ذليل ٿيڻ جي وچ ۾ گهٽجندڙ فرق محسوس ڪندي آخري دفعو زور سان رڙ ڪري پاڻ کي هڪ آخري ڊوڙ لاءِ تيار ڪيو ۽ وڄ وانگر هوا ۾ اڏامندو لوهي گيٽ وٽ پڳو جيڪا بند هئي بس ان جو ننڍڙو در کليل هو جنهن مان هڪ وقت ۾ فقط هڪڙو شخص ئي لنگهي ٿي سگهيو. پر ان کان پهرين جو هو ٻاهر نڪري اوچتو گيٽ مان هڪ پوڙهي مائيءَ کي اندر داخل ٿيندي ڏٺائين. حسين وٽ سوچڻ جو وقت ڪو نه هو، هن محسوس ڪيو ته جنهن رفتار سان هو ڊوڙي رهيو هو جيڪڏهن پوڙهيءَ سان ٽڪرايو ته هوءَ بچي نه سگهندي. هن بجليءَ جي تيزي سان ڊوڙندي ڊوڙندي بس دروازي کان نڪرڻ کان صرف اڌ سيڪنڊ پهرين پنهنجي جسم کي ڦيرائي پاسيرو ڪيو ۽ ساڳي ئي سيڪنڊ ۾ جيئن ئي عورت اسڪول ۾ داخل ٿي، حسين اک ڇنڀ ۾ دروازي کان ٻاهري نڪري ويو. سندس هر ممڪن ڪوشش جي باوجود به پوڙهي سندس هڪ ٻانهن سان ٽڪرائجي ڪري پئي. ” پٽيا ماريا..... ساهه ڪڍي ڇڏيئي.... ريل ٿي ڇٽئي ڇا؟“ حسين پوڙهيءَ جا آخري لفظ ٻڌا. سندس ڪرڻ هڪ طرح سان حسين لاءِ فائديمند ثابت ٿيو جو سندس پويان ايندڙ انبوهه ڪجهه دير لاءِ ڍرو ٿيو ۽ حسين موقعي جو فائدو وٺندي روڊ ٽپي اسپتال جي ڀت ٽپي اسپتال جي هڪڙي وارڊ ۾ گهڙي ويو.
حسين پگهر ۾ شل ٿي ويو هو ۽ سندس انگ انگ ٿڙڪي رهيو هو. کيس دل جو آواز ڪنن ۾ وڄندو پئي محسوس ٿيو ۽ سندس ڄنگهون انتهائي ڪمزوري محسوس ڪري رهيون هيون. هن کي لڳي پيو ته جيڪڏهن هو وڌيڪ دير تائين بيٺو رهيو ته ڦهڪو ڏئي ڪري پوندو.
هو وارڊ جي هڪڙي بينچ تي ويهي رهيو. وارڊ ۾ معمول جي اسپتالي ڌپ سندس ساهه ڪڍي رهي هئي ۽ ڪي مريض کيس ڏاڍي حيرت سان ڏسي رهيا هئا پر هن سڀني کي ڏٺو اڻڏٺو ڪري ڪجهه دير تائين بينچ تي آرام ڪيو. جڏهن هو ڪجهه سامت ۾ آيو ته بينچ تان اٿيو ۽ اسپتال جي باغ ۾ ٺهيل ڪينٽين ۾ وڃي ويٺو ۽ بيري کي چانهه آڻڻ لاءِ چيائين.
”ڇا ته ڏينهن هو؟“ حسين سوچيو ۽ سندس چهري تي مرڪ پکڙجي وئي، ”فقط چند ڪلاڪن جي وٿيءَ سان مون پنهنجي زندگي جا سڀ کان خوبصورت پل ڪنهن جي نرم ٻانهن ۾ گذاريا ۽ وري ذلت جي پاتال ۾ ڪرندي ڪرندي بچي نڪتو آهيان.“
”زندگيءَ جي چٿر ۽ غير يقيني، ابتڙن جو ميلاپ، شخصيت جا انيڪ روپ، نازڪ، نفيس ۽ ڪمزور ڪندڙ جذبا ۽ وري جبل جو عزم ۽ موت سان اکيون اکين ۾ ملائڻ جي تمنا، زندگي ڪيڏي نه پيچيده ۽ گهڻ رخي آهي. ان هڪ پل ۾ جڏهن آءٌ سائره جي ساهن مان خوشبو اوتي رهيو هوس، مون پاڻ کي ڏاڍو ڪمزور ڄاتو هو ۽ مون فقط اهو پل ئي زندگي ڀانئي هئي ۽ وري ڪهاڙيءَ مان سر بچائي ڀڄڻ وقت مون فقط ان پل کي ئي زندگي ڀانيو هو. بس اهو پل هو جيڪو زندگي بخشيندڙ هو ۽ مون سوچيو هو ”هيءَ زندگي مون کي ملي پوءِ ڀلي ڪجهه ملي يا نه.“ انسان ايڏو بدلجندڙ ڪيئن آهي؟ ايڏيون انيڪ سوچون ۽ ايڏيون هڪ ٻئي کان مختلف، پوءِ ڪنهن کي درست ڀانئجي ۽ ڪنهن کي غلط؟ شايد انهن سمورين متضاد سوچن جو ميلاپ ئي انسان آهي. ۽ شايد آخري تجزئي ۾ انسان بابت فيصلو ان بنياد تي ئي ٿيندو ته انهن سمورين متضاد ۽ لامحدود سوچن جي وهڪري مان اهي ڪهڙيون ڌارائون هيون جن کي انسان پنهنجي زندگيءَ جو حصو بڻايو ۽ انهن جي بنياد تي پنهنجي شخصيت جوڙي. عمل ئي اهو عڪس آهي، جيڪو چونڊيل سوچن جي نمائندگي ڪري ٿو.“
”سائين چانهه،“ بيرو چانهه کڻي آيو. حسين ڪينٽين جي باغ ۾ چانهه جو سرڪيون ڀريندي سوچيو ته کيس هڪ ڪلاڪ کان پوءِ شهباز هوٽل تي سڪندر سان ملڻو آهي.
***