جديديت پڄاڻان جو زمان و مڪان
جڏهن اسان تهذيب، فطرت، اخلاق،قدر ۽ ثقافت جي ماضي ۾ جاچ ڪريون ٿا ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڳالهه سامهون اچي ٿي، اهي سب سلسله تاريخ ۾ ڦهليل آهن جن جو زمان و مڪان ئي سان واسطو آهي. ڪارل مارڪس جڏهن تاريخي ماديت ۽ جدلياتي ماديت جي ڳالهه ڪئي هئي ته هن زمان و مڪان ۾ ڦهليل طبقاتي ڪشمش ۽ تاريخ ۾ فرد جي ڪردار واضح ڪيو هو. جنهن سان گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڳالهه ثابت ٿي ته تاريخ ٽن حصن ۾ ورهايل آهي هڪ ماضي جي ٻيو مسقبل جي ٽيون حال جي. هنن ٽنهي صورتن ۾ انسان ۽ سندس معاشي نظام اهم جڳهه والاري ٿو. انسان جي ٺاهيل پيداواري اوزارن مستقبل کي ماضي کان ڌار ڪرڻ شروع ڪيو. يعني تبديلين جو اڻ کٽ سلسلو شروع ٿئي ٿو. انهيءَ سڄي عمل ۾ فطرت هڪ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، جنهن ۾ انساني ثقافتي سرگرمين ذريعي هڪ تاريخ ٺهي ٿي. فطرت ۾ انسان جا روزمره واقعا پيداواري رشتا ۽ پيداواري اوزار ۽ جاگرافيائي حالتون ملي ڪري قوم جي نفسياتي ساخت ٺاهيندا آهن. انهيءَ سڄي نظام جي هڪ پنهنجي ساخت هوندي آهي. جيئن سنڌ جي ساخت جو مرڪز سنڌي ماڻهن جي نفسياتي ساخت، اخلاقي قدر، سنڌي ٻولي ۽ صوفي فڪر هو. اهي سڀ عنصر سنڌ جي زمان و مڪان ۾ شامل هئا. سنڌ جي ثقافتي سلسلي جو پس منظر ئي آهي جو ماڻهو پنج هزار سال جي پراڻي تاريخ سان پنهنجو ناتو جوڙين ٿا.
اسان اڪثر ٻڌندا آهيون ته وڏيرو به سنڌ جي ثقافت جو اهم حصو هو. ان جا قدر هئا، صرف ان ڪري ته وڏيرو سنڌ جي ساخت جو حصو هو. ان جو مرڪز اخلاقي قدر ۽ صداقت جو سرشتو هو. غيبي خان چانڊيو سماجي طور اخلاقي ۽ بزرگي جي ڪري سڀني جي مٿان هٿ رکندو هو ته سندس خانداني زمان جي تاريخ هئي. هو پنهنجي مڪان ۾ انهيءَ جو تسلسل هو. نتيجي طور هن کي قدر ورثي ۾ مليا انهن قدرن جي سنڌ ۾ ساخت موجود هئي. پر جيئن ساخت ٽٽي قدرن ۽ فڪر جو مرڪز ٽٽي ويو ۽ صداقت جهڙي ڪابه شيءَ نه رهي نتيجي طور وڏيرو هڪ طاقتور ظالم ۽ ڇڙواڳ شڪل ۾ ظاهر ٿي اڀريو. جنهن جو ڪو به دين ايمان نه رهيو.
فطرتي طور زمان ماضيءَ جو تسلسل هوندو آهي. جنهن کي اسان تاريخ چوندا آهيون ان جي هڪ سري تي اسان جي وجود جو ماضي ته ٻي سري تي اسان جو حال هوندو آهي. جديديت پڄاڻان اسان کي حقيقتن کان مٿانهين حقيقت(Hyper Reality) ذريعي اسان کي ماضي کان ڪٽي ڇڏيو. ۽ تاريخ جو خاتمو ٿي ويو. جديديت ۾ جيڪڏهن اسان مارڪيٽ مان ٽي وي وٺندا هئاسين ته لڳ ڀڳ هڪ صدي تائين ٽي وي جي تاريخ هئي. بلڪ بليڪ وائيٽ کان رنگين ٽي وي جو سفر به اڌ صدي جو آهي. پر اوچتو رنگين ٽي وي ۽ LCD ڏسندي وري هڪدم LED وري سمارٽ ٽي وي ايترو تيزي سان جو ماڻهو وائڙو ٿي ويو. اهڙي طرح موبائل سيٽ مان Android set سمارٽ موبائل، وري هڪ ڪمپني ڪا شيءَ ٺاهيندي ته ان کي ڏسي سئو ڪمپنيون اها شيءَ نقل ڪري ٺاهي وٺنديون، روز نيون شيون ۽ هزارين ڪمپنيون هر ڪمپني جي دعويٰ ته مهنجي شيءَ ئي سٺي آهي. توهان جيڪا شيءَ وٺندا ان جي تاريخ صرف هڪ ڏينهن جي هوندي اهڙي طرح سياست ڪار چوندا ته سياست ۾ ڪابه مستقل شيءِ ناهي دوستيون دشمنيون به دائمي ناهن، ته پوءِ تاريخ ڪٿان ٺهندي؟؟ هي ته صرف جديديت پڄاڻان جو پنهنجو مڪان ٺهيل آهي جنهن ۾ اسان پوري طرح غرق آهيون.
بود ريلارڊ زمان و مڪان کي مختلف درجن ۾ ورهايو هو هن جو خيال هو ته پٿر جي دور کان جاگيرداري تائين هڪ زمان و مڪان جو تسلسل هو جنهن ۾ ثقافتي علامتون فطرت مان ڦٽي نڪتل هيون. ڪو به تصور يا خيال ڪنهن بنيادي حقيقت جي نمائندگي ڪندو هو. قديم سماج ۾ خواب مقدس سمجهيا ويندا هئا. جن جو مسقبل سان رشتو ڳنڍيو ويندو هو. مثال حضرت ابراهيم جو خواب، حضرت يوسف جي خوابن جي تعبير. پر ان سماج ۾ عڪس يا استعارا حقيقت جي نشاندهي ڪندا هئا. يا انهن حقيقتن جو زمان صدين تائين ڦهليل هو، انهيءَ زمان جو مڪان حقيقيت جو تسلسل هوندو هو. مثال سنڌي سماج ۾ مصري، ڳڙ، مٺاڻ پيار جي علامت هو. پاڙو اوڙو ڀت برادري، وڏي ننڍي جو حياءَ، نياڻي ست قران، مهمان نوازي فطرت تاريخ جي ارتقا مان ٺهيل تصور هئا. ڪو هڪ واقعو ٿيندو هو ته سماج کي لوڏي ڇڏيندو هو ۽ صدين تائين ڳائبو هو. انهيءَ جي ڪهاڻي هلندي هئي ڪو ڏوهه ٿيندو هو ته تاريخ ۾ ان جو ڳاڻيٽو صدين تائين هلندو هو. مثال ان زمان و مڪان مان ڪو ماڻهو سئو سال نڪري وڃي ۽ وري موٽي اچي ان سماج ۾ شامل ٿئي ته ڪو خاص فرق نه پوندو اهو ماڻهو صرف چهرن جي تبديلي ڏسندو، پر قدر، ثقافت، گهر گهاٽ، رسم رواج ساڳيون هونديون. پر توهان سوچيو ته جي اڄ ڪو ماڻهو هن سماج جي زمان و مڪان مان نڪري وڃي ۽ صرف 20 سالن کان پوءِ موٽي اچي ته اهو ماڻهو سماج ۾ ايلين هوندو سڀ ڪجهه بدلجي چڪو هوندو. هر شيءَ جا نوان بدليل ماڊل اچي چڪا هوندا. ٽيڪنالوجي ڪا ٻي اچي چڪي هوندي. ماڻهن جا رويا ڪي ٻيا هوندا. اهو ئي تصور آهي زمان و مڪان کي Capture ڪرڻ جو هي مارڪيٽ زمان مڪان کي پنهنجي وس ۾ ڪري چڪي آهي. هاڻ روز نئون زمان و مڪان آهي انهيءَ کي جديديت پڄاڻان جو The End of History جو نالو ڏئي ٿي.
جديديت پڄاڻان ۾ حقيقت ڪا به معنيٰ نٿي رکي ڪو به نقلي تصور حقيقت کان وڌيڪ حقيقت بنجي سماج ۾ ڦهلجي ٿو ماڻهو ان کي قبول ڪن ٿا. ڏٺو وڃي ته تصور جو اڀو افلاطون هو هن پهرين اها دعويٰ ڪئي ته تصور ئي حقيقت آهن جيڪي شين کان مٿان بالا تر ۽ معروضي طور موجود آهن. جديديت پڄاڻان وري تصور پاڻ ٺاهي ٿي مارڪيٽ ۾ تصورن جي نمائش ٿئي ٿي ماڻهو ان جا خريدار ٿين ٿا. تصور، استعارا، علامتون اصل ۾ صرف حقيقت کي ڄاڻائڻ لاءِ تخليق ڪيا ويندا آهن پر جڏهن تصور ئي حقيقت کان مٿانهين حقيقت بنجي وڃن ته جو حقيقت جو گمان به نه رهي ته پوءِ خواب خود مختيار ٿيو وڃن جن جو ڪوبه تعبير ناهي. ڇو ته خواب جو ڪوبه زمان و مڪان نه هوندو آهي. خواب ۾ ماڻهو مختلف شڪليون ڏسي ٿو. جيڪي بي ترتيب هونديون آهن. هڪ وقت ۾ ماڻهو جي شڪل مڇي جي دڙ سان، ڪڏهن پکي بنجي اڏامي ٿو، ڪڏهن مئلن سان پيو ڳالهائي. انهن واقعن ۾ وقت ۽ جڳهه جو ڪوبه تعين نه هوندو آهي ڏسندي ڏسندي واقعا ۽ جڳهيون تبديل ٿيو وڃن. جديديت پڄاڻان انهيءَ خواب مان جاڳائي ڪونه ٿي بلڪ خوابن جو حصار اڃا وڌائي ٿي. تان جو ماڻهو اصل حقيقت کي ڀيانڪ سمجهي ٿو.
جاگيرداري ۾ signifier ۽ signified طئي ٿيل هوندا آهن انهن جي خلاف ورزي ڪرڻ وارو منڪر يا باغي ٿي وڃي ٿو پر خواب وارن تصورن signifier ۽ signified ڪوبه طئي ٿيل ناهي صرف تصور ئي حقيقت هوندي آهي. مثال جاگيرداري ۾ عورت شرم حياءُ سندس عزت سماجي تصورن ۾ طئي ٿيل هو پر جديديت پڄاڻان ۾ قدر ڪا معنيٰ نٿا رکن ان ڪري هڪ بي حياءُ يا طوائف عزت دار بنجي توهان جي سامهون ايندي. جديد دور ۾ چوري، ڌاڙي يا ڪرپشن جا تصور شخصيت لاءِ مسخ ڪندڙ تصور هئا. پر اڄ ڪرپشن ۽ ڌاڙا هڻندڙ شخصيت عزت دار ۽ ليڊر بنجي توهان جي سامهون ايندي ڇو ته جديديت پڄاڻان مرڪزي صداقت جو خاتمو ڪري ڇڏيو. انهي ڪري روز جي صداقت نئي آهي ۽ هر ماڻهو جي پنهنجي تخليق ڪيل صداقت آهي. ٽيڪنالوجي جي ٻوڏ روز مارڪيٽ کي روز نئون زمان و مڪان ڏئي ٿي. ان مڪان ۾ روز نيون شيون ۽ نوان ڪردار اڀرن ٿا جن سان اسان کي Familiar ٿيڻ لاٰءِ زمان نه ملندوآهي. ڏسندي ڏسندي اسان هر چيز کان ويڳاڻا ٿي ويندا آهيون. دنيا هڪ شيزوفرينڪ لقاءَ بنجي ويندي آهي. جنهن ۾ اسان کي ڀوت، ڪيڙا ماڪوڙا، ڏائڻيون مطلب عجيب چهرا نظر ايندا آهن. اسان کي يقين ڏياريو ويندو آهي،ته اصل مسئلا به اهي آهن انهن کان ڊڄو، اهڙي طرح اصل مسئلا ماڻهن کان وسري ويندا. مثال روڊ ٽٽل هوندو اتي روز حادثا ٿيندا پر اتي هڪ ملان پيتي کڻيو بيٺو هوندو توهان کي يقين ڏياريو ويندو ته اصل مسئلو مسجد ٺهرائڻ آهي. ان لاءِ چندو ڏيو. مثال هزارين ماڻهو بک، بدحالي جو شڪار هوندا، نه ڪورٽون انصاف ڏينديون نه صحت يا تعليم ڏانهن توجهه هوندو پر توهان کي يقين ڏياريو ويندو ته ڪشمير جو مسئلو ضرور حل ٿيندو.
اهڙي طرح ثقافت، مذهب، قدر، پيار۽ رحم جا جذبا به مادي روپ ۾ ڪمرشلائيز ڪيا ويا آهن. جيڪي مارڪيٽ کان رليز ٿيندا انهن جو ڪوبه وقت يا جڳهه طئي ٿيل نه هوندي. مثال پاڪ وطن، حلال بئنڪاري، قسطن تي قرباني جو ٻڪر، صدقي جي رقم 5000 هزار رپيا، تراويحن جو پيڪيج، صوفياڻو عشق، لاشن جا فوٽو، ريپ جي وڊيو، ٻارن کي ميڪڊونالڊ جو چڪر لڳرائڻ.،زنده هي ڀٽو، اهڙا لکين نعرا ۽ تصور مارڪيٽ جي طرفان روز نئين انداز ۾ رليز ٿيندا آهن. اسان ان عڪسن جي ڪن ۾ گوتا کائي پنهنجي بي مقصد زندگي جي ڊوڙ ۾ اڇلجي چڪا آهيون. اسان مان فطرت موڪلائي ويئي آهي، سماج هڪ ڀوت خانو بنجي پيو آهي. نعرا، تصور زمان و مڪان کان اڳتي نڪرڻ چاهين ٿا. انهيءَ جلد بازي جو اثر ماڻهو تي ائين ٿئي ٿو ڄڻ ڪو ماڻهو هڪ ئي وقت 50 ريڊيو اسٽيشنون ٻڌي رهيو هجي يا وري وچ چورايي تي منجهي بيهي رهي. ۽ سوين ماڻهو هن کي ڏسي رهيا هجن. اهڙي حالت ۾ ماڻهو ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿي ڇتو ٿيو پوي. توهان ڏسندا ته اڄ ڪلهه ماڻهوءَ مان سهپ ختم ٿي ويئي آهي. صبر ۽ ڪهل نه رهي آهي.
جديديت پڄاڻان مغرب ۾ شايد ڪي مثبت تبديليون کڻي آئي هجي پر ٽئين دنيا جا ملڪ ته جديديت پڄاڻان کي ڀوڳي رهيا آهن ڇو ته ته جديديت پڄاڻان سرمائيداري جي اها شڪل آهي جنهن سرمائيدارن کي دنيا مارڪيٽ ٺاهي ڏني ويئي آهي.