دادو دعوا ڇوڙ
کتنے سودا کر گئے، اس پنساری ھاٹ۔
دادو ديال جو هي بيت جڏهن اسان پهريون ڀيرو يونيورسٽي جي پڙهائي دوران پڙهيو هو، ته ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. پر جيئن هن بيت تي غور ڪندو ويس ته ماضي جي پڙاڏن ۾ گم ٿي ويس. جڏهن اسان کي ماسي آکاڻي ٻڌائي اها تاڪيد ڪئي هئي. ته دعوا نه ڪجي. مطلب پاڻ نه پڏائجي. يا پاڻ جي تعريف ۾ زمين آسمان هڪ نه ڪجي.
اڄڪلهه هروبرو ماڻهو پاڻ پڏائڻ ۾ لڳا پيا هوندا آهن.ڪي پنهنجي دولت تي، مادي سهوليتن تي غرور ڪندا آهن ته ڪي وري پنهنجي اولاد تي تڪبر ڪندا آهن. ڪي پنهنجي خاندان، عزت ۽ شجري تي غرور ڪندا آهن،ڪي وري ڏس ته اڃا ٻه اکر مس پڙهيا ته پاڻ پيا پڏائيندا ته اسان سڀني کان وڌيڪ ڄاڻو ٿا.
چوندا آهن ڄٽ پڙهيو لوڪ اڙيو. سو اڄڪلهه اهو رجحان گهڻو آهي. ڪي وري پنهنجي طاقت تي اڙيل هوندا آهن. ڪي پنهنجي جواني ۽ خوبصورتي تي ناز ڪندا آهن. هو سمجهندا آهن ته سدائين اسان ائين رهنداسين.
هي ته جديديت پڄاڻان جو دور آهي، هن ۾ گهڻن جا پٽڪا دوڙ ٿي ويا آهن، وڏي اٿل پٿل ٿي آهي. هاڻي نه خاندان نه عزت نه قدر محفوظ رهيا آهن، نه وري سچ ۽ ڪوڙ جو ڪو سندو رهيو آهي، هنن کي وقت جي خبر ئي ناهي ته وقت ڪيترو بي رحم بادشاهه آهي، ڪيترا خان کپي ويا، ڪيئي شهزادا، بادشاه، راڻيون سوداگر، هن مٽي ۾ دفن ٿي ويا،
بس وقت جو چٽڪو آهي،
ستين ڪهڙي سار، وڄ کونديئي ويسرا
تو جيڏا تو يار، لهرن لهوارا ڪيا.
اسان جي ماسي چوندي هئي، هڪ بادشاه جي دور۾ هڪ فقير روز دعوا ڪندو هو ته ”هم ستا سارا لوڪ لنڊا“ بادشاه پنهنجن ماڻهن کي چيو ته هي فقير روز بازار مان لنگهندي وڏي دعوا ٿو ڪري هن جي جاچ ڪريو ته معاملو ڇا آهي؟ڪجهه ڏينهن ۾ بادشاه جي ماڻهن اچي ٻڌايو ته بادشاه سلامت فقير دراصل جادوگر آهي. شهر کان ٻاهر پنهنجي جهوپڙي ۾ رهي ٿو اتي روز پنهنجي وارن مان هڪڙي ڏٻي ڪڍي ٿو، ان ڏٻي مان سندس زال نڪري ٿي. دعويٰ انهي ڪري ڪري ٿو ته سندس زال کي ڪنهن ڏٺو به ناهي. تنهن ڪري هو پاڻ کي ستو ٿو چوي ٻين جون زالن ۽ رعيت کي هو لنڊو ٿو چوي.
بادشاهه چيو اڃا ڪجهه ڏينهن خبر وٺندا رهو. ڪجهه ئي ڏينهن ۾ بادشاه جي خابرن اچي ٻڌايو بادشاهه سلامت فقير جي سمهڻ کان پوءِ سندس زال وري پنهنجي چوٽي جي وارن مان ڏٻلي ڪڍي ٿي، جنهن ۾ سندس يار لڪل آهي. پوءِ مڙئي رس رهاڻ ڪندا آهن.بادشاهه هڪدم فقير کي درٻار ۾ گهرايو. چيائينس ته وارن مان ڏٻلي ڪڍ، بادشاهه جي هن حڪم تي فقير پريشان ٿي ويو. پر جان بچائڻ لاءِ هڪدم ڏٻي ڪڍيان ته ان مان زال نڪري آئي. وري فقير جي زال کي چيائين پنهنجي چوٽي جي وارن مان ڏٻلي ڪڍ. مائي جان جي خوف مان اها ڏٻلي ڪڍي ته مائي جو محبوب به نڪري ظاهر ٿيو.
اهو لقاءَ فقير ڏسي ڏاڍو ششدر ٿيو. پريشاني مان پنهنجي زال تي الر ڪيائين پر بادشاهه جلهي ورتس. چيائين فقير اها تنهنجي دعوا جي سزا آهي. ڪڏهن به دعوا نه ڪبي آهي، ڇو ته دعوا بندي کي ڪونه جڳائي - دعويٰ صرف خدا کي جڳائي. آئينده هم ستا جي دعوا نه ڪج. فقير وري ڪڏهن نظر نه آيو.
ماڻهو وقت کان يا اڳ پوءِ کان بي خبر پاڻ پڏائڻ ۾ پورا آهن. هڪ دوست جي اڳيان انجنيئر لکڻ وسري ويو ته ڪاوڙجي پيو چيائين ”مان انجنئير آهيان“ منهنجي نالي اڳيان انجنئير نه لکندا ته آئينده دعوت نه کائيندس. ڪو ڊاڪٽر آهي، ڪو پروفيسر آهي ڪو رئيس آهي، ڪو جناب آهي، ڪو سائين آهي، پر ماڻهو ڪير آهي؟ ڄڻ ته رعيت اڄ به ڪاٺين جي ڀري جنهگ مان ڪري انتظار ۾ بيٺي آهي ته ڪو ماڻهو نظر اچي ته کڻائي. پر ڪو به ماڻهو نظر نٿو اچي، هتي ته صرف بزنيس مئن آهن، ڪو جناب آهي ته منسٽر آهي، ڪو عالم آهي ڪو اديب آهي. صرف مقابلو ڪرڻو آهي ٻي کي گهٽ ڪرڻو آهي. ڇو ته ماڻهن کي اهو يقين ٿي ويو آهي ته ٻي جي گهٽتائي ۾ سندن عزت آهي.
ڏسو ورهاڱي کان اڳ هڪ شاگرد پنهنجي استاد کان باغي ٿي پيو هو. سندس ڪم چورائڻ ۽ گم ڪرڻ لڳو. پاڻ پڏائڻ لڳو. احسان فراموش ٿي پيو، پنهنجو مذهب جي بنياد تي پاڻ کي سپر سمجهڻ لڳو. استاد ويچاري ڏاڍي پريشان حال زندگي گذاري. وقت ويو گذري مري کپي ٻئي ويا. پر اڄ تاريخ سندن ڪم جڏهن اسان جي سامهون آندو آهي ته اسان ڊاڪٽر گربخشاڻي جو ڪم ڏسي سندس عزت ڪريون ٿا. سندس ڳاٽ اسان وٽ اوچو آهي. جيئن وقت گذري ٿو ڊاڪٽر گربخشاڻي جي حيثيت ۾ اڃا به اضافو ٿيندو وڃي. سو گهٽ ۾ گهٽ ٻي کي گهٽ ماڻهو وقتي طور ڪري سگهي ٿو - پر تاريخ ۾ امر اهو ٿيندو جنهن وٽ انسانيت هوندي، خلوص هوندو، ڪم سچائي سان ڪندو جڳاڙ پرست نه هوندو. سندس سوچ ترقي پسند هوندي، تاريخ ۾ اهو ئي امر ٿيندو. انهيءَ ڪري ڀٽائي چيو هو:
ڪتا قريبن سين، دعوا وجهي مَ دڙ
وڌءِ جني وڙُ، تون ڪيئن ڏند ڏيکارين تن کي.
انسان ۾ ڏاڍي مڳي آهي، ڏاڍو بي صبرو آهي، ڏاڍو ناشڪرو آهي، خبر نه اٿس ته وقت تي ڪجهه به ڪم نه ايندس، خاڪ ٿيندا خاڪ ۾ خاقان توڙي خان سڀ. جيڪڏهن ڪم ايندس ته اهي انساني قدر، اها خدمت، اها روحانيت اهو پيار، اهو صبر باقي دولت، شهرت، جواني، حسن، عهده اتي ئي پيا هوندا، ڪرسيون اچڻيون وڃڻيون آهن جن چاليهه سال نوڪري ڪئي اهي به هڪ ڏينهن رٽائرڊ ٿي ويا، جيڪي هاڻ نوڪري ۾ لڳا آهن اهي به رٽائرڊ ٿي ويندا.
ڪجهه وقت اڳ مون گهٽ ٿيندڙ بيمارين(Rare Disease ) تي پڙهيو پي. هڪ همراهه کي وات ۾ پاڻي ٺاهيندڙ گلينڊس جي بيماري ٿي پئي. وات ۾ پڪ ٺهڻ بند ٿي ويس. جنهن ڪري کائڻ ۾ تڪليف، وات ۾ ڇالا ٿيو پون، وات خشڪ زبان ٻاهر نڪريو پوي. همراهه دولت مند هو، ڦري ماري مان گهڻو ڪجهه ڪمايو هئائين سو ڪو ڊاڪٽر نه ڇڏيائين. ڊاڪٽرن کيس چيو هر مهيني هڪ سئي لڳندي جنهن جي قيمت هڪ لک رپيا آهي، همراهه کي سئي لڳي ته ڪجهه کائڻ پيئڻ جهڙو ٿئي. پر سئي آهستي آهستي پنهنجو ڪم ڇڏي ڏنو. ڪجهه سالن ۾ ڪو به علاج نه لڳي، همراهه پنهنجي سڄي دولت کڻي ڊاڪٽرن اڳيان رکي، ته هيءَ سڀ وٺو پر مون کي منهنجي ٿڪ موٽائي ڏيو.
توهان سوچيو ٿُڪ جي ڪهڙي اهميت آهي؟ انهي ڪري شاهه لطيف چيو هو:
سردي ۾ سالم نه رهان، ڪوسي سهان ڪين،
امن ڏيج امان تون، دور ڪري ٻيا سڀ دان،
پانڊپ کائي پان، وجهج پِڪَ پينار تي.
انسان ڪجهه ناهي نه سهي سردي نه گرمي، آڪڙ ته اٿس پر جي ٿورو اک ۾ سور به پويس ته ٻئي هٿ مٿي تي. خوش هوندو ته ٺٺ لڳا پيا هوندس، پر ٿورو پريشان ٿيو ته هاءِ گهوڙا پيو ڪندو، علي احمد بروهي صاحب چوندو هو، ”نوجواني جي هوا ماڻهو کي جهومائي ٿي، پر پيري ۾ ڦوڪ نڪريو وڃيس، ڪهڙو به عروج هجي پر زوال اچڻو اٿس. هڪ ڏينهن کيس بي وس ٿيڻو آهي. ڇو ته ”وقت جو قسم ته انسان خاساري ۾ آهي“ شاهه عبداللطيف ڀٽائي زندگي جي انهيءَ بي وسي تي ڪيڏو نه بي اختيار چيو هو:
جهونو ٿيو جهاز، سٽ نه جهلي سڙهه جي
پڳ پراڻا ٿيا، سڙيو سڀوئي ساز
معلم ٿيو محتاج، ٻيڙو وس ٻين جي.
ڪڏهن ماڻهو پنهنجي ٻل تي دنيا سان جڙيل آهي، سڀني کي پنهنجي حڪم تي هلائي ٿو. رشتا ٺاهي ٿو. ملڪيت ڪمائي ٿو. سازشون ڪري ٿو. ڀڃ ڍاهه ڪري ٿو. دنيائي ڪم ڪري ٿو. محنت مزوري ڪري ٿو. گهر سنڀالي ٿو، ڪڏهن ڏس ته بي وس، ڪمزور، نه نظر ٺيڪ، نه ٻڌي صحيح، طرح طرح جون بيماريون گهيريو وڃنس. ويچارگي جي زندگي، ٻين جي آسري تي، ڪير سنباليس ته ٺيڪ نه ته ڪيڏو اڪيلو !!! آخر فنا ٿيو وڃي،
بس اها ئي ڪيفيت اٿس، جيڪا شاهه محسوس ڪئي آهي. تنهن ڪري زندگي جا سڀ نظارا، سڀئي رنگينون، سڀئي طاقتون فنا طرف وڌي رهيون آهن، پر ڪير آهي جو سمجهي ته هي سڀ مايا آهي، مايا جي موهه ۾ ايترو گم نه ٿجي جو انسانيت کان ٻاهر نڪري وڃجي. تنهن ڪري دعوا ماڻهو کي نه جڳائي، جن دعوائون ڪيون اهي هوا ٿي ويا، انهن جو نشان به نٿو ملي، سڪندر بادشاهه سڄي دنيا کي فتح ڪرڻ هليو هو.پر هڪ ڏينهن اهڙو آيو جو بي وس بيمار ٿي حڪيمن کي ستائڻ لڳو ته ڪجهه مهلت ملي ته يونان پهچي پنهنجي ماءَ سان ملي سگهان. پر وقت پورو ٿي ويو. تڏهن سڪندر بي وسي مان چيو هو، ” جڏهن سڪندر مري ته ان جا هٿ ڪفن کان ٻاهر ڪڍي ڇڏجو، ته جيئن دنيا کي خبر پوي ته سڄي دنيا فتح ڪرڻ وارو، سڪندر اڄ هن دنيا مان خالي پيو وڃي“
دنيا جي وچم رهو پر دنيا جا نه ٿيو،
پنهنجي اندر جي انسان کي زندهه رکو.
ڪير ڪنهن جو سدا لاءِ ناهي ٿيڻو، نه وري ڪا به شيءَ ڪنهن هٿ اچڻي آهي،
شاهه لطيف انهيءَ ڪري چيو ته :
دنيا سڀ دريا، ڪو ڪو تارون تنهن ۾
هڪڙي لهر لوڀ جي، ٻيو آتشي اوڙاهه
طالبن توڙان، موڙي چاڙهيون مڪڙيون