جديديت پڄاڻان جو سياسي ڊسڪورس
هاڻي دور بلڪل پنهنجي ماضي جي دور کان ابتو آهي، جنهن لاءِ مشل فوڪو چيو هو ته جديديت پڄاڻان جي بلڪل نئين اپسٽيم آهي، اپسٽيم مان مراد اهي طور طريقا، اهي رواج، قدر، ماڻ ماپا جن ۾ ڪنهن دور کي ماپبو يا سڃاڻبو آهي، فوڪو هن نئين اپسٽيم کي انسان ذات لاءِ ايترو نئون قرار ڏي ٿو جو چوي ٿو ”دنيا جي ڪنهن به تاريخ، ڪنهن به تهذيب،ڪنهن به وقت اهڙي اپسٽيم نه ڏٺي نه ٻڌي هوندي“. بلڪ هي بلڪل نئون چئلينج آهي،
ته پوءِ يقينن هن چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءَ اسان جو رويو، منهن ڏيڻ جو انداز به بلڪل نئون هئڻ گهرجي، شايد اها ڳالهه عام طور سان سمجهه ۾ نه آئي آهي. جن ماڻهن سمجهي آهي انهن مان هڪڙا ٻڏتر ۾ آهن ته ڇا هن ڊسڪورس کي قبول ڪري هن دور جي راند کيڏجي يا وري مخالف ڪري ڪنهن نئين جهان جي تلاش ڪجي، ڇو ته گهڻن ماهرن جو خيال آهي ته هي عبوري دور آهي، جڏهن عبوري دور وقت کان وڌي ويندا آهن ته پوءِ نقصان به گهڻا سامهون ايندا آهن.
پر توهان ڏٺو ته ڪيترائي ماهر هن دور کي نه صرف قبول ڪن ٿا، پر هن دور مان فاعدي حاصل ڪرڻ جا گڻ به سيکارين ٿا، جن ۾ اسٽيون ڪوي، ايڊورڊ ڪورنش، رٿ ريچل، مورا اينڊريا، درڪر پيٽر، والٽر ايندرسن وغيره. تمام گهڻا نالا آهن جن دنيا جي هر مڪتبه فڪر ۾ جديديت پڄاڻان جي سوچ کي داخل ڪري نئين راهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
اسان سڀني کي خبر آهي ته اسان ٽيئن دنيا جا ملڪ به گلوبل دنيا سان واپار ۾، سياست ۾ ڄاڻ ۾، ناليج ۾، انفارميشن ۾ هڪ جيترو ڀاڱي ڀائيوار آهيون. دنيا ۾ انگريز 14 سيڪڙو آهن، باقي نسل 86 سيڪڙو آهن، انگريز يا گوري کي جيڪا علمي، ٽيڪنالوجي جي هڪ هٽي هئي، اها تيزي سان ختم ٿي رهي آهي، صرف ايشيا مان ايترا ماڻهو انفارميشن ٽيڪنالوجي ۾ ماهر ٿي نڪرن ٿا جيتري امريڪا جي آبادي به ڪونهي. اهڙي صورتحال ۾ انٽر نيٽ هڪ افغان قبيلي ۾ رهندڙ برقعي پوش خاتون کي به ايترو موقعو ڏي ٿي جيترو ڪنهن ترقي يافته ملڪ جي ماڊرن عورت کي.
سڀ کان وڏي تبديلي اها آئي ته جيترو ڊجيٽل شين جو استعمال غريب ملڪن ۾ ٿئي ٿو اوترو ترقي يا فته ملڪن ۾ به نٿو ٿئي. بلڪل ائين جيئن اسان جي ٻهراڙين ۾ جيترو موبائل استعمال ٿئي ٿو جيترو انهن کي پيڪئج جي خبر هوندي آهي، جيترو اهي ڪمپيوٽر استعمال ڪن ٿا، اوترو اسان شهرن ۾ به نٿا ڪريون. مثال اسان فيس بڪ کان وٺِي واٽس اپ، يوٽيوب، وڪي پيڊيا جو جيترو استعمال اسان وٽ ٿئي ٿو اوترو امريڪا ۾ نٿو ٿئي، اوترو انگلينڊ ۾ نٿو ٿئي.
ڳالهه منفي يا مثبت استعمال جي ناهي، ڇو ته منفي يا مثبت ڪارپوريٽ ڪلچر ۾ بي معنيٰ شيون آهن. جي توهان کي فاعدو آهي ته جديديت پڄاڻان جي مطابق اهو درست آهي، اهڙي طرح سياست ۾ برصغير ۾ اقليت جي بجاءِ اڪثيريت کي پنهنجي مفادن جو نعرو ڏيئي انهن جون همدرديون حاصل ڪرڻ جو رجحان وڌيو، مودي سرڪار اهو نعرو هڻي انڊيا جو وزير اعظم ٿيو.
اهڙي طرح امريڪا ۾ پهريون جديديت پڄاڻان جو صدر ڊونالڊ ٽرمپ آهي جنهن روايتي سياست جي نعري بازي جي بجاءِ، بريڪنگ هائپر ريئلٽي جا تصور اڀاريا،مثال هن پهريون نعرو هئيو ته مسلمان جي امريڪا ۾ داخلا بند ڪئي ويندي، يا هن اعلان ڪيو ته مسلمان دهشت گرد آهن، ميڊيا ۾ گوڙ مچي ويو، خبرن جو مرڪزي ڪردار ٽرمپ بنجي ويو، وري هن امريڪن اميگرينٽس ۽ اصلي امريڪن جي وچم ديوار پيدا ڪئي هن چيو ته ٻاهرين ماڻهن کي ڪڍيو ويندو، ٽيون نعرو هن نيشلزم جو هئيو جنهن ۾ هن چيو ته جديد ٽيڪنالوجي جو وڏو چئلينج بي روزگاري آهي، اڻ ڇهندڙ معاشي سرگرميون ماڻهن کي بي روزگار ڪنديون انهن کي امريڪا ۾ روزگار جي موقعا اول ڏنا ويندا. آهستي آهستي ٽرمپ خوفناڪ بيان ڏيڻ ۽ پاڻ کي ميڊيا ۾ ان رکيو،
بنيادي طور اڄ جي دور جو ڊسڪورس آهي ميڊيا ۾ ان رهو، منفي يا مثبت جو بنياد ختم ٿي ويو. توهان ايترا مشهور ٿيو، جو ماڻهو صرف توهان کي ياد رکن، توهان ايترا ڇرڪائيندڙ بيان ڏيو جو ماڻهن جو ڌيان توهان ڏانهن هجي، توهان برڪينگ نيوز پيدا ڪريو. دنيا ۾ خبرن جو ڪاڪ محل ٺاهي ڇڏيو، جنهن ۾ ماڻهو منجهندا رهن، ڪو رستو نه ملين تان جو توهان انهن کي شڪار ڪري وٺو.
هائيپر ريئل تصورن جي دنيا اڃا اتي ختم نٿي ٿئي. اَل گور هڪ ڪتاب لکيو هو ” دي فيوچر “ ( ڇهه اهم گلوبل نڪتا)
جنهن ۾ پهريون نڪتو اهو ته دنيا جي معاش گلوبل گڏيل طور دنيا ۾ اڀري رهي آهي،
ٻيو اصول اهو هو ته تمام تڪڙيون تبديلون معاش کي ڪٿي ساهه کڻڻ نه ڏينديون، جنهن ۾ ڏسندي ڏسندي هڪڙا ماڻهو ارب پتي ٿيندا ۽ ٻيا ارب پتي مان ڪک پتي ٿي ويندا، پر نتيجي ۾ ماڻهو سرمايو ته گڏ ڪري وٺندا پر دنيا کي هڪ خطرناڪ آلوده ماحول ملندو، جنهن ۾ انسان جو جئڻ مشڪل ٿي پوندو.
ٽيون نڪتو جينيٽيڪل سائنس جو نڪتو هو جنهن ۾ هائبرڊ ٻجن کان وٺي انسان جي بائلاجيڪل تبديلي تڪڙي ٿيندي، جيڪا توهان فطرت ۾ تصور نٿا ڪري سگهو.
چوٿون نڪتو اهو هو ته رشتن جو نئون جهان ٺهندو، جنهن ۾ قدر نه هوندا، دوستيون دشمنيون مفادن جي چوگرد گمهنديون، دنيا هڪ وڏو ڪوهيڙو بنجي ويندي جنهن ۾ سڀ ڪجهه ڌندلو ٿي ويندو.
پنجون نڪتو جيڪو ڏاڍو اهم هو ته دنيا ۾ طاقت جي تڪڙي تبديلي وڏي اٿل پٿل آڻيندي جنهن ڪري طاقت مغرب مان مشرق ڏانهن شفٽ ٿي ويندي.
ڇهون آخري نڪتو هو ته دنيا ۾ علم، معلومات گلوبل ٿي ويندي، جنهن ڪري نيٽ تي ڪورس، ڪتاب، ليڪچر ۽ پڙهائي سان گڏ يونورسٽيون کلنديون جن مان دنيا جا ماڻهو هٿرادو ذهانت حاصل ڪندا،
سوال اهو ضرور اڀرندو ته حقيقي انسان ڪهڙو آهي. بلڪل اها صورتحال اسان ايگزيڪٽ ڊگري کان وٺي هاورڊ يونيورسٽي جي پروفسيرن جي باغياني عمل کي ڏٺو جن ڪورس ۽ ليڪچر پنهنجا ويب سائيٽ تي رکي ڇڏيا جو يونيورسٽي پريشان ٿي ويئي.
سوال اهو آهي ته اهڙي ڊسڪورس ۾ اسان پنهنجو مسقبل ڪٿي ڳوليون؟
جتي انديشا هجن، نه سمجهه ۾ ايندڙ تبديليون هجن. ايڊورڊ ڪورنش پنهنجي ڪتاب ” فيوچر جي ڳولا“ ۾ لکيو ته گهڻا ماڻهو تڪڙي ڊرائيونگ ڪري رهيا آهن پر روڊ تي سندن نظر ئي ناهي، اسان ايندڙ دور لاءِ دور انديش ناهيون، اسان پاڻ کي نئين دور لاءِ تيار ناهي ڪري سگهيا آهيون في الحال ته اسان صرف انهيءَ دور مان دولت پيا ڪمايون، يا طاقت حاصل ڪريون پيا، مستقبل جي سياست جيو سياست سان ڳنڍيل رهندي، دور انديشي[ FUTUROLOGY ] صرف اندازو ناهي بلڪ اهو هنر آهي جيڪو اسان کي مسقبل جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ سيکاريندو.
دنيا هائپر ريئلٽي جي ور چڙهي چڪي آهي جتي تصور مارڪيٽ ۾ ڪارپوريٽ ٿين ٿا، جيڪي تصور اڀري وڃن ٿا اهي دولت ڪمائن ٿا، اهي اقتدار تائين پهچائن ٿا.
تنهن ڪري سياست جا رخ بدلجي چڪا آهن. ماڻهو اجتماعي سوچن مان نڪري, پنهنجي انفرادي ڪوهيڙي ۾ گم ٿي رهيا آهن،
اسان وٽ سنڌ ۾ به اها صورتحال آهي، ڀلي اسان جو نظام تباهه ٿي ويو هجي، گهر کان ٻاهر گٽر وهي رهيا هجن، ڀلي ڪرپشن اڏوهي ونگر کائي رهي هجي، ڪو به ترقياتي ڪم نه ٿئي، پر تصور اهو اڀارڻو آهي ته وڏيرو ان ڌاتا آهي، توهان جلدي سياسي تبديلي ڏسندا جڏهن مارڪيٽ اسان جي سياسي وڏيري جي هٿ مان نڪري ويندي، سنڌ جي سياست ۾ قوم پرست عنصر جيئن آهستي آهستي غائب ٿي ويو، تئين سنڌ جي مارڪيٽ مان سنڌي وڏيرو غائب ٿي ويندو، ڇو ته جيو سياست ۾ اسان جا سياست دان صرف پارليامينٽ جا ميمبر هوندا جهنڊي لڳل گاڏي ۾ گهمندا، پر وٽن ڪا به سياسي دور انديشي نه هوندي، نه وري وٽن سنڌ متعلق ڪو فيصله ڪن قانون سازي هوندي، سياست جوڙ توڙ جي هوندي جيڪا هلي پئي.
پر ڇا گلوبل دنيا جي تڪڙين تبديلين ۾ اسان جي موجوده سياست مستقبل جي ايندڙ چئلينجن کي منهن ڏي سگهندي؟ ته هر ماڻهو جو جواب اهو هوندو ته ”نه“ ان جو مطلب ته سياست ڪاروبار ڏانهن تيزي سان منتقل ٿي رهي آهي، اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جا آبادگار ڪڏهن رڙيون ڪندي نظر ايندا، ڪڏهن ماستر لٺيون کائيندي نظر ايندا، پر ڪا واضح نه حڪمت عملي آهي نه وري ڪو نظام آهي، سنڌ ۾ پٺاڻ تيزي سان ڪاروبار ۾ داخل ٿي رهيو آهي، انهيءَ طبقي جو مستقبل ۾ سياست ۾ ڪهڙو ڪردار هوندو انهيءَ کي مد نظر رکي توهان ڏٺو ته ڪنهن سنڌ جي سياست دان پٺاڻن جو سردار ٿيڻ جو اعلان ڪيو، ڪو وري ٻروچن جو سردار ٿيڻ پسند ڪري ٿو.
ٻي طرف چين جون واپاري سرگرميون سي پيڪ جي صورت کان علاه به اسان جي سامهون آيون ته واپار سان گڏ اسان کي چيني ڏوهارين جو به سامهون ڪرڻو پوندو. جديديت پڄاڻان جو بنياد اهو به آهي مرڪزيت ختم ٿي ويندي، انفرادي طور هر وجود جي اهميت سندس ضد کان بغير هوندي جيڪڏهن سٺائي جو تصور آهي ته برائي جو به هوندو، ايمانداري جو تصور سان گڏ بي ايماني، يا سچ سان گڏ ڪوڙ جو تصور هوندو
پر جديديت پڄاڻان جو بنياد ئي اهو آهي ته ڪوبه ضد ناهي اها ته اسان جي سوچ آهي، هتي هر ماڻهو جي سوچ جو رخ الڳ آهي تنهن ڪري ساڳي وقت سچ ڪوڙ به آهي ته ڪوڙ سچ به آهي، ڳالهه صرف ايتري آهي ته ڪهڙي ڳالهه شين ۾ مشترڪ آهي انهيءَ تي اتحاد ٿيندو جيڪڏهن هڪڙي ماڻهو جو ڪم ماڻهو مارڻ آهي, ٻي جو ڪم جان بچائڻ آهي ته اها انفرادي صورتحال آهي. گهٽ ۾ گهٽ ٻنهي کي پاڻي پيئڻ جي مسئلي تي اختلاف ناهي اتي اتحاد ٿي سگهي ٿو. اهڙي طرح سياست ۾ ڪنهن سان ڪهڙي به وقت اتحاد ٿي سگهي ٿو، جيڪڏهن ڪو اربين رپين جي ڪرپشن ۾ پڪڙيو آهي ته اها انفرادي صورتحال آهي گهٽ ۾ گهٽ سياسي مفاد تي ڪٿي گڏ ٿي سگهجي ٿو. ۽ سڀ گناهه معاف ٿي سگهن ٿا.
جديديت پڄاڻان جو اهم نڪتو اهو به آهي جيڪو ليوٽارڊ چيو هو ته ”جيڪڏهن ڪارل مارڪس غلط ٿي سگهي ٿو ته دنيا جي هر شيءَ غلط ٿي سگهي ٿي“ مطلب جنهن نڪتي نظر تي اسان هلي رهيا هئاسين اها غلط ئي آهي، انسان جي سڀني حقيقتن کي نظريا سمجهائي سگهڻ ۾ فيل ٿي ويا آهن، مطلب ته سياست جو رخ نظرين بجاءِ ڪنهن ٻي طرف موڙهيو ويو، نتيجي طور احتاج جون تحريڪون شروع ٿيون، محرومي جو ميڊيائي رومانس شروع ٿيو،
حقيقت جا ڪيترائي رخ پيدا ڪيا ويا، هڪ ميڊيائي حقيقت ٻي،زميني حقيقت, ٽي تصوراتي حقيقت، چوٿين سياسي حقيقت، پنجين واپاري حقيقت پر هڪ ئي وقت انسان هڪ نه پر سوين دنيائن ۾ رهڻ لڳو. سندس زمان ۽ مڪان فطرتي نه رهيو جنهن ڪري بوکلائٽ ۽ وائڙائپ وڌي ويئي.
جديديت پڄاڻان هڪ ئي وقت جادوئي صورتحال [Virtual-Realit ] به آهي ته حقيقت کان ماورا صورتحال به آهي، هن صورتحال کي تاريخ نه ڪڏهن ڏٺو نه ٻڌو، انسان جي هيءَ پهرين تاريخ آهي جنهن جي هڪ سيڪنڊ ۾ سالن جي تاريخ سموئجي وڃي ٿي ته وري سالن جي تاريخ هڪ سيڪنڊ ۾ تبديل ٿيو وڃي. انسان وائڙو بي يار و مددگار ٿي اميد پرستي طرف واجهائي ٿو، پر اميد ۽ مايوسي جي جديديت پڄاڻان ۾ ڪابه جڳهه ناهي.
جي هي دور عبوري دور آهي ته يورپ جي اونڌاهي واري دور کان به خطرناڪ آهي، ڇو ته انسان جي هن تاريخ کان ڪير به واقف ناهي.