تاريخ، فلسفو ۽ سياست

عالمگيريت ۽ انسان

ھي ڪتاب نامياري محقق ۽ اديب ڊاڪٽر غفور ميمڻ جو لکيل آھي. راز شر لکي ٿو:
”عالمگيريت ۽ انسان ڪتاب دراصل انسان جي زوال جي ڪھاڻي آهي. انسان جي چريائپ جي ڪھاڻي آهي. ليکڪ جو چوڻ آهي تہ پھرين بيماري جي سڃاڻپ ضروري آهي. جيڪو بيماري سمجهي وٺندو تہ سندس علاج ۾ سھوليت ٿي پوندي. تنھن ڪري هي ڪتاب جيڪي سنجيدہ ذهن هن سماج کي تبديل ڪرڻ چاهين ٿا انهن لاءِ مشعل راهہ آهي.
Title Cover of book عالمگيريت ۽ انسان

وڃايل ماڻهو

عالمگيريت واپاري مقصدن تحت هڪ اهڙي صورتحال کي جنم ڏيئي ويئي جنهن کي جديديت پڄاڻان چئجي ٿو
سقراط چيو هو ته ” ماڻهو جاهل آهن، پر افسوس ته کين اها به خبر ناهي ته هو جاهل آهن، گهٽ ۾گهٽ مون کي پنهنجي لاعلمي جي ڄاڻ آهي“
بلڪل اهڙي طرح جديديت پڄاڻان {Post-Modernism ] جي دور جو سچ اهو آهي ته ماڻهو مرون بنجي چڪا آهن، ماڻهو بگهڙ بنجي چڪا آهن، مطلب ته ماڻهو مڪمل ائبنارمل بنجي چڪا آهن پر افسوس جو کين اها خبر ناهي ته هو ماڻهو نه رهيا آهن.
شيخ اياز اڳ چئي ويو هو:
ماڻهو منجهه مرون اڳين کان اڳرو ٿيو.
هي صورتحال جديديت پڄاڻان جي آهي. جيڪڏهن ڪو نظريو هجي ها يا ڪو نظام هجي ها ته ان جي مخالفت ڪجي ها، يا ان جي مقابلي ۾ ڪو ٻيو نظريو ڏجي ها پر هي صرف صورتحال آهي،
هن ۾ انسان مڪمل ڦاسي چڪو آهي. جنهن مان نڪرڻ جا جتن ئي ڪري سگهجن ٿا..
آخر هي صورتحال ڇو ٿي آهي. مون کي ياد آهي 2006ع ۾ سنڌي ادبي سنگت گلشن حديد ۾ مون ”جديديت پڄاڻان “ تي هڪ طويل ليڪچر ڏنو هو. جنهن تي گهڻا دوست مون تي کلڻ لڳا هئا، گهڻن کي ته ڳالهه نه وڻي. سمجهڻ لڳا ته هي ڪو منهنجي ذهن جي اختراح آهي، بلڪل ائين 1991ع ۾ جڏهن مون پهريون ڀيرو گرو رجنيش تي ”ساڃاهه“ رسالي ۾ لکيو هو ته ان تي گهڻن دوستن تنقيد ڪئي ته هي وري ڪهڙي ماڻهو تي لکيو اٿس، پر توهان ڏٺو ته ٿوري ئي وقت ۾ سنڌ ۾ رجنيش جي ڪتابن جي ٻوڏ اچي ويئي، بلڪ گهڻا ان جا پرستار ٿيا کيس پيار مان اوشو چوڻ لڳا.
سو اڄڪلهه اسان جا گهڻا دانشور جديديت پڄاڻان تي ڳالهائڻ لڳا آهن. انهيءَ موضوع کي سمجهڻ لڳا آهن، سٺي ڳالهه آهي، ته اڄ جي دور کي سمجهيو وڃي.گهٽ ۾ گهٽ اسان 70ع ۽ 80ع واري ڏهاڪي کان اڳيان نڪرون ته صحيح آهي. اها مايوسي ناهي اصل ۾ بيماري کي سمجهڻ ضروري آهي. جڏهن اسان بيماري کي سمجهنداسين ته ان جو علاج به ڪنداسين.
گهڻا دانشور چون ٿا هي عبوري دور آهي. گهڻن جو خيال آهي ته انسان ترقي ڪري رهيو آهي، مذهبي ماڻهن جو خيال آهي ته هي زوال آدم آهي، جيڪو ٿيڻو آهي، قيامت جون نشانيون آهن،
اصل ڳالهه صرف ايتري آهي ته هن دور جا ڪجهه محرڪ آهن، جن ۾ هاءِ اسپيڊ ٽيڪنالوجي، جنهن ۾ ڪمپيوٽر، انٽر نيٽ، موبائل، ۽ ڪيئبل ڪلچر ٻي طرف واهيات مقابلي بازي، ۽ بازار جي وسعت بنيادي محرڪ آهن، ٽيون هڪ فيڪٽر به موجود آهي ته دنيا يوني پولر نظام ۾ هڪ هٽي ڏانهن هلي ويئي آهي.
هن نظام جا ڪجهه بنيادي نعرا يا اصول چئو يا طريقا چئو موجود آهن. جن ۾ هڪ ڀڃ گهڙ جيڪو دريدا نظريو ڏنو هو، ته شيون پنهنجي مرڪز مان خارج ٿي داخليت ۾ ٽٽنديون، مطلب ڪابه ميٽا نيريشن يا مها بيانيه نه هوندو، سوچ گلوبل هوندي عمل لوڪل هوندو،
ٻيو ته ضد ختم ٿي ويندا، شيون يونيڪ ٿي وينديون، مطلب ته مائڪل جيڪسن ٽائپ ٿي وينديون جن جي خبر ناهي ته مرد آهن يا عورت.
وري شيون پنهنجي ابتڙ تاريخ ٺاهينديون، مثال ضرورت ايجاد جي ماءَ نه رهندي بلڪ ايجاد ضرورت جي ماءَ ٿيندي. قدر ابتا ٿي ويندا.
ان کان پوءِ رولينڊ بارٿس ٿيوري ڏني جنهن چيو ته ادب جو پڙهندڙ ئي تخليق ڪار آهي، اديب جي مرڪزي سوچ جو محور نظريو ناهي بلڪ ادب جي معنيٰ ان کي پڙهندڙ ڏيندو، جنهن کي هن ڊيٿ آف آٿر چيو.
ان کان اڳ سوئيسر چيو هو ته لفظن کي معنيٰ سندن ساخت ڏيندي آهي. ساخت کان بغير ڪابه شيءَ معنيٰ نٿي رکي،
دريدا ان کي به ختم ڪري چيو ته ساخت به معنيٰ نٿي ڏئي بلڪ معنيٰ جو جهان آهي ئي ڪونه. هر فرد جي مرضي آهي ته ڇا معنيٰ ٿو ڏي.
توهان ڏٺو ته هنن فڪري محرڪن مارڪيٽ ۾ عملي طور ڪهڙا تماشا پيدا ڪيا
ڪارل مارڪس چيو هو ته دنيا سائنسي طور ترقي ڪري هڪ عالمي سائنسي ڪميونزم ۾ داخل ٿيندي، سائنس جي ترقي عالمگيرت پيدا ڪندي. بلڪل اها ترقي اڻ ٽر هئي، جنهن ڪري سائنس ته ترقي ڪري عالمگيريت ڏانهن وڌي ويئي، پر اسان نظام پيدا نه ڪري سگهياسين. بلڪ عالمگيريت واپاري مقصدن تحت هڪ اهڙي صورتحال کي جنم ڏيئي ويئي جنهن کي جديديت پڄاڻان چئجي ٿو. هن صورتحال جون اهم خصوصيتون اهي آهن ته:
هن ۾ ڪو به زمان و مڪان نه هوندو، ماڻهو مارڪيٽ جو وکر هوندو، ڪنفيوز ايترو هوندو جو کيس ڪابه پنهنجي سمجهه نه هوندي کيس هر سوچ، هر ڳالهه مارڪيٽ ڏيندي، مارڪيٽ جي نيريشن تي هلندو، انهيءَ نيريشن کي مقامي ۽ عالمي حيثيت روز جي بنيادي تي ملندي رهندي.
هڪ دلچسپ مثال توهان کي ڏيان هڪ ماڻهو سگريٽ جو پاڪيٽ ورتو انهيءَ تي لکيو پيو هو ته ”خبردار سگريٽ پئيڻ سان توهان کي ايڊز ٿي سگهي ٿي“ همراهه سگريٽ جو پاڪيٽ کڻي پڙي تي ويو انهيءَ کي چيائين ته يار هي ڪهڙو سگريٽ ڏنو اٿئي!!! هو ڪينسر وارو ڏي نه !!!. هاڻي توهان سمجهي ويا هوندا. مارڪيٽ جي ڪڏهن چوي ته رات شروع بات شروع ته توهان جو نوجوان انهيءَ بيان تي هلندو،
اهو وقت ويو جڏهن توهان وٽ قدر هئا، گهريلو ماحول هو. پاڻ ۾ هڪٻئي سان رابطو هو. هاڻي ته هڪ ئي گهر ۾ موجود فردن جي توهان کي خبر ناهي ته ڪير موجود آهي، جي موجود به آهي ته توهان سان گڏ ناهي، سڀ گڏ ويٺا ضرور آهن پر موبائل تي لڳا پيا هوندا، ماڻهو سمجهي ٿو اهو عالمي طور فاعدو آهي جو انسان دنيا کان باخبر آهي، جڙيل آهي، پر ڪيتري نه خطرناڪ قيمت انهيءَ جي ادا ڪرڻي پيئي آهي جو انسان انسان کان ڌار ٿي ويو آهي، رشتا ناتا، آدرش خاندان، پيار، محبت، همدردي، جذبا، قدر سڀ ختم ٿي ويا،
هاڻي صرف مقابلي بازي آهي. رشتا صرف نالي ۾ آهن، مارڪيٽ ۾ صرف مقابلو ڪرڻو آهي دانشوري ۾، سياست ۾ ادب ۾، رشوت خوري ۾، ڪرپشن ۾، ڏيکاءِ پرستي ۾، مادي سهولتن کي ڏيکاءِ ڪرڻ ۾ صرف مقابلو آهي، هڪ فرد جو ٻي سان صرف مقابلو آهي انهيءَ مقابلي ۾ ڪئين جڙتو دانشور، شاعر، سياستدان، صحافي شامل آهن. ايتري قدر جو بي غيرتي جو به مقابلو ڪرڻو آهي، ڪا ٽِي وي اينڪر، يا اداڪاره اگهاڙِي ٿئي ٿي ته انهيءَ کان وڌيڪ اگهاڙو ٿي ڏيکارڻو آهي، جيڪڏهن ڪاميابي جنسي سودي ۾ آهي ته هوس جي انهيءَ سودي ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏڻي.
مارڪيٽ شيون ٺاهيندي ويندي توهان جي ضرورت بنائيندي ويندي، توهان عيش، آرام جي زندگي جا عادي ٿي ويندا، مطلب ته هڪ اهڙي شينهن تي توهان کي سوار ڪيو ويو آهي جو انهيءَ شينهن تان جيئن ئي لهندا توهان کي اهو شينهن کائي ماري ڇڏيندو. جنهن ڪري سڄي ڄمار انهيءَ شينهن تي سفر ڪرڻو آهي، توهان وڇڙي ويل وڳ کان هڪ ڪردار آهيو، وڳ ايترو ائبنارمل ٿي چڪو آهي جو هڪ ٻي کي چڪ وجهن ٿا. هڪ ٻي جو ماس پٽين ٿا، توهان رڙيون ڪريو ٿا،
هاءِ گهوڙا ڪريو ٿا، جديديت پڄاڻان انهيءَ جو به مذاق اڏائي ٿي. توهان جي هر الميي کي توهان جي هر پريشاني کي جديديت پڄاڻان ڪيش ڪرائي ٿي. ڇو ته هاڻي واقعا روز جي ڳالهه آهن، ڪير ٿو مري ڪير ٿو جيئي ڪنهن سان ڪو به واسطو ناهي، ڇو ته توهان سڀئي اڳ ۾ مئل آهيو. مردن جي جنگ ۾ شمار ٿي چڪا آهيو. چاپلوسي، ضمير فروشي، دهشت گردي، ڌٻڙ دهونس، ٻي کي ڦرڻ، دوکو ڏيڻ، احسان فراموشي، ٻي کي ڌڪو ڏيئي اڳتي نڪرڻ کي ڪريئر سمجهيو ويندو آهي دراصل سي وي ٺاهڻي آهي،
ليٽارڊ چيو هو ته جي ڪارل مارڪس غلط ٿي سگهي ٿو ته سڀ ڪجهه غلط ٿي سگهي ٿو. بلڪل اهو سڀ ڪجهه غلط ٿي رهيو آهي،
پر سوال اهو پيدا ٿو ٿئي ته انهيءَ صورتحال کي غريب ملڪ، اسرندڙ ملڪ وڌيڪ ڇو ٿا ڀوڳين؟
صرف انهيءَ ڪري ته جتي شعور جي سطح گهٽ هجي، اتي جديد ٽيڪنالوجي نصقان ڏئي سگهي ٿي، اسان ڏٺو ته ڳوٺ ۾ رهندڙ محروم طبقي جنهن وٽ کائڻ لاءِ يا پائڻ لاءِ ڪجهه ناهي پر وٽس موبائل آهي، جنهن ذريعي هو غلط نمبر ملائي ڇوڪرين سان فلرٽ ڪرڻ ۾ ماهر آهي، اسان ڏٺو ته سنڌ جي شريف خاندان جا ڍينگا ڍرا ٿي ويا، وڏن اوچن خاندانن جون شريف ڇوڪريون واهيات ڪڌن ڪرتوتن ۾ مشهور ٿي رهيو ن آهن، هڪ طرف نشي جي دنيا ٻي طرف دنيا ۾ جنسي ۽ واهيات ڪلپ، فوٽو، يا وڊيو ڏسڻ يا سرچ ڪرڻ ۾ پاڪستان جو نمبر پهريون آهي.
ان کان پوءِ توهان اهو به ڏسندا ته جتي قانون ناهي، جتي ڪو نظام ناهي، ڪو عدل ناهي، اتي جديدت پڄاڻان لاءِ بهترين ميدان ميسر آهي. اڳ ائين ٿيندو هو ته جديد ٽيڪنالوجي ترقي يافته ملڪن مان ٿيندي اتي قدر تبديل ڪندي پوءِ غريب ملڪن ۾ پهچندي هئي پر هاڻ انهيءَ جي ابتڙ آهي، هاڻي ٽيڪنالوجي غريب ملڪن ۾ تباهي ڪري پوءِ امير ملڪن ڏانهن وڌندي آهي،
اسان وٽ زمان ومڪان، ۽ استحڪام نه رهيو آهي، جنهن ڪري ڪو به قدر ناهي، اهو ئي سبب آهي جو اوچتو هڪ وڏو طوفان اٿي پيو آهي، ته رشتا ختم ٿي ويا آهن، نوجوان مڪمل کري تباهه و برباد ٿي پيو آهي، سماج ۾ مڪمل منفيت پيدا ٿي چڪي آهي، بگهڙن وانگر اکيون شيڪي هڪ ٻئي کي کائڻو آهي.
آخر هن طوفان جو حل ڪهڙو آهي ڇا هي طوفان ڪٿي دنگ ڪندو يا سڀ ڪجهه لوڙهي ڇڏيندو.؟
اهو اڄ جو اهم سوال آهي ته سماج جي ويڳاڻپ، ماڻهو جو ماڻهو کان ڌار ٿيڻ، مقابلي بازي، مرون پڻو ڪٿي دنگ ڪندو.
اسان جو داشور پنهنجي خود سنائي مان، صحافي بليڪ ميلنگ مان، اديب ڏاڙهي پٽ مان ۽ سياست دان ڪرپشن مان ڪڏهن نڪرندو؟
ڇا هي نظام درست ٿيندو؟ اهي اڄ جا اهم سوال آهن. جن تي سوچ ويچار جي ضرورت آهي.
شوڪت اڄڻ صاحب انهيءَ صورتحال کي ڏاڍي سٺي نموني چٽيو آهي
نه وحدت پرستي، نه ڪثرت پرستي
حياتي اجائي ٿي، شهرت پرستي

خدائي پرستي، نڪو خود پرستي
بچي آ حياتيءَ ۾ ، نفرت پرستي

نگاهون ۽ سوچون نه محفوظ آهن
بظاهر ته ڏاڍي آ، عطرت پرستي

اسان ڪنهن به نقطي سان ناهيون شناسا
فهم کان سواءِ آهي، دهريت پرستي

ٿيا ديوتا، خوف، لالچ ۽ نفرت
نڪو ڪوئي قادر، نه قدرت پرستي.