تاريخ، فلسفو ۽ سياست

عالمگيريت ۽ انسان

ھي ڪتاب نامياري محقق ۽ اديب ڊاڪٽر غفور ميمڻ جو لکيل آھي. راز شر لکي ٿو:
”عالمگيريت ۽ انسان ڪتاب دراصل انسان جي زوال جي ڪھاڻي آهي. انسان جي چريائپ جي ڪھاڻي آهي. ليکڪ جو چوڻ آهي تہ پھرين بيماري جي سڃاڻپ ضروري آهي. جيڪو بيماري سمجهي وٺندو تہ سندس علاج ۾ سھوليت ٿي پوندي. تنھن ڪري هي ڪتاب جيڪي سنجيدہ ذهن هن سماج کي تبديل ڪرڻ چاهين ٿا انهن لاءِ مشعل راهہ آهي.
Title Cover of book عالمگيريت ۽ انسان

انارڪي ۽ جبلت مرگ

گلوبل سرمائيداري۽ گلوبل ٽيڪنالوجي ۾ انسان ۽ سماج جو زوال سماج جو مطلب ئي هڪ ڊسيپلين ۽ قانون جي پوئيواري آهي. ڪنهن به سماج جي قائم رهڻ لاءِ بنيادي قدر، معاشي ذريعا، پيدواري رشتا ۽ سماجي قانون انتهائي اهم هوندا آهن. سماج بلڪل هڪ فرد وانگر هوندا آهن، جيئن ماڻهو بيمار ٿي سگهي ٿو، تيئن سماج به بيمار ٿي سگهي ٿو. ماڻهوءَ ۾ نفسياتي خلل به پيدا ٿي سگهي ٿو. ماڻهوءَ جو عروج ۽ زوال ٿيندو آهي، ماڻهو خوشحال ۽ غريب به ٿيندو آهي، ماڻهو محروم يا حرفت باز ۽ ڏوهاري به ٿي سگهي ٿو. ماڻهو عياش، هوس پرست يا درويش به ٿي سگهي ٿو. بلڪل اهڙي طرح سماج جي اجتماعي نفسيات به ائين ٿيندي آهي.
اسان جي سماج جي ڪهڙي صورتحال آهي، انهيءَ لاءِ هڪ ڳالهه طئي آهي ته هي سماج نارمل ناهي، انهيءَ جاڪهڙا سبب آهن، اچو ته ان تي بحث ڪريون.
سوويت يونين جيستائين قائم هو. پاڪستاني سماج لاءِ جمهوريت ممنون هئي. پر مارشلا هجي يا آمريت سوشلسٽ سماج جي ڊپ کان هر سرمائيداري سماج پنهنجي ملڪ ۾ مزدورن کي ڪي حق ڏيندو هو. يا وري سماج ۾ قانون جي پوئيواري هئي. وڏيرو آمريت ۾ نه آزاد هو نه وري لوفر لمڀ آزاد هو. ڪرپشن ايتري نه هئي، لاقانونيت ايتري نه هئي.
سويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ دنيا يوني پولر ٿي ويئي. سڄي دنيا ڄڻ سرمائيدارن فتح ڪري ورتي. تنهن ڪري قومي سرمائيداري جي بجاءِ عالمي سرمائيداري جنم ورتو بلڪل ائين جيئن ويهين صدي جي شروعات ۾ سرمائيدار سڄي دنيا تي قبضو ڪري ورتو هو. بلڪل ائين سڄي دنيا کي هن وقت گلوبل سرمائيداري جڪڙي ورتو آهي.گلوبل دنيا جا ڪجهه مفاد آهن، هڪ ته وڌ ۾ وڌ گراهڪ يعنيٰ کاپو ڪندڙ ماڻهو پيدا ڪجن، ٻيو ته واپاري ڪلچر کي ٽيڪنالوجي ذريعي هٿي ڏجي.
ٽيڪنالوجي جي جدت ۽ ڊجيٽلائزيشن فطرتي طور ارتقا ۾ هڪ وڏو ڇال ڏنو آهي، بلڪل ائين جيئن ماڻهو پٿر جي دور مان ائٽمي دور ۾ اچي وڃي. انسان جي ارتقا پيدوار جي ذريعن مطابق تبديليءَ جا مرحلا غير فطري به طئي ڪري سگهي ٿي. ڊارون چيو هو ته انسان پيدواري اوزارن جي استعمال دوران, ارتقا جا وڏا ڇال ڏنا. انسان جو هڪ دور پٿر جي دور جو هو، ٻيو جاگيرداري دور هو. ٽيون دور گلوبل ٽيڪنالوجي جو هوندو. باقي ويهين صدي هڪ عبوري دور هو.
نيٽشي چيو هو ته
:”بلائن سان وڙهڻ ۾ وڏو خطرو اهو آهي ته- ماڻهو خود بلا بنجي سگهي ٿو“
ارتقا جو هي مرحلو انسان کي ڪيڏانهن وٺي ويندو، اهو سوال ڏاڍو منهجيل به آهي ته خطرناڪ به آهي، ڇو ته هن سماج ۾ هر ماڻهو ٻئي کي حريف سمجهي ٿو، هر ماڻهو کي ٻئي ماڻهو سان مقابلو ڪرڻو آهي. انهيءَ ڪري انسان موجوده سماج ۾ وڙهندي وڙهندي خود بلا بنجي ويو آهي.
انسان پنهنجي فطرت ۾ جانور آهي. اهو سماجي ارتقا جي نتيجي ۾ مهذب بنجي ويو آهي.
هن پنهنجي جبلت کي مهذب بنايو. سندس موجوده شڪل ظاهر ٿي، اسان ان جا عادي ٿي ويا سين انسان مهذب آهي. پر انسان جي جبلت جا ٻه پاسا آهن هڪ جبلت حيات ٻيو جبلت مرگ. انسان لاءِ ٻئي پاسا اهم آهن. ٻنهي جا مثبت ۽ منفي پاسا آهن، انسان جي مهذب هئڻ جو بنياد هن جي اجتماعيت ۽ روحاني قدرن ۾ آهي، جيڪو صرف زرعي سماج ۾ هو.
زرعي سماج ۾ انسان اجتماعيت سان جڙيل هو.فطرت جي ويجهو هو. جبلت حيات صرف سٺن روحاني قدرن ۾ اڀرندي آهي ٻي صورت ۾ جبلت مرگ جا منفي پاسا اڀري پوندا آهن. فطرت جي ويجهو انسان ٿانيڪو هوندو آهي، منجهس سهپ ۽ قناعت پسندي هوندي آهي پر ٽيڪنالوجي وارو انسان ڪريئر پلانر هوندو آهي. هن جي اندر جي هوس نه ختم ٿيندڙ مقابلي بازي اڀري پوندي آهي.
نتيجي طور اهو انسان جيڪو مادي طور آسودو آهي ٻيو اهو جيڪو محروم آهي, ٻنهي ۾ جبلت مرگ اڀري پوندي آهي. جنهن جو مطلب آهي ته انسان موت جو کيل کيڏڻ شروع ڪندو آهي، جنهن ۾ هن کي نه ته سندس پرواهه هوندي آهي نه وري ٻين جي، موت جو راڪاس سماج کي ڳيهڻ لڳندو آهي.
هاڻي توهان ٿورو غور ڪريو، جعلي دوائن جو ٺهڻ، منشيات جو کلي عام کاپو، ٽرئفڪ جي قانون جو ختم ٿيڻ، کلي عام گاڏين جي لاپرواهه ڊرائيونگ، نوجوانن جو موٽر سائيڪلن کي هڪ ويل تي هلائڻ، سگريٽ نوشي، شراب، جو کلي عام واهپو، ٿوري ڳالهه تي مرڻ ۽ مارڻ لاءِ تيار ٿي وڃڻ. ڊاڪٽرن جو ڪاسائي بنجي وڃڻ، هر طرف رشوت خوري، ٿوري ڳالهه تي قتل ڪرڻ، ٻارن جو ريپ، شادي ۾ فائرنگ، طلاقن جي شرع وڌي وڃڻ، فيس بڪي تماشو هڪ ٻئي جون پڳون لاهڻ، يا وري جلدي پروموشن لاءِ هر حد ٽپي وڃڻ، اهي سڀ جبلت مرگ جا تماشا آهن. جبلت مرگ جا تماشا اڃا شروع ٿيا آهن.
ملٽي نيشنل ڪمپنين لاءِ حڪمرانن لاءِ اهي ڇڙواڳ ملڪ جنت مثل آهن جتي ڪو به قانون ناهي، سڀ گڏجي ڪرپشن ڪن، سڀ گڏجي هڪ ٻئي کي مارين، تنهن ڪري امير ماڻهن پنهنجا خاندان ٻاهر جي دنيا ۾ موڪلي ڇڏيا آهن، هنن کي پنهنجي ملڪ جي ڪنهن به ڊاڪٽر يا دوا تي ڀروسو ناهي، هنن کي پنهنجي ملڪ جي تعليم جو به ڀروسو ناهي. انهيءَ ڪري هي ملڪ صرف هڪ ڪوس گهر يا جهنم آهي جنهن ۾ انسان کي اڇلايو ويو آهي. دنيا جا ٻيا ملڪ به انهيءَ ٽيڪنو ڪلچر جا شڪار آهن پر انهن جي نوعيت الڳ آهي. ڇو ته اتي سخت قانون آهن. پر وري به ٽيڪنالوجي جي ترقي انسان جي ارتقا جو ڇال بنجي رهي آهي، جنهن ڪري ترقي يافته ملڪ به انهيءَ ارتقا ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا.
سوال آهو آهي ته ڇا انسان هڪ ٻئي نسل ۾ منتقل ٿيندو؟
جيئن ڊارون چيو ته انسان بندر نما نسل مان ارتقا ڪري موجوده دور ۾ پهتو آهي، بلڪل ائين روحاني ارتقا سندس انسان هئڻ جو نشان هو. پر اڄ مادي سهوليتون جڏهن جسماني محنت ختم ڪري ڇڏينديون، انسان فطرت کان مڪمل ڪٽجي ويندو، ماحولياتي گدلاڻ وڌي ويندي. ٽيڪنالوجي جو ٻوڏ انسان کي صرف مارڪيٽ جو وکر بنائي ڇڏيندي، رشتا ناتا ختم ٿي ويندا. ته ڇا سماج به ختم ٿي ويندو؟ انسان جي زندگي- جسماني طور به ڪو نئون رخ وٺندي؟ اهو اهم سوال آهي ته مستقبل ۾ هٿرادو ذهانت سبب انسان جي فطرتي ذهانت به ختم ڪري ڇڏيندي؟
سماجي ڍانچي جي نوعيت اها نه رهندي، سڀ ڪجهه آن لائن هوندو، اڻ ڇهندڙ ملڪيت جنم وٺندي.ته ممڪن آهي ارتقائي طور انسان ڪنهن ٻئي رخ ۾ ارتقا ڪري ڪجهه ٻيو بنجي وڃي، پر گهٽ ۾ گهٽ انسان نه رهندو. ممڪن آهي ته سماج ختم ٿي وڃي. هڪ نئون نسل جنم وٺي, جيڪو ڪائنات جو خطرناڪ ترين وحشي جيو هجي.
اڳ سماج ٽٽڻ جا آثار توهان کي ترقي يافته ملڪن ۾ ملندا هئا. جتي رشتا صرف نالي ماتر هئا، زال جي مڙس کي خبر نه هئي ته پيءَ کي ٻارن جي خبر نه هئي پوڙها اولڊ ايج هائوس ۾ رهندا هئا. ڪو مري يا جيئي پر پاڙي اوڙي کي به خبر نه پوندي هئي.
اڄ اها صورتحال اسان جي غريب ملڪن ۾ به ڪاهي پئي آهي، شهر هجن يا ٻهراڙيون -رشتن ناتن جو حياءَ يا احساس ختم ٿي ويو آهي، هر طرف باهه ٻري پئي آهي. هر خاندان ۾ جهيڙو آهي، والدين پنهنجي ٻارن کان لاپرواهه آهن، هو ٻارن جي تربيت ڪرڻ بجاءَ رشوت جو ڪمايل پيئسو انهن تي خرچ ڪن ٿا، جنهن نتيجي ۾ ٻار آهستي آهستي ريجالا ٿي پون ٿا. پوءِ ڏوهاري ٿي پون ٿا. ڇو ته جديد تيز ترين ميڊيا ۽ ٽيڪنالوجي ٻهراڙين ۽ شهرن جو فرق ختم ڪري ڇڏيو آهي، جيڪا ٽيڪنالوجي شهر ۾ آهي اها ٻهراڙين ۾ به آهي، ويتر سولر انرجي نظام جهنگلن کي به آباد ڪري ڇڏيو آهي،
آبادي جي دٻاءَ جي نتيجي ۾ ماڻهو هاڻي جهنگ جو منهن ڪري ڪيڏانهن نٿا ڀڄن..باقي انارڪي جو طوفان اهڙو آهي جو ماڻهو خطرناڪ جهنگلي جانورن کان به خطرناڪ انساني جيو جي سماج ۾ رهڻ لاءِ مجبور آهي. سماج جا ماهر انهيءَ کي سماج نٿا چون جنهن ۾ انسان هڪ ٻئي کان ويڳاڻو هجي، صرف انسانن جو جهنگل هجي، جنهن ۾ ماڻهو زوال پذير هجي, پر مارڪيٽون آباد هجن، ماڻهو جي پرک شين سان ٿئي، ماڻهو جو هيرو وڏو ڪنزيومر.اهو سماج ناهي
اها انارڪي دنيا جو اهم مسئلو آهي، جنهن ۾ ماڻهو ويڳاڻو ٿيندو وڃي.
ڪارل مارڪس چيو هو ته ماڻهو پيدوار کان ويڳاڻو هجڻ ڪري ويڳاڻپ جو شڪار ٿئي ٿو. پر جديد پڄاڻان دور ۾ ماڻهو جديد ٽيڪنالوجي جي استعمال سان ويڳاڻو ٿئي ٿو] ڇو ته هو صرف ڊجٽ ذريعي رابطي ڪاري ڪري ٿو، پر رشتا ختم ٿي وڃن ٿا[. هو مقابلي بازي جي ڪري ويڳاڻو ٿي وڃي ٿو., هو مادي هوس جي ڪري ويڳاڻو ٿي وڃي ٿو.ان کان پوءِ مادي زندگي جي وهنوار ۾ پنهنجي روح کان ويڳاڻو ٿي وڃي ٿو. آخر ۾ پنهنجي جوهر کان ويڳاڻو ٿي وڃي ٿو.
هونءَ ته انارڪي جديديت پڄاڻان جو بنيادي جوهر آهي، پر اسان جي سماج ۾ منافقي جي يلغار ۽ جيئڻ جي ٻٽن معيارن انسان کي ويڳاڻو ڪري ڇڏيو آهي. ويڳاڻپ جي انتها جبلت مرگ آهي. جنهن ۾ ماڻهو خودڪشي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو يا زندگيءَ مان بيزار ٿي پوي.
هاڻي سماج بيمار به ٿيندا آهن، انارڪي جي ور به چڙهندا آهن،وري سماج جو زوال به ٿيندو آهي، سماج ٽٽندا به آهن، جڙندا به آهن، انهيءَ ڪري اسان تاريخ جي هڪ دور مان گذرون ٿا ان ۾ اهڙا محرڪ کپن جيڪي سماج کي بچائن، ٽيڪنالوجي جي ٻوڏ اڃا به وڏي ايندي، جنهن کي هاڻي روڪي نٿو سگهجي پر سماج کي واپاري، ويڪائو مقصدن کان بچائڻ لاءِ اهڙي حڪمت عملي، نظريي ۽ انقلاب جي ضرورت آهي، جيڪو هن سماج ۽ انساني نسل کي تباهه ٿيڻ کان بچائي سگهي.
بنيادي طور اڄ جي دور جا دانشور جديديت پڄاڻان[ Post-modernism] جي صورتحال تي مرڪوز آهن، اهي انسان جي داخلي قوتن کي اڀارين ٿا.ته جيئن ماڻهو مارڪيٽ مان ڀرپور فاعدو حاصل ڪري يا سرمائيدار لاءِ بهتر وکر بنجي سگهي. ان کان پوءِ واپاري قوتون تعداد (Quantity) جون قائل آهن، هو صرف شين جي ڀرمار چاهين ٿا. جنهن ۾ ماڻهو صرف گراهڪ يا صارف آهي،
انهيءَ ڪري دانشوراڻي بحثن ۾ ڪو به انساني بهتري جو نظريو نه پيو اچي. عام ماڻهو وٽ مايوسي آهي هن کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته آخر هن دنيا کي ڇا ٿي ويو آهي؟ ٻيو اهو ماڻهو آهي جنهن کي انهيءَ سوچڻ جي به فرصت ناهي. هو صرف استعمال ٿي رهيو آهي.
ڇا هئڻ گهرجي اهو اڄ جو اهم سوال آهي.جنهن کي حل ڪرڻ لاءِ مارڪس جي سياسي معاشيات ئي ڪافي آهي پر ان تي عمل ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي ڪهڙي هئڻ گهرجي، انهيءَ جا محرڪ ڪهڙا هئڻ گهرجن اهو بنيادي سوال آهي. جنهن جو جواب ئي اڄ جي دور کي چئلينج ڪندو