مهاڳ سنڌ ڌرتي جيڪا انيڪ قدرتي نعمتن سان مالا مال هئڻ سان گڏوگڏ اوليائن بزرگن دانشورن ڏاهن اديبن ۽ سورمن جي ڌرتي پڻ آھي. هن جنم ڀومي جا ڪيترائي ڪردار پنهنجي قابليت ڏانء ڏات دانشوري ۽ بهادري وارن انيڪ عملي ڪرت سبب تاريخ جي بابن اندر هميشه هميشه ڪاڻ اسان لاء اتساهه جو سبب بڻجي امر ڪردارن جي حيثيت ۾ زنده بڻيل آھن. شايد انهن هن ڌرتي جي گولي تي اچي ڪري پنهنجي جيون جا پل بيڪار نه گهاريا ۽ پنهنجي مقصد کي ساڻ ڪري پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم سرانجام ڏيئي ويا آھن ۽ ڪجهه اهڙا گهڻ رخي شخصيتن وارا ڪردار پنهنجي حصي جو ڪم ڪري پاڻ پتوڙڻ ۾ هن وقت به ڪوشان بڻيل آھن. ڏات قدرت طرفان هڪ انمول تحفو آھي، جيڪا گهڻي ڀاڱي ڪنهن خوشنصيب کي ئي نصيب ٿيندي آھي باقي اها ڏات جي ديوي هر ڪنهن مٿان مهربان ٿيندي نظر نٿي اچي. ڏات کي اگر اسين ڏانء واري اسلوب سان مضبوط بڻايون ته اسان کي هڪ سگهارو ۽ اڏول ڪردار پسڻ ۾ ملي ويندو. ڏانء ۽ ڏات سان سرشار هڪ اهڙو ئي اڏول ڪردار گهڻ رخي شخصيتن جو مالڪ نئين ٽھيء جو نوجوان قلمڪار ثنا الله لهٻر(امر ثناء)ادب جي آڪاش ۾ روشن ستاري جيان اڀرندي نظر اچڻ لڳو آھي. جيڪو ادبي کيتر ۾ پنهنجي قلمي پورهئي جو پگهر وهائيندي پنهنجي لکڻين ذريعي پنهنجو پاڻ پتوڙي رهيو آھي. امر ثناء لهٻر جي لکڻين ۾ معاشري اندر ٿيندڙ سماجي براين، ناانصافين، دين ڌرم، ذات پات وارن نه مٽجندڙ فرقن ديس ڌڻين جي لاوارث بڻيل دانهن دردن ۽ ازيتن پيڙائن جي عڪاسي واري جهلڪ سادن لفظن جي جامي ۾ اوڍيل واضع طور نظر اچي پئي. امر ثنا لهٻر پنهنجي لکڻين ذريعي هرپل معاشري اندر جهالت واري ڦھليل ٻاٽ کي ختم ڪرڻ خاطر پنهنجي ادبي مهارت سان جگنو جهڙو ڪردار ادا ڪري روشن سج اڀارڻ جي جستجو ڪري رهيو آھي. هن نئين ٽھيء جي نوجوان قلمڪار جي ڪهاڻين ۾ پڙھندڙن کي اتساهه سان گڏ هڪ وڏو پيغام به ملي ٿو ته ڪٿي ڪٿي وري پيار محبت جا رومانوي داستان به ملندا آھن. ڪٿي وري نفرتن جا ڀالا ته وري ڪٿي ڪٿي منافقيت جا انيڪ ويساهه گهاتي وارا گهرا گهاء پسڻ وٽان ملندا. مطلب ته هن جي قلم ۾ اهي سڀئي رنگ روپ موجود آھن جيڪي پنهنجي پڙھندڙن جي معيار تي پورو لهي انهي جي اندر وارن جذبن ۾ چرپر پيدا ڪري سگهن. امر ثناء لهٻر هڪ پختگي سوچ رکندڙ نئين ٽھيء جي اڀرندڙ ڪهاڻيڪارن واري سٿ ۾ هڪ نمايان ڪهاڻيڪار محسوس ٿي رهيو آھي جنهن وٽ وقت جي وڌندڙ وراڪن جيان روشن خيالي وارا انيڪ تصور فني ۽ فڪري حوالي سان نڀاء وارو سٺو ڏانء ڏسڻ وٽان ملي پيو. ڳوٺ صاحب خان لهٻر يوسي پيارو اسٽيشن تعلقا وضلعا دادو جي ادبي گهراڻي ۾ اک کوليندڙ امر ثنا لهٻر ۾ بچپن کان وٺي ڏات جي ديوي مهربان هئي جو شايد هن جو تعلق علمي ادبي ماحول سان جڙيو. هن جو والد الهرکيو لهٻر ڪتابن سان دلچسپي رکندڙ ۽ انهن جو مطالعو شوق سان ڪندڙ وڏو ريڊيو ليسنئر هيو جنهن پنهنجي جيون جو ڪافي حصو ادبي پروگرامن ريڊيو ۾ خط وڪتابت ڪري ۽ سگهڙن وارين لوڪ ڪچھرين ۾ وقف ڪري ورتو هيو، گهر اندر ڪتابن جي وڏي تعداد يعني لائبريري جو هئڻ ڪري امر ثناء لهٻر ۾ به ادبي شوق بيدار ٿيڻ لڳو هيو پر هن لکڻ پڙھڻ جي شروعات منهنجي لکڻين کي ڏسي ڪري ڪئي هئي. ڇاڪاڻ ته آئون ادب سان وابستگي رکندڙ هڪ ڪهاڻيڪار ۽ نثر نويس جي حيثيت سان ادبي پورهيو ڪندو پيو اچان. منهنجي تحريرن ۽ لکڻين کي سنڌي ڊائجيسٽن ۽ ميگزينن جي صفحن جي زينت بڻيل ڏسي هن کي به شوق ۽ ادب سان لڳاء ٿيڻ لڳو هيو. جنهن ڪري امر ثناء لهٻر قدرت طرفان مليل ڏات کي استعمال ڪندي ادب طرف رخ رکيو. شاعري ذريعي شروعات ڪندي هن قلمڪار ادب جي دنيا ۾ بانبڙا پائنڻ شروع ڪري ڏنا هيا. جيڪو هن وقت اسان اڳيان پنهنجي ڏات ۽ ڏان سان گڏ هڪ بهترين ڪهاڻيڪار جي روپ ۾ پنهنجي پيرن تي بيٺل پسڻ ۾ اچي پيو. امر ثنا لهٻر جو هي ڪتاب جيڪو ڀٽڪيل ماڻھو جي نالي سان هڪ مڪمل ناول اوهان جي هٿن ۾ موجود آھي جڏهن هن جو مهاڳ هن ڪنهن وڏي نالي واري مهان ليکڪ ۽ اديب بجاء مونکان لکرائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اچي مونکي چيائين ته ادا اوهان مونکي مهاڳ لکي ڏيو ته آئون سچ ۾ حيران ٿي ويس. خوشي سان گڏ تعجب به ٿيو هن جي سوچ ۽ ساڃاهه تي. خير ناول وٺي مطالعو ڪيم ۽ چيومانس ته تون ڪنهن وڏي ليکڪ ۽ اديب کان پنهنجي ڪتاب جو مهاڳ لکرائي ته پذيرائي ڪتاب کي ملندي جئين اڄڪلهه ادب جي دنيا ۾ فيشن طور هلي رهيو آھي آئون ننڍڙو ليکڪ آھيان ۽ وڏي ڳالهه ته تنهنجو وڏو ڀاء به آھيان. ان لاء شايد آءُ اهو نڀاء نه ڪري سگهان يا تنهنجي هن ادبي پورهئي کي ڪو مان نه ملي سگهي ته به بهتر ناهي. چيائين ته ڪجهه به ٿئي منهنجي خواهش آھي آئون مهاڳ توکان ئي لکرائيندس. سچ پڇو امر ثناء جا هي الفاظ ٻڌي ڏاڍي سرهائي ٿي ۽ وت وس آھر ڪجه لفظ لکڻ جي ست ساري ويٺم. ”ڀٽڪيل ماڻھو“ امر ثناء لهٻر جو هي ناول سنڌي ادب ۾ ھڪ بهترين ڪاوش آھي جنهن ۾ هن پنهنجي وس آھر سٺو نڀاء ڪيو آھي. هن ناول۾ ڳوٺاڻي ماحول کان ويندي شھري ماحول جي به بهتر نموني عڪاسي ٿيل آھي. ڌرتي ڌڻين جي اٻوجهه سادڙن ماروئڙن کي هٿرادو فرسوده ريتن رسمن جي ڄار ۾ ڦاسائي انهن جي خواهشن جذبن ارمانن جو سفاڪ پوش رهزنن هٿان ٿيندڙ ناحق خون جي واردات لفظن جي روپ ۾ هن قلمڪار وڏي مهارت سان پنهنجي فن ذريعي پيش ڪرڻ جو مظاهرو ڪيو آھي. ڀٽڪيل ماڻھو جي نانء سان سرجيل امر ثناء لهٻر جي هن ناول ۾ ٻھراڙي جي خوبصورت آلودگي کان پاڪ بڻيل فضا ۽ ساوڪ جي ويس ۾ اوڍيل ڌرتي جي ساوڪ سان ڀريل ڪک واري سونهن ۽ سندرتا جي منظر نگاري ۾ به هڪ الڳ قسم جو موه ڏسڻ ۾ اچي رهيو آھي. خيالن جي حوالي سان به هن قلمڪار جا خيال وڏي اڏام ڀريندي ڪٿي ڪٿي ڏسڻ وٽان ملن پيا. ڇاڪاڻ ته عقيدن جي آڙ ۾ پيري مريدي هٿان اٻوجهه سانگيئڙن جا درد اهنج ۽ جهالت وارا ڪلور خيالن جي روپ ۾ حقيقتن سان ملندڙ جلندڙ ڀاسجڻ لڳي رهيا آھن ته ڪئين نه هن ترقي يافتا دور ۾ به اسان جا اٻوجهه مارو سادگي ۽ علم جي کوٽ سبب پنهنجي ونين ۽ ٻنين جي تذليل ٿيندي ڏسي رهيا آھن ۽ بيوسي وچان اهو سڀ ڪجهه برداشت ڪري رهيا آھن. ڪئين نه هو پنهنجي عقيدي هيٺ پيرن ڀوتارن هٿان لٽجي رهيا آھن. امر ثناء جي هن ناول ۾ هڪ ڳالهه بهترين ۽ سندر ڀاسجڻ لڳي ته ڪوبه ماڻھو پنهنجي جيون مان مطمئن نظر نه پيو اچي. ڳوٺن جا رهواسي اهو محسوس ڪن پيا ته شھري زندگي بهتر آھي پر شهري ماڻھن کي وري ڳوٺاڻي ماحول سان چاه آھي. هن قلمڪار انهي فرق کي تمام سهڻي نموني تشبيهن خيالن تصورن ۾ هڪ بهتر منظر نگاري ڪندي ادب سان چاهه رکندڙ دوستن اڳيان پيش ڪيو آھي. امر ثنا لهٻر جي هن لکڻي ۾ جتي سماجي روين ڏاڍ جبر اوچ نيچ ۽ اٻوجهه ماروئڙن کي جهالت جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل هئڻ جو هڪ واضع تصور پيش ڪيو آھي ته اتي وري ناڪام چاهتن جا انيڪ داستان به بيان ڪري چاهتن ۾ ٿيندڙ ويساهه گهاتن جي عڪاسي به پڻ ڪئي آھي. هن ناول ڀٽڪيل ماڻھو ۾ دوستن هٿان فريبي مڪاري ۽ ڀروسي ۽ اعتماد کي ڇيهو رسائڻ وارن نقابن تان پردو پڻ کنيو آھي ته ڪيئن نه دوست منافقت جو نقاب اوڍي دوستي واري انمول رشتي واري تند کي پنهنجن مفادن خاطر پٺي پويان وار ڪن پيا. امر ثنا لهٻر پنهنجي هن لکڻي ذريعي هڪ وڏو سبق ۽ پيغام پڙھندڙ اڳيان پيش ڪيو آھي ته هن معاشري ۾ سڌارو علم سان ئي ٿي سگهي ٿو. اگر علم جو ڏيئو روشن رکيو وڃي ته اسان جي سماج مٿان پکڙيل جهالت واري اونداهه ختم ٿي سگهي ٿي ۽ اسين هن سماج مٿان علم ذريعي ئي ترقي سڌاري جو نئون سج اڀاري هميشه هميشه لاء ظلميت ۽ هٿرادو غليظ ريتن رسمن کي ختم ڪري سگهون ٿا. نئين ٽھيء جي هن نوجوان قلمڪار جي هن ناول ۾ ڪٿي ڪٿي جهول ضرور آھي پر هن جي خوبصورت منظر نگاري بهترين ڪردارن ۽ هن ناول جو سماج سان ملندڙ جلندڙ مقصد ان جهول طرف پڙھندڙن کي متوجه نه ڪري سگهندو. نوجوان قلمڪار امر ثناء لهٻر جو هي قلمي پورهيو ادب جي کيتر ۾ لڳايل هڪ ٻوٽي جيان واڌارو محسوس ٿي رهيو آھي جنهن تي پڪ سان اهو چئي سگهجي ٿو ته اگر هي نوجوان قلمڪار ائين ئي پنهنجي قلمي پورهئي ساڻ سچو رهيو ته هڪ ڏينهن هن جو پوکيل هي ٻوٽو وڏي وڻ جو روپ ڌاري ادبي ذوق رکندڙ ساٿين کي پنهنجي ڇانو هيٺ پناهه ڏيڻ جو اعزاز پڻ ماڻيندو ۽ ادب جي دنيا ۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکي پنهنجو هڪ نانء ماڻيندو. امان الله لهٻر سابق سيڪريٽري ۽ موجوده آڊيٽر س ا س شاخ پيارو اسٽيشن رپورٽر روزاني سوڀ ۽ پڇاڻو اخبار پيارو اسٽيٽن rozanisobhpairostation@gmail.com 03413507322