ناول

ڀٽڪيل ماڻهو

امر ثناءَ لھٻر جي لکڻين ۾ معاشري اندر ٿيندڙ سماجي براين، ناانصافين، دين ڌرم، ذات پات وارن نہ مٽجندڙ فرقن، ديس ڌڻين جي لاوارث بڻيل دانهن دردن ۽ پيڙائن جي عڪاسي واري جهلڪ سادن لفظن جي جامي ۾ اوڍيل واضع طور نظر اچي پئي. امر ثناءَ لھٻر پنهنجي لکڻين ذريعي هر پل معاشري اندر جھالت واري ڦھليل ٻاٽ کي ختم ڪرڻ خاطر پنهنجي ادبي مھارت سان جگنو جھڙو ڪردار ادا ڪري روشن سج اڀارڻ جي جستجو ڪري رهيو آھي.
  • 4.5/5.0
  • 681
  • 231
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امر ثناءَ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڀٽڪيل ماڻهو

پنهنجي پاران

ڪڏھن ڪڏھن ٿيندو ايئن آھ جو لفظ مونسان کيڏڻ لڳندا آھن. اهي لفظ جُن کي تحريرن جي طوائف خاني منجهه ننگو ڪري پيش ڪندو آھيان، اهي لفظ جُن جي ڪومل وجودن کي ڪنهن حرسي جانور جيان لُٻي تخليق جي ڊسٽ بن ۾ لاوارث بڻائي اڇلائي ڇڏيندو آھيان. اهي لفظ جُن جي نازڪ احساس ۽ اُمنگن کي ڇيڙي سج جي شفق جهڙي لالاڻ رکندڙ من ۾ سرهائي محسوس ڪندو آھيان! ها اهي ئي لفظ ڪڏھن ڪڏھن مونسان تصور جي دنيا ۾ کيڏڻ لڳندا آھن ۽ مونکي بي ساهو بڻائي اڪيلو ڇڏي ويندا آھن جت مونکي پنهنجا جذبات واسينگ جيان ڪکڻ ۾ دير ناهن ڪندا. جت پنهنجا ئي احساس اذيت ارپي مونتي ٺٺوليون ڪندا آھن! آئون اهڙي ڪيفيت ۾ روئندو آھيان ۽ لفظن کي سڏ ڪندو آھيان مگر لفظ لڪ لڪوٽي راند جيان منهنجي نظرن کان اوجهل رهندا آھن! هينئر تائين اهو سمجهي ناهيان سگهيو ته لفظ مون سان ڇو کيڏندا آهن ڇا مان چريو ليکڪ آھيان؟ ڇاڪاڻ ته مون ڪٿ ٻڌو هيو چرين ليکڪن سان لفظ کيڏندا آھن سياڻا ليکڪ ته لفظن کي پنهنجي آرٽ ذريعي الجهائڻ جو ڏانءُ ڄاڻندا آھن ۽ لفظ انهن اڳيان ڪنهن بيوس رنڊي جيان محتاج هوندا آھن اهو سمجهه ۾ نٿو اچي ته هميشا لفظ مونسان ان ويل ڇو کيڏندا آھن ؟ جنهن ويل هُن جي پريت چاهت جو تصور ذھن جي نير گگن هيٺان ڪنهن اڏامڪ پکي جيان اڏامجڻ لڳندو آھي ۽ آئون چاهيندي به هُن جي پريت چاهت تي لکي ناهيان سگهندو ! هو جا جنهن سان منهنجو گهرو ناتو آھي جنهن کي آئون پنهنجي ئي وجود جو حصو سمجهندو آھيان ! آخر ڇو هُن جي پريت چاهت تي لکي ناهيان سگهندو ؟هُو جيڪا منهنجي دل جي سلطنت تي خدا جيان آھي جنهن جي پريت چاهت ۾ مونکي پنهنجي زندگي جو مفهوم سمجهه ۾ آيو ! چڱي ريت اهو پل اڄ به مونکي ياد آھي آئون هن سان پريت چاهت جي منزل تي پانڌيئڙو انڪري بڻيو هيس ته هو به مون جيان ليکڪ هئي ۽ آئون سمجهيو هيس ته هو مونکي ڪڏھن به پريت چاهت جي منزل تي اڪيلو ڇڏي نه ويندي ڇو جو ليکڪ پريت چاهت جي اڌوري منزل جو درد ڄاڻندا آھن ! شايد اهائي منهنجي وڏي مان وڏي خوشفهمي هئي جنهن کي وقت جي وهڪري حقيقت جو جامو اوڍائڻ ۾ دير ئي نه ڪئي ! ۽ ڪا خبر ئي نه پئي پريت چاهت جي ريگستان ۾ آئون اڪيلو رهجي طويل اذيتن جو پنڌ جهاڳڻ لڳس پر جڏھن به ڪنهن سُڪل وڻ کي پسي آئون ٿڪ ڀڃڻ دوران هُن جي چاهت تي لکڻ لڳيم ته لفظ مونسان کيڏڻ لڳا ۽ کيڏندا اچن پيا. آئون چاهيندي به هُن جي پريت چاهت تي لکي نٿو سگهان توڙي جو هاڻ من جي ڪلراٺي زمين ۾ ھُن جي پريت چاهت جو ننڍڙو گونچ وڌي وڻ بڻجي چڪو آھي! ڪاش هو سمجهي سگهي ها ته آئون هن جي جسم سان نه بلڪي هُن جي روح سان پيار ڪيو آ جنهن سان ناتو اڄ به نڀائيندو پيو اچان. واقعي به آئون چريو ئي ليکڪ آھيان. ڇا هُن جو ذڪر ڪرڻ هِت ضروري هو؟ پر مون وري به هُن جو ئي ذڪر ڪيو اهو انڪري جيڪو منهنجو ناول اوهانجي هٿن ۾ آھي بدولت ان خدا مثل شخصيت جي ئي آھي. ڇوجو مونکي ڪتاب پبلش ڪرائڻ جو ڪو به شوق نه هيو، نه ئي آئون ڪتابن جي دنيا ۾ اچڻ پئي چاهيو ! بس گمنام ليکڪ جيان ئي هيس جيڪو ڪنهن ڪنهن وقت ڪجهه لکي وٺندو آھي…! منهنجي ناول جو اوهان جي هٿن تائين پهچڻ جو ڪارڻ اهو آھي؟ جڏھن پاڻ ٻئي پريت چاهت جي ڏور ۾ لاٽون جيان جڪڙيل هياسين ته هُن جي پراڻي فيسبڪ تي اپلوڊ ٿيل پوسٽ جيڪا هُن پنهنجي چاهيندڙ جي ڪتاب تي تاثراتي لکي هئي نظرن منجهان گذري سچ ته ان ويل آئون پنڊ پهڻ بڻجي ويو هيس ۽ فقط روئڻ وارو اسٽيڪر ڏئي فيسبڪ جي آئڊي آف ڪري ڇڏيو هيم. هُن منهنجي روئڻ واري اسٽيڪر مان ڪيفيت جو اندازو لڳائيندي اها پوسٽ هميشا لاء پنهنجي وال تان ڊليٽ ڪري ڇڏي هئي ۽ ڪال ڪري چيو هيائين اڙي ڪنا اها پوسٽ 3 سال اڳ جي آھي هاڻ اھڙو هن جي لاء ڪجهه به نه آ جيڪو ڪجهه آھين تون ئي آھين …! ان وقت اهو خيال منهنجي ذھن ۾ جنم ورتو هيو ته آئون به هُن جي چاهيندڙ جيان ڇو نه پنهنجو ڪتاب هُن جي هٿڙن تائين پهچايان ۽ هو منهنجي به ڪتاب تي تاثراتي مضمون لکي بس ان ڏينهن کانپوء آئون ڪتاب کي پبلش ڪرائڻ جو سوچيم جيڪو اڄ ناول جي صورت ۾ اوهانجي هٿن ۾ آهي.

اوهان جو پنهنجو
امر ثناءَ
ڳوٺ صاحب خان لهٻر
تعلقه، ضلع دادو سنڌ
Email: sanalatiflahbar@gmail.com
Mob: 0348-3532371 / 0309-6045633