ناول

ڀٽڪيل ماڻهو

امر ثناءَ لھٻر جي لکڻين ۾ معاشري اندر ٿيندڙ سماجي براين، ناانصافين، دين ڌرم، ذات پات وارن نہ مٽجندڙ فرقن، ديس ڌڻين جي لاوارث بڻيل دانهن دردن ۽ پيڙائن جي عڪاسي واري جهلڪ سادن لفظن جي جامي ۾ اوڍيل واضع طور نظر اچي پئي. امر ثناءَ لھٻر پنهنجي لکڻين ذريعي هر پل معاشري اندر جھالت واري ڦھليل ٻاٽ کي ختم ڪرڻ خاطر پنهنجي ادبي مھارت سان جگنو جھڙو ڪردار ادا ڪري روشن سج اڀارڻ جي جستجو ڪري رهيو آھي.
  • 4.5/5.0
  • 681
  • 231
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امر ثناءَ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڀٽڪيل ماڻهو

(2)

صبح ساجهر ويل اکيون کُلندي ئي ٻھراڙي جو ماحول خوشگوار محسوس ٿيڻ لڳو هو جنهن مٿان سج جا ڳاڙهسري رنگت وارا ڪرڻا ڳوٺ جي چئني طرفن کان ڇائنل هيا، من ۾ پراسرار راحت بخشيندڙ ٿڌڙي هير جي موسيقي ڀريو دلفريب ڇهاءُ، ڪانگن جي ڪانءَ ڪانءَ وارا ٻول، ڪنهن ڪنهن وقت معصوم ٻارڙن جي روئڻ جا آلاپ، ته ڪنهن وقت عجيب سناٽو ڳوٺ مٿان ڪڪرن وانگر ڇائنجي ٿي ويو جنهن منجهان حسرتن جو ماريل منهنجو هانءُ عجيب راحت ٿي حاصل ڪندو رهيو هو،
وقت معمول مطابق گردش ڪندي ڦرندو رهيو!
ماسي سان گڏ آئون به ٻني طرف روانو ٿيڻ لڳو هيم ته! پٺيان ڪنهن جا دٻيل ٽھڪ ٻڌڻ وٽان ٿي آيا هيا جيڪي گرفت جي چنبي مان زوري آزاد ٿي کُليل فضا ۾ وکرجي ويا هيا.
نڀاڳي ڇوري ڪهڙي خوشي اٿئي جو ٽھڪ پئي ڏين؟ ماسي ڳوٺاڻي ڇوڪري سان مخاطب ٿي وراڻي هئي جيڪا ڪجهه قدمن جي دوري تي ماسات صائما سان گڏ بيٺل نظر آئي هئي...!!
ندامت منجهان مرجهايل چهري تي يڪدم مصنوعي مسڪراهٽ قائم رکندي وراڻي هئي خالان رات مذاحيا خواب لڌو هيم سو پنهنجي پياري ساهيڙي صائما کي پئي ٻڌايو !
ڳوٺاڻي ڇوڪري جا ٽھڪ ٻڌي ايئن محسوس ٿيو هو ڄڻ ڪائنات سموري ٿرٿلي ۾ اچي وئي هجي، اردگرد جي ماحول ۾ پيٽ پوڄا ڪندڙ پکيئڙا ٽاھ منجهان ڀڙڪو کائي پاڻ بچائيندا هجن! ڳوٺاڻي ڇوڪري جو اک جي ڇهنگڻ ڦهنگڻ وارِي خوبصورت نهار بي رحم شڪاري جي ڪماڻ مان نڪتل تير جيان احساس. اُمنگ ۾ چهبندي محسوس ٿي هئي! جنهن سان ماضي جا ڌنڌلا عڪس ذھن جي طوائف خاني اندر رقص ڪرڻ لڳا هيا، جڏھن هُن کي پهريون ڀيرو يونيورسٽي اندر فزڪس روم ۾ ايندو پسيو هيم ته اهو ئي ساڳيو مسڪراهٽ وارو منظر هيو، اهائي ساڳي من موهيندڙ شرميلي آڏي نگاهن سان پسڻ واري ديد هئي جنهن جي دلفريب ادائن ۾ منهنجو منڙو اٽڪجي بيهي رهيو هو !
ابا خيال سان…!! اڳيان ايندڙ کاهي کان هوشيار ڪندي ماسي وراڻي هئي ...!!
هونئن…!زبان منجهان لاشعوري جو آواز نڪتو جنهن کان خود آئون به اڻڄاڻ رهيس ۽ هوش سنڀاليندي حقيقي دنيا سان متعارف بڻيو هيم ...!!
ٻھراڙي جون سندر زمينون فصلن جي ساوڪ ڀري پوشاڪ سان سجايل نظر آيون هيون، ڪافي دور دور تائين ڌنار ۽ فصلن جي وٽَ پاسي سان چرندڙ چوپائي مال جا ڌنڌلا عڪس پسڻ وٽان ملندا رهيا هيا، ڪٿ ڪٿ واٽ ويندي پورهيت عورتون مٿي تي وزني گاھ سان منهن لڳي رهيون هيون ته وري ڪٿ ڪنهن واھ ڪَپ تي لشڪر جي صورت ۾ ڳوٺاڻيون اسڌ، جوان بالغ ۽ نابالغ نارين جو ڪپڙا ڌوئڻ وارو منظر ڏسڻ وٽان به ٿي ملندو رهيو هيو، ٻھراڙي جا اهڙا حسين منظر خزائن جيان اجڙيل منهنجي من ۾ بهارن جو سبب ٿي بڻيا هيا جن جي درشن بعد من اندر تازگي جي سڳنڌ وجود ۾ روح وانگر سمائجڻ ٿي لڳي هئي!
ٻھراڙي جي حقي سونهن کي پسندو به رهيو هيس ته ماسي پٺيان هلندو به رهيو هيم ايتري ۾ کيسي اندر پيل خاموش موبائيل ڌمچر ڪري وڄڻ لڳي هئي.....!!
گهڻڻ ڪوشش باوجود به نمبر سڃاڻي ڪين سگهيو هيس ۽ ڪال اٽينڊ ڪندي هيلو ڪيو هيم .....!!
پريان کان خاموشي جو اونهون سمونڊ محسوس ٿيو هو، هڪ دفعو ٻيهر هيلو لفظ جو سهارو وٺندي ڳالهايو هيم.....!!
ڪو به آواز نه مليو هو…
ڪن تان موبائيل هٽائڻ جو ارادو ڪندي ڪال ڊسڪنيڪٽ ڪرڻ تي هيس ته پريان کان هيلو جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو هو …
جي ڪير؟
اوهين ساگر آھيو نه…؟
جي ها آئون ساگر آھيان پر اوهين ڪير؟
ڪاٿي آھيو؟؟
پهريان اهو ٻڌايو ته اوهين ڪير پيا ڳالهايو.....!!
ساگر آئون سنڌو آھيان .....!!
ڪير سنڌو ؟؟ سڃاڻپ کان انڪار ڪندي وراڻيو هيس
مان .....!!
ڇا مان .....؟
خير اوهين مونکي نٿا سڃاڻيو ! نه ئي آئون اوهانکي ٿي سڃاڻيان…! اوهانجو نمبر مونکي…………!! اڳتي ڪجهه ڪين ڪڇي ۽ لفظن کي بکايل راهڪ جيان زبان ۾ چٻاڙي خاموشي اختيار ڪئي هيائين…
ڇا مطلب.....!!
غلطي منجهان شايد رانگ نمبر لڳي ويو اوهانجو ……!! ڌيري آواز سان ٽمٽار الفاظ ڪنن سان ٽڪريا…
جڏھن اهي لفظ ٻڌم ته حيرت جي ڪا گنجائش نه رهي ۽ تخيل جي اماس ۾ پاڻ وڃائيندي سوچيو هيم ته اگر رانگ نمبر آ ته منهنجو ساگر نالو ڪيئن ٿي ورتو؟؟
اوڪي ڪا ڳالهه ناهي…! چاهيندي به ڪو ڊيگهه نه ڪئي هيم! ۽ ڪال ڪٽڻ تي هيس ته پڇيو هيائين …
اوهين يونيورسٽي جا شاگرد آھيو نه ؟؟
جي نه ! پر اوهين سنڌو ڪير ۽ ڪهڙو ڪم اٿئو! حقيقت کي ڪوڙ جو جامو پهريندي وراڻيو هيس ڇاڪاڻ ته آئون نٿي چاهيم ڪنهن اوپري شخص کي سڀ ڪجهه سچ ٻڌايان
اوڪي بعد ۾ ڳالهايان ٿي! ۽ ٽُون ٽُون ڪال ڪٽجڻ جو آواز ٻڌڻ وٽان مليو هو… موبائيل اسڪرين تي رسيوَ ڪال جو شو ٿيل نمبر غور سان پرکڻ لڳو هيس . پر سڃاڻپ ۾ نه آيو هيو شايد ته ان کان اڳ اهڙو ڪو به نمبر نگاھ منجهان نه گذريو هو! من گهڻو ئي چاهيو ٿي ته بيڪ ڪال ڪري تعارف پڇي وٺانس پر مناسب نه سمجهيو هيم ۽ موبائيل کيسي اندر رکي اڻ تڻ واري خيالن منجهه غوطا کائي سوچڻ لڳو هيس ته ڪير ٿي سگهي ٿي! سنڌو نالي ڪا به ڇوڪري يونيورسٽي ۾ ته نه هئي! نه ئي سڃاڻپ وارين ڇوڪرين ۾ ڪا سنڌو ڇوڪري آھي پر هي سنڌو ڪير آ ۽ مونکي ڪيئن سڃاڻي؟
ڇو ماسات تنهنجو چهرو لٿل آھي اڄ؟ ڪجهه قدمن جي دوري کان حفيظ وراڻيو هو…! شايد منهنجي لوساٽيل چهري جي شفق کي پرکي ورتو هيائين
آئون ڍونگي مرڪ لبڙن تي سجائيندي وراڻيو هيس نه نه ماسات اهڙي ڪا ڳالهه نه آ……
ابا ڪنهن جي ڪال هئي…! ماسي به منهنجي الجهن پسندي وراڻي هئي...
رانگ نمبر هيو شايد……
جنهن بعد ماسي ڏانٽو ۽ اوڇڻ کڻي گاھ لڻڻ لڳي هئي، حفيظ ٻني ٻاري جو ڪم ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويو هو ۽ آئون ٻھراڙي جو حسين ماحول پسڻ لڳو هيم وقت معمول مطابق گردش ۾ مشغول نظر آيو هو !