(7)
کيسي ۾ پيل موبائيل آن ڪيم ته سنڌو جا ڪافي ميسيج موبائيل اسڪرين تي اچڻ (ظاهر) لڳا هيا.
سنڌو جا آيل ميسيج پڙھي ڪال ڪئي هيم ته سنڌو جو نمبر مصروف مليو هو…! بار بار ذھن تي زور ڏئي سوچڻ لڳو هيس سنڌو نالي يونيورسٽي ۾ ته ڪا به شاگردياڻي ڪون هئي! آخر هي ڪير آ شازو ۽ مونکي ڪيئن ٿي سڃاڻي؟
ادا ڇو پريشان آھيو…!! اڻ تڻ واري ڪيفيت ۾ جڪڙيل پسي صنم وراڻي هئي.
اداسائي جي گهيري ۾ وڪوڙيل چهرو ڍونگي مسڪراهٽ سان خوشگوار بڻائيندي وراڻيو هيس نه نه ادي پريشان ناهيان…
ادا اوهين مونکي نٿا وڻو …! سچي ۾ به ڪنا آھيو.
ڇو ادي؟؟
صاديا جهڙي حسين ڇوڪري جي پيار واري آڇ توکي ٺڪرائڻ نه پئي گهرجي.
صاديا منهنجي هم خيال بهترين ساٿي آھي ! ۽ مان هُن جي دوستي کي پيار جي روپ ۾ بدلڻ نٿي چاهيم.
آخر ڇاڪاڻ؟ ۽ ڪهڙي ڪمي هئي جو صاديا کي صرف دوستي جي تند تائين محدود بهتر رکيئو ؟؟ ادي صنم سوال ڪندي وراڻي هئي.
من گهڻو ئي ٿي چاهيو ته ماضي ۾ ٿيل هاڃو ليکڪ جي ڪنهن کُليل ڪتاب وانگر اڳيان کولي رکانس ۽ ٻڌايانس ته چنڊ جي چانڊاڻ جهڙي مشابهت رکندڙ ڪنهن صاف چهري هٿان پهريان کان ئي دوکو کائي چُڪو آھيان ھاڻ ٻيهر ڪنهن جي پريت چاهت ۾ دوکو کائي نٿو سگهان ڇاڪاڻ جو پنهنجي پٿون ٿيل جسم ۾ هاڻ وڌيڪ سگهه ساري نٿو سگهان، پر خاموش رهيو هيم ڪڇي ڪين سگهيو هيس ڪجهه منٽن بعد صاديا کي پاڻ طرف ايندي ڏٺو هيم…!
الله ڪندو خير، وڏيرڪي ٻار جو اڄ اسانجي ڪکائين گهر ۾ ڪيئن اچڻ ٿيو، صاديا کي گهر جي آڳنڌ ۾ موجود پسندي ماسي زينت شايد پنهنجائپ واري لهجي ۾ وراڻي هئي
الله خير ڪيو آ بوا (ماسي) بس تنهنجي مهمانن کي وٺڻ آئي آھيان صاديا ماسي زينت سان مخاطب ٿيندي وراڻي هئي
ڇو خير ۾ ڌيءَ……
ها اڄ انهن جي دعوت اسان وٽ رکيل آھي
پر هي ته هينئر واپس وڃن ٿا شھر ڏانهن……!
ماسي زينت جي زبان منجهان شھر وڃڻ جو ٻڌي صاديا جي خوبصورت مُک تي اداسائي جون ريکائون ڇائنجي ويون هيون، لالڙي لڳيل چپڙن کي پاڻ ۾ ڀڪوڙيندي درد ڀري لهجي سان وراڻي هئي مان ته هينئر صنم وارن کي دعوت ڏيڻ آئي هيس .....!
اوهانجي دعوت ڪنهن ٻي ڀيري کائبي ڇو جو ڪلاڪ جي اندر اسين هتان کان شھر طرف نڪري وينداسين…! ادي صنم وراڻي هئي...
صاديا ڪجهه ڪين ڪڇي هئي ۽ اداسائي جي ڪيفيت ۾ مسلسل جڪڙيل رهي، صاديا جي بهار جهڙي مُک تي خزان جو اوچتو ڇائنجي وڃڻ وارو لمحو سمجهي نه سگهيو هيس ڇاڪاڻ ته ڪجهه منٽ پهريان صاديا خوشگوار موڊ سان ٽڙندي ماسي وارن جي گهر پهتي هئي.
ڇا ساگر اوهين به واپس وڃو ٿا شھر؟؟ صاديا ڳيت ڏيندي لفظن کي چپڙن مان آزاد ڪندي وراڻي هئي.
جي ها! منهنجي ڪڇڻ کان پهريان ادي صنم صاديا سان مخاطب ٿيندي جواب ڏنو هو.
آئون مسلسل خاموش رهيس ۽ صاديا جي چهري تي اونهي سوچن جي هينڊاڻ کي پسڻ لڳو هيم.
ڇا ٿيو صاديا !
ڇا ٿيندو…؟
الائجي صفا پريشان ٿي ويا آھيو …! صنم صاديا سان ڳالهائيندي رهي، منهنجي کيسي ۾ پيل موبائيل فون وڄي هئي، جنهن کي رسيوَِ ڪندي هيلو ڪيو هيم ۽ ڳالهائيندي ڳالهائيندي صاديا وارن کان پرڀرو ٿي ويو هيس …!
شازيا کي پنهنجي غلطي جو احساس آھي…! هو اوهان کان معافي وٺڻ ٿي چاهي ساگر بس اوهين هڪ دفعو ٻيهر يونيورسٽي واپس اچو. سنڌو وراڻي هئي...
اوهين ڪڏھن کان ورسٽي جوائن ڪئي ؟ آئون سنڌو کان سوال پڇيو هو...
هوننننن تقريبن ٽي مهينا اڳ…! سوچيندي سنڌو جواب ڏنو هو.
مطلب مونکان بعد ۾ …
جي ها!شازيا کي آئون تمام ويجهڙي کان سڃاڻيان ٿي ڇو ته شازيا سان پنهنجو يونيورسٽي جو رشتو نه آ شازيا منهنجي پاڙيسري به آ ۽ نهايت ئي سلڇڻي خوش اخلاق ڇوڪري آھي، بنا ڪجهه پڇڻ جي سنڌو شازو جي تعريف ڪندي وراڻي هئي.
مان ٿورو مصروف آھيان بعد ۾ ڳالهايان ٿو…! بي رخي منجهان وراڻيو هيس.
اوڪي…
ڪال ڪٽيندي موبائيل کي کيسي ۾ رکيو هيم ۽ صاديا طرف نهارڻ لڳو هيم جيڪا خوشگوار موڊ ۾ ادي صنم سان کلي رهي هئي …! صاديا کي خوش ڏسي اهو قول سچ ڀاسجڻ لڳو هو ته انسان جي ڪيفيت ۽ موسم جي بدلجڻ ۾ وقت نه لڳندو آهي صاديا جي چهري تي مسڪراهٽ پسي ڪوماٽيل احساس گلابن جيان ٽڙڻ لڳا هيا.
ساگر تون هتي ئي آھين نه…! سرهائي منجهان صاديا وراڻي هئي.
جي ها آئون اڃان اتي ئي ڪجهه وقت ڳوٺ ۾ ئي رهندس! منهنجو مخاطبي جواب ٻڌي صاديا جو خوشگوار چهرو وڌيڪ روشن بڻجي ويو هيو ...!
ڌي صنم سامان سنمڀالي وٺ…! ماسي وارن جي ڪمري اندران امڙ نڪرندي وراڻي هئي.
جي امي…!! صنم ڪمري طرف هلي وئي.
پُٽ مان ته چوان پئي اسان سان گڏيو شھر هل، امي ممتا وارو لهجو برقرار رکندي وراڻي هئي.
امي آئون به تمام جلد ايندس في الحال اوهين هلو…! هڪ دفعو ٻيهر شھر وڃڻ کان انڪار ڪندي وراڻيو هيم.
چڱو پُٽ پنهنجو خيال رکجاءَ ۽ فون تي ڳالهائيندو ڪجاءَ امي پيار شفقت ڀريو ڀاڪر پائي موڪلائڻ لڳي.
الائجي ڇو امي ۽ ادي جو واپس وڃڻ وارو منظر روئارڻ جو ڪارڻ بڻيو هو جڏھن شھر طرف ويندڙ ڪچن رستن مٿان امي وارن جي ڪار جو عڪس ڌنڌلو بڻجي نظرن کان اوجهل ٿيو هو ته ائين لڳو هو ڄڻ ٻھراڙي جي خوبصورت ماحول جون ساريون سندرتائون امي وارن سان گڏ شھر طرف روانو ٿيون هجن.
ماسات ڇو پريشان آھين؟؟ حفيظ منهنجي چهري طرف تجسس منجهان نهاريندي وراڻيو هو.
نه ماسات پريشان ناهيان …! ۽ صاديا کان موڪلائيندي حفيظ سان گڏ ڳوٺ جون ور وڪڙ کائيندڙ ڪشاديون گهٽيون لتاڙيندو ٻني طرف روانو ٿيو هيس.
ماسات هو ڇوڪري رابطي ۾ آھي يا نه ؟؟
حفيظ جو جملو ٻڌڻ بعد ٽاھ منجهان ڀڙڪو کائي اڏامندڙ پکي وانگر وجود ششي ويو هو ۽ سوچن جي وشال ڪائنات ۾ پاڻ وڃائيندي وراڻيو هيس ڪهڙي ڇوڪري؟؟
ماسات يونيورسٽي واري جنهن سان تون هڪ ڏينهن ملاقات به ڪرائي هئي ! آئون جڏھن سرنهن جو ساڳ کڻي اوهان وٽ آيو هيس، حفيظ ماضي ياد ڏياريندي وراڻيو هو.
آئون ڪجهه ڪين ڪڇيو هيس .....!
ڇا ٿيو ماسات ؟ حفيظ مک طرف نهاريندي وراڻيو هو.
ماسات مونکي ياد نه آ؟ الائي ڪهڙي ڇوڪري جي ٿو ڳالهه ڪرين؟ آئون باخبر هوندي به بيخبري جو ناٽڪ ڪندي وراڻيو هيم.
ها ماسات ڇاڪاڻ ته مان اڪثر اوهان وٽ ايندو رهيو آھيان ڪڏھن ڪهڙي شيءَ کڻي ته ڪڏھن ڪهڙي شيءَ…! پر مونکي اڄ به اهو پل چڱي ريت ياد آ جڏھن آئون سچو ڊالٽو ۽ سرنهن جو ساڳ کڻي اوهان وٽ آيو هيس ته اوهانجي گهر ۾ هڪ ملوڪ ڇوڪري کي ڏٺو هيم جنهن جو تون تعارف ڪرائيندي چيو هو ته هي ڇوڪري يونيورسٽي ۾ مونسان گڏ پڙھندي آ ۽ ڏاڍي ذھين آ هُن جو تون نالو به سولو ٻڌايو هيو پر هينئر ياد نٿو اچي حفيظ ذهن تي زور لڳائيندي وراڻيو هو.
ٿي سگهي ٿو ماسات پر مونکي ڪجهه به هينئر ياد نٿو اچي …! هڪ دفعو ٻيهر ناٽڪ ڪندي وراڻيو هيس حفيظ جي لفظن ماضي جي زخمن مٿان لوڻ ٻرڪڻ جو ڪردار ادا ڪيو هو ۽ شازو سان گڏ گهاريل هاسٽل کان ويندي ورڪ روم جون يادگيريون ذھن جي ڪُک منجهان جنم وٺڻ لڳيون هيون…! ھٿڙن ۾ هٿ ڏئي مسڪرائڻ وارا ڪردار، ابهم، نازڪ گلابن کي مرجهائي ڊائري جي سفيد ڪفن نمان پنن ۾ گفٽ ڪرڻ وارا سندر منظر، جُن جي هر هڪ صحفي تي پيار، پاٻوھ، پنهنجائپ ۽ خوشگوار مستتقبل جي جوڙجڪ جا اکر چٽيل پڙھڻ وٽان ملندا هيا، يونيورسٽي جي ڪينٽين کان ويندي شھر جي هوٽلن ۾ گڏجي ماني کائڻ واريون پوريون اڻپوريون خواهشون، ڄامشوري جي ٿڌڙين هوائن جو راحت بخيشندڙ سحر حاصل ڪرڻ خاطر روڊ، رستن تي گڏجي پيدل نڪري پوڻ وارا خوبصورت عڪس جنهن ۾ زندگي جون سڀئي رنگينون سمايل رهنديون هيون.
ماسات ڪاٿي گم آھين…؟ ماضي جي تصوري هٿڪڙين ۾ جڪڙيل وجود کي آزاد ڪرائيندي حفيظ وراڻيو هو.
حقيقت سان متعارف ٿيندي ئي پيٺان کان ڪڍ ايندڙ صاديا تي نگاھ پئي جيڪا ڪجهه پرڀرو اسان طرف اچي رهي هئي…! صاديا کي پاڻ طرف ايندي پسي وراڻيو هيس ماسات تون هلي گاھ لُڻ آئون اچان ٿو...!
الائجي ڇاڪاڻ پهريون ڀيرو صاديا جي سونهن اڳيان ٻنين جي خوبصورتي کي شرمائيندو پسيو هيم، ائين محسوس ٿيو هو ڄڻ اُڀ هيٺان اڏامندڙ پکي به صاديا جي حُسن سامهون پردو ڪري رهيا هجن، هي ساري ڪهڪشاءُ صاديا جي سندرتا سامهون عبادت ڪاڻ سر جهڪايو هجي.
صاديا ڇا ٿيو خير ته آھي؟؟ صاديا طرف پهچندي وراڻيو هيس
جي ها خير آھي، بس ڳوٺ ۾ من نٿي لڳو انڪري اوهانجي پٺيان نڪري پيس… ڪنڌ ڌرتي طرف جهڪائيندي وراڻي هئي.
اڇا، تنهنجو پويان ماٺ ۾ اچڻ ڇڙڪائي ڇڏيو هو ۽ مون سوچيو الله خير ڪري ڪجهه ٿيو ته نه آ ...!
ساگر توکي دنيا عجيب نٿي لڳي؟؟ صاديا منهنجي موضوع جو رخ مٽائي ٿڌو ساھ ڀريندي وراڻي هئي.
صاديا جي اتاولي لهجي کي مدنظر رکندي وراڻيو هيس نه دنيا عجيب نٿي لڳي بلڪي عورت جي وجود جيان لڳي ٿي جنهن جو هر قدردان مرد طلبگار هوندو آ.
قدردان هاهاهاهاها…صاديا جي لفظن ۾ چڙ ۽ غصي جي هُٻڪار محسوس ٿي هئي.
مطلب ……
هونئن مرد ۽ قدردان اهو ممڪن نه آ؟ صاديا هڪ دفعو ٻيهر چڙ واري ڪيفيت ۾ الجهندي وراڻي هئي.
مرد اگر قدردان نه هجي ها ته سسئي جي ڪري پنهون پنهنجي ڀائرن کان لاتعلقي ڪرڻ تي مجبور نه بڻجي ها، مجنو پنهنجي جسم منجهان ماھ ڪپي ليلا جي نالي سان نه ڏي ها… سنڌ جي تهذيب جيان دقيانوس عاشقن جون تشبيهون ڏيندي وراڻيو هيس
صاديا خاموش رهي ڪجهه ڪين ڪڇي هئي …
ڇا ٿيو ؟ صاديا کي خاموش پسندي وراڻيو هيم
سڀ بڪواس آ……!! صاديا پنهنجون خوبصورت اکڙيون گگن جي نيري ڇت ۾ اٽڪائيندي وراڻي هئي.
ڇا مطلب؟ پنهنجون شوخ نظرون صاديا جي مُک طرف نهاريندي وراڻيو هيس.
تون مرد ٿي ڪري به منهنجي جوڀن جي تڙپ کي نٿو پرکين! اگر تون منهنجي من ۾ باطن عورت جو درد ڄاڻين ها ته منهنجي پريت چاهت جو انڪاري نه ٿي ها، صاديا نظرون نير گگن جي ڇت مان هٽائي مون طرف نهاريندي وراڻي هئي.
تنهنجي احساسن کي سمجهي سگهان ٿو صاديا، پر اهو به ممڪن آ ته تنهنجي پريت چاهت کي ٺڪرائڻ پٺيان به ڪنهن مجبوري جو ڪارڻ ٿي ٿو سگهي شايد جنهن کي تون سمجهندي به سمجهي نه سگهين آن ۽ خاموش رهيم.
ائين به ٿي ٿو سگهي ساگر، پر مان توسان سچو پيار ڪريان ٿي پاٻوھ منجهان چپڙن تي ڪس ڏيندي صاديا وراڻي هئي.
صاديا جا خوبصورت چپڙا جڏھن ريگستاني ڌرتي نماءَ منهنجي چپڙن سان مليا ها ته من ۾ راحت بخشيندڙ سڳنڌ اوتجي وئي هئي! ۽ ايئن ڀاسجڻ لڳو هو ڄڻ صدين جي پياسي وجود کي پيار جو ريج ملي ويو هجي جنهن بعد وجودي ڌرتي منجهه احساس، امنگ ۽ جذبن جو سڙيل فصل هڪ دفعو ٻيهر سائو بڻجي نکرڻ لڳو هجي.
نه صاديا هي سڀ ٺيڪ نه آ…! مُک موڙيندي وراڻيو هيس
پيار جي عقيدت ۾ پنهنجي محبوب جو پاڪيزه چهرو چمڻ ڇا ۾ غلط آ ؟ صاديا وراڻي هئي.
بيشڪ غلط نه آ پر ……
ڇا پر ! منهنجو جملو ورجائيندي چيو هيائين.
اجڙيل گلشن جي گلابن مان خوشبو جي اميد رکڻ بيوقوفي چئبي.
ڪنواريون ڇوڪريون اجڙيل گلشن کي سنوارڻ جو فن ڄاڻنديون آھن، صاديا مسلسل تجسس منجهان چهري طرف غور سان نهاريندي وراڻي هئي.
نه، نه، تنهنجي هي دعوي پاڻي تي باھ ٻارڻ جيان آھي.
ساگر آئون توسان پريت چاهت ڪريان ٿي، صاديا هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي پيار جو اظھار ڪندي وراڻي هئي.
ها پر صاديا آئون توسان چاهيندي به پيار ڪري نٿو سگهان.
هُو ڏسين ٿو شايد مون وانگر بدنصيب پکي آ، نير گگن هيٺ ولر پکين جي پويان اڏامجندڙ اڪيلي پکي طرف اشارو ڪندي صاديا وراڻي هئي
تون جيان مطلب ...!!
ها، ڇو ته آئون به ان پکي جيان بدنصيب آھيان جيڪو چاهيندي به ولر سان جوڙ نٿو لڳائي سگهي.
مونکي ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي، تنهنجي چوڻ جو ڇا مطلب آ؟ هڪ دفعو ٻيهر ناسمجهي جو اظھار ڪندي وراڻيو هيس.
منهنجي چوڻ جو صاف مطلب ته آئون تنهنجي ويجهو هوندي به توکي پنهنجو ڪري نٿي سگهان، نه ئي پنهنجي چاهت جي اڌوري منزل کي تڪميل تائين رسائي پنهنجي پيار کي امر بڻائي ٿي سگهان.
صاديا توسان باطل پيار جو اظھار ڪري توکي دوکو ڏئي نٿو سگهان ڇاڪاڻ ته آئون پريت چاهت جي صحرائن منجهه ڀٽڪندڙ مسافر جو درد ڄاڻان ٿو، جيڪو سمونڊ جي ساحل تي هوندي به آب چُڪي لاءَ تڙپندو آ، ۽ چنڊ کي چمڻ جو حوصلو ته رکندو آ پر پنهنجي محبوب جي چهري کي چمي ڪين سگهندو آ.
صاديا خاموش رهي هئي ۽ ڪجهه ڪين ڪڇيو هيائين وقت معمول مطابق پنهنجي رفتار سان ڊوڙندو رهيو هيو ۽ لهندڙ سج جا پاڇا صاديا جي خوبصورت چهري تي لالاڻ چٽڻ ۾ ڪامياب ٿيندا رهيا هيا.