(5)
ساگر پهريان منهنجي ڳالھه پوري ٻڌجانءَ ..! هيلو جو آواز ٻڌندي ئي سنڌو وراڻي هئي جنهن کي آءُ گهڻي ڪوشش باوجود به سڃاڻي ڪين ٿي سگهيو هيس
جي حڪم ڪريو! ڊگهي اوٻاسي ڏئي وراڻيو هيم ڇاڪاڻ جو رات ڪچهري ۾ ڪا خبر ئي نه پئي هئي ڳوٺ جي مسجد منجهان ٻانگن جو آواز اچي ويو هو ۽ ننڊ پوري ڪين ٿي سگهي هئي!
اوهين اڄڪلهه ڪاٿي آھيو؟ ۽ يونيورسٽي ڇو نٿا اچو؟
ڏسو مان اوهانکي نٿو سڃاڻيان !هڪ دفعو ٻيهر سڃاڻپ کان انڪار ڪندي وراڻيو هيس
پر مان ته اوهانکي سڃاڻيان ٿي نه! اوهين يويورسٽي جي فائنل ييئرس آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ جا شاگرد آھيو! شايد سڃاڻپ جي نشاندهي طور وراڻي هئي.
ها ته پوءَ … بي رخي منجهان فقط ايترو وراڻيو هيم.
اوهين يونيورسٽي واپس اچو نه، اوهانکي شازيا ڏاڍو مس ڪندي آ! عرضدار لهجي منجهان وراڻي هئي.
شازيا جو نالو ٻڌڻ بعد دل جي ڌڙڪن تيزي سان ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳي هئي، من اندر وڇوڙي جي اڏيل جهوپڙي کي خزان جو طوفان جڙ کان اکيڙڻ جو سبب بڻيو هو! ۽ ماضي جي مندر ۾ يادگيري جو گُهنڊ تيزي سان گوڙ گهمسان ڪري وڄڻ لڳو هيو، جنهن بعد ٽڙيل احساس ڪوماڻجي پنهنجي سڳنڌ وڃائڻ لڳا هيا، ڪو وقت هيو جو شازيا منهنجي دل جي مسجد ۾ پيش امام جيان هئي! هر صبح شازيا نانءُ جي ورد سان آغاز ڪندو هو، ۽ هر رات شازيا جي نانءُ سان انتها تي پهچي پنهنجو وجود وڃائي ڇڏيندي هئي، شازيا مون لاء ڪنهن خدا کان ڪمتر ڪين هئي ! ڇاڪاڻ جو خدا به هڪ مھذب عقيدو آ ۽ شازيا جي پريت چاهت به مون لاء خدا جيان مهذب عقيدو ئي هئي! بس فرق ايترو هيو، جو خدا جي عقيدي جو روپ نه آ؟ شازيا جي محبت واري عقيدو جو روپ ان جو سندر عڪس هيو …!جنهن کي آئون پسندي ئي زاهد بڻجي ويو هيس.
هيلو هيلو…… ڇا ٿيو ! خاموشي جي اڀرندڙ سج کي شبدن جي جبل پٺيان آڻيندي سنڌو وراڻي هئي
ڪڇي ڪين سگهيو هيم ! ۽ بي جان مٽي جي بُت وانگر هڪ جاء تي ٽڪ ٿي ڄميو رهيو هئس!
هيلو هيلو آواز اچي ٿو ؟هيلو هيلو ڇا ٿيو ؟ ڳالهايو ڇو نٿا؟ سنڌو جو آواز مسلسل ٻڌڻ وٽان ملندو پئي رهيو هو
نه چاهيندي به ڪال ڊسڪنيڪٽ ڪري ڪن تي رکيل موبائيل هيٺ لاهي ڇڏي هيم! ۽ وڇوڙي جي گهرائپ ڀري سمونڊ اندر غوطا کائڻ لڳو هيس ته ٻيهر موبائيل جي رنگ وڄڻ لڳي هئي جنهن جو آواز ٻڌندي ئي ڪاوڙ منجهان موبائيل شٽ ڊائون ڪري ڇڏي هيم !
ماسات اچ ته هلون ٻني تي ! ڀرٿ سان سجايل رومال ۾ ٻڌل ماني کڻندي ماسات صائما وراڻي هئي گهڙي منجهه نظرون ڦيرايم ته ٽائيم ساڍه يارنهن وڳي رهيا هيا .
ٿڪل قدم کڻي ماسات صائما پٺيان ٻني طرف روانو ٿيڻ لڳو هيس…!! پهريون ڀيرو ڳوٺ جي هر گهٽي ڪنوار جيان سينگاريل نظر آئي هئي... جنهن جو جواز ٻڌائيندي ماسات صائما وراڻي هئي ماسات مرشد جو پٽ ۽ ننڍي جيجي ڳوٺ طرف اچڻا آھن انڪري ڳوٺ جي هر گهٽي ٻھاري وئي آھي.....!
پر مرشد جو پٽ ۽ ننڍي جيجي جي اچڻ سان ڳوٺ جي صفائي ڪهڙو تعلق رکي ٿي… ؟؟حيرت ڀري لهجي منجهه وراڻيو هيم
ڇا مطلب …ناسمجهي جي گاڏڙ ڪيفيت ۾ ماسات صائما الجهندي وراڻي هئي
مطلب ته ڳوٺ جي صفائي ڪڏهن ۽ ڪنهن وقت به ٿي سگهي ٿي پر مرشد جو پٽ ۽ ننڍي جيجي جي اچڻ ڪري لازم ڇو…؟؟ اهڙو ڇا آ انهن جي اچڻ ۾…؟؟
ماسات هو قسمت سان ڳوٺ طرف اچن ٿا ! انڪري ڳوٺ جي صفائي ڪرڻ ضروري هوندي آھي …ڇلانگ سان واٽر پار ڪندي ماسات صائما وراڻي هئي.
ماسات صائما سان گفتگو ڪندي ٻنين جا ساوڪ ڀريا منظر پسندو رهيو هيم ته پٺيان ڪنهن جي سڏ جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا هيا، آواز ٻڌندي ئي ڪنڌ ورائي پٺتي نهاريو هيم خوشي جي لهر اداس من جي سمونڊ ۾ اٿل پٿل ٿيندي محسوس ٿي ۽ خوشي منجهان تيز آواز سان وراڻيو هيس تڪڙي اچ صاديا...!
صاديا تيز وکن جي صورت ۾ ڊوڙندي اسان سان گڏي! ۽ سهڪي جي صورت ۾ سلام وراڻيو هيائين! جنهن جو جواب ماسات صائما ۽ آئون گڏيل آواز ۾ ڏنو هو .
صاديا جي گلابي بدن تي ريڊي ميٽس جي ڊريس پسندي ئي منهنجون اکڙيون فاتح لشڪر هٿان ميدان ۾ کُپيل جهنڊي جيان صاديا جي جسم ۾ مضبوطي سان کُپي ويون هيون ! ڇا ته سندر لڳي رهي هئي، ڄڻ سڄي سنڌ جي سونهن صاديا جي جوڀن ۾ رقص ڪرڻ لڳي هجي! مهڪندڙ چهرو، حسين ڳٽڙا، لالڙي جي سائي رنگ ۾ رنڱيل چپڙا، وکريل وکريل ذلف جن منجهان عجب ڀري سڳنڌ پکرجي ٿي وئي، ۽ اڀريل ڇاتي جو دلڪش منظر جنهن کي پسڻ بعد نابود جذبا به ڦتڪڻ لڳا هيا !
ڪيئن آھيو !! صاديا مسڪراهٽ ڀري لهجي منجهان پڇيو هيو
خوش آھيون تون ٻڌا وڏيري ! مان ڪجهه وراڻيا ان کان اڳ ماسات صائما جواب ڏيندي چيو هيس صاديا ڪجهه ڪين ڪڇي هئي! ۽ خاموش رهي
اڄ ڀلا اڪيلي نڪري پئي آن ؟ ساهيڙي ڪاٿي اٿئي ؟ صاديا کان سوال ڪندي وراڻيو هيم
بس ڪير سدائين گڏ ته نه هوندو آ ؟ صاديا مسڪراهٽ چهري تي قائم رکندي وراڻي هئي
صاديا جو جملو ٻڌندي ئي يونيورسٽي جو مهڪندڙ ماحول ذھن جي نُڀ مٿان ڪنهن اوپري بادل وانگر ڇائنجي ويو هو…!، اهو به ڪو وقت هيو جو يونيورسٽي جي چوديواري اندر جيون حسين لڳندو هو! پنهنجو پاڻ کي خوشنصيب ڀائيندو هيس، هر گهڙي چپڙن تي مسڪراهٽ ڪنواري جي حسرتن جيان رهندي هئي ۽ شازيا سان گڏ دنيا انڊلٺي جيان رنگين ڀاسجڻ وٽان ملندي هئي جنهن ۾ هزارين خواهشون سمايل رهنديون هيون، ۽ مستقبل جا سهسين خواب جيڪي تڪميل تائين پهچڻ کان اڳ برباد ٿي پنهنجو وجود وڃائي ويٺا هيا، خيالن جي پاتال منجهان ٻاهر ڪڍندي صاديا وراڻي هئي ساگر هيڏانهن اچ …!۽ ماسات صائما کي چيو هيائين اسين پوء اوهانجي ٻني طرف اچون ٿا تون ماني کڻي پهچ...!
صاديا جي ريشمي چيلهه کي ڏسندي احساس ٿيو هيم جيڪر هن دنيا ۾ عورت جهڙي خوبصورت تخليق نه هجي ها ته مرد ذات جو جيئڻ ڪنهن ناسور کان گهٽ نه هجي ها ڇاڪاڻ ته مرد ذات جي ڌنڌلي جياپي جون سڀئي رنگينون عورت جي ڪومل وجود سان ئي سلهاڙيل نظر ٿي آيون هيون، جنهن بنا مرد جو جيون بي رنگ ٿي لڳو هيو.
ساگر ڪهڙي ٻڏتر ۾ محو آھيو…! گلابي لالڙي لڳل چپڙن مان سڳنڌ جون چُڳيون وکريل فضا ۾ وکيريندي صاديا وراڻي هئي
ڪائنات جي سونهن تي پئي سوچيو ! وڻ ٽڻ، موسم جي تبديلي، ڏينهن رات، سمنڊ ڪنارا، گل ڦل نه هجن ها ته هي ڪائنات ان سنسان مندر جيان لڳي ها، جيڪو مذھبي عقيدت جي آڙ منجهه اجڙي ويراني جي ورچڙھي ويندو آ . ان مظلوم ۽ بيوس ڇوڪري جيان لڳي ها جنهن کي مردانو معاشرو ڪنهن ٽشو وانگر استعمال ڪري طوائف خاني جي ڊسٽ بن ۾ لاوارث بڻائي اڇلائيندو آھي، ان پورهيت مثل لڳي ها جيڪو پنهنجي جوان نياڻين جي اگهاڙي جسم کي ڍڪڻ ڪاڻ واحيات سيٺين جون ڇڙٻون سهي به مجبورن هٽڙي تي ڪم ڪندو آ، ٿڌو ساھ کڻندي يڪساهي وراڻيو هيس.
زبردست... اها به حقيقت آ پر ڏٺو وڃي ته انسان ترقي جون حدون اوڙانگهي مريخ تي نگاهون وڌيون آھن مگر هيل تائين ڪائنات ۽ پنهنجو پاڻ کي پروڙي ڪين سگهيو آ، صاديا شعور منجهان وراڻي هئي…
جنهن جو مخاطبي جواب مونکي حيرانگي جي ڪيفيت ۾ الجهائي ڇڏيو هو …!!۽ سوچڻ لڳو هيس وڏيرڪي ٻار جي اهڙي سوچ؟؟
ڇا ٿيو ساگر …… هڪ دفعو ٻيهر حقيقت جو عڪس ڏيکاريندي صاديا وراڻي هئي
اڪثر اخبارن، ٽيليويزن، ڪتابن ۾ وڏيرڪي خاندان جي سوچ ڀيانڪ ۽ وڏائي سان ٽمٽار پڙھڻ ۽ ٻڌڻ وٽان ملندي هئي پر توسان ملي اهڙو ته نٿو لڳي !
اڇا ساگر ! پر منهنجي نظري نگاھ سان اهو سڀ خانداني پرورش، ماحول تي هوندو آھي، هر وڏيرو ڄمندي ڄام نه هوندو آ، ۽ ھا ڪيٽاگيرين جو به وڏو اثر آ!
ڪيٽاگيري مطلب…! الجهندي وراڻيو هيس
مطلب جيتري ملڪيت سرس ايتري وڏائي غرور ۽ تڪبر زياده هوندي آھي وڏيرن ۾ …
آئون مسڪراهٽ جو چپڙن تي چٽيون لڳل جامو اوڍيندي هُج منجهان وراڻيو هيم مطلب ته اوهانجي ڪيٽاگيري اڃان گهٽ آھي. انهيءَ منزل تي رسيا ئي ناهيو جتي وڏائي ۽ غرور آ.
صاديا ندامت منجهان ڪنڌ نوايو هو
جنهن جو اهڙو منظر پسندي مونکي پنهنجن چيل الفاظن تي احساس ٿيو هو !
ڪچهري جو رخ انقلاب طرف موڙيندي وراڻيو هيم صاديا آخر ٻھراڙي جي ماڻھن جون سوچون تبديل ڪيئن ٿينديون ؟ان لاء ڇا ٿيڻ ضروري آ…! مثلن ٻھراڙي ۾ عورتن جي تعليم تي پابندي غليظ سوچ جي ڪري لڳل آھي.
ها بلڪل جنهن معاشري ۾ عورت جي آزادي کي گار سمجهيو وڃي، جنهن معاشري ۾ عورت جي جسم کي حيوانيت جي نگاهن سان تڪيو وڃي، جنهن معاشري ۾ عورت کي گهر اندران اڪيلو نڪرندي پسي رولو ڪتن وانگر واٽ روڪي ڇيڙيو وڃي، جنهن معاشري ۾ عورت کي کڙي ۾ عقل جهڙي تشبيهه سان سينگاري زبان بند ڪرڻ جا دڙڪا ڏنا وڃن. جنهن معاشري ۾ عورت کي گهرن جي چوديوارين اندر قيد ڪري مڙس ماڻھو ۽ مردانگي جو تصور ظاهر ڪيو وڃي ته اهڙي ماحول منجهه عورت جي تعليم جي ڳالهه ڪنهن گار کان گهٽ نه هوندي آ…!! صاديا منهنجي چيل جملي جي شايد وضاحت ڪندي وراڻي هئي.
جي بلڪل مان به اهوئي پئي چيو! پر اهڙو معاشرو تبديل ڪيئن ڪجي؟؟
ڪجهه منٽ سوچن جي گهرائپ منجهه پاڻ وڃائيندي صاديا افسوس ڀري لهجي ۾ وراڻي هئي مونکي ته مشڪل ٿو لڳي.....!
مطلب اوهين به نااميد آھيو!
جي ها، ڇو جو هميشا اڪثريت هيڪلائي کي مات ڏيندي آئي آهي!
صاديا جا اُميدن ڀريا تصور ذھن جي احساس ڪمتري واري سمونڊ ۾ بحري جهاز جيان غرق ٿيل مليا هيا جنهن کي حوصلن جي ٽيڪ ڏيندي وراڻيو هيس.
صاديا انسان هميشا وقت کان پوء فيصلا ڪرڻ سبب شڪست کائيندو آيو آ، جي اگر انسان هر صبح نئين سوچ ۽ رات سمهڻ ويل نئين مقصد جو تصور جوڙي صبح جو آغاز ڪري ته يقينن ڪنهن به منزل ۾ ناڪام نه رهندو.
ڇا مطلب ……
مطلب ته انقلاب آڻڻ لاء اڪثريت نه بلڪي ٿورائي جي ضرورت پوندي آ، اگر انقلاب آڻڻ لاء اڪثريت هجي ته پوء انقلاب جي ڪهڙي ضرورت؟؟
ڇڏ بس انقلاب کي ٻيو ٻڌا، شھر ۾ ڇا ڪندو هئين!
پهريون ڀيرو صاديا منهنجي ذاتي زندگي ۾ داخل ٿيندي سوال ڪيو هو !
گهڻو ئي سوچيو ٻڌايانس ته يونيورسٽي ۾ پڙھندو هيس ۽ ھاڻ ڀٽڪي هت نڪتس ! پر همت ساري ڪين سگهيو هيم بس وراڻيو هيس گهر جو ڪم ڪار.....!
زندگي کي ڪيئن ٿا ڏسو ؟ ٿڌو ساھ ڀريندي ڌيري آواز ۾ صاديا وراڻي هئي.
زندگي...!
چاهيم ته چئي ڏيانس زندگي ان بنا بريڪ ٽرين مثل آھي جنهن جي ڪٿ به ڪا اسٽيشن نه آ، پر چاهيندي به خاموش رهيو هيس
ڇا ٿيو ساگر …
اداسائي جي گاڏڙ ۾ الجهندي وراڻيو هيم ڪجهه به نه.
ساگر سچ ته توکي پهرين نگاھ سان پسندي ئي من جي قبرستان ۾ دفن ٿيل خواهشون جاڳي پيون ۽ وجود اندر پيار جي موسيقي جو وساميل ڏيئو ٻيهر روشن ٿيڻ لڳو آ، جنهن جي روشنائي سان زندگي جا ڌنڌلا عڪس چٽا ٿيڻ لڳا آھن...!
صاديا زباني اهڙا شبد ٻڌي ذھن جي آڪاس منجهه ماضي جا ڪڪر ڇائنجي ويا ها ۽ شازيا جي اظھار دل لڳي جو تصور طوائف جيان نيڻن سامهون جهومڻ لڳو هو ! شازيا جنهن کي آئون پيار منجهان شازو ڪري سڏيندو هيس، جڏھن منهنجي سامهون حجابن ڀري ادائن سان پنهنجي پريت چاهت جو اظھار ڪيو هو ته ان ويل يونيورسٽي جو ماحول خوشگوار محسوس ڪيو هيم ڇاڪاڻ ته شازو مونکي هميشا اهو چئي پيار جي اظھار کان انڪار ڪندي هئي ! ساگر مان توکي آءِ لو يو چوندس پر وقت تي ! آئون حيران رهجي سوچيندو هيس اهو وقت ڪڏھن ايندو؟ پر هڪ ڏينهن شازو آءِ لو يو سان گڏ اهو به چيو هو ساگر سچ ته توسان گڏ زندگي حسين لڳندي آھي، تون منهنجي اونداهي زندگي لاء چراغ مثل آھين، صاديا جي به اظھار دل لڳي شازو جي اظھار جيان يڪسابيت جهڙو لڳو هو !پر ڪڇي ڪين سگهيو هيس ۽ ٻھراڙي جي ساوڪ ڀري ماحول ۾ پاڻ وڃائيندي تصور جي سندر دنيا اندر محو رهيم …
ساگر ڇا پيو سوچين!
سوچيان پيو زندگي به ڪيڏي نه عجيب آھي ! جو هر رخ هر موڙ تي هڪ نئون امتحان جو پرچو وصول ٿي ڪري !
مان ڪجهه ڪين سمجهيس ! ناسمجهي جو اقرار ڪندي صاديا وراڻي هئي.
منهنجي چوڻ جو مقصد ڪي ڪي شيون انسان جي پهچ کان ڪافي دور هونديون آھن جن کي انسان چاهيندي به حاصل ڪري نٿو سگهي.
ائين ته آھي ! ندامت منجهان ڪنڌ جهڪائيندي صاديا وراڻي هئي.
ڪجهه به سمجهه ۾ نه اچي رهيو هيم، صاديا کي ڪيئن سمجهايان ته مان توسان پيار ڪري نٿو سگهان ڇاڪاڻ ته منهنجو جياپو ان سلي مثل سنگدلي جي سيلاب ۾ سڙي پنهنجي ساوڪ ڀري رونق وڃائي ويٺو آ جنهن کي نسرڻ ويل سهپ کان گهڻو آب ڏئي ساڙيو ويندو آ.
ساگر زندگي ڪيڏي نه سندر آھي تو جهڙي هم خيال ساٿي سان گڏ ! صاديا پنهنجي من جون دٻيل خواهشون سليندي رهي هئي ۽ حسين مستقبل جون عمارتون ذھني تصور ۾ ڪنهن ڪاريگر جيان اڏيندي ٿي وئي ! جن کي چپ چاپ ٻڌندو ٿي رهيو هيم ۽ صاديا جي نقش قدمن پٺيان ڌيري ڌيري وکون کڻندي جهومندڙ فصلن جا ساوڪ ڀريا نظارا به ڏسندو رهيو هيس.
ساگر اداس ڇو آھيو؟ خاموش پسندي صاديا وراڻي هئي
بس ڪنهن ڏاهي جو قول آھي ته جڏھن فيصلا زندگي جي اختيار واري واڳ کان پري ٿي وڃن ته خاموش رهڻ ۾ ئي بهتري آ.
شايد اوهانکي تنگ ٿي ڪريان!
نه نه صاديا ائين نه آ…
ڏسو ضروري نه آ، جيئن اوهان سان گڏجڻ ۾ مونکي ڌنڌلي ڪائنات وڻندي آ ايئن اوهانکي به وڻندي هجي، ڇو جو هر ڪنهن جي فطرت پنهنجي هوندي آھي ! مان اوهان مان مطمئن آھيان ۽ اوهين به مون مان مطمئن هجو ائين ممڪن به نه هوندو نه ئي آھي، صاديا پنهنجن خواهشن جو اظھار مسلسل سليندي رهي هئي جن منجهان احساس ڪمتري جي سڳنڌ محسوس ڪندو ٿي رهيو هيم ! ۽ ٻھراڙي جي موسم جو ڇهاءُ خزان جهڙي وجود تي بهار جهڙو ڪردار ادا ٿي ڪيو هو، جنهن کي محسوس ڪرڻ بعد من ۾ سڪون بخيشندر راحت جو هڳاءُ سگريٽ جي دونهي جيان ٻاهر نڪرندو رهيو هو، صاديا سان گڏ زندگي جا ڌنڌلا عڪس پهريون ڀيرو چٽا چٽا پسجڻ لڳا هيا، جن جي سحر منجهه ماضي اوندھ ۾ پاڇولي وانگر غائب ٿيندي رهي هئي.....!
ساگر طبيعت ته درست آھي نه ! خاموش پسندي صاديا وراڻي هئي .
جي ها بلڪل ! ان کان اڳتي ڪجهه چوڻ ٿي چاهيو ته اچانڪ موبائيل جي رنگ وڄڻ لڳي! جنهن کي کيسي منجهان ڪڍندي ڌيري لهجي ۾ هيلو وراڻيو هيم
جي ساگر ڪيئن آھيو !
ٺيڪ ٺاڪ …
ته پوء ڪڏھن ٿا اچو يونيورسٽي؟؟
يونيورسٽي جو لفظ ٻڌي اڳيان هلندڙ صاديا کان پرڀرو ٿي بيهي رهيو هيس ڇاڪاڻ ته نٿي چاهيم صداقت جي خبر صاديا تائين پهچي ڇو جو صاديا اڳيان پاڻ کي بس عام شھري ثابت ڪرڻ ٿي چاهيو هو ۽ شايد ڪري چڪو به هيس ...!
ڏسو سنڌو مونکي پريشان نه ڪريو نه ته مجبورن اوهانجو نمبر به بلاڪ لسٽ ۾ لڳائي ڇڏيندس
ها ته پوء ڇاهي هونئن به ته اوهين شازيا جو نمبر بلاڪ لسٽ ۾ لڳائي چڪا آھيو!
معذرت ڪير شازيا؟ آئون ڪنهن به شازيا کي نٿو سڃاڻيان! نه ئي اوهانکي…! آئنده ڪال ڪري تنگ نه ڪندا ڪريو اوڪي!
شازيا جو نالو ٻڌندي ئي جذبات تي ضبط آڻي ڪين سگهو هيم، ۽ ڪال ڊسڪنيڪٽ ڪندي موبائيل کي شٽ ڊائون ڪري ڇڏيو هو! شازو جو ذڪر ٻڌي ويرناٿ ماڳ جهڙي ويران من ۾ احساس اٿل پٿل ٿيڻ لڳا هيا، ۽ دل جي ڌڙڪن تيزي سان ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳي ھئي، ڇاڪاڻ ته آئون شازو کي ميسارڻ ۾ ڪامياب بڻجي چڪو هيس پر سنڌو زباني بار بار شازيا جو نالو ٻڌي سنگدلي جي قبرستان منجهه دفن ٿيل پريت چاهت جي وجود کي چرپر ڪندي ڀايو هيم، جنهن کي ڪجهه عرصو پهريان شازو جي بي رخي واري لهجن روپلو ڪولهي وانگر قيد ڪري اجل راھ ڀيرو ڪيو هو.
اداسائي جي گهيري ۾ جڪڙيل چهرو ڍونگي مسڪراهٽ سان خوشگوار بڻائي اشارن ڀري انداز سان صاديا کي چيو هيم سامهون هلجي!
صاديا انڪار ڪندي وراڻي هئي نه مان توسان گڏ ان طرف نٿي هلي سگهان ڇاڪاڻ ته ان طرف مڇي جا فارم آھن جن ۾ مهاڻان مڇي پڪڙيندا هوندا.
صاديا جو انڪار سمجهه ۾ نه آيو هو! بس مات جي صورت ۾ صاديا جي نقش قدمن پٺيان هلڻ لڳو هيس ۽ وقت گذرڻ جو ڪو احساس ئي نه ٿيو هو، ڳاڙھسري روشني نماءَ سج کي جبلن پٺيان ٿڪاوٽ ڀريو وجود سمهارڻ ۾ ڪامياب ٿيندي ڏٺو هيم …