ناول

ڀٽڪيل ماڻهو

امر ثناءَ لھٻر جي لکڻين ۾ معاشري اندر ٿيندڙ سماجي براين، ناانصافين، دين ڌرم، ذات پات وارن نہ مٽجندڙ فرقن، ديس ڌڻين جي لاوارث بڻيل دانهن دردن ۽ پيڙائن جي عڪاسي واري جهلڪ سادن لفظن جي جامي ۾ اوڍيل واضع طور نظر اچي پئي. امر ثناءَ لھٻر پنهنجي لکڻين ذريعي هر پل معاشري اندر جھالت واري ڦھليل ٻاٽ کي ختم ڪرڻ خاطر پنهنجي ادبي مھارت سان جگنو جھڙو ڪردار ادا ڪري روشن سج اڀارڻ جي جستجو ڪري رهيو آھي.
  • 4.5/5.0
  • 681
  • 231
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امر ثناءَ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڀٽڪيل ماڻهو

(8)

ماسي ماسات حفيظ ڪاٿي آ ؟
ابا مرشد پاڪ وٽ ويل آھي هينئر تائين نه موٽيو آ، شايد ڪم ڪار ۾ مصروف هوندو ڇوجو مرشد جا ٻاهري ملڪ ۾ ديني تعليم پڙھندڙ نينگرا واپس آيا آهن...
ٺيڪ آ ماسي جهيڻي آواز ۾ وراڻيو هيس.
من اندر مايوسي واري ڪڪرن جو راڄ ڇانيل ڀانيون هيم. حفيظ سان گڏجڻ واري خواهش ڪاريهر نانگ جي ڦڻ جيان اندر منجهه ڪر کڻي بيهي رهي هئي. سمجهه نٿي آيو هو ته ماسات حفيظ مونکي ٻڌائڻ بغير ائين ڪيئن هليو ويو آھي. اڳ ۾ ته ڪڏھن هن ائين ڪونه ڪيو هيو. نه چاهيندي به قدمن جو رخ حويلي پاڪ واري پاسي ويندڙ پيچري طرف ڪري ڇڏيو هيم.
حويلي جي گيٽ وٽ پهچندي ئي فضا منجهه ست رنگي خوشبوئن واري سڳنڌ من اندر واسجڻ لڳي هئي حويلي جي ديوارن تي ٻرندڙ اگر بتين ۽ روم اسپري واري پرفيوم ماحول ۾ خوشبو پکيڙڻ جو اهم ڪردار نڀائڻ منجهه وسان ڪين ٿي گهٽايو هيو، عقيدتمندن جي مُک تي عجب سحر طاري ٿيل هيو خليفن ۽ خدمتگارن جي ڀڄ ڀڄان لڳي پئي هئي جيڪي ٻاهران کان آيل مهمانن جي خدمت چاڪري ۾ مصروف هيا ڪنهن وقت ڪنهن کي ٿي پاڻي پياريائون ته ڪنهن وقت ڪنهن کي.... آئون انبوهه گوڙ گهمسان واري ماحول ۾ خالي ڪنڊ جو پاسي وٺي سڀ لڪاءُ پسڻ لڳو هيس ۽ ماسات حفيظ کي چوطرف نظرن جي تعاقب سان جاچيندو به رهيو هيم! پر گهڻي جاچڻ باوجود به حفيظ نظر نٿي آيو هو، ڇاڪاڻ جو مرشد پاڪ جي حويلي ماڻھن جي انبوھ سان سٿي پئي هئي، حويلي جي هڪ طرف شامياني واري ڪنعات لڳل هئي جيڪا شايد عورتن جي پردي ڪاڻ خاص بندوبست ڪرڻ سبب لڳائي وئي هئي…
اڙي ساگر تون ؟؟ تجسس منجهان نهاريندي هڪ ڳوٺائي مليو هو جيڪو اڪثر واٽ ويندي حفيظ سان گڏ ملندو رهندو هيو.
جي ها آئون.....!
تون هت ڪئين ۽ ڪنهن کي پيو ڳولين؟
جئين تون هت آھين آئون به ائين ئي بس پاڻ واري يار حفيظ کي پيو ڳوليان انبوھ طرف نگاهون ڦيرائيندي وراڻيو هيس.
ڇو ڪاڏي ويو آھي حفيظ؟
هيڏانهن اچ ته توکي هڪ ڳالهه ٻڌايان. توکي حفيظ هت گڏ وٺي اچي وڏو پاپ ڪيو آھي .خبر اٿئي ان ڏينهن مرشد سائين حفيظ کي سختي سان منع ڪئي هئي توکي حويلي طرف پاڻ سان گڏ وٺي اچڻ لاء حفيظ ته پٽجي ويو ڀلائي انهي ۾ اٿئي ته تون به مرشد پاڪ جي ڏسڻ کان پهريان ئي هتان هليون وڃ جي مرشد جي نگاهه تو مٿان پئي ته سمجهه سڙي ويندين سائو ڪونه ٿيندين، ڳوٺائي ٻانهن ۾ هٿ وجهندي رازداري ۽ هدايت واري لهجي ۾ وراڻيو هو.
آئون نه سمجهي سگهيو هيس ڳوٺائي جي ان ڳالهين کي سوچيو هيم مرشد پاڪ حفيظ کي ڇو روڪيندو مونکي ساڻ وٺي اچڻ ڪاڻ. آئون مرشد جو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آھي يا ڪهڙو نقصان رسايو اٿم جو منع ڪندو ڳوٺائي جي ڳالهين کي نظر انداز ڪندي حفيظ کي جانچڻ لڳو هيس. ۽ حويلي واري ورانڊي جي ڀر ۾ ٺھيل ننڍڙي ڪوٺري اندر داخل ٿيو هيس، جتي مرشد سان گڏ ڪاٽن جي سفيد ڪپڙن ۾ ملبوس ٽي چار فرد ويٺل هيا..! ماسات حفيظ کي اتي پاڻي پياريندي خدمتگاري جا فرض ذميواري سان نڀائڻ واري انداز ۾ مشغول ڏٺو هيم. حفيظ کي پسندي ئي من ۾ خوشي جي لهر ڊوڙي ھئي. اٻھرائپ منجهان سڏ ڪندي چيوهيومانس ماسات ...
حفيظ جي نظر مون تي پوندي ئي هن جي چهري جا رنگ اڏامندي محسوس ٿيا هيا. پريشاني، خوف واري ڪيفيت ۾ مبتلا بڻيل ماسات حفيظ کي مرشد اڳيان نوڙت سان ڳالهائيندي ٻڌو ھيم سائين هي ساگر الائي ڪنهن سان آيو آھي خبر ناهي ٿي سگهي ٿو ڪو ڪم هوندس مون منجهه.....!
ٻاهر ويهارينس مان اچان ٿو، حفيظ کي نفرت منجهان ٻاهر وڃڻ جو اشارو ڪندي مرشد وراڻيو هو ماسات تون هت ڇو آيو آھين خير ته آھي نه مان تڪڙ ۾ توکي ٻڌائڻ بغير هليو آيس حويلي ۾ ڪم ڪرڻو هيو مرشد پاڪ جا نينگرا ولايت مان ديني علم حاصل ڪري واپس وريا آھن ان لاء مهمان اچن وڃن پيا انهن جي خدمت چاڪري ڪرڻي هئي
مرشد پاڪ جو حڪم هيو ندامت منجهان ماسات حفيظ ڪنڌ جهڪائيندي مونکي چيو هو.
ڪجهه ڪين ڪڇيو هيس ۽ مسلسل خاموش رهيس.
پر مرشد وڏو اجهو آيو، توکي ملرايان ٿو تسلي ڏئي اندر واري ڪيفيت کي لڪائڻ واري ڪوشش ڪندي ماسات حفيظ ٻيهر وراڻيو هو.
آئون حويلي اندر متل وايو منڊل جو جائزو وٺندو رهيس، هڪ ڳالهه بار بار ذھن جي ديوار ۾ ڪنهن ڪِل جيان کُپندي رهي هئي جنهن جو راز ڄاڻڻ ڪاڻ حفيظ کان سوال ڪيو هيم هي ماڻھو پئسن جا هار ڇو کڻي آيا آھن؟؟ جنهن تي حفيظ ٽھڪ ڏيندي وراڻيو هيو يار توکي اها به خبر نه آهي ڇا؟؟
حفيظ جا طنزيا ٽھڪ ذھن اندر نفرت کي پئدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا ها ۽ ڪاوڙ واري لهجي ۾ وراڻيو هيس نه مونکي خبر نه آ…
سائين ننڍي کي پئسن جا هار پارائڻ لاء ماڻھو کڻي آيا آھن، ڇو جو ڪافي عرصي بعد ولايت مان واپس وري حويلي ۾ پير رکيا اٿس حفيظ وضاحت ڪندي ٻڌايو هو.
ته پوء ان ۾ پئسن جا هار پارائڻ.هي وري ڪهڙي نئين رسم آ گلن جا به هار پارائي سگهجن ٿا، پريشاني منجهه مبتلا بڻجي ناسمجهي واري عالم منجهه چيو همانس.
صفا ڪو بيوقوف آھين ماسات، مون ته توکي سلجهل پئي سمجهيو ! حفيظ چڙ منجهان وراڻيو هو.
يار ان ۾ بيوقوف هجڻ واري ڪهڙي ڳالهه آ؟ ڇو ته اسان سنڌي جنگ فتح ڪري ايندڙ يا لانئون لهندڙ گهوٽن کي پئسن جا هار پارائيندا آھيون پر ننڍي سائين کي حويلي ۾ اچڻ لاء هار پارايا ويندا هي ڪجهه عجيب قسم جي رسم ٿي لڳي؟؟ ماسات حفيظ کي چڙ ۾ ڏسي پيار واري لهجي ۾ وراڻيو هيس.
حفيظ ڪين ڪڇيو هو…! بس خاموش رهيو.
حفيظ کي خاموش ڏسي ڳالهه جو رخ بدلائيندي پڇيومانس ماسات ڀلا ٻڌ ڪاٽن جا ويس پهريل مرشد پاڪ سان اندر گڏ ويٺل ڪير هيا جن کي تو پاڻي ٿي پياريو؟؟
هڪ پنهنجي تر جو ڀوتار ڪريمداد هيو، باقي ٻن کي آئون ڪون سڃاڻيان هوندا ڪي ڀوتار…… حفيظ چڙ وارو لهجو برقرار رکندي وراڻيو ھو ۽ بي رخي منجهان مونکي اتي بيهڻ جو چئي حويلي جي ڪمري طرف هليو ويو.
سائنسي دور هوندي به ٻھراڙي جي اٻوجهه ماڻھن کي وهم وسوسن جهڙي وبا ۾ جڪڙيل پسيو هيم، جيڪي عقيدت ۾ پنهنجي پاڻ سان وحشائن جهڙو سلوڪ ڪندي نظر اچي رهيا هيا جنهن بعد سوچڻ ۾ الجهي بار بار اهو پئي تصور ڪيو هيم ته ڇا واقعي به اسين قديمي آثارن جا وارث آھيون ۽ ساڍه ست هزار سال پراڻو وجود رکندڙ سنڌو ماٿري جا پوئلڳ آھيون، اگر اهو سچ آھي ته پوء پيري مريدي جهڙن ڦردو رسمن ۾ اڄڪلھ الجهيل ڇاڪاڻ آھيون ؟؟
تون ۽ ھتي؟؟ هڪ ٻئي ڳوٺائي مونکي بيٺل ڏسندي ئي تعجب منجهان وراڻيو هو
جي .هت نٿو اچي سگهان ڇا يا منهنجي هت اچڻ تي پابندي لڳل آھي؟ ڪاوڙ واري لهجي ۾ ان ڳوٺائي کي جواب ڏنو هيم جيڪو ٻنين طرف ويندڙ رستي تي حفيظ سان گڏ ايندي ويندي ڏسي دعا سلام ڪندو رهندو هيو ؟؟
منهنجي جواب واري لهجي منجهه ڪاوڙ وارا تاثر پسندي ئي ڪجهه چوڻ بغير تيز وکن سان ورانڊي اندر ٺھيل ڪمري ڏانهن اهو ڳوٺائي هليو ويو هو.
ماڻھن جي انبوھ ۾ عقيدت واري عجب رنگن جو سحر طاري ٿيل هيو، اڻپڙھيل ماڻھن سان گڏ شھري لکيا پڙھيا ڪٽنب به عقيدت جي ڄار ۾ جڪڙيل نظر آيا هيا جيڪي پري پري جو سفر طئي ڪري فيض وٺڻ جي تمنا من اندر کڻي مرشد پاڪ جي حاضري ڀرڻ لاء پهتا هيا، حويلي اندر متل وايو منڊل جو جائزو وٺندي جڏھن نگاهن کي ڏنل ڪنعاتن جي دروازي طرف ڦيرايم ته انهي جي پرين پاسي عورتن جون وڏو مجموعو نظر اچڻ لڳو هيو ايئن لڳو هو ڄڻ جنت جون اپسرائون ڌرتي منجهه هيٺ لهي آيون هجن، جن جي هٿڙن ۾ وڏا وڏا ٽچ اسڪرين سيٽ، ڪارن ذلفن جون کُليل چڳيون، سانوري چهرن مٿان ميڪ اپ جون ٿڀيل چلولايون، رئو مٿي تي هئڻ بجاءِ ڪلهي تي ويڙھڻ جو انوکو ڍنگ ……!!
سائين پاڻي پيئندو ؟ ماڻھن جي انبوھ کي پاڻي پياريندڙ هڪ خدمتگار گلاس مون طرف وڌائيندي وراڻيو هو
پنهنجون نظرون ڪعنات واري پاسي کان هٽائيندي پاڻي پياريندڙ شخص کي نهڪار ڪئي هيم . ۽ هڪ دفعو ٻيهر وائڙائپ واري نگاهن سان متل وايو منڊل طرف تڪڻ لڳو هيس اچانڪ زوردار هوا جو تيز جهوٽو لڳل ان طرف واري ڪنعاتن کي هيٺ ڪيرائي ڇڏيو هو، جنهن بعد ان پاسي پردي ۾ ويٺل اپسرائن جا چهرا بي نقاب بڻجي صاف صاف پسڻ ڪاڻ مليا هيا، سجايل پنڊال جي اوڀر پاسي اسٽيج سامهون سفيد پوشاڪ سان هڪ خوبصورت اپسراء جو جسم پيرن کان وٺي هٿن تائي مڪمل طور ڍڪيل نظر آيو هيو جنهن جون شيرين اکڙيون منهنجي وجود ۾ بي جان بت جتان ٽڪ ٿي اٽڪي بيهي رهيون هيون، شيرين اکڙين ۾ ڪاري ڪجلي جون رونقون ڪنهن ويران ڍنڍ ۾ پکيئڙن جي ولر جيان ڀاسجڻ لڳيون هيون، سندرتا ڀري جسم مٿان سفيد پوشاڪ ڪبعت الله ۾ آيل غلاف جيان لڳي هئي، هُن شيرين اکڙين کي پسڻ بعد الائجي ڇو ائين محسوس ٿيو هو ڄڻ اهي اکڙيون ڄاتل سڃاتل آهن ذھن تي زور ڏيندي ياد ڪرڻ لڳو هيس ته اهي اکڙيون ڪنهن جون ٿي سگهن ٿيون ۽ ڪير آھي ڪٿي ڏٺيو هيم؟
چريا لل هيڏانهن نه ڏس…! ڇو جو عورتن جي پنڊال ۾ جي جي ننڍي موجود آھي، مرشد پاڪ جي ننڍي نينگري جنهن کي ڏسڻ سان تنهنجا گناھ وڌي ويندا، مونکي ان طرف گهور گهور سان تڪيندي ڏسي حفيظ حويلي جي ورانڊي کان تڪڙو مون وٽ پهچي منع ڪندي وراڻيو هو.
عقيدت جي ڄار ۾ الجهيل حفيظ جي سوچ تي تعجب ٿيو هو، ۽ سوچڻ لڳو هيس هي ڪهڙو عقيدو ۽ انڌ آھي جو مرشد پاڪ جي پٽ کي ڏسڻ سان ثواب ۽ مرشد پاڪ جي ڌيءَ کي ڏسڻ سان گناھ ملن ٿا …!! خيالن جو تسلسل درهم برهم ڪندي حفيظ منهنجي ٻانهن جي ڪرائي کي مضبوطي سان پڪڙي هڪ ڪنڊ ۾ وڃي ويهاريو هيو.ماسات چپڙي ڪري هت ويهي رھ مارائيندي ڇا. ماسات حفيظ تنبيهه ڪندي چيو هو. آئون ڪڇڻ بنا خاموشي سان پنڊال جي ان ڪنڊ ۾ ويهي رهيو هيس. اچانڪ ڪجهه منٽن جي گذرڻ بعد پنڊال ۾ ويٺل عقيدتمندن واري هجوم ۾ چرپر ٿيڻ شروع ٿي هئي. کن پل ۾ اهو هجوم باھ مچ جيان ڀڙڪو کائي اڀو ٿي پيو ۽ منهنجو مرشد سڀ تي رحمت.تنهنجو پير منهنجو پير جهڙا نعرا هڻڻ لڳو هو، ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو هو اچانڪ ماڻھن جي انبوھ کي ٿي ڇا ويو آ؟ ڪجهه منٽن بعد ماٺار جي صورت ۾ جڏھن عقيدتمندن جي انبوھ کي پٽ تي وڇايل غالين مٿان ويهيندي سامهون ڏٺو هيم ته اکين تان ويساھ کڄي ويو هو ايئن محسوس ٿيو ڄڻ ڌرتي پيرن هيٺان کسڪي رهي هجي، ۽ حيرت جي ساگر منجهه غوطا کائيندي وراڻيو هيس اهو ۽ مرشد ننڍو؟
مرشد ننڍو ڍونگي مسڪراهٽ مک تي سجائيندي عقيدتمندن کي کيڪاريندو رهيو هو، ۽ عقيدتمند بنا ڪنهن عمر جي لحاظ جو خيال رکندي مرشد ننڍي جي پيرن تي هٿڙا رکندي ملڻ لڳا هيا، اڳتي هل سائين ننڍي سان مل ماسات ؟ حفيظ ٺونٺ ھڻندي وراڻيو هو.
مرشد ننڍي وٽ پهچندي ئي حفيظ جهڪيو ۽ پيرن تي هٿ رکندي مرشد سان مليو، مونتي نظر پوندي ئي مرشد ننڍڙي جي خوبصورت مُک تي تجسس جا تاثر پکرجي ويا هيا اکين اڳيان اسٽائلي چشمو لاهيندي منهنجو چهرو غور سان پسڻ لڳو هيو جهٽ ڏئي مون کي کڻي ڀاڪر ۾ ڀريائين مرشد جي اهڙي ڪيفيت کي پسندي طنزيا لهجي ۾ وراڻيو هيس مرشد ننڍرڙا ڪيئن آھيو؟
ٺيڪ! پر ساگر تون هت ڪئين؟ بس پارت اٿئي شرمساري واري ڪيفيت برقرار رکندي مرشد ننڍرڙو التجاء ڀري انداز ۾ مونکان پڇيو ۽ مونکان لنوائيندي متل وايومنڊل طرف متوجهه بڻجي ٻي طرف ڏانهن هليو ويو هو.
مرشد ننڍي کي ڏسڻ بعد پنهنجي اٻوجهه ماروئڙن تي افسوس ٿيو هو ۽ ماضي جي تيز وهڪري ۾ غوطا کائيندي سوچڻ لڳو هيس بيشڪ مرشد ننڍرڙي يونيورسٽي ھاسٽل اندر ڪمپني دوران هام هڻندي سچ چيو هو ته سنڌي قوم اٻوجهه ۽ ڀوڪ بصر آھي ساگر جنهن کي لٽڻو ۽ ڦرڻو ڏاڍ زبردستي واري هٿيارن سان نه پر عقيدت جي آڙ منجهه تمام سولو ڪم آهي ان وقت مرشد ننڍرڙي جي ڳالھ کي سمجهي ڪين سگهيو هيس، مرشد ننڍرڙي جي چيل الفاظن کي بيوقوفي سمجهي ٺٺول ڪندي ان مٿان وڏا وڏا طنزيا ٽھڪ ڏنا هيم جيڪي يونيورسٽي هاسٽل جي ڀتن سان ٽڪرائجي پڙاڏن جي صورت ۾ ڪنن سان ٽڪريا هيا، پر اڄ جڏھن مرشد ننڍرڙي جو هي ناٽڪي روپ پسيو هيم ته من جي ڌرتي ڌڏي وئي هئي اهو سچ ڀاسجڻ لڳو هيو ته واقعي به سنڌي قوم کي ڏاڍ سان جهڪائي ڪين ٿو سگهجي ڇاڪاڻ ته سنڌي قوم ڏاڍ جو جواب ڏاڍ سان ڏيڻ ڄاڻي ٿي ! هي ڌرتي ڌڻي ته پيار محبت ونڊڻ ڄاڻڻ ٿا ۽ قرب محبت منجهه پنهنجي گهر کي ساڙيندي به دير ناهن ڪندا.
واھ ماسات واھ سائين ننڍو توکي سڃاڻي ٿو ڇا جو ڀاڪر ڀري توسان مليو… سوچن جي ٻڌتر ۾ الجهيل پسي حفيظ گد گد ٿيندي وراڻيو هو
تو وارو مرشد ننڍڙو مونکي سڃاڻيندو آھي ۽ آئون به مرشد ننڍرڙي کي چڱي ريت سڃاڻيان ٿو… اداس لهجي ۾ ماسات حفيظ کي جواب ڏنو هيم .
سچ ۾ سائين ننڍي کي سڃاڻيو… حفيظ حيرت ڀري لهجي ۾ پڪ ڪرڻ خاطر ٻيهر وراڻيو هو.
جي ها ۽ لاشعوري منجهان ٽھڪ ڏئي کلڻ لڳو هيس.
سائين ننڍي کي ڪڏهن کان پيو سڃاڻين؟ ٻڌايو ته ڪونه هئي اهو تون ڪڏهن مونکي ماسات ؟۽ ٽھڪ پيو ڏئين خير ته آھي نه ان خوشي جو سبب ڄاڻي سگهان ٿو؟؟ حفيظ حيرت ۽ اداسي جي گاڏڙ صورت چهري تي برقرار رکندي وراڻيو هو.
من گهڻو ئي چاهيو ته حقيقت خليل جبران جي ناول ڀڳل کنڀڙاٽيون وانگر کولي رکانس جن ۾ ننڍرڙي مرشد جا يونيورسٽي اندر ڪيل ڪرتوتن جو هر هڪ گهٽيا ڪردار سونهري اکرين سان چٽيل هيو، پر حفيظ کي عقيدت جي زنجير ۾ مضبوطي سان جڪڙيل پسي ڪين ڪڇيو هيس
ماسات تون سائين ننڍرڙي کي ڪيئن سڃاڻين؟؟ حفيظ هڪ دفعو ٻيهر التجاءَ ڀري لهجي ۾ وراڻيو هو
بس ماسات ڀوڳ ڪيم توسان... حقيقت کي ڪوڙ جو جامو اوڍائيندي وراڻيو هيس ۽ ذھن ۾ سوچيو ٿي چئي ڏيانس ته ماسات اوهانجو مرشد وڏو ناٽڪي ٺڳ ۽ ڪوڙو آھي ۽ اوهان اٻوجهه اياڻان آھيو ڇوجو مرشد جي اولاد ولايت منجهان ديني تعليم نه بلڪي سنڌ يونيورسٽي جا ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ سان گڏوگڏ هاسٽل ۾ شراب شباب ڪباب جا ڪافي گر هم خيال عياش ڪلاس ميٽ دوستن سان گڏ ڪمپني ڪرڻ دوران سکندي آھي، مرشد ننڍڙي جي بيهودگي وارا ڪرتوت يونيورسٽي جي ڪنهن به شاگرد کان ڳجها ڪين آھن پر خاموش رهيو هيس.
يار مون سچ سمجهيو هو ڏاڍو خوش به ٿيو هيس ته اوهان سائين ننڍي کي سڃاڻو پيا… حفيظ مايوسي منجهان وراڻيو هو.
ماسات مرشد وڏو اصل ڪاٿان جو آھي توکي ته سڀ خبر هوندي؟؟ حفيظ کي مايوس ٿيندي ڏسي مرشد بابت ڄاڻ وٺڻ ڪاڻ سوال ڪندي پڇيوهمانس .
ماسات پاڻ کي ايتري خبر نه آ، پر مرشد وارن جا ابي ڏاڏي کان وٺي دعا سڳي وٺڻ وارا اسين مريد آھيون…حفيظ جواب ڏنو هو
ماسات مطلب ته اوهين ابي ڏاڏي واري غلطي کي نئين سر دهرايو ٿا ۽ … جملي کي اڌ ۾ ڪٽي وراڻيو هيم
۽…! منهنجو اڌ ۾ ڇڏيل جملو حفيظ دهرائيندي ۽ تي زور ڏيندي چيو هو
ڪجهه به نه ماسات…! حفيظ جي مک تي ڇانيل غصي جا تاثر پسي ڌيرج لهجي ۾ وراڻيو هيس
ماضي حقيقت جو روپ ڌاري ذھن اڳيان گردش ڪرڻ لڳي هئي جتي سائين ننڍي جون ڪيل سڀ ڳالهيون ياد اچڻ لڳيون هيون، هاسٽل اندر ڪمپني دوران وسڪي کي گلاسن ۾ لاهي پيگ ٺاهيندي بي خودي ۾ مرشد ننڍڙي سنڌي اٻوجهه قوم جي همدردي ۽ مهمان نوازي تي ٺٺول ڪندي چوڻ لڳو هيو ساگر هي جيڪا سنڌي قوم اٿئي نه سا جلد بيوقوف بڻجي پوندي آ رڳو ٿورو مٺڙي همدردي واري لهجي ۾ انهن کي پنهنجو داستان ٻڌاء ته پوء ڏس ھو ڪئين نه تو مٿان سڀ ڪجهه فدا ڪري ٿي وٺي ويچاري ڀوڪ قوم. هن قوم جا اسان جي وڏڙن ۽ اسان تي هزارين احسان آھن اسان جا وڏڙا ورهاڱي وقت جڏهن جلاوطن بڻجي بي گهر بڻيا هيا ته ان ويل بيوقوف سنڌي قوم ئي هئي جنهن اسان جي وڏڙن کي جيءُ ۾ جايون ڏنيون هيون…! اهو وري ڪئين ٿوري وضاحت پليز مرشد ننڍي جي ڳالهه ٻڌندي ئي مدهوشي واري ڪيفيت ۾ جڪڙيل سندس جي روم ميٽ امجد شراب جو ڊگهو پيڪ هڻندي پڇيو هيس
مرشد ننڍي وسڪي جي ڍڪ کي اندر ۾ اوتيندي نيم مدهوشي واري حالت ۾ ماضي واري داستانن کي کولڻ شروع ڪيو هيو ۽ امجد جي چهري طرف نظرون وجهي وراڻيو هيو. يار اسان کي پنهنجا وڏڙا ٻڌائيندا هيا ته جڏھن اسين ورهاڱي وقت جلاوطن ٿي پاڪستان طرف آيا هياسين ته اسان کي ڪٿي به ٽڪڻ نه ڏنو ويو هيو .پر هزارين ڪلو ميٽرن جو سفر طئي ڪري اسين هڪ هنڌ پهتا هياسين ته اتي اسان جو سٺو استقبال ڪيو ويو هو معلوم ڪرڻ تي خبر پئي هئي ته اسان سنڌو ننگر ۾ پهتا آھيون. هن سنڌو ننگري جا رهاڪو ڏاڍا سٻاجهڙا سادڙا ۽ وڏا ڪي مهمان نواز هيا. اسان کي پاڻ وٽ ٽڪائي اسان کي ماني پاڻي لٽو ڪپڙو وس آھر سڀ ڪجهه ڏئي ڇڏيو هيانئوَ، اهو به نه پڇيائون ته اسين اتي ڇا ڪندا هياسين يا اسين ڪير آھيون نه ذات پات نه ڪٽنب قبيلو نه ڌنڌو ڪرت؟. بي انتها محبتون چاهتون هنن وٽان مليون هيون. وڏي بي وقوفي واري ڳالهه ته اهي نادان اسان جي ڪوڙ کي سچ سمجهي اسان تي اعتبار ڪري ويٺا هيا جڏهن اسان ڪوڙ ڳالهائي پاڻ کي شاهه سڏايو هيو. پيري مريدي جا وڏا ڪٺل هيا تڏهن ته پيرن تي ڪري گهر اندر وٺي رهائڻ لڳا هيا بس پوء ته اڄ ڏينهن تائين اسان جا ڀاڳ نرالا بڻيل آھن هاڻي ته اسان وڏي گادي جا وارث بڻيل آھيون. سڀ ڪجهه آھي پاڻ وٽ عزت شهرت دولت خدمتگار اصل ٺٺ لڳا پيا آھن يار انهن بي وقوفن جي اياڻپ جي ڪري اسين اڄ به اعلي منزل جا پانڌيئڙا بڻيل آھيون. سچ ۾ اسان سادات آھيون به نه، بي وقوفن جي اياڻپ اسان جي وڏي ڪم آئي هئي جنهن اسانجي جياپن جي ڌنڌلن عڪسن کي روشن ڪري مرشد واري وڏي لقب سان نوازي ڇڏيو هو…! وڏا وڏا ٽھڪ ڏئي مرشد ننڍڙي وسڪي جو ٺاهيل پيگ پورو ڪري هيٺ ليٽي پيو هيو ۽ چند منٽن بعد وڏا وڏا کونگهرا ريل جي ڪاري انجڻ جي وسل جيان ھڻندي ننڊ جي آغوش ۾ هليو ويو هو .ننڍي مرشد جي زبان منجهان نڪتل اهڙا جملا ٻڌندي ئي هن جي روم ميٽ امجد مٿان قوم پرستي وارو جنون سوار ٿي ويو هيو ڪاوڙ منجهان آپي منجهان نڪرندي وسڪي جي ٺھيل پيگ واري شيشي جي ڀريل گلاس کي زور سان ڪمري جي ديوار ڏانهن اڇلي ھنيو هيائين شيشي وارو گلاس ديوار سان ٽڪرائجڻ بعد ريزه ريزه بڻجي ننڍڙن ٽڪرن ۾ وکرجي ويو هو . نيم مدهوشي واري حالت ۾ ڪروڍ تي ضابطو نه آڻيندي ننڊ جي آغوش ۾ وڃائجي ويل مرشد ننڍي جي منهن ۾ ڀونڊو گهروڙي ڏئي چوڻ لڳو هو نمڪ خور احسان فراموش اڙي حيف اٿئي. تون سنڌي قوم جي باري ۾ ھي ڇا ٿو بڪين…؟؟ جنهن قوم اوهان کي عزت پنهجائپ پيار ڏنو جنهن قوم اوهان کي پناه ڏني جنهن قوم جي ٽڪرن تي اوهان پليا آھيو اڄ هن ئي قوم کي تون بيوقوف پيو ڪوٺين اڙي حيف اٿئي ڪتو به ٽڪر کائيندو آھي ته اهو ملهائيندو آھي ڇو ته ڪتو به ڪڏھن ٽڪر وجهندڙ مالڪ تي ناهي ڀونڪندو تون ته تون ته امجد ڪاوڙ ڪروڍ منجهان جملو مڪمل ڪري نه سگهيو هيو ۽ وسڪي جي خمارن ۾ گهيرجي ننڊ جي لپيٽ ۾ اچي ساڻو بڻجي ليٽي پيو هيو .ان کانپوء امجد مرشد ننڍي کي پنهنجي ڪمري ۾ پاڻ سان گڏ نه رهايو هيو ۽ هن سان دوستي وارا سڀ لاڳاپا ختم ڪري هن سان نفرت ڪرڻ لڳو هيو .
ڇا ٿيو ماسات ڪهڙن سوچن ۾ گم ٿي ويو آھين ماسات حفيظ مونکي خاموش پسي چند منٽن کانپوءِ ڳالهايو هيو ماسات حفيظ جي آواز ماضي جي تصور منجهان نجات ڏياري خيالن جي دنيا مان حقيقت واري جهان ۾ رسايو هيو. ماسات ڪجهه به نٿو سوچان بس عجب رنگ ڏسان پيو حفيظ کي مطمئن ڪرڻ خاطر جواب ڏيندي چيو هيم! ۽ مرشد پاڪ جي حويلي اندر متل عقيدت واري طلسمي سحر کي غور سان ڏسڻ لڳو هيس.
پنڊال اندران هڪ حسين عورت پنهنجي کُليل ذلفن کي آڱرين جي ڦڻي سان سنواريندي پنڊال کان ٻاهر نڪتي هئي ۽ حويلي جي دروازي طرف ڪنهن کي منتظري نگاهن سان جاچڻ لڳي هئي، لال سرخي جي ڳاڙھاڻ ڀري چپڙن کي زبان جي پاڻياٺ سان آلو رکڻ جو ڍنگ، ڪجلي جي ڪاراڻ سان خوبصورت اکڙين جو شرميلو انداز، رئي کي سٽيل ارھ تي رکڻ وارو طريقو، ٽچ اسڪرين موبائيل پرس منجهان ڪڍي ڪن تي رکي تيز لهجي ۾ ڳالهائڻ واري ان عورت جي نئين روپ کي پسندي حفيظ وراڻيو هو.
ماسات اها ڏس بي شرم مائي شھري اٿئي .
پر توکي ڪيئن خبر پئي ماسات ته اها شهري مائي آھي؟ حفيظ کي ان عورت مٿان جڪ کائيندي ڏسي وراڻيو هيس.
يار هن جو بنا پردي بي حيائي واري چال چلت مردن جيان گهمڻ ڦرڻ وارو ڍنگ ٻڌائي پيو، اھڙيون کوڙ ڇوڪريون پنهنجي يارڙن سان ملڻ لاء مرشد پاڪ جي حويلي طرف بهانو ڪري اينديون آھن، مونکي خبر آھي ۽ اهي ڌنڌا شهري ماين جا هوندا اٿئي حفيظ ان عورت تي ڇوھ ڇنڊيندي وضاحت سان ٻڌايو هيو.
سچ ماسات……!! ان عورت بابت حفيظ جي سوچ ۽ ڏاهپ کي داد ڏيندي وراڻيو هيس.
ها ماسات مرشد پاڪ جو قسم سچ پيو چوان حفيظ جهٽ ۾ مرشد جو قسم کڻي پڪ ڏياريندي وراڻيو هو.
ڪڇي ڪين سگهيو هيس بس خاموش بڻجي سوچڻ لڳو هيم هن متل وايو منڊل تي جيڪو هڪ اسٽيج ڊرامي جيان محسوس ٿيڻ لڳو هيو ۽ مرشد وڏو هڪ شاتر دماغ مڪار چالاڪ ذهن رکندڙ شخص جي ڪردار ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکارڻ وارو ماهر فنڪار لڳو هيو ۽ عقيدت جي آڙ ۾ هي (ڀٽڪيل ماڻهو) مظلوميت جي گهاڻي ۾ پيڙھندڙ ڀوڪ ۽ اٻوجهه نسورا نادان ڪردارن جيان ڀاسجڻ لڳا هيا. جيڪي انڌن عقيدن ڪوڙين ريتن رسمن جي زنجير ۾ ڪنهن ڏوهاري جي بيل ڪڙين جيان جڪڙيل هيا .ائين لڳي رهيو هيو ته اهي اٻوجهه ڳوٺاڻي ماحول سان وابستگي رکندڙ اياڻا ماڻھو علم جي زيور کان محروم هئڻ سبب جهالت جي سحرا ۾ ڀٽڪي رهيا آھن جتي ڍونگي مرشدن ميرن ڀوتارن جو وجود ڪنهن ٿوهر جي ٻوٽي کان ڪمتر ڪين هيو ۽ اٻوجهه سادڙا ڳوٺاڻا جهالت جي سحرا ۾ ڊوڙي ڊوڙي ننڍهال بڻجي ان ٿوهر کي سهارو سمجهي ان آس تي ٿڪ ڀڃڻ پيا ته هاڻي اسان جي هي مسافت جلد ختم ٿي ويندي ۽ اسين منزل تي ضرور پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين پر افسوس جو هو منزل تي رسڻ بنا ڪڍن ريتن رسمن جي واچوڙن ۾ وڃائجي عقيدت جي آڙ ۾ پنهجو وجود وڃائي رهيا هيا.
ڇا ٿيو…! مسلسل خاموش پسندي حفيظ تجسس منجهان چهري طرف نهاريندي چيو هو.
ڪجهه به نه ماسات؟ ماسات حفيظ کان اندر ۾ برپا ٿيل ڪروڌ کي لڪائيندي وراڻيو هيس ۽ عقيدت سان سرشار ماحول کي پسڻ لڳو هيم، ڪجهه منٽن بعد پبڊال اندران ايڪو سائونڊ جي وڏن اسپيڪرن منجهان نعت شريف گن گنائيندڙ زنانو آواز ٻڌڻ وٽان مليو هيو جن کي ٻڌڻ بعد ڪنن تي اعتبار نه نٿي آيو هو پاڻ کي مطمئن ڪرڻ خاطر نعت پڙھندڙ جڏھن ان عورت جو چور نگاهن سان تعاقب ڪيو هيم ته وايون بتال ٿيڻ لڳيون هيون اها نعت پڙھندڙ زنانو آواز ٻئي ڪنهن جو نه سعيده جو ئي هيو جيڪا مرشد ننڍي سان گڏ سنڌ يونيورسٽي ۾ ايم فل جي ڊگري ڪري رهي هئي ۽ مرشد ننڍي جي ننڍي ڀيڻ هئي هوند ڪيڏو نه فرق محسوس ڪيو هيم يونيورسٽي واري سعيده ۽ مرشد پاڪ جي حويلي ۾ پرديدار هن سعيده منجهه؟ ڪنهن ڏاهي جي اها چوڻي سچ ڀاسجڻ لڳي هئي هر شخص جي چهري پٺيان نئون چهرو لڪيل آ ڇاڪاڻ ته هي ساڳئي سعيده، يونيورسٽي جي آزاد فضا ۾ شرٽ ۽ ٽائوزر پهري سيني کي وارن جي ڇانوءُ ۾ ڍڪي ڪنهن فيشن ايبل ماڊل جيان ماڊلنگ واري اندز ۾ واڪ ڪندي نظر ايندي هئي ۽ ڪلاس فيلو شاگرد سان اوئي. هاء هيلو وارا لفظ زبان تي سجائي ڪريل حرڪتن جيان مذاقون ڪري وڏا وڏا ٽھڪ ڏيندي رهندي هئي، بلڪل ان طوائف جيان جيڪا گيراهڪن کي پنهنجي رنگ ۾ الجهائڻ لاءَ اکيون ملائي مسڪراهٽ ۽ چال چلت جو ڪوڙو ڍونگ رچائي پنهنجي سحر ۾ قابو ڪري وٺندي آ. پر هن جديد ماڊرن دور واري سعيده کي جڏھن حويلي جي چوديواري اندر قديمي دور واري مذهبي روپ ۾ پسيو هيم ته وڏو جهٽڪو لڳو هيو.
ماسات ان طرف نه وڃجان ايڏانهن مردن کي وڃڻ منع ٿيل آهي ڇوته اتي رڳو زنانيون آھن ماسات حفيظ پنڊال ۾ عورتن واري پاسي وڌندڙ منهنجا قدم ڏسي روڪيندي وراڻيو هو.
امالڪ ٽرين کي لڳندڙ ايمرجنسي بريڪ جيان پنهنجا وڌندڙ قدم ان طرف وڃڻ کان روڪي ورتا هيم ۽ عقيدت جي ڄار ۾ ڦاٿل اٻوجهه ماروئڙن جي ناداني تي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيڻ لڳو هيس.
ماسات ڇا ٿيو خير ته آھي نه. ٽھڪ ڇو پيو ڏئين حفيظ گهٻرائيندي وراڻيو هو.
بس ايئن ئي ماسات! تو جو ان طرف کان روڪيو ان ڪري ٽھڪ نڪري ويا حفيظ کي دلجاء ڏيندي وراڻيو هيم.
اڙي انڪري روڪيم جو سامهون پنڊال واري دروازي وٽ بي حياءَ ڇوريون بيٺل آھن... بي پرده عورتن طرف اشارو ڪندي وراڻيو هو.
حفيظ جي هڙي تخيل واري جامي کي جهالپ جي ڍاڳن سان اڊڙھيل پسي افسوس ٿيو هو ۽ وراڻيو هيس ماسات آزادي کي بي حيائي جو روپ نٿو ڏئي سگهجي، ڇوجو آزادي هر فرد جو پئدائشي حق آھي.
مطلب ته ڀلي اسان جون رنون بي پرده بڻجي غير مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گڏ گهمن ڦرن اهو آزادي وارو حق آھي ۽ ان کي بي حيائي وارو نالو نٿو ڏئي سگهجي...؟ حفيظ غصي ۾ وراڻيو هو.
جي ماسات اهو سڀ ڪجهه پنهنجو پاڻ تي آھي اگر پنهنجي سوچ سٺي آھي ته هر فرد سٺو لڳندو آھي جي پنهنجي سوچ خراب آھي ته هر فرد اسان کي خراب پسڻ ۾ ايندو آھي اهو سڀ ڪجهه سوچ جي وسيع ۽ محدود هجڻ جو ردي عمل هوندو آھي باقي حيا شرم ته عورت جو زيور آھي عورت تي فرض آھي ته هو پنهنجي لڄ لوئي جي حفاظت ڪري چادر ۽ چوديواري جي تقدس جو ڀرم قائم رکي سگهي هي ادب، حياءَ، عزت نفس مجروح ٿيڻ ڪنهن به پردي ۽ نقاب جي محتاج نه هوندي آ، ماسات حفيظ کي سمجهائڻ واري انداز ۾ چيو هيم.
يار تون به عجيب قسم جو ماڻھو آھين هوبهو بي پيري صدو جهڙيون ٿو ڳالهيون ڪرين ماسات حفيظ خفا ٿيندي وراڻيو هو.
ماسات حفيظ جي جملي ۾ بي پيري صدو نالي وارو ذڪر ٻڌندي ئي صدام جي شخصيت ۽ ڪردار جي پروڙ پوڻ لڳي هئي ان ويل صدام هڪ شعور رکندڙ باغي ڪردار ڀاسجڻ لڳو هيو. ، ڇاڪاڻ ته ڪو به انقلابي ذھن جهالت پڻي واري دور جي ڦردو ۽ ناڪاره ريتن سان متفق ٿي هن سماج ۾ زندهه رهي نٿو سگهي ۽ پهريون ڀيرو اڻ ڏٺل شخص صدام جي ڪمي محسوس ٿيڻ لڳي هئي ڪاش جيڪر زندھ هجي ها ته ان سان ضرور ملان ها.
مرشد پاڪ وڏو ڪامل ۽ پهتل زنده ولي اٿئي ماسات هو اسان سڀني ڳوٺ وارن کي هميشا بي پرده لکيل پڙھيل مردن جيان ويس پائيندڙ رنن جي اڦالن کان واقف ڪري انهن سان اليڪ سليڪ رکڻ کان روڪيندو آ، ۽ تلقين سان گڏ انهن جا لڇڻ به ڏيکاريندو آھي ته ڏسو ٿا نه شھري رنن جا افعال رئو مٿي اوڍڻ بجاءِ ڳچي ۾ سرڪڻ ڦاهي جيان لٽڪيل اٿن! ڪپڙا به ايترا سوڙھا سبرائي پائينديون آھن جو لباس هوندي به ننگيون نظر اچڻ لڳنديون آھن ڳالهائڻ جي ته ڪا خبر ئي نه اٿن ايري غيري سان به ڏند ٽيڙي پيون ڳالهائينديون آھن، نه وڏ نه ننڍائي اٿن. بابلا توهان کي خبر ناهي چار اکر پڙھڻ سان ئي انهن ۾ بگاڙ اچي وڃي ٿو ان لاء ضائفان ذات کي پڙھائڻ جو مقصد هٿ وٺي انهن کي خراب ڪرڻ آھي. تنهن ڪري ماسات اسين ڳوٺائي ضائفان ذات کي پڙھايون ئي ڪون! حفيظ ڳالهه کي ڊيگهه ڏيندي مرشد جو داستان بيان ڪيو هو.
مرشد پاڪ جي غليظ سوچ جي نشاندهي حفيظ واتان ٻڌي ڳوٺائي عورتن کي علم جهڙي زيور کان محروم بنائڻ جو ڪارڻ معلوم ٿي چڪو هيو ته ڳوٺائي عورتن جي تعليم پرائڻ واري راھ ۾ اهم رڪاوٽ جو سبب اهي پير مير ۽ ڀوتار بڻيل آھن جيڪي اٻوجهه ۽ اياڻن ڳوٺاڻن ۾ غيرت ۽ مردانگي وارو ڀوت سوار بڻائي هنن جي نياڻين کي علم جي حاصلات کان روڪي رهيا آھن علم حاصل ڪرڻ هر فرد تي لازم آھي ڏاهن جي چوڻي مطابق اگر هڪ عورت علم جي ڪرڻن سان منور بڻجي پوي ته سمجهيو هن جو پورو ڪٽنب شعور جي لاٽ سان روشن بڻجي پوندو آھي علم ته انسان جي ٽئين اک مثل آھي سڌريل ملڪن ۾ ترقي ۽ سڌاري جو اهم ڪارڻ عورت جي آزادي ۽ ان جو تعليم يافته هئڻ ئي آھي علم ته انسان جي اندر ۾ بگاڙ پيدا ناهي ڪندو بلڪي هن جي بگڙيل اندر کي اصلاح ڪري سنواريندو آھي دل چاهيو هيو ته ماسات حفيظ کي سٺي ڇنڊ پٽي هن جي مرشد پاڪ کي هن اڳيان ننگو ڪري ڇڏيان پر اهو سڀ ڪجهه ان وقت مناسب نه سمجهيو هيم .
ماسات ته پوء مرشد پاڪ جي ڌي ڇو ٿي پڙھي سعيده طرف اشارو ڪندي حفيظ کان پڇا ڪئي هيم.
اڙي ماسات جيجي ننڍي ته ولايت ۾ ديني علم پرائڻ وئي هئي هنن ڇورين جيان مردن واري يونيوسٽي (يونيورسٽي) ۾ ڪو نه پڙھي آئي آھي اسانجو مرشد پاڪ پاڻ ته اسان کي چوندو آھي اها تعليم ئي ته ضائفائن کي بگاڙي ٿي! چرياڻ ته پوء جيجي ننڍي کي سائين وڏو ڪيئن پڙھائيندو؟ وڏيري واري ڌي ڏس چار اکر ته ڇا پڙھي آھي پر ڪيتري نه بگڙي وئي آ ڪئين تو اڳيان بي حجاب بڻجي پئي ڪچهريون ڪندي آ... تون ئي انصاف ڪري ٻڌاء اسان جو مرشد پاڪ سچو آھي يا نه حفيظ عقيدت جي انڌ منجهه صاديا جو مثال ڏيندي مرشد پاڪ جي وڪالت ڪندي وراڻيو هو.
ڇو ماسات صاديا ڇا ۾ بگڙيل آھي؟ جذبات واري ڪيفيت کي لڪائيندي حفيظ کان پڇا ڪئي هيم...
نه مٿي تي ڍنگ سان رئو رکندي آ، نه ڪنهن مرد اڳيان لڄ ڪندي آ، جيڪو چوڻو هوندو اٿس بي حجاب ٿي سريعام چئي ڏيندي آ...
ٻه اکر ته پڙھيا اٿس پر ادب ۽ اخلاق جا ليڪا اوڙانگهي وئي آ تون پاڻ ئي ڏسندو آھينس ته ڪيئن هر وقت مردن جيان آوارگي سان ٻنيون گهمندي رهندي آ !ماسات حفيظ صاديا جي زندگي تي تفصيل سان روشني وجهندي وراڻيو هو.
حفيظ جي گفتگو منجهان جهالت جا ڌنڌلا عڪس پيري مريدي جي زنجيرن ۾ غلام بڻيل ڪنهن قوم جيان چٽا پسڻ وٽان مليا هيا ۽ ڳوٺاڻن اٻوجهه ماروئڙن جو سندر جياپو غلامي جي ڌٻڻ ۾ الجهيل نظر آيو هيو جنهن مان هنن کي نجات تعليم پرائڻ جي بعد ئي ملي سگهي پئي.
آزادي ۽ خودمختياري سان جيون گذارڻ جو هر انسان حق رکي ٿو ان کي بگاڙ نٿو چئي سگهجي حفيظ سان مخاطب ٿيندي وراڻيو هيس.
اڙي حفيظ تون هت بيٺو آھين توکي ڪيترو نه ڳوليو آھي تڪڙو هل مرشد پاڪ توکي ياد پيو ڪري هڪ ڳوٺائي خدمتگار حفيظ کي مونسان گڏ بيٺل ڏسي اچي چيو هيو ۽ حفيظ مونکي ڪجهه چوڻ بغير ئي ان ڳوٺائي جي ڪڍ مرشد پاڪ ڏانهن هليو ويو هو. حفيظ جي مرشد پاڪ ڏانهن وڃڻ بعد من اندر ڪروڍ واري آوي ٽچڪڻ لڳي هئي ڪاوڙ نفرت منجهان گهڻو وقت ان حويلي ۾ رچيل مرشد پاڪ واري ناٽڪ کي ڏسڻ جي وڌيڪ سگهه نه ڌاري سگهيو هيس ۽ ماسات حفيظ کان موڪلائڻ بنا اتان پنهنجي قدمن جو رخ ماسات وارن جي ڳوٺ طرف رکي گهر ڏانهن تيز تيز وکون کڻڻ لڳو هيس
پُٽ حفيظ نه آيو ڇا؟ ماسي مونکي گهر جي آڳنڌ تي هيڪل ڏسي وراڻي هئي
نه ماسي ماسات حفيظ شايد مرشد پاڪ جي ڪمن ڪارن ۾ رڌل هيو ماسي کي جواب ڏيندي آڳنڍ تي پيل کٽولي مٿان وڃي ويهي رهيو هيس
صائما پاڻي جو ڀريل لوٽو ۽ ماني اڳيان رکندي وراڻي هئي ماسات ٻوڙ ۾ مرچ اڄ تڪڙ ۾ شايد ڪجهه سوايا پئجي ويا آھن ٽوڪ نه ڪجاءَ !
آئون موقعي جو فائدو وٺندي ڀوڳيا انداز ۾ جهٽ ڏئي وراڻيو هيس ها مونکي خبر آھي ڳوٺ جون مايون چريون ۽ بي لڇڻيون هونديون آھن ڪڏھن لوڻ گهڻو ته وري ڪڏهن مرچ سوايا
واھ پٽ واھ شھر وارن ماين جي لڇڻن جي اسان کي به سڀ خبر آھي اهي ڪيتريون سلڇلڻيون آھن آئون سڀ ڄاڻان ٿي چڙ ۽ خار منجهان ماسي وچ ۾ ڳالهايو هيو
ماسي اوهان کي مڃڻو پوندو! شھري عورتون هر ڪم ڪار ۾ ٻھراڙي جي عورتن کان وڌيڪ سلجهل آھن ماسي کي خار ۾ ڏسي ڪري وڌيڪ چيڙائيندي وراڻيو هيس
ٺھيو پٽ هاڻي ٺھيو اجايو منهنجو وات نه کول ماسي چڙ واري ڪيفيت ۾ چوڻ لڳي هئي ۽ وڌيڪ وراڻيندي چيو هائين ته ڇا شھري عورتون ٻھراڙي جي عورتن جيان مال جا ڇيڻا تغاڙي ۾ کڻي سگهنديون؟ ڇا شھري عورتون ٻھراڙي جي عورتن جيان مال متاع لاء ٻنين مان پنهنجي پٺارين پويان ڪپڙي جو ڪانبو ٻڌي گاھ ڪرڻ ڄاڻنديون آھن؟ ڇا شھري عورتون اسان ٻهراڙي جي عورتن جيان نٽھڻ اُس ۾ مال چاري سگهن ٿيون؟ماسي غصي منجهان ڳوٺائي عورتن جي ترجماني ڪندي سوال ڪرڻ لڳي هئي
ماسي اها ڪهڙي وڏي ڳالهه آ هر انسان پنهنجي فن ۾ مهارت رکي ٿو. اهو سڀ ته ماحول مطابق هوندو آھي ٻڌو ڪو نه اٿئي ته جهڙو ديس تهڙو ويس ڀلا مونکي ٻڌا ماسي ڇا ٻھراڙي جون عورتون شھري عورتن جيان ڪمپوٽر هلائي سگهنديون؟ ڇا ٻھراڙي جون عورتون شھري عورتن جيان جهاز کي آسمان تي اڏائي سگهن ٿيون؟ ڇا ٻھراڙي جون عورتون شھري عورتن جيان ميڙاڪن ۽ وڏن وڏن اجلاسن ۾ بنا هٻڪ جي ڳالهائي سگهن ٿيون؟ بس ماسي اهو سڀ ماحول جو اثر اٿئي ٻهراڙي جي عورتن وٽ شعور ۽ ڏاھپ ته آھي پر وسائل جي اڻھوند سبب انهن وٽ ان شعور ۽ ڏاهپ کي استعمال ڪرڻ وارو ڏان ڪونهي اهو تڏهن ايندو جڏھن اهي تعليم حاصل ڪنديون ۽ شهري عورتن وٽ علم جهڙي دولت آھي جنهن کي هو هڪ مضبوط هٿيار جيان ڪتب آڻي پنهنجي حقن جي حاصلات ڪرڻ ڄاڻن پيون.
پٽ تنهنجون اهي ڳالهيون اسان جي سمجهه کان ٻاهر آھن الائي ڪهڙا پيو سبق پڙهائين اسين ئي بي لڇڻيون ڀليون…! ماسي منهنجي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي خفا ٿيندي وراڻي هئي
شابس اٿئي ماسات بنا ٻڌائڻ جي هليو آئين
مرشد پاڪ جو شفا ڀريو لنگر منجهان ڪجهه گرھ کڻين پوء ڀلي هليو اچين ها ماسات حفيظ پنهنجي گهر واري کڙھ پار ڪري مونکي کٽولي تي ماسي وارن سان گڏ ويٺل ڏسي چوڻ لڳو ۽ ڪلهي تان رومال لاهي سامهون واري پيل کٽ تي وڃي ويهي رهيو ھيو
اهو ته نصيبن وارن جي نصيب ۾ کائڻ لکيل هوندو آھي شايد آئون بدنصيب هيم انڪري مرشد جو شفا ڀريو لنگر منهنجي نصيبن نه هيو تڏهن ته مونکي نصيب ٿي نه سگهيو ماسات حفيظ جي جهالت تي ٺٺول ڪندي طنز ڀريل جملن سان مسڪرائيندي وراڻيو هيس
۽ سوچڻ لڳو هيس آخر ڇا ٿيندو هن اياڻن اٻوجهه حفيظ جهڙن ماروئڙن جو جيڪي عقيدت واري اونڌھ ۾ ڀٽڪي پنهنجي جيون جا اڳتي وڌڻ وارا سڀ روشن گس وڃائي هٿ ٺوڪين ريتن رسمن ۾ پاڻ رولي رهيا آھن ۽ انهن جي اياڻپ جو فائدو وٺندي شاتر ذهن مير پير ڀوتار هنن جي خواهشن ۽ جذبن جو سرعام خون ڪندي نظر آيا هيا آخر ڪڏهن هنن اٻوجهه سادڙن ماروئڙن ۾ شعور جي هڪ محفوظ شمع روشن ٿيندي جيڪا ميرن پيرن ڀوتارن جي ڍونگي ريتن رسمن عقيدن وارن گهلندڙ واچوڙن سان مهاڏو اٽڪائي روشن بڻيل رهندي! جيسين تائين تعليم جو اڀرندڙ روشن سج ڳوٺاڻن جي جهالت ڀري اونداهي زندگي منجهه نه اڀرندو شايد تيستائين جهالت واري ڪاري رات ڳوٺاڻن جي زندگي منجهان ڪڏھن به ختم نه ٿي سگهندي تعليم ئي واحد ذريعو آھي جيڪو هنن اٻوجهه اياڻن ماڻهن جي ايندڙ نسلن کي انهي غلامي واري اونڌھ منجهان نجات ڏياري هنن جي مستقبل کي روشن بڻائي سگهي ٿو.