ناول

ڀٽڪيل ماڻهو

امر ثناءَ لھٻر جي لکڻين ۾ معاشري اندر ٿيندڙ سماجي براين، ناانصافين، دين ڌرم، ذات پات وارن نہ مٽجندڙ فرقن، ديس ڌڻين جي لاوارث بڻيل دانهن دردن ۽ پيڙائن جي عڪاسي واري جهلڪ سادن لفظن جي جامي ۾ اوڍيل واضع طور نظر اچي پئي. امر ثناءَ لھٻر پنهنجي لکڻين ذريعي هر پل معاشري اندر جھالت واري ڦھليل ٻاٽ کي ختم ڪرڻ خاطر پنهنجي ادبي مھارت سان جگنو جھڙو ڪردار ادا ڪري روشن سج اڀارڻ جي جستجو ڪري رهيو آھي.
  • 4.5/5.0
  • 681
  • 231
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امر ثناءَ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڀٽڪيل ماڻهو

(4)

حفيظ سان گڏ ساوڪ ڀريون ٻھراڙي جون زمينون گهمندو رهيو هيس ته اچانڪ رات وارا درديلا آواز ذھن جي خيالي وهڪري مٿان تري آيا هيا…!! نه نه مونکي جِن نه آ! مونکان پري رھ، خدا جي واسطي…… معلومات لاء حفيظ اڳيان سوال اٿاريندي وراڻيو هيم ماسات رات ڪافي دير کانپوءِ اهي عورتاڻا آواز ڪٿان پئي آيا...!
مرشد پاڪ جي حويلي مان اهي آواز اچي رهيا هيا ! ڇو ته گذريل رات جمع جي هئي ۽ هر ماھ پاري جمع رات مرشد سائين عورتن جا جن ڪڍندو آھي!اسانجو مرشد ڪامل ولي آھي جنهن جي ڪرامت هر هنڌ تائين مشھور آ، حفيظ يڪساهي ۾ وراڻيو هو.
ڪامل ولي! ڏندن جي گهاڻي منجهه چيچ کي آزاد ڪندي وراڻيو هيس، ۽ ڳوٺاڻي ماحول جا ڌنڌلا عڪس پسڻ وٽان صاف صاف ملي رهيا هيا ! جنهن بعد وڏيرڪي نظام کان ويندي پيري مريدي جي عقيدت واريون ڦردو ريتون منهنجي ذھن جي ڪشادي آڳنڌ تي ٻارڙن جيان ڊوڙڻ لڳيون هيون...!!
ٻَنين جا ساوڪ ڀريا منظر ذهن ۾ قلم بند ڪندو رهيم ۽ حفيظ پٺيان چپ چاپ هلندو رهيو هيس ڪجهه منزل طئي ڪرڻ بعد سرنهن جي ڦولهار واري فصل ۾ ماسي کي پسيو هيم جيڪا گاھ لڻڻ ۾ مشغول هئي! ماسي ڏانٽو مونکي ڏي آءُ ٿو گاھ لڻان! ماسي جي هٿڙن مان زوري ڏانٽو کسيندي وراڻيو هيس…
ماسي بار بار منع ڪندي وراڻي هئي پٽ تون اڻڄاڻ آھين ڪٿ هٿ نه وڍي ويهي پر مون اڳيان ماسي جي هڪ به نه هلي هئي! جڏھن هڪ به نه هليس ته شڪست جا گهنج مُک تي آڻيندي وڌيڪ وراڻي هئي پٽ ڀلا تون آرام آرام سان گاھُ لڻي وٺ آءُ ساڳ پَٽي اچان ٿي،
ٺيڪ آھي ماسي……
حفيظ به موڪلائيندي زمين واري ٻني جي سلامي ۽ تاس وٺڻ ۾ مشغول ٿي ويو هو…
لوسڻ جي مُٺ کي هٿن ۾ پڪڙيندي ڏانٽي سان ڪٽڻ ويل من ۾ عجيب سرهائي محسوس ٿي هئي! ائين لڳي رهيو هو ڄڻ منهنجي بي رنگ جياپي منجهه رنگينن جي آمد ٿي هجي، ٻھراڙي جي سندرتا وڻ ويڙھي جيان وجود کي وڪوڙي اهو احساس ڏيڻ لڳي هئي ته زندگي قدرتي سونهن بنا ائين اڌوري آ جيئن ڪا سڪل ڍنڍ پاڻي بنا، ۽ ڪو وجود روح بنا...!
هاهاهاهاهاها…… ٻھراڙي جي کُليل ماحول ۾ ڪنهن جا ٽھڪ فضائن جي گهيري ۾ قلابازيون کائيندي منهنجي ڪنن سان ٽڪريا هيا! ٽھڪڙن جا آواز ٻڌندي ڪنڌ ورائي پٺتي نهاريو هيم ته اکين تي ويساھ نه رهيو هو! جسم منجهان سيءُ جي سٽ نڪري وئي هيم ۽ عجيب ڪيفيت جي گهاڻي منجهه پنهنجي احساسن کي بلاول جيان پيڙجندي ڀانيو هيم…
ڀليڪار ڀليڪار چئبو ته ڳوٺ ۾ انقلاب اچي ويو نه جو شهري نمونن وارا مرد به گاھ لڻڻ لڳا آھن…!!هلڪڙي مسڪراهٽ لالڙي لڳيل چپڙن تي قائم رکي مون طرف ايندڙ اپسرا ڳالهايو هو ……
آءُ ڪجهه ڪين ڪڇيو هيس، بس تجسس منجهان اپسراء جي سندرتاءَ کي پسندو رهيس، اڙي هي ڇوڪرو ته نج شھري آھي اپسراء سان گڏ پهريدار جي صورت ۾ ڳوٺ واري سانوري ڇوڪري وراڻي هئي
هيلو اوهانجو نالو …! اپسراء سج جي روشني جهڙو چمڪندڙ سندر هٿ مون طرف وڌائيندي مونکان منهنجو تعارف پڇيو هو
ڏانٽو کاٻي هٿ ۾ مٽائيندي ساڄو هٿ اپسراء جي خوبصورت هٿ سان ملايو هيم، هٿ ملائڻ دوران جسم ۾ يارنهن هزار وولٽيج جو جهٽڪو محسوس ٿيو هو ۽ ڳيتون ڏيندي وراڻيو هيس منهنجو نالو ساگر آھي…!! الائجي ڇاڪاڻ پهريون ڀيرو ڪنهن اپسراء سان ڳالهائيندي هُٻڪ محسوس ٿي هئي ائين لڳو هيو ڄڻ پيرن هيٺان زمين کسڪي رهي هجي!
اوهانکي پهريان به ڏسي چُڪي آھيان وڏي ڳوٺ واري رستي تي اوهانکي ياد آ اهو ڏينهن…!اپسراء سوال ڪندي وراڻي هئي.
جي بلڪل ويگو گاڏي جي پوئين سيٽ تي اوهين ويٺل هيا…!! سڃاڻپ جي نشاندهي ڪندي وراڻيو هيس.
بلڪل صحيح ! ڌيڻي لهجي ۾ اپسراءَ وراڻي هئي.
جسم منجهان ساھ ڇڏائيندو ٿي ويو هو، پاڻ ڌرتي منجهه ھوندي به پالار منجهه اڏامجندو رهيو هيس پنهنجو ساوڪ ڀريو ميرانجهڙو هٿ اپسراء جي حسين ڪومل هٿ مان ڇڏائڻ لاء بار بار ڪوشش ٿي ڪئي هيم، جنهن ۾ هر وار ناڪامي ٿي ملي هئي ڇاڪاڻ جو اپسراء جي هٿ ۾ الائجي ته ڪهڙو چقمق جيان مقناطيسي قوت وارو سحر هيو جيڪو منهنجي هٿڙن جي چرپر کي محسوس ڪندي ئي پاڻ طرف مضبوطي سان ڇڪيندو ٿي رهيو هو!
اوهين ڪٿان جا آھيو ؟ ۽ هتي ڇا ٿا ڪريو؟ اپسراء سوال مٿان ٿي سوالن جا تير وسايا هيا !
ڪجهه ڪين ڪڇيو هيس !بس چپ چاپ خاموشي سان ٻڌندو رهيس، ائين محسوس پئي ٿيو هو ڄڻ بازي هارايل جواري جيان ھوش وڃائي ويٺو هجان، ڇا ته خوبصورت منظر ٿي لڳو هو، اپسراء جا ڪارا ذلف جڏھن سندرتا ڀري مک کي سج جي تپشدار ڪرڻن کان بچاءُ لاء هر هر پهريدارن جيان اکين اڳيان ٿي اچي رهيا هيس، ۽ اپسراءَ جون بي حجاب نگاهن جي ڪماڻ منجهان شوخ نظرون تير جيان منهنجي دل مٿان وسنديون رهيون هيون جنهن جي اثر هيٺ گهڙي کن لاء جياپي جو ماضي جيڪو منهنجي حال پٺيان ڪنهن معصوم ٻالڪ جيان ڪڍ ڪڍ لڳي ٿي هلندو رهيو هو ! ائين ميسارجي ويو جيئن تيز اُس جي تپش ۾ ڪوھ مري جا برفيلا جبل ميڻ وانگر رِجي پنهنجو وجود وڃائي ويهندا آھن.
هيلو مسٽر مان اوهان سان آھيان نه؟ هٿ مان خوبصورت هٿڙو ڇڏائيندي وراڻي هئي !
هونئن، پاڻ سنڀاليندي لاشعوري طور وراڻيو هيم ۽ من گهڻو ئي ضد ڪيو ته چئي ڏيانس حُسن پرست ماڻھن جي منزل جو انت سونهن جي درشن تائين محدود هوندو آ، پر پاڻ ۾ ڪجهه به ڳالهائڻ جي سگهه ساري ڪين سگهي هيس .
ڇا ٿيو ……!! اپسراءَ شايد منهنجي الجهيل ڪيفيت مان اندازو لڳائيندي وراڻي هئي
ڪجهه به نه……
ته پوء مون پڇيو ته اوهين ڪٿان جا آھيو ۽ هتي ڇا ڪرڻ آيا آھيو……چيل جملو ٻيهر ورجائيندي وراڻي هئي
پاڻ ڄام شورو جو آھيان ۽ ھِتَ…………لفظ نڙي ۾ مڇي جي ڪنڊي وانگر اٽڪجي بيهي رهيا ها
ڇا هِت……اپسرا منهنجي جملي جي نقل ڪندي وراڻي هئي
هت زندگي جي باقي رهجي ويل پلن کي سميٽڻ ۽ ڪجهه جيئدان بخشڻ ڪاڻ آيو آھيان
ڇا مطلب ؟؟
منهنجي جواب ۾ ايترو سسپينس ته نه آ، جيترو اوهين سيرس ٿي ويا آھيو، اپسراء جي بهار جهڙي مک تي خزائن جا ڇائنجي ويل تاثر پسي وراڻيو هيس
جنهن بعد يڪدم موسمن وانگر حسين چهري جا تاثر درست ڪندي مسڪرائڻ لڳي هئي…!!
ڇا اوهين پيدا به هن ڳوٺ ۾ ٿيا ؟ اپسرا سان سوال ڪندي وراڻيو هيس
جي ها بلڪل پر ڇو ؟؟
ته پوء ايترو ويڇو ڇو؟ اوهان ۽ ڳوٺاڻي سانوري ڇوڪرين ۾ ڇاڪاڻ ته اوهين مون غير مرد اڳيان بي حجاب ٿي ڳالهايو ٿا ۽ ڳوٺ جون ٻيون ڇوڪريون مون اڳيان ڪنڌ مٿي ڪري ڳالهائڻ جي سگھ ساري نٿيون سگهن ! منهنجا شبد ٻڌي اپسرا جي ڀر ۾ بيٺل سانوري ڇوڪري جي مک تي غصي جي هيڊاڻ ڇائنجي وئي هئي ۽ اپسراء مسڪرائيندي وراڻي هئي مان لکيل پڙھيل ڇوڪري آھيان عام ڳوٺاڻي ڇوڪرين جيان بي علم ۽ ڄٽ ناهيان...!!
مطلب ته باقي ٻيون ڳوٺاڻيون ڇوڪريون ڄٽ آھن، ڳالهه کي مضبوطي سان ڳنڍ ڏيندي وراڻيو هيس
نه نه اهڙي ڳالهه نه آ… منهنجي چوڻ جو مطلب اهو هيو ته مان شھري ۽ ٻھراڙي جي رسمن ۾ چڱي ريت فرق ڄاڻان ٿي.....!
ڪهڙو فرق ؟؟ سوال ڪندي وراڻيو هيس
ڳوٺاڻيون عورتون سائنسي ٽيڪنالاجي دور هوندي به غلامي وارو بدتر جيون گهارن ٿيون، ۽ پنهنجو بي ملهه جياپو ٻار پئدا ڪندڙ مشين ۽ گهريلو ڪم ڪار ۾ ضايع ٿيون ڪن، انهن کي ڪير سمجهائي ته زندگي ان مقصد لاء نه پر ڪنهن ٻي ڪم ڪار لاء به ملي آھ……
مسئلن ٻيو ڪم ڪار ؟؟هڪ وار ٻيهر سوال ڪندي وراڻيو هيس
اوهين به سوال گهڻا ٿا پڇو! ڇڏيو بس…… شايد بيزاري منجهان اپسراء وراڻي هئي
نه نه ٻڌايو! ايلاز ڀري شبدن جو سهارو وٺندي وراڻيو هيس
مسئلن ٻيو ڪم ڪار ته هن دنيا ۾ ڪجهه اهڙو ڪجي جيڪو اڳ نه ٿيو هجي… ان لاء تعليم جو هجڻ ضروري آھي پر ڳوٺ جون عورتون اڪثر مرداني معاشري جي ڪري تعليم جهڙي زيور کان محروم بڻيل آھن…!پهريون ڀيرو ٻھراڙي جي ماحول منجهه اپسرا جي روپ ۾ هم خيال شخصيت سان ملاقات ٿي هئي! ڇاڪاڻ ته آءُ يونيورسٽي جي دور کان وٺي انقلاب جو حامي رهيو هيس، اپسراء جي ڏاهپ کي پروڙڻ ڪاڻ وڌيڪ وراڻيو هيس اوهين به ته ڳوٺ جون آھيو ته پوء اوهين تعليم ڪيئن حاصل ڪئي!
هاهاهاها مسڪرائيندي وراڻي هئي مان پنهنجي خاندان جي سڪيلڌي پهرين ۽ آخري اولاد آھيان، منهنجي هر ڳالهه کي ابو اهميت ڏيندو آ.
تمام بهترين پر اوهين هينئر تائين پنهنجو نالو نه ٻڌايو…؟
اوهين پڇيو ڪاٿي آ! منهنجو نالو صاديا آھي .....!
سندر! ان شبنم جيان جيڪي گلڙن جي خوبصورتي کي چمندي آ! ان سڳنڌ مثل جنهن جو واس سنگهي پوپٽ انبوھ جي صورت ۾ گڏ ٿيندا آھن، ۽ ان چنڊ جي چانڊاڻ وانگر جنهن جي سهاري سان ليکڪ قلم کڻي پنهنجي محبوبائن جي تعريف ۾ گيت، غزل، ڪهاڻيون پيا لکندا آھن.صاديا تو جيان تنهنجو نالو به سراپا سندر آ، واکاڻ ڪندي وراڻيو هيس
صاديا ڳچي ۾ پيل رَئي جي ڪنڊ کي ڏندن ۾ آڻيندي شرمايو هو…!
هاڻ ھلڻ گهرجي صاديا جي پاسي ۾ بيٺل ڳوٺ جي سانوري ڇوڪري بوريت منجهان وراڻي هئي …
صاديا باءِ باءِ ڪندي موڪلايو هو …
الائجي ڇو صاديا جي موڪلائڻ بعد ايئن محسوس ٿيو هو ڄڻ جسم منجهان روح پرواز ٿي اڏامجڻ لڳو هجي، دلڪش ڪائنات پنهنجي سندرتا ڪنهن نابين فرد جي نور وانگر وڃائي ويٺي هجي، ٻھراڙي جي ماحول جون وڻندڙ انڊلٺون اوچتو انڌهيري جي ورچڙھي پنهنجون رونقون اجاڙي چُڪيون هجن،
ڪنهن جي خيالن ۾ گم آھين ماسات حفيظ ڪجهه وکن جي دوري تان مون طرف ايندي وراڻيو هو ۽ پٺي ڏئي ڳوٺ طرف ويندڙ صاديا جو ڌنڌلو عڪس پسڻ لڳو هو…!
آءُ چاهيندي به ڪجهه ڪڇي ڪين سگهيو هيم …! بس ٻڏتر جي صورت ۾ صاديا جي حُسن کي ڇهندو رهيو هيس، ڇا ته سنهڙي چيلهه ھيس، جنهن ۾ ڪائنات جا هزارين راز باطن جي صورت ۾ پسڻ وٽان ٿي مليا ها، بيد مشڪ جيان ڊگهو قد، ڇاتي ويڪري ۽ ان مٿان سجايل قدرتي ميون جي ڇلڪڻ جو انداز، معصوم ادائون جن ۾ ٻھراڙي جون محروميون سمايل ٿي نظر آيون هيون، رَئو مٿي بجاءِ ڳچي ۾ ڦندي جيان ڪرڻ وارو انوکو ڍنگ جنهن سان پياري ۽ سندر لڳي رهي هئي !
ماسات اڃان تائين گاھ نه لڻيو اٿئي؟ ۽ حفيظ ڏانٽو مُٺ ۾ ڪري گاھ لڻڻ ۾ مشغول ٿي ويو هو …
وقت پنهنجي رفتار مطابق گذرندو رهيو ۽ ڪجهه گهڙين جي ماٺار کي گوڙ گهمسان سان ٽوڙي موبائيل رنگ وڄڻ لڳي هئي……!
هيلو ……
جي ساگر ڪيئن آھيو؟
مان ٺيڪ …اوهين ڪير آھيو ۽ بار بار ڪال ڇو ٿا ڪريو؟
ٻڌايم جو سنڌو آھيان …
ڏسو مان ڪنهن به سنڌو نالي ڇوڪري کي نه سڃاڻيان …!پليز مونکي تنگ نه ڪريو ! بيزاري منجهان ڪال ڊسڪنيڪٽ ڪري ڇڏي هيم …
ڪنهن جي ڪال هئي ماسات……! حفيظ وضاحت معلوم ڪندي وراڻيو هو
الائجي سنڌو نالي ڪا ڇوڪري آ، پر مان نه ٿو سڃاڻيانس!!
اڇا هوندي ڪا ڇڙواڳ ڀوتار جي ڌيءَ وانگر، حفيظ گاھ لڻندي وراڻيو هو
ڇڙواڳ مطلب! اڻ تڻ واري ڪيفيت ۾ الجهندي وراڻيو هيس
يار پنهنجي اکين سان ڏسين پيو نه ڀوتار جي ڌيءَ جا ڪم شام ويل ڳوٺَ جون ڇوڪريون ساڻ ڪري پئي ٻنيون رلندي آ، حفيظ جذباتي لهجي منجهان وراڻيو هو
ته پوء ان ۾ ڇڙواڳي جي ڪهڙي ڳالهه آھي .....!
ها بلڪل غير مرد سامهون سينو تاڻي ڳالهائڻ ۽ مٿو اگهاڙو ڪري گهمڻ ڇڙواڳي نه آ...حفيظ غصي جي لهر چهري مٿان برقرار رکندي وراڻيو هو
حفيظ جي اهڙي تخيل کي پرکي ٻھراڙي جي عورتن منجهه دٻيل صلاحيتن وارو ڳجهه معلوم ٿيڻ لڳو هيو، جُن جون توانايون صرف ۽ صرف گهرن جي چوديواري اندر ضايع بڻيل هيون ! جنهن تي افسوس ڪري ماضي جا ورڪ ورائي سوچڻ لڳو هيم عورتن بنا هي دنيا بي رنگ آھي اها به عورت ئي هئي جنهن چنڊ کي لتاڙيو ۽ اهو به عورت جي مهان تخيل جو ڪمال هو جنهن محمد بن قاسم کان پنهنجي ڀاءُ راجا ڏاهر جو بدلو ورتو هيو ! تهذيب گواھ آھي ته ڪنهن وقت ۾ عورتن مردن سان گڏ تخت تي ويهي انصاف ڀريا فيصلا ڪيا !
ماسات اچ ته هلئون ! ڏانٽو زور سان زمين جي ڪومل وجود تي چاڪون جيان چهنبائيندي حفيظ وراڻيو هو.
سج پنهنجو لوساٽيل چهرو جبل جي پٺيان لڪائي ٿڪل راهڪ جيان شڪست قبولڻ تي مجبور ٿي چُڪو هيو، اردگرد جي ماحول جا سندر عڪس لهندڙ سج جي لالاڻ سان ڌنڌلا بڻجي پنهنجي سندرتا وڃائڻ لڳا هيا. پالار منجهه پکيئڙن جي ٻولي جو عجيب گوڙ گهمسان وارو وايو منڊل ڪنهن ادبي پروگرام جيان متل نظر آيو هو، ٿورو پرڀرو کوھ ڀرسان پاڻي ڀريندڙ ڳوٺ جي ڇوڪرين جا انداز پسڻ وٽان ٿي ملڻ لڳا ها. جن کي پسندي ئي منهنجون ديدون هڪ جاءِ تي مندر ۾ پيل ڀڳوان جيان ٽڪ ٿي ڄميون پئي ويون هيون
سنهڙي چيلهه تي گهانگهڙ ۽ مَٽ، کڻي ڪُڏ ڏئي هلندڙ اٺ جيان ناٽڪ ڀريون وکون کڻڻ جو انوکو طريقو، سَڳين جو پانڌ سيني اڳيان آڻي ان کي جهومائڻ ڀريو انداز، ۽ زمين جهڙو رنگ رکندڙ چپڙن کي آزاد ڪري ٽھڪن جي جهونگار جنهن سان منهنجي اتاولي من پراسرار راحت ٿي محسوس ڪئي هئي…