(3)
ڪنهن جي خيالن ۾ گم ٿي ويو آن ماسات! ٻڏتر ۾ ڏسي حفيظ وراڻيو هو
ماسات بس پنهنجي ماحول جي ڌنڌلن عڪسن تي پيو سوچيان ته اهڙا شھزادا اسڪول وڃڻ جي عمر ۾ چند ٽڪن خاطر بيراگري ٿا ڪن ۽ پنهنجي جيون جو ايندڙ حسين مستقبل پيٽ جي بُک اجهائڻ خاطر ٿا وڃائن!
هاهاهاها ماسات تعليم کان ائين ڀلا آھن اڄ جا ڇورا…! شايد طنز ڪندي حفيظ وراڻيو هو
ڇا مطلب…!! حفيظ جي چهري کي غور سان پسندي وراڻيو هيس
هن ڇوڪر کي مان چڱي ريت سڃاڻان ويچارو يتيم آھي ڪافي سال اڳ هن جو پيءُ بيماري وگهي مري ويو هيو .هي پنهنجي پوڙھي امڙ ۽ نوجوان ڀينئرن ڪاڻ مزدوري ڪري ٿو. خبر اٿئي سيٺ نه پيو بيهاريس هوٽل تي الله خوش ڪري چاچي ولي داد کي هن سيٺ کي منٿ ڪري پنهنجي ذمي بيهاريو اٿس.چاچي ولي داد جي سيٺ سان پراڻي ياري آھي. غريب پورهيت جو پٽ آھي! جي اگر هي (بيراگِري) ڇڏي اسڪول پڙھندو ته يقينن هُن جو خاندان بک مرندو ڇو ته ويچارن مسڪينن جو هوٽل جي مزدوري ۽ برٿ سلائي مان مڙئي گهر جو چرخو پيو هلن ٻيو ڪو به ڪمائڻ جو ذريعو نه اٿن…حفيظ چانهه جي چسڪي ڀريندي وراڻيو هو !!
حفيظ جا شبد ٻڌي خوشحال پنهنجي ڌرتي جي بيوس ماروئڙن تي سوچڻ لڳو هيس جيڪي بُک.بدحالي جي ڪري غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙيل نظر آيا هيا!افسوس ٿيڻ لڳو هيم ته ڇا سچ منجهه اسين هن ڌرتي جا وارث آھيون .جي سچ منجهه اسين ڌرتي ڌڻي آھيون ته ڇاڪاڻ اسان جي گهر جون چلهون معصوم ٻالڪن جي رت ولوڙڻ بعد سورن سان ٻرن پيون .
ڪجهه گهڙين جي خاموشي واري تند ٽوڙيندي حفيظ وڌيڪ وراڻيو هو ماسات توکي خبر آ؟ ڀر واري ڳوٺ جو هڪ ڇوڪرو يونيورسٽي ته ڇا پڙھي آيو هو پر پاڻ کي ڪامريڊ سڏائڻ لڳو هيو، نه ڪنهن وڏيري جي عزت پيو ڪري نه ڪنهن مرشد جو احترام بس هرگهڙي انقلاب انقلاب چوندو رهندو هيو
اڇا ماسات هينئر ڪاٿي ملندو اهو ڪامريڊ ! آئون يڪدم ملڻ واري حب جو اظُهار ڪندي وراڻيو هيس؟
ڪڏھن به نه ملي سگهندو اهو بي پيرو ڇو ته سال پهريان روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ فوت ٿي ويو آ! مرشدن جون پٽون ڪاڏي وينديون وتي پيو انهن جي مخالفت ڪندو ۽ انهن کي رنجائيندو معجزو مرشدن ڪري ڏيکاريس نور ڀٽاري سان آئون پاڻ ڏسي آيو هيس هُن جو چٿڙجي ويل لاش صفا ڏسي نه پيا سگهون.
ويري سيڊ ! ڏک جو اظھار ڪندي وراڻيو هيس...!
حفيظ هوٽل جي مالڪ کي پئسا ڏيڻ لاء اٿي ويو هو! کيسي ۾ پيل موبائيل جي رنگ وڄڻ لڳي هئي، امي جو ئي نمبر هيو ڪال اٽينڊ ڪندي وراڻيو هيس
هيلو جي امي ڪيئن آھيو !
ٻچڙا ڪُل خير تون ڪيئن آھين ۽ بنا اطلاع جي ڳوٺ ڏانهن هليو ويئن ! هتي اسين پريشان ته ڪيڏانهن ويو ؟ يڪساهي ۾ امي سڀ ڪجهه وراڻي وئي هئي!
امي مان به خوش آھيان بس من نٿي لڳو شھر ۾ انڪري موڊ کي بدلائڻ خاطر اوچتو ڳوٺ ڏانهن نڪري آيم
پر اطلاع ته ڪرين ها نه ٻچڙا...
ممتا جي شفقت ڀريو آواز ٻڌي وجودي سمونڊ ۾ راحت جو لهرون اٿل پٿل ٿيڻ لڳيون هيون
۽ آئون چاهيندي به ڪجهه ڪين وراڻيم ٿي بس چپ چاپ امي کي ٻڌندو رهيو هيم
ايتري ۾ امي ادي صنم کي موبائيل ڏيندي وراڻي هئي ڀيڻ سان ڳالهاءَ پٽ مٿو کائي وئي آ!
هيلو هيلو
ادي صنم خاموش رهي ڪا به ورندي نه ڏني هيائين ! هڪ دفعو ٻيهر وراڻيو هيس هيلو
مان توسان ناراض آھيان ڪنا! ادي صنم جڏھن به مونسان ڪاوڙبي هئي ته ڪنا لفظ ئي چوندي هئي پر ڪوھ مري جي جابلو علائقن وانگر ڪاوڙ ادي صنم جي اڇتوهي چهري تي گهڻو وقت ٽَڪي نه سگهندي هئي!
هاهاهاهاها سچ ۾!! پنهنجائپ سان ٽمٽار نخريلو ٽھڪ ڏيندي وراڻيو هيس.
تون به بنا ٻڌائڻ جي جاڏي وڻئي ٿو هليو ٿو وڃين ڪنا! ادي صنم روئڻھارڪي لهجي ۾ وراڻي هئي جنهن جو درديلو احساس ٽيلي فون سنگلن سان گڏ آواز ذريعي منهنجي ڪنن سان ٽڪريو هيو !
بيسُري توکي ته خبر آھي نه منهنجي...! جڏهن دل جي سلطنت تي دردن جا ڪڪر تيزي ساڻ ڇانئجي ويندا آھن جنهن ويل مونجهه ٿيڻ لڳندي آھي ان ويل آئون نڪري پوندو آھيان جيڏانهن به دل چاهيون ان طرف ۽ ها تون خود چڱي ريت ڄاڻين ٿي...!! اها ته منهنجي پراڻي عادت آ! پر تون به مون کان گهٽ ڪين آھين. صفا مون تي وئين آھين بس تنهجو به ڏوھ ناهي ڇاڪاڻ جو تون به ته منهجي ڀيڻ آھين حڪم ڪري ته ڏس تو لاء ٻرندڙ سج به هٿڙن تي رکي تنهنجي اڳيان پيش ڪريان!
بس بس ٺھيو! اڃان بدليو ناهين ڊاڙي…… ادي صنم هلڪي مسڪراهٽ سان روڪيو هيو… لفظڙن کي گرھ جيان ڳِيت ڏئي زبان جي قيد خاني ۾ لاهي ڇڏيو هيم.
ادي صنم مسڪراهٽ ڀريو لهجو زبان تي جاري رکندي وراڻي هئي شايد تون ائين ئي ڊاڙي رهندي عمر ڀر ! نه بدليو آھين نه بدلبي.
آئون به مسڪراهٽ جو سهارو وٺندي وراڻيو هيس ! مان ڪهڙو موسم آھيان جو بدلجي وڃان! يا ڪهڙو دٻي جو بيٺل پاڻي آھيان جو سج جي تپش اڳيان شڪست کائي زمين جي وجود ۾ جذب ٿي پنهنجو روپ مٽائي ڇڏيان.
ٻڌ منهنجا ساگر. ڪڏھن واپس ايندي شھر……امي توڪاڻ ڏاڍي پريشان ٿي رهي
مٺڙي ڀيڻ توکي ته سڀ خبر آ منهنجي ……… اڳتي ڪجهه ڪڇي ڪين سگهيو هيس ۽ شبدن جي تيز رفتار هلندڙ ٽرين کي امالڪ بريڪ ڏئي ٿڌو ساھ کنيو هيم ...!
بس تو بن منڙو نٿو لڳي! توکي ڏاڍو مس (ياد) ڪندي آھيان!
اڙي ادي ائين نه چئو…! ڇو ته تنهنجي منزل منهنجي محتاج نه آ، پاڻ ٻئي الڳ الڳ ڪشتين جا مسافر آھيون ! منهنجي ڪشتي جياپي جي سمونڊي طوفان ڏانهن روان دوان آ ۽ تنهنجي ڪشتي ساحل طرف وڃڻي آ، جت هزارين خوشيون منتظري صف ۾ مسافرن جو اوسيئڙو ڪنديون آھن …
ساگر روز روز تنهنجا موهن جي دڙي وانگر قديمي ڊائلاگ ٻڌي مان بيزار ٿي چُڪي آھيان ڇڏ هاڻ انهن کي اهو ٻڌا ڪيئن آھين ! ادي صنم حقيقت کان پرده پوشي ڪندي وراڻي هئي…! ۽ نيٽورڪ مسئلي جي ڪري ڪال ٽُون ٽُون ڪري ڪٽجي وئي هئي ! گهر وارن سان ڳالهائڻ بعد ڪنهن وکر جيان وکريل من سميٽجڻ لڳو هيو ! ۽ اتاولي وجود ۾ پنهنجائپ جون خوشيون ڊوڙڻ لڳيون هيون جنهن کان خود آئون به بيخبر هيس
حفيظ سان گڏ وڏي ڳوٺ جي ڏامر واري روڊ مٿان هلندي ڳوٺ طرف روانو ٿيو هيس، ڏامر واري روڊ ۽ پنهنجي جيون ۾ ڪو خاص فرق نه ڀائيو هنئيم ڇاڪاڻ جو روڊ به مون وانگر لاحد منزل جو پانڌيئڙو نظر آيو هو جنهن مٿان وزني گاڏيون بنا احساس جي تيز رفتاري سان اچ وڃ ڪري رهيون هيون ۽ منهنجو وجود به ڀٽڪيل ڀٽڪيل جنهن کي اڻ کٽندڙ مسافتن جا طويل پنڌ اڃان ڪي باقي ڪاٽڻا هيا……… ڪجهه منزل طئي ڪرڻ بعد اسانجي ڀر منجهان گذرندڙ ڊبل ڪيئبن ويگو گاڏي بريڪ ڏئي اڳتي بيهي رهي هئي، ۽ گاڏي جي فرنٽ سيٽ وارو ڪارو شيشو هيٺ ٿيڻ لڳو هيو جنهن اندران سانوري ٿلهي رنگت ۾ ڪاٽن جي اڇي ويس ۾ ملبوس هڪ شخص اسان طرف هڪل ڪندي وراڻيو هو ڇورا ھيڏانهن اچ……؟لفظن ۾ آڪڙ ۽ وڏائي جي بدبو محسوس ٿي هئي حفيظ جي سائين جي سائين سان ڊوڙي وڃي يڪ ساهي پهتو هيو
وات ۾ پان چٻاريندڙ سانوري رنگت واري شخص چپڙن ۾ ڪجهه ڀڻڪي حفيظ طرف نيرو نوٽ وڌايو هو! حفيظ نوٽ وٺي کيسي ۾ رکيو ۽ مونکي اتي ئي بيهڻ جي هدايت ڪندي تيز رفتار قدمن سان وڏي ڳوٺ جي ڪچن دوڪانن واري بازار ۾ گم ٿي ويو هيو!چند منٽن بعد سامهون بيٺل ان ئي گاڏي جي پوئين سيٽ وارو ڪارو شيشو هيٺ ٿيو هو ته وڏي ڳوٺ جو ماحول عجب سڳنڌ سان واسجي ويو هو، جنهن بعد من ۾ عجيب سرور گلابن جي سڳنڌ جيان محسوس ٿيو هيو، گاڏي جي پوئين سيٽ وارو ڪارو شيشو هيٺ لهندي ئي اکڙيون ڪنهن بي جان بوتي جيان هڪ هنڌ ٽِڪ ٿي بيهي رهيون هيون ڇا ته سندر اپسراء جو چيگم چٻارڻ وارو خوبصورت چهرو پسڻ وٽان مليو هيو، گول بدامڙي اکڙين منجهه قيد ڪيل ڪجل جي سندرتاءَ، ٿر جي وارياسي زمين جي عڪاسي ڪندڙ چپڙن تي لالڙي سان خوبصورت چٽاڻ، مهندي لڳل هٿڙن ۾ ٽچ اسڪرين سيٽ کي روپلو وانگر مضبوطي سان پڪڙڻ وارو سليقو ۽ گاڏي جي هلڻ وقت اميراڻي انداز سان ڪجل نماءَ اکڙين تي فينسي چشمو پهرڻ وارو ڍنگ……!! جيڪو گاڏي جي وڃڻ بعد به منهنجي ذھني آرسي اڳيان ڇائنل رهيو هو.
اڃان سوچن ۾ اپسراءَ جي مصوري مڪمل ڪين چٽي سگهيو هيم ته حفيظ به سهڪندو سهڪندو مون وٽ پهتو هو…!!۽ مونکي پاسي تي بيٺل ڏسي وراڻيو هيائين ماسات اهو پنهنجو ڀوتار ڪريمداد هيو جنهن مونکي پئسا ڏئي چيو ته گولڊلف (گولڊ ليف )جا سگريٽ ۽ سائيڻ ننڍي ڪاڻ مٺيون شاليون وٺيون اچ…
حفيظ جي واتان ههڙا شبد ٻڌي حيرت جي گاڏڙ ۾ وڃائجي ويو هيس ۽ سوچڻ لڳو هيس جيسين تائين اسانجي ماحول ۾ ڀوتارڪي نظام آھي تيستائين حفيظ جهڙا ڪيترائي فرد غلامي جي چنبي مان آزادي حاصل ڪري نٿا سگهن، ڇاڪاڻ ته سگريٽ ۽ سوپارين وٺڻ وارو ڪم حفيظ ڇو ڀوتار خود به ڪري ٿي سگهيو...!
حفيظ ٿڪل لهجي ۾ ڳالهه کي منظم طريقي سان برقرار رکندي وڌيڪ وراڻيو هو شايد يونيورسٽي ۾ ڌيءَ کي داخلا وٺي ڏيڻ لاء اسانجو وڏيرو شھر ڏانهن ويو هو !
اڇا ماسات…… مطلب ته ڪار اندر ويٺل اپسراءَ ڀوتار جي ڌيءَ ئي هئي !
اپسرا مطلب……حفيظ ناسمجهي جو اظُهار ڪندي وراڻيو هو
اپسرا مطلب حسين ڇوڪري…حفيظ کي اطمينان ڏياريندي وراڻيو هيس……
ڳالهين منجهان ڳالهيون جنم وٺنديون رهيون هيون پنهنجي ڪچهري جو سلسلو به وڌندو ٿي ويو هو ڪا خبر ئي نه پئي هئي!
ٿڪل وجود ساڻ ڳوٺ طرف پهچي چُڪو هيم ، ماسي گهر جي آڳنڌ تي پهچندي ڏسي وراڻي هئي ابا ڏسين آئين وڏي ڳوٺ کي ...!!
جي ها ! ڌيڻي آواز منجهه وراڻيو هيس……
۽ آخري ساھ کڻندڙ سج جو سڪرات ورتل پويو پهر پسڻ لڳو هيم، ڳوٺ جي ڪکائين، ڪچن گهرڙن مٿان منتشر پکيئڙن جا ولر پنهنجي ٿاڪ طرف واپس ويندي نظر آيا هئا، ٻھراڙي جي دلفريب منظرڪشي پروڙڻ بعد امالڪ وجود جي صحن تي ماضي جا اولڙا يادن جي روپ منجهه شام واري سج جي اولڙن جيان وڌڻ لڳا هيا يونيورسٽي جون يادگيريون ڪنهن ناچڻي جيان ذھن جي ڪال ڪوٺڙي ۾ رقص ڪرڻ لڳيون هيون، جنهن ۾ پاڻ ورسٽي جي ڇڙواڳ دوستن سان گڏ بي احساسيا ٽھڪ ڏيندو رهيم، استادن اڳيان ڪامريڊي ناٽڪ سان غنڊاگردي به ڪندو رهيم، گولڊ ليف سگريٽ، شراب جي اوتڻ دوستن سان ڪمپني وارو لمحو، فرسٽ ايئر ۾ نئين ايڊميشن وٺندڙ ڇوڪري کي ڇيڙڻ واري اداڪاري، کان ويندي هر ارڏائي اکين جي سمونڊ ۾ ڪاغذ جي ٻيڙي جيان ترندي پسڻ لڳو هيم ! جنهن بعد عجيب ڦڪائي چهري مٿان محسوس ٿي هئي ۽ ندامت منجهان خيالي دنيا مان نڪرندي حقيقت سان متعارف بڻيو هيس.
هُن جي اچڻ بعد سڀ شرارتون ۽ ارڏايون وهندڙ پاڻي تي ليڪي وانگر ميسارجي پنهنجو وجود وڃائي ويٺيون هيون، نه دوستن سان ڪمپني ڪري شراب کي هٿ ٿي لاتو هيم نه ئي وري ڪنهن ڪمپني کي رنگين رکڻ ڪاڻ ائٽم گرلس سان رنگ رليون ٿي ملهايون هيم، نه ئي وري گولڊ ليف سگريٽ جي فلٽر کي محبوب جيان چپڙن تي پئي رکيو هيم، نه ئي ڪنهن آوارا ٽولي سان گڏجي ڪنهن ڇوڪري کي ٿي ڇيڙيو هيم، هُن جو منهنجي جياپي ۾ ڇا داخل ٿيڻ ڄڻ انقلاب جي آمد ٿي هجي، ۽ معاشري کي بگاڙڻ وارين ارڏاين کان ڇوٽڪارو حاصل ڪندي پنهنجي وجود کي ويٽنام ملڪ وانگر آزاد بڻايو هجيم ! ڇاڪاڻ ته هُن جي چاهت ڪنهن ائٽم بم کان ڪمتر ڪين هئي جنهن جي مها ڪارگيري ۾ منهنجون سڀئي خراب عادتون هيروشيما، ناگاساڪي جيان نابود بڻجي ويون هيون ۽ منهنجي جياپي جي بگڙجندڙ حالتن جي هڪ بهترين اصلاح ٿيڻ لڳي هئي جنهن مونکي زندگي جا نوان رنگ ۽ ڍنگ سيکاري ڇڏيا هيا...!!