(1)
ڪنڌ ورائي پٺتي نهارڻ بعد اکين تي ويساھ نه رهيو هو ۽ حقيقت کي سپنو سمجهڻ لڳو هيس ..!ڇاڪاڻ ته پڙاڏو ڪندڙ شخص پنهنجو ماسات حفيظ ئي هيو...
اڙي ماسات تون ...؟وائڙائپ ۽ تجسس منجهان ماسات وراڻيو هيو...
جي ها آئون...
ماسات پنهنجي اچڻ جي سڌ به نه ڏنئين؟ خبر هجيم ها ته توکي اسٽيشن تان وٺڻ اچان ها، ڀاڪرن ۾ ڀريندي ماسات چيو هو..
نه ان تڪلف جي ڪائي ضرورت محسوس نه ڪئي ! بيزاري منجهان ماسات جون پنهنجي وجود ۾ جڪڙيل ٻانهون هٽائيندي وراڻيو هيم
بهتر آ . پر خير سان اچڻ ٿيو ...؟؟
جي ها! بس شهري رونقن ۾ من نٿي لڳو، روز روز ساڳيون وڏيون عمارتون، تيز رفتار هلندڙ گاڏين جو شور، سفيد چهرا، محبت کان خالي پهڻ جهڙيون سخت دليون، جن ۾ نفرتن کانسواءَ ڪجهه به ڪين آ، اٻوجهه سانگيئڙن کي باطل لالچيون ڏئي سرمائيداري نظام جا ٽلڻ وارا ناٽڪ، ۽ فيڪٽرين جي آلودگي کي ڇهي ايندڙ گدليون هوائون جسم تي محسوس ڪري بور پئي ٿيس!انڪري ٻهراڙي جي خوبصورتي کي پسڻ لاءَ نڪري آيو آھيان.. ڪا خبر ئي نه پئي هئي بنا ڪنهن هٻڪ جي حادثاتي طور سڀ ڪجهه چئي ويٺو هيس......
تمام بهترين ! ماسات سفر دوران ڪا تڪليف وغيره ته ڪون ٿي نه...؟
نه يار! شايد توکي ڪل نه آ، تڪليفون رول مسافرن جو ڪجهه به بگاڙي نٿيون سگهن، ڇاڪاڻ ته انهن جي مسافري ۾ دربدريون، ۽ انيڪ اذيتيون پهريان کان ئي سمايل هونديون آهن... ڪجهه به سمجهه ۾ نٿي آيو هو ۽ نه چاهيندي به من جا صدين پڄاڻا موهن جي دڙي وانگر دٻيل احساس کوٽي ماسات سان سلڻ لڳو هيس...
ڇا مطبل (مطلب) !وائڙائپ منجهان نيڻن ۾ تڪيندي ماسات وراڻيو هيو
ڪجهه به نه....!
ڳالهه ٻڌ ماسات، اسان سان فلسفن واريون ڳالهڙيون نه ڪندو ڪر، اسين اياڻا فلسفي منجهان ڇا ڄاڻيون؟ پاڻ سان سادي ٻولي ۾ ڳالهائيندو ڪر... ۽ ها تون ڪافي بدليل نظر ٿو اچين، آخر ڇو ....؟
ماسات تبديلي ته ارتقا جو اهم پايو آ جنهن بنا ارتقا پنهنجو حقي مقام ماڻي نٿي سگهي ! ۽ انسان ارتقا بنا اڌورو آهي، انڪري ارتقائي قانون ذريعي انسان ۾ انقلاب ايندو رهي ٿو، جنهن جو چاهيندي به ڪو فرد انڪار نٿو ڪري سگهي! شايد مون منجهه به انساني ارتقا جي تبديلي آئي هوندي ان ۾ پريشان ٿيڻ جي ڪائي ڳالهه ڪونهي …
وري به مون ٻهراڙي جي ڄٽ سان پرفيسر(پروفيسر)واري ڳالهـ ڪيئي نه ...ماسات کلندي وراڻيو هو
چاهيندي به ڪجهه ڪين ڪڇيو هيم ۽ خاموش رهيو هيس...!!
اچ ته هلئون.....
ڪيڏانهن ؟وائڙائپ منجهان وراڻيو هيس
چريا سڀ حوال هتي ٿورئي ڪبا ! ڳوٺ ڏانهن به هلڻو آهي ني...!!
ماسات آئون هتي هيڪل ۽ تنها رهڻ ٿو چاهيان ! مونکي هتي ئي هيڪل ڇڏي ڏي...! ٿڌو ساهـ کڻندي وراڻيو هيم...!!
هي ڇا ٿو چوين ؟مان توکي ويران جهنگ ۾ اڪيلو ڪيئن ٿو ڇڏي سگهان اچ هاڻ هلئون ڳوٺ.... ماسات ضد ڪندي ٻانهن ۾ هٿ مضبوطي سان وڌا هيا ..
ماسات جي اهڙي روش ۽ پنهنجائپ پسي پنهنجي ضد کي شڪست ڏني هيم ۽ هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏي ماسات پٺيان خاموشي سان هلڻ لڳو هيس
پهريون ڀيرو زندگي هوبهو ڪنهن راند جيان ڀاسجڻ لڳي هئي، ان راند جيان جنهن جي آخري نتيجي جي خود رانديگر کي به خبر ناهي هوندي، ته اڳتي راند ۾ ڇا ٿيئڻو آ يا ڇا ٿيندو؟
ڪافي واٽ ويندڙ فرد تجسس ڀري نگاهن سان مون منجهه ڪجھه جاچڻ لڳا هيا اهڙو ڪجهه شايد جنهن کان خود آئون به بيخبر هيس !۽ سوچڻ لڳو هيم آخر اهڙو ڪجهه مون ۾ ڇاهي؟ جو هر واٽهڙو مون ۾ جانچي رهيو آ ...
آئي او آئي ڪاٿي آن..؟ڏس ته مونسان گڏ ڪير آيو آهي گهر پهچندي ئي ماسات حفيظ خوشي منجهان رڙيون ڪندي چوڻ لڳو هو
اڙي ابا اجهو آيس خير ته آهي نه ؟ ڪمري اندران اسڌ عورت جو آواز ٻڌڻ وٽان ٿي مليو هو…
جي جي آئي سڀ خير آ پر ڏس ته سهي ڪير آيو آ !!
اڙي ابا تون ؟ حيرانگي مان نهاريندي ماسي وراڻي هئي شايد منهنجي موجودگي تي اعتبار نٿي آيس ...پڪ ڪرڻ خاطر مونکي ڀاڪرين پُئجي وئي هئي ۽ پاٻوهـ منجهان ڳل چمڻ لڳي هئي.
جي ها ماسي آئون..
ادي جي طبيعت ڪيئن آهي؟ گهرڀاتي سڀئي خوش اٿئي ؟ماسي حال احوال پڇندي وراڻي هئي..
سڀئي گهرڀاتي خوش آهن، ڌيري آواز ۾ وراڻيو هيم ۽ چپ چاپ پنهنجي جيون جو تماشو پسندو رهيو هيس، ڇاڪاڻ جو سڀ ڪجهه منهنجي مرضي جي برعڪس ئي ٿي رهيو هو، جيڪو مون ڪڏهن تصور ۾ ئي نه سوچيو هيو، آئي توکي خبر آ ماسات مونکي ڪاٿي مليو ؟ حفيظ سنجيدگي سان وراڻيو هيو.
نه ابا....
ڳوٺ جي اوڀر واري جهنگ ۾! سو به اڪيلو اڪيلو، پهريان ته آئون ڊڄي ويو هيس، پر دل ٻڌي هڪلون ڪيون جڏهن پٺ ورائي مونڏانهن ڏٺائين ته اکين تي ويساهـ ئي نه رهيو هو، اهو سمجهي رهيو هيس ته آئون ڪو خواب ڏسي رهيو آهيان پر حقيقت ڪڏهن به خواب جو روپ ڌاري نٿي سگهي، ڏٺم ته منهنجو جگري ماسات ئي هيو.!.حفيظ سرهائي منجهان وراڻيو هيو
گهور وڃان مان! اهو به سٺو جو شڪار بهاني پنهنجي ماسات کي ڳولي لڌئي پُٽ......!! ڳوٺ جا جهوپڙِي نمان ۽ ڪچين ڪوٺين جا منظر پسي ڀٽڪيل روح منجهه عجيب راحت محسوس ڪرڻ لڳو هيس، ائين لڳي رهيو هو ڄڻ ڳوٺ جي ان سندر منظرن سان منهنجو جنمن جو تعلق هجي، وڏا وڏا کُليل آڳنڌ، ويڪرا اڳواڙا، بنا درن ۽ دروازن وارا گهرڙا..........
او امڙ صائما ڪاڏي وئين آن؟ هيڏانهن اچ ڏس ته صحيح ڪير آيو آھي ۽ ها ڌي وڏي پيتي منجهان وهاڻو، ٽڪ واري نئين رلي به کنيو اچج ماسي پنهجي ڌي کي خوشي واري انداز ۾ وڏي واڪي چيو هو
جي آئي اجهو آيس...!!
ماسات صائما رِلِي کٽ جي پيراندي طرف وڇائيندي خوش ڀڙ ڪئي هئي ۽ حال احوال وٺندي امي ۽ ادي جو پڇيو هيائين...
امان جلدي چانهـ تيار ڪري وٺ ماسات لاءِ……!! وڌيڪ ڳالهه کي ڊيگهه ڏئي ماسي وراڻي هئي! ڊگهي مسافري ڪري آيو آ، شايد ٿڪجي پيو هوندو...!!
ڪا خبر ئي نه پئي ڳالهين ڳالهين ۾ چانهـ جو پيالو اڳيان حاضر ٿي ويو هو،
آئي امان ماسات لاء تختي مان ڪو نئون منگ لاهين ها نه، هي پيالو ته اسان ڳوٺ وارن جو ڏاج آ...!!
نه نه ماسي ان جي ڪائي ضرورت نه آ ! بس پاڻ کي رڳو چانهـ ئي ته پيئڻي آ منگ هجي يا پيالو....ماسي زينت سان مخاطب ٿيندي وراڻيو هيس...
سج سڪرات ورتل ماڻهو جيان آخري پساهن ۾ هيو، روشني ڌنڌلي ٿيڻ لڳي هيس، اوندهـ کي پنهنجو راڄ ڳوٺ مٿان قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندي ڏٺو هيم، ٻهراڙي جو سندرتا ڀريو ماحول ڀٽڪيل منهنجي وجود کي جيئڻ جو نئون اتساهـ بخشي رهيو هو، ماسي وارن طرفان بي انتها محبت ملڻ ڪري جيون جا ڪوماٽيل احساس هڪ دفعو ٻيهر ٽڙڻ لڳا هيا، نااميد ٿيل جذبا ۽ احساس ڪمتري جي گرفت ۾ آيل بليڪ ان وائيٽ جيون جون خواهشون رنگين ڀاسجڻ لڳيون هيون...!!
منافقت، نراسائي جي ڌوڙ ۾ گدلو بڻيل منهنجو منڙو تاج محل جيان جرڪڻ لڳو هو.! ۽ وقت جي ڪا خبر ئي نه پئي رات گذري وئي صبح ساڻ سج جا ڳاڙهـسرا ڪرڻا اکين اڳيان تجلا ڏيڻ لڳا هيا...تکين سج جي ڪرڻن وارن تيز عڪسن سبب کٽ تي اٿي ويهي رهيو هيس ۽ اکيون مهٽڻ لڳو هيس ڇا ته نظارو هيو چوطرف ڳوٺائي ماحول منجهه ٿڌڙي هير جو ڪنهن وينگس ناچڻي جيان رقص ڪرڻ جو ڍنگ! نير گگن هيٺان پکيئڙن جا پنهنجا ٿاڪ ڇڏي روزي جي تلاش ۾ اڏامجڻ وارا انتهائي دلڪش منظر، ڪُڪڙن جي کُليل سحن تي چونءَ چونءٌ واري مٺي موسيقي جيڪا شيخ اياز جي شاعري ۽ صادق فقير جي شيرين آواز جيان بي چين منهنجي من منجهه اتساه بخشي جياپي جو نئون گس ڏيکاري حوصلو ڏئي رهي هئي ..!
ساجهر ويل پاڻي جو لوٽو اڳيان رکندي..! ماسي منهن ڌوئڻ جي هدايت ڪئي هئي ..
منهن ڌوئي اڃان کٽ ڀيڙو مس ٿيو هيس ته ماسات صائما چانهـ جو پيالو پيش ڪندي بسڪوٽن جي پليٽ سامهو رکي هئي...!! بسڪوٽن سان گڏ چانهـ جون چسڪيون ڀرڻ لڳو هيس ...
ابا تون گهر وارن کي ٻڌائي ناهين نڪتو ڇا؟ ماسي زينت ٿانءُ ڌوئيندي وراڻي هئي
حيران رهجي سوچڻ لڳو هيم ته ماسي کي ڪنهن ٻڌايو...ته آئون گهران موڪلائي ناهيان نڪتو.اڃان سوچڻ ۾ ئي محو هيس ته ماسي ٻيهر پنهنجو جملو ورجائيندي وراڻي هئي ابا تون گهر وارن کي ٻڌائي گهران ناهين نڪتو ڇا ؟
ڇا مطلب ماسي....موضوع کي ندامت منجهان ٽارڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي وراڻيو هيم
مطبل(مطلب)اهو ته رات تنهنجي موبيل(موبائيل)جي گهنٽي وڳي پئي! پر تون گهري ننڊ ۾ ستو پيو هئين... بار بار رنگ وڄڻ ڪري مون واري ٻچي حفيظ به نه ڪئي هم نه تم بٽڻ تي زور ڏئي ڪن تي رکي الايائين (ڳالهايائين)ته پريان ادي پئي الايو ۽ اهو سڀ ادي ٻڌايو ...
ڪجهه ڪين ڪڇيو هيس .۽ ڪنهن هارايل جواري جيان ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو هيم... ڇاڪاڻ جو جواري داءُ تي لڳايل پنهنجي موڙي هارائي ويهندو آهي پر آئون پنهنجي مهڪندڙ جيون جا سندر پل هارائي ويٺو هيس..
ماسي ڳالهه کي ڊيگهه ڏيندي وڌيڪ وراڻي هئي ته ابا ڪافي ڏينهن بعد ادي وارن سان الائيندي بي چين من کي شانتي ملي ۽ ها موڪلائڻ مهل ادي تنهنجون وڏيون وڏيون پارتون ڪندي چيو هو ته منهنجي ٻچڙِي جو خيال رکجانء..
ماسي جي ڳالهين کي لاشعوري منجهان ٻڌندي ماسات حفيظ کي جانچڻ لڳو هيس، پر ماسات حفيظ گهر جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ڪٿي نظر نٿي آيو هو، مجبورن ماسي سان مخاطب ٿيندي پڇيو هيم ته ماسي ماسات ڪاٿي آ؟
ابا ٻني تي ويو آهي....
اڇا ماسي..
جي ها پٽ....!
ماسي مون وارا شوز نظر نٿا اچن ڪاڏي ويا..؟ بيچيني واري ڪيفيت ۾ وراڻيو هيم
ڇا ابا، شايد منهنجو جملو نه سمجهندي ماسي حيرت منجهان وراڻي هئي
منهنجا شوز ڪاٿي آهن، اگهاڙي پيرن ڏانهن نهاريندي وراڻيو هيس، شايد ماسي منهنجي اشاري مان سمجهي وئي ھئي ۽ وراڻي هئي اڙي ابا ته ائين چئو نه منهنجو بوٽ ڪٿي آ! باقي سوزن(شوز)جي اسانکي ڪهڙي خبر ۽ اسين ڇا ڄاڻون سوزن جهڙن لبظن (لفظن) مان.....!! ماسي جي واتان اهڙو جملو ٻڌي چاهيندي به کل روڪي ڪين سگهيو هيم، ۽ سوچڻ تي مجبور بڻيو هيس ته دنيا چنڊ کي ڇهي وڃي مريخ پهتي آھي، پر ٻهراڙي جا اٻوجهه سانگيئڙا اڃان به ڏاڏي آدم جي دور واري ٻولي ۾ ڪنهن ول ويڙهي جيان الجهيل آهن، شايد تعليم ۽ سٺي تربيت جي اڻهوندائي ڪري...
ابا ڇا پيو سوچين...گھڙامنجي مٿان ڌوتل ٿانءُ رکندي ماسي وراڻي هئي.. بس ماسي آس پاس جي ماحول تي پيو سوچيان...
ڌي صائما ماني تيار ٿي وئي ؟ رڌڻي اندر ماني پچائيندڙ ماسات صائما کان ماسي پڇيو هو…
ها آئي ماني تيار آهي، ماسات صائما ماسي کي تيز آواز ۾ ورندي ڏيندي چيو هيو..
ابا هل ته هلئو ٻني تي ....
ائين لڳو هيم ڄڻ ماسي منهنجي من جي ڳالهـ چورائي بيان ڪئي هجي ! ۽ خوشي واري گاڏڙ لهجي سان يڪدم هاڪار ڪئي هيم ...
ڳوٺ جي وروڪڙ کائيندڙ پيچرن کي لتاڙيندي ساوڪ واري لباس ۾ اوڍيل سُندر ٻنين جا عڪس پسندو رهيو هيس.سج جي ڳاڙهي روشني جي تجلن تي شبنم جو اوگهڙ ڀريو بدن پسڻ وٽان ٿي ملندو رهيو هو جيڪا رنڊي جيان ڌرتي جي ساوڪي سيج مٿان ننگي سُتل ٿي نظر آئي هئي !ڇا ته ٻهراڙيِ جي ٻنين جي خوبصورت منظر ڪشي هئي !اردگرد ڌنارن جا ڪوڪڙاٽ، پکين جون مٺڙيون ٻوليون، ٿڌڙي هير جو گهلڻ ۽ سج جي روشني.....!!
واٽ ويندي ڳوٺائي عورتن کي ميرانجهڙن ڪپڙن ۾ ايندي ويندي پسندو رهيو هيس، شايد جيڪي گاهـ پٺي ۽ ٻني ٻاري جي ڪم ڪار لاءَ گهرن کان ٻاهر ٿي نڪتيون هيون، پر هڪ ڳالهـ عجيب لڳي رهي هئي، جنهن کي چاهيندي به سمجهي ڪين ٿي سگهيو هيس! آخر ڇاڪاڻ ڳوٺ جون عورتون مونکان ايترو اولو پيون ڪن !مونتي نظر پوندي ئي مک تي ڪپڙو اوڍي پنهجو دڳ پيون مٽن...!!اهڙو ڇا آ مون منجهه.....!!
پُٽ خيال سان، وڏي ڇلانگ هڻي ماسي اڏ پار ڪندي وراڻي هئي
آئون به وڏي ڇلانگ سان اڏ پار ڪندي وراڻيو هيس ماسي خيال ئي ته آهي..
هڪ دفعو ٻيهر ٻهراڙي واري نظارن جي سندرتا کي پسڻ لڳو هيس ..
سڏ پنڌ تي ماسات حفيظ جو آواز پرلاءُ بڻجي ٻڌڻ ۾ ٿي آيو هو جيڪو کانڀاڻي سان پنهنجي پڪل پوک تي جهار هڪلي رهيو هو.
اڙي حالت ڏٺي اٿئي پيرن جي...ويجهو پهچندي ئي غور غور سان مونکي ڏسندي حفيظ وراڻيو هو
ڇا ٿيو آهي منهنجي پيرن کي..! هيٺ پيرن ڏانهن تڪيندي تعجب وچان وراڻيو هيس
آئي تون به چري آن، ماسات کي مون وارو جوتو ڏين ها جيڪو موچي کان هٿرادو تيار ڪرايو هو، پنهنجو نئون بوٽ سڄو ماڪ ۾ وڃائي ڇڏيو اٿس.... ماسات حفيظ ماسي زينت کي عقلمنداڻي انداز ۾ پريشان ٿيندي وراڻيو هو..
ماسات ان ۾ پريشان ٿيڻ جي ڪهڙي ڳالهـ آھي، ڇا ٿيو آھي منهنجي بوٽ کي. پيرن جي حفاظت ڪاڻ ئي ته بوٽ استعمال ڪبا آھن.! دلجاءِ طور حفيظ سان مخاطب ٿيندي وراڻيو هيس.
نه ماسات شهري رستن ۽ ڳوٺاڻن پيچرن تي هلڻ لاء جوتا به الڳ نمونن جا هوندا آھن جيڪي ماحول سان مشابهت رکندا آھن جيئن اسان ۾ ۽ سائين وڏي ۾ ڪيترو فرق آھي. ماسات حفيظ ڳالهين ڳالهين ۾ وڏي ڏاهپ واري جملي کي اوڳاڇي ورتو هيو. پر اسان ۾ ۽ سائين وڏي منجهه فرق وارو جملو تجسس ڀريو لڳو هيم ڇاڪاڻ ته سائين وڏو وارو لفظ منهنجي سمجهه ۽ پرک کان ايترو دور هيو جيئن چڪور لاء چنڊ.
ابا هاڻ اچو ماني گرھ کائو..! رومال جون ڳنڍيون کوليندي ماسي وراڻي هئي..
آئي تون هل مال جو گاهـ لُڻ اسين ماني کائون ٿا.....!!
ماسي ڏانٽو ۽ گاھ واري ميرڙي چادر کڻي گاھ ڪٽڻ لاء رواني ٿي وئي هئي..!!!
ماني کائي بس ڪئيسين ته حفيظ وراڻيو هو ماسات هيڏانهن اچ...
ٿورو اڳيان واري اڏ منجهان کاٽي جا ٻه ٽي ڪانا کڻندس! تون ويهي ڪچهري ڪجانءَ !
ماسات گوڏ جا ور مضبوط ڪندي، واٽر ۾ گھڙِيو ڏانٽي سان ڊڀ، گاهـ لڻي.ڪوڏر وسيلي واٽر جي تري ۾ پيل لٽ کي لپا ھڻندي ٻاهر ڦٽو ڪرڻ لڳو هو..آئون ماسات جي هنرمندي ڏسڻ لڳو هيس .
ماسات اهو به وقت هيو جو اوهان به ڪڏهن هن ڳوٺ جو حصو هيو سهڪي جي صورت ۾ ٿلهي آواز سان وراڻيو هو .
جي بلڪل ماسات ننڍپڻ منجهه ڪڏهن ڪڏهن امڙ ويهي ڳوٺ جون ساروڻيون ٻڌائيندي هئي! پر جڏهن کان جوان ٿياسين ته گهر ۽ امڙ کي ٽائيم ڏيڻ گھٽ ڪري ڇڏيوسين...پر مونکي اڄ به چڱي طرح ياد آ امڙ ڳوٺ سان سلهاڙيل يادون ٻڌائيندي ٿڌن شوڪارن مٿان ٿڌا شوڪارا ڀريندي هئي، ڏندن جي گهاڻي منجهه چيچ جي ننهن کي نوريئڙي جيان ٽڪيندي وراڻيو هيس
بلڪل..! ڪو به انسان پنهنجو ننڍپڻ چاهيندي به وساري نٿو سگهي! ماسات حفيظ ڪوڏر مان هٿ ڪڍي وراڻيو هو...
ماسات هڪ ڳالهه پڇانء؟
ڪهڙي .، .؟
حفيظ منهنجي سواليه جملي کي اڌ مان ڪٽيندي وراڻيو هو
ڳوٺ جو هر ماڻهون عجيب نگاهن سان مون طرف گهوري ڇو ٿو؟ ۽ عورتون مونکي سامهون ڏسي پنهنجي منهن کي رئي جي پلئي سان پاڻ لڪائن ڇو ٿيون ! آخر ههڙو ڇا آ مون منجهه؟
ماسات آئون هڪ ڳالهـ ڪريان..؟ حفيظ منهنجي سوال جو جواب ڏيڻ بدران پنهنجي اندر سانڍيل ڳالهه جو شايد اظهار ڪندي وراڻيو هو…
جي جي ڪر ...!!
سچ ۾ تون اسان ڳوٺ وارن کان مختلف پيو ڏسجين، صفا فلمي اداڪارن وانگي..! پيرن ۾ اسٽائلي بوٽ، پئنٽشيٽ (پئنٽ شرٽ) ڏاڙهي مُڇ غائب... ڄڻ ڪو اگريز(انگريز) هجين، پنهنجو ڳوٺائي سنڌي ٺپ لڳين ئي ڪو نه پيو...۽ خبر ٿئي صبح سان ڪاڪي ولو وارو ڇورو مليو، تنهنجي باري ۾ پڇا ڪيائين، جڏهن ٻڌايومانس ته تنهنجي باري ۾ ڇا چيائين....؟
ڇا چيائين ؟
هاهاهاهاهاهاهاهاها....
ڇا ٿيو ماسات ...؟ کلين ڇو ٿو..امالڪ ماسات جو کلڻ وارو انداز مونکي تجسس ۾ وجهي ڇڏيو هيو! ۽ آئون سوچڻ تي مجبور ٿي پيو هيس ته آخر ماسات کلي ڇو ٿو...!
ڪجهه به نه...! ٻيو ٻڌا ماسات سنگت ساٿ تيار ٿئي؟ موضوع جو رخ ڦيرائيندي ماسات حفيظ وراڻيو هو...
سنگت ساٿ سڀ خوش تيار آ! پر مونکي اهو ٻڌا ته ڳوٺائي منهنجي باري ۾ ڇا چيو هيو...۽ ڏنڊ ٽيڙي تنهنجي ٽھڪڙن جو مقصد ڇا هيو؟
بس ڇڏ ان ڳالهه کي اجايو ڏک ڪري ويھندي مهمان آهين نه ماسات..
ماسات به چوين پيو ۽ ڏک جي به ڳالهـ ڪرين پيو ...؟آئون ڪاوڙ ۽ پنهنجائپ واري گاڏڙ ڪيفيت ڏيکاريندي وراڻيو هيس..
مطلب نه مڙندي! ٻڌ ڪاڪي ولو وارو ڇورو چوي پيو ته اهو ڪالهـ توسان گڏ کدڙو ڪير هيو ؟ نه مُڇ نه ڏاڙهي صفا ڪلين شپ(ڪلين شيو)...پر تون دل ۾ نه ڪجانءَ مونسان ڪڏهن ڪڏهن اهو ڳوٺائي ڀوڳڙو به ڪندو رهندو آهي، شايد متان هُج ۾ چوندو هجي ...
ماسات حفيظ جي زباني ڳوٺائي ماڻهو جي سوچ کي ٻڌي، افسوس ٿيو هو ۽ سوچن جي مها ساگر منجهه غوطا کائيندي سوچڻ لڳو هيس، ڇا مردانگي رڳو شهپرن سان وابستگا آهي؟شهپرن بنا مرد مرد نه پر کدڙو آهي ؟آخر اهڙو ڇا پيل آهي شهپرن جي چند وارن ۾ جنهن سان انسان مرد ٿو سڏجي ؟شايد اهڙي سوچ رکندڙ ماڻهن جو به قصور ڪونهي ڇاڪاڻ جو اهڙا فرد علم کان وانجهيل ئي هوندا آھن.....!!
ڇا ٿيو ماسات ؟ خيالن جو تسلسل درهم برهم ڪندي حفيظ وراڻيو هو ڳوٺ وارن جي عجيب تخيل تي سوچيان پيو ته مردانگي شهپرن منجهان ڪيئن پئي ظاهر ٿئي ؟
ماسات دل ۾ نه ڪجانءَ ! مرد ماڻهو کي ٿورڙيون مڇيون هئڻ ضروري آهن ڇاڪاڻ ته مرد جي سڃاڻپ مڇن سان ئي ٿيندي آھي...؟
اڙي چريا ٿورڙيون ڇو ؟ اصل ڇڪي رکجي هونئن به ڏٺو وڃي ته چانهـ منجهان مکيون ڪڍڻ واري سٺي مشين شهپرن جي ته آهي، لطيفو ٻڌائيندي حفيظ سان ڀوڳن ۾ وراڻيو هيس...۽ کُليل فضا ۾ پنهنجا ٽھڪ وکرجي ويا هيا! ٻھراڙي جي ماحول ۾ وقت گذرڻ جو احساس نٿي ٿيو ھو سيڪنڊ منٽن پٺيان ۽ منٽ ڪلاڪن پٺيان ڪنهن جنگي سپاهين وانگر ڊوڙندا رهيا هيا
ماسات اچ ته گاهـ کڻي هلئون گهر.....!!
ماسات کي گاهـ کڻائي !هن جي قدمن پٺيان ڳوٺ طرف روانو ٿيو هيس..
ٻنين ۾ لهندڙ سج جو نظارو ڪنوار جي ڳاڙهي وڳي واري چولي تي لڳل ڀرٿ جيان خوبصورت لڳي رهيو هو آسمان هيٺان پکيئڙا خوشي خوشي پنهنجي ٿاڪن ڏانهن ورندي نظر ٿي آيا هئا…کليل فضا ۾ ڪنوارين جا ٽهڪ سهيڙجي منهنجي ڪنن سان ٽڪرائجڻ لڳا هيا، جيڪي ڪجهه دوري تي کوهـ ڪناري پاڻ سان کل ڀوڳ جي راند رچايون بيٺيون هيون ۽ چوپائي مال کي ڳوٺ طرف وڏي اُڪير سان ڌنارن کان اڳڀرو ويندي پسيو هيم، جنهن جي ڳچي ۾ ٽليون، ڀورڙا، چڙيون، چڙا، ڇيڙ ۽ ڇيڙن ۾ پيل گنگهرين جا آواز من ۾ وڻندڙ موسيقي جهڙو ڪردار ادا ڪندي محسوس ٿيا هيا.....!!
ماسات گاهـ جي ڀري پَٽ تي اڇلائيندي ماسي زينت کي سڏ ٿي ڪيو هو!
ماسي زينت لوٽو پاڻي جو حفيظ طرف وڌائيندي وراڻي هئي!ابا ڏسين آئين ٻهراڙي جون ٻنيون، توکي وڻيون ته نه هونديون ؟
نه ماسي زبردست لڳو ٻهراڙي جو ماحول.....!!
ابا ڪوڙ نه هڻ ...!ٻهراڙي کان سو ڀيرا بهتر شهر آهي ۽ شهري ماڻھو کي ٻهراڙي ڪٿ ٿي مزو ڏي.....!!
ماسي شهر کان بهتر ٻهراڙي آهي! ڇاڪاڻ ته شهر منجهه منصوعي سونهن ري ڪجهه به ڪين آ، پر ان جي برعڪس ٻهراڙي قدرتي سندرتا سان سرشار آهي! جنهن جي سندرتا کي پسڻ سان روح کي عجب قسم جي راحت ملي ٿي، خزان جهڙي مک تي بهار جا تاثر ڇائنجي وڃن ٿا، صدين جا اوجاڳيل نيڻ آرام محسوس ڪن ٿا ۽ وجود جي ڍانچي ۾ قيدي بڻيل روح آزاد فضائن کي ڇهي مهڪي ٿو پوي.....!!
ابا اسانجي نظر ۾ ٻهراڙي کان هزار ڀيرا بهتر شهر آهي! ٻهراڙي ۾ ڏکي ويل نه ڪنهن سٺي اسپتال جو بندوبست آ، نه وري مينهوڳي وقت روڊ آهن نه رستا.....!!
اهو قول سچ ڀاسجڻ لڳو هو ته انسان ڪنهن به حال ۾ مطمئن ناهي، جي اگر مطمئن هجي ها ته اڄ ناشڪري جهڙا لقب مليل نه هجنس ها، پر ڏاهپ ڀري تخيل سان پسيو وڃي ته هن دنيا ۾ جيڪا به تبديلي انسان آندي آھي ان جي وجهه حرس ۽ نفس جي غلامي آهي ڇاڪاڻ ته انسان فطرتن طور حرس ۽ نفس جي پورائي ڪاڻ غلامي جهڙي وبا ۾ جڪڙيل رهيو آ، جنهن جي ڪري اڄ بن ماس واري شڪل کان تبديل ٿيندو هيستائين پهتو آ.....!!
امان صائما ڀاڻس جا ڪپڙا ڪڍي وٺ.....!!
ماسات حفيظ انگوڇو کڻي نلڪي طرف وهنجڻ لاءَ نڪري ويو هو..
ماسي وارن طرفان بي انتها پيار ملڻ ڪري جياپي جا ڌنڌلا عڪس چٽا ٿيندي ڀانيان هيم!! ۽ ائين محسوس ٿيڻ لڳو هو ڄڻ نئون جنم وٺي ڪنهن قدردان ماحول منجهه اک کولي هجيم، جنهن ۾ رڳو انسانيت سان پاٻوھ ڀريا زبانن تي سجايل لهجا، اُڪير چاهت، محبت ڀريا ڪردار، هر طرف اوپرائپ هوندي به پنهنجي ڪاڻ خلوص ڀريون نگاهون، جيڪي منهنجي گهايل وجود لاء ڪنهن تيمارداري کان گهٽ ڪين هيون……
ماسي زينت سوهمڻي جي ماني اڳيان رکندي وراڻي هئي ابا کير به ڏيان؟
في الحال صبر ڪر آئي؟ منهنجي طرفان حفيظ ورندي ڏيندي وراڻيو هو! ۽ مونسان مخاطب ٿيندي چيو هيائين ته ماسات تنهنجي پڙھائي جو ڇا ٿيو؟؟ يونيويسٽي (يونيورسٽي) پاس ڪيئي يا نه؟؟
ماسات حفيظ جو پڇيل سوال ٽيڪم جيان منهنجي اندر حسرتن جي مضبوط روڊ کي اڍيڙڻ جو ڪردار ادا ڪندي نظر آيو هو…جن کي ٻڌندي ئي نڙي منجهه گرھ اٽڪي پيو هيم ۽ هڏڪي پنهنجي قيد خاني ۾ الجهائي ورتو هيو…
ڇا ٿيو ماسات… پاڻي سان ڀريل گلاس مون طرف وڌائيندي حفيظ وراڻيو هو
شايد ماني جو وڏو گرھ لڳي ويو .جيڪو نڙي جي سوڙهي گلي پار ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو … يڪساهي پاڻي جو گلاس پيئندي وراڻيو هيس…
ماسات حفيظ هڪ دفعو ٻيهر پنهنجا الفاظ ورجايا ۽ پڙھائي بابت پڇڻ لڳو هو…بار بار تعليم جي پڇاڻي بعد ڏکارو لهجو خوشگوار موڊ جي گگن مٿان ڪارونجهر کان آيل ڪڪرن جيان ڇائنجي ويو هو…جنهن کي زبان سان برسائيندي دکدائڪ لهجي منجهه وراڻيو هيس بس ماسات تعليم اڌوري ڇڏي ڏنم……
آخر ڇو ماسات… حفيظ ڪنهن مزدور جو ڪردار ادا ڪندي من جي ڊٺل حسرتن واري عمارت کي مسلسل کوٽڻ لڳو هو…
بس ماسات ڇڏ ان ڳالهه کي ٻيو ٻڌا؟
نه نه! پهريان اهو ٻڌا ته پڙھائي آخر ڇو اڌ ۾ ڇڏي ڏني تو؟ حفيظ ضد ڪندي وراڻيو هو
ڪي ڪي ڳجهارتون مها سگهڙن کان به ناهن سرجنديون، انڪري ان ڳالهه کي سرجڻ ڇڏي ڏي……!! ۽ ڊگهي سناٽي ۾ پنهنجو پاڻ وڃائي ڇڏيو هيم
ڪجهه گهڙين بعد حفيظ ڏکاري لهجي ۾ افسوس ڪندي وراڻيو هو ته ماسي جي خوابن جو ڇا ٿيندو؟
ڇا مطلب ماسات……
مطبل اهو ته ماسي ڳوٺ منجهان انڪري لڏو کڻي وئي هئي ته منهنجي اولاد سٺي ۽ ڪارائتي تعليم حاصل ڪري ڪنهن منزلِ تي پهچي پر...
پهريون ڀيرو حفيظ جا لفظ ٻڌڻ بعد ممتا جو احساس ڪنهن وڻ ويڙهي جيان مونکي پنهنجي وڪڙ ۾ ڦاسائي ورتو هيو.جنهن بعد پڇتاءُ جون ريکائون گهڻج جي روپ ۾ نرڙ تي اڀري آيون هيون، ماضي طرف نهاريندي سوچڻ لڳو هيس ته احساس ڪنهن ٽاهڙ پکي جيان ڀڙڪو کائي جذبن جي رڃ ۾ ڀٽڪڻ لڳا هيا، ڪجهه به سمجهه ۾ نه ٿي آيو هيم آخر هي سڀ ڇا ٿي رهيو آھي، سڀ ڪجهه منهنجي سوچ جي برعڪس....
زندگي ڪنهن رانديڪي جيان لڳي رهي هئي جنهن جو ريموٽ شايد ڪنهن ناسمجهه ٻالڪ جي هٿ ۾ هجي....
بس ڇڏ ماسات ان ڳالهين کي ٻيو ٻڌا…… سگريٽ دکائي هلندڙ موضوع جو رخ ٻي پاسي موڙيندي وراڻيو هيس سگريٽ جو دونهون لڪڙن واري ڇت سان ٽڪرائجي پنهنجو وجود وڃائي رهيو هو …
بس ماسات شڪر آھي رب جو ! پيا جيئون جهوپڙين ۾ …
الائجي ڇاڪاڻ ماسات حفيظ جي چيل الفاظن منجهان احساس ڪمتري جو هڳاءُ محسوس ٿيو هو! آٿت ڏيندي وراڻيو هيس اڙي حسين آھي اوهان جي جهوپڙي نماءَ ھي زندگي……
بلڪل ماسات پاڻ ساده ماڻھو آھيون، پاڻ کي هر وقت ٻني ٻاري ۽ مال متاع جو فڪر رهندو آھي باقي پنهنجو دنيا سان ڪو به تعلق نه آ...!
سگريٽ جو دونهون ناسن مان ٽرين نماءَ انجڻ جي ڪاري دونهي جيان ڪڍندي وراڻيو هيم ماسات اوهين ۽ اسان هن دنيا جو حصو آھيون ۽ دنيا سان لاتعلقي جو اظھار پنهنجو پاڻ سان دوکو ڪرڻ برابر آھي،
ڀيڻ صائما چانهه تيار ڪر… حفيظ اوٻاسي ڏيندي وراڻيو هو
آئون ٻانهن جي ڪرائي ۾ پاتل گهڙي منجهه نظرون ڦيرائي ٽائيم ڏٺو هيم ته رات جا ساڍه ڏھ وڳي رهيا هيا، اماس جي چادر سان ڍڪيل جهوپڙيون...! جهوپڙين ۾ جيتامڙن جو آواز، ڏيڏرن جي ٽان ٽان ڄڻ مڌر موسيقي جهڙا ساز هجن، چنڊ جون ڪڪرن سان لڪ ڇپ واريون چلولايون. ڳوٺ جي ڪُتن جا رکي رکي ڀونڪ جا ڀوائتا آواز، ڏورانهين جهنگ مان ايندڙ گدڙن جون اونايون ۽ رات جي گهڙي ۾ هير جو گهلڻ، جنهن جي ڇهاءُ سان جسم تازگي ڀري لذت ٿي محسوس ڪئي… عجب سرور... حفيظ ۽ منهنجي ڪچهري…
ماسات سڀاڻي توکي وڏي ڳوٺ گهمائڻ وٺي هلندس، خاموشي جو نقاب مک تان لاهيندي حفيظ وراڻيو هو…آئون سگريٽ جو ٽوٽو آڱرين جي گرفت مان آزاد ڪندي جهيڻي آواز ۾ وراڻيو هيس ٺيڪ آ ...!!
ماسات صائما چانهه جا منگ اڳيان رکندي ڀر منجهان ويهي رهي هئي جنهن کي ڀر ۾ ويهندي پسي وراڻيو هيس ماسات ڇو توکي به ننڊ نٿي اچي ڇا ؟
ماسات صائما جو مسڪرائيندڙ چهرو جهوپڙي اندر ٻرندڙ ڏيئي جي ڳاڙهسري روشني ۾ ڳاڙھسرو ۽ ڌنڌلو پسڻ وٽان ملي رهيو هو! چانهه جو منگ چپڙن تي رکندي هڪ وڏي چسڪي ڀريندي وراڻي هئي نه ماسات مان دير سان سمهندي آھيان .....
پر ماسات مان ته شھري ماڻھن جي واتان اڪثر اهو ٻڌندو هيس ته ڳوٺاڻي ماحول سان وابستگي رکندڙ ماڻھو اڪثر سوير سمهندا آھن ۽ عصر ويل اٿندا آھن!! بنسبت اسان شھرين جي ...
ماسات توکي خبر آھي ڇا ؟ حفيظ اوٻاسي جو تسلسل مک تي جاري رکندي وراڻيو هو
ڇا؟
ڪنهن دور ۾ ڳوٺاڻا ماڻھو رات جي وڳڙي ۾ وڏا بنڊ ٻاري ڏور. بيت، ڳجهارتون، قصا ۽ آکاڻيون کڻي ٻڌائيندا هيا جن جو سلسلو سج نڪرڻ تائين جاري رهندو هيو، پر اڄڪلهه اها رسم به سائنس جي ترقي سبب ڌنڌلي بڻجي پنهنجو وجود وڃائي چڪي آ !!
ماسات حفيظ جي چيل شبدن ۾ فلاسافي جا ڪرڻا انڊلٺي جيان چلولايون ڪندي نظر آيا هيا جن جي چلولاين منجهه اردگرد واري ماحول جا ڌنڌلا عڪس روشن ٿيندي ڀايان هيم… ۽ تخيل جي سمونڊ ۾ غوطا کائي ويچاريو هيم ته بيشڪ حفيظ صحيح وراڻيو آ سائنسي ترقي جي ڪري سنڌو ماٿري جي مچ ڪچهري واري پراڻي تهذيب نابود بڻجي چڪي آ ڇاڪاڻ ته ارتقا ماضي جي ريتن رسمن کي پنهنجي پيرن ۾ ڪوَل جيان ڇيٿاڙي اڳتي وڌندي آھي شايد تڏھن ته انقلابي مرحلو طئي ڪرڻ ۾ ڪامياب بڻجندي آ...
ماسات تنهنجو هي لباس ڳوٺاڻن کي نٿو وڻي ؟؟ صائما خيالي ڪشتي مان هيٺ لاهيندي اوچتو وراڻي هئي ...
بلڪل ادي مان به اهوئي پئي چوڻ وارو هيس! حفيظ به سُر ملائيندي وراڻيو هو
ڇو ماسات آخر ڇاهي هن لباس ۾ جو نٿو وڻي ڳوٺاڻن کي؟؟
ماسات هن لباس ۾ انسان ڄڻ ننگو آھي ...
ڇا مطلب؟؟ تجسس منجهان تخيل جي گهرائي ۾ ٻڏندي وراڻيو هيس.
ماسات مونکان پنهنجي ساهيڙي تنهنجي باري ۾ پڇيو هيو ۽ چيو هيائين ته هي شھري بابو ڏاڍو سهڻو آھي پر ويندي ويندي ڇا چئي وئي هئي ؟؟
مونکي ڪجهه به سمجهه ۾ نه اچي رهيو هيو ته ماسات صائما جي چوڻ جو مقصد ڇاهي؟ ۽ هو ڇا پئي چوڻ چاهي؟ بس حيرانگي وارو لهجو برقرار رکندي وراڻيو هيس
ڇا چئي وئي هئي؟؟
اهو ته شھري بابو کي نصيحت ڪجاءَ! ڪي ڪي لباس ماحول مطابق ئي سونهبا ۽ سٺا لڳندا آھن، تڏھن ته ڪنهن ڏاهي جو قول آ جهڙو ديس تهڙو ويس! انڪري اگر هي ڳوٺاڻي ماحول ۾ رهڻ ٿو چاهي ته هتان جا رنگ روپ اپنائي...!
مان ڪجهه ڪين سمجهيس…! تنهنجي چوڻ جو مقصد ڇاهي ماسات؟ هڪ دفعو ٻيهر ناسمجهي جو اظھار ڪندي وراڻيو هيس
ماسات صائما شايد بيزاري منجهان ڪاوڙ ڀري لهجي ۾ وراڻي هئي ته هن لباس ۾ تون اگهاڙو نظر ايندو آھين ۽ ڳوٺاڻن کي هر شيءَ تنهنجي ظاهر پسڻ وٽان ملندي آھي، جنهن جي ڪري ڳوٺاڻيون عورتيون توکان لڄ ٿيون ڪن.....!
ماسات صائما جا غصي منجهان نڪتل لفظ منهنجي الجهڻ دور ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا هيا آءُ مسلسل ان سوچ ۾ الجهيل هيس ته ڳوٺاڻيون عورتون مونکي پسندي پنهنجو پاڻ لڪائين ڇو ٿيون…!! آخر اهڙو ڇا هيو مون منجهه!! پر ماسات صائما منهنجي سڀني سوالن جا جواب غصي جي صورت ۾ ڏئي ڇڏيا ها…!! جنهن بعد مسڪرائيندڙ چهري مٿان ندامت جا اولرا روشن ٿيندي محسوس ڪيا هيم ! ۽ خيالي ساگر جي پاتال منجهه ڪنهن وزني پهڻ جيان هيٺ لهندو ٿي ويو هيس ! انيڪ تصور شھر ۽ ٻھراڙي جي ڌنڌلن عڪسن جو اڀياس ڪندا رهيا هيا، ٻھراڙي ۽ شھري زندگي ۾ نڀ، زمين جيڏو فرق پرکڻ وٽان مليو هيو……!!
پهريون ڀيرو پنهنجي قومي لباس سلوار ۽ قميص تي فخر محسوس ٿيڻ لڳو هيم جنهن جو ڪريڊيٽ ماسات صائما کڻڻ ۾ ڪامياب وئي هئي ! سچ ڀاسجڻ لڳو هيو ته پنهنجو قومي لباس نه رڳو قوم جي سڃاڻپ پر اخلاق جي به ترجماني ڪندو آھي ۽ ڪنهن ڌاري قوم جو لباس تن تي ائين لڳندو آھي جيئن ڪنهن جانور جي پٺي تي چتيون لڳل گاديلو...!!
ڇا ٿيو ماسات ……!! خيالي ساگر جي پاتال منجهان ٻاهر ڪڍندي ماسات صائما وراڻي هئي……
بس خوشفهمي ۾ مبتلا رهي سوچيم پئي ته ٻھراڙي جون ڇوڪريون خاص سهڻيون ته ناهن پوء به مونکي ڏسي پنهنجو مک ڇو پيون لڪائن پر...!!
ها ها بيشڪ اسين سانوريون ڇوڪريون ئي ڀليون پر شھري ڇوڪرين جيان آواره ناهيون؟ ماسات صائما منهنجو جملو اڌ ٻڌو ڪندي جذبات مان وراڻي هئي...
آئون حيرانگي جي لهرن ۾ اٿل پٿل ٿيندي وراڻيو هيس آواره مطلب؟؟؟
مطلب ته شھري ڇوڪريون ادب حياءُ کان کوکليون هونديون آھن، هر ايري غيري کي اوئي، سائين، جانو سان مخاطب ٿي سڏ ڪنديون آھن، ايتري قدر آواره جو وڏڙن جو به لحاظ نه ڪنديون آھن نه مٿي تي رئو رکن، نه ئي ڪنهن وڏي سان ڳالهائڻ جو ڍنگ ڄاڻڻ ! بس هرگهڙي بي حيائي ڀريا ٽھڪ ئي ٽھڪ.....!!
ماسات صائما جا چيل شبد ٻڌي يونيورسٽي جو مهڪندڙ ماحول ذھن جي نير گگن هيٺان ڇائنجي ويو هو، جنهن جي پالار منجهه شبنم، ڪنول، ريشما کان ويندي هر ڪلاس فيلو شاگرده جو ڪردار پسڻ وٽان مليو هو، هوبهو ڇڙواڳي سان ٽمٽار ٽھڪ، اوئي، يار، ڊيئر، جانو جا شبد ! ۽ کُليل ذلفن سان انهن جون اڍنگيون چال چلتون صاف صاف پسڻ ۾ اچڻ لڳيون هيون !
ماسات سونهن صورت جي نه پر ڪردار جي محتاج هوندي آھي اسين ٻھراڙي جون ڇوڪريون بيشڪ سانوريون آھيون پر اسان ۾ قدرتي ۽ حقي سونهن آھي …!!ماسات صائما رئو مٿي تي ٺاهيندي وراڻي هئي
آئون حيرانگي واري ڪيفيت ۾ مبتلا رهندي وراڻيو هيس …اهو وري ڪيئن ماسات ؟؟
ماسات قدرتي سونهن اخلاق حيا شرم ۽ لڇڻن کي چئبي آ! جيڪو اسان ٻھراڙي جي سانورين ڇوڪرين ۾ موجود هوندي آ باقي اسين شھري ڇوڪرين جيان بيوٽي پالر ۽ مهانگين ڪريمن جو استعمال ڪريون ته يقينن ڪنهن حسينائن کان گهٽ نه لڳنديوسين پر سونهن ان چيز جو نالو نه آ...!
ماسات صائما جون ڳالهيون ٻڌي اهو اندازو لڳائي ويٺم ته ڏاهپ تعليم جي محتاج نه آھي، ڏاهپ بنا تعليم ۽ بنا ڪنهن متبادل روش جي هر هنڌ ڏات وانگر سمائجي سگهي ٿي!