ناول

ڀٽڪيل ماڻهو

امر ثناءَ لھٻر جي لکڻين ۾ معاشري اندر ٿيندڙ سماجي براين، ناانصافين، دين ڌرم، ذات پات وارن نہ مٽجندڙ فرقن، ديس ڌڻين جي لاوارث بڻيل دانهن دردن ۽ پيڙائن جي عڪاسي واري جهلڪ سادن لفظن جي جامي ۾ اوڍيل واضع طور نظر اچي پئي. امر ثناءَ لھٻر پنهنجي لکڻين ذريعي هر پل معاشري اندر جھالت واري ڦھليل ٻاٽ کي ختم ڪرڻ خاطر پنهنجي ادبي مھارت سان جگنو جھڙو ڪردار ادا ڪري روشن سج اڀارڻ جي جستجو ڪري رهيو آھي.
  • 4.5/5.0
  • 784
  • 243
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امر ثناءَ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڀٽڪيل ماڻهو

(6)

امي تون ؟؟ ماسي وارن جي گهر پهچندي ئي امڙ تي نظر پئي هئي جنهن کي حيرانگي ڀري نظرن سان پسڻ لڳو هيس ۽ ائين لڳي رهيو هو ڄڻ ڪو خواب ڏسي رهيو هجان ڇاڪاڻ ته ڪڏھن ڪڏھن زندگي جا پل الميو بڻجي اوچتو اکين جي سامهون ڪڪر جيان ڇائنجي ويندا آھن جنهن جي ڪري انسان کي حقيقت به خواب مثل لڳندي آ،
جي پُٽ آئون …۽ ممتا ڀري شفقت سان ڀاڪرن ۾ ڀڪوڙي ڳل چمڻ لڳي، امي جي ڀاڪرن مان آجو ٿيندي ئي سامهون کان ايندڙ ادي صنم تي نظر پئي هئي جنهن کي پسندي ئي رڙ جي صورت ۾ وراڻيس وڃ ڙي وڏي موٽي ٿي پئي آن ؟
ٺھيو ٺھيو ! پاڻ وٽ رک خوشامندي …! شايد غصي منجهان ادي صنم وراڻي هئي
ادي سان ملندي گهڙامنجي تي پيل مٽ طرف پاڻي پيئڻ لاءَ وڌيو هيس ته پويان کان ادي صنم وراڻي هئي اڙي او شھزادا هي ڪهڙا حال بڻائي ڇڏيا اٿئي ...!!
ڇو ڇا ٿيو آ حالن کي ؟؟ خوشي جي ڪيفيت چهري تي برقرار رکندي وراڻيو هيم
بس ائين ئي! سوچيان پئي ته شھپر ۽ ڏاڙھي کان الرجي محسوس ڪندڙ شخص ڪڏھن کان سندر چهري مٿان وار رکرائڻ جو شوقين بڻيو… شايد طعنو ڏيندي ادي وراڻي هئي.
امان وارن کي ماسي جي گهر ۾ پسي اداس من ۾ خوشي جون لهرون محسوس ٿيڻ لڳيون هيون ۽ ائين لڳي رهيو هو ڄڻ سموري ڪائنات جو سُک ماسي وارن جي کُليل اڱڻ تي معصوم ٻارڙن جيان ڊوڙي رهيو هجي، ارد گرد جي ماحول ۾ سڳنڌ پنهنجو سحر نڇاوڙ ڪرڻ ۾ ڪامياب بڻجي وئي هجي، ۽ وڇوڙي جي تندور ۾ نان جيان پچندڙ حوا کي پنهنجو آدم مليو هجي...!
وقت پنهنجي رفتار سان هلندو رهيو سيڪنڊ منٽن ۾ ۽ منٽ ڪلاڪن ۾ گردش ڪندا رهيا هيا ڪا خبر ئي نه پئي هئي امان وارن کي ڳوٺ جي ساوڪ ڀري نظارن ۾ روح وندرائيندي هفتو گذري ويو هو!
ادا بنا ٻڌائڻ ۽ اچانڪ سان تنهنجو ڳوٺ طرف نڪري اچڻ سمجهه ۾ نه آيو ؟ سرنهن جي ڦولهاڙيل فصل منجهان گلڙو پٽيندي صنم وراڻي هئي .
مطلب ……!!
مطلب ته اسان ۽ يونيورسٽي جي خوبصورت ماحول کي اڌ ۾ ڇڏي اچانڪ سان ڳوٺ طرف ڪهڙي خيال سان نڪري پئين..؟ آخر ڇا ڳالهه آھي...؟ شايد ادي صنم وضاحت طلبيندي وراڻي هئي.
بس مٺي ائين ئي ! گهمڻ جو موڊ ٿيو ۽ ڳوٺ طرف نڪري پيس ٿڌو ساھ کڻندي وراڻيو هيم.
اڇا زبردست پر هاڻي واپسي جو ڇا خيال آھي؟ سڀاڻي اسان سان گڏ شھر هلندي يا نه؟؟
نه منهنجي مٺي في الحال ڳوٺ ۾ ئي ڪجهه پل زندگي جا گهارڻ ٿو چاهيان. جنهن جي سادگي ڀري ماحول منجهه مونکي سڪون ٿو ملي!
ته پوءِ امي جو ۽ منهنجو ڪير آ اتي؟ سچ ته توکان سواءَ پنهنجو منڙو به شھر ۾ نٿو لڳي اسان توکي وٺي پوء ئي وينداسين. ادي صنم ضد ڪندي وراڻي هئي.
ادو جو آ… مان به شهر ايندس پر ڪجهه وقت ڳوٺ ۾ گهاري پوءِ… ٿڪل لفظن جو سهارو وٺندي وراڻيو هيس.
اڄڪلهه ادو مصروف گهڻو رهندو آ، تون ئي ڪجهه ڪم ڪارن ۾ هٿ ونڊرائيندو هئينس جنهن سان واندڪائي ملندي هيس پر هاڻ سڄو سڄو ڏينهن مصروف!
وڏو جو آ…! گهر جي ذميواري نڀائڻي اٿس ! ادي صنم جي ڳالهه اڌ ۾ روڪيندي وراڻيو هيس.
نڀائي ته پيو ! ۽ ھا سچي شازيا تنهنجو روز پڇندي آھي ٽي چار ڀيرا اسانجي گهر به آئي هئي ! پر مون اهو چئي واپس موٽائي ٿي ڇڏيو هيم ته ادو ڳوٺ طرف نڪتل آھي ڪنهن ڪم ڪار سانگي! ڪا به خبر نه آ الائي ڪڏھن واپسي ڪندو جنهن بعد هو خاموشي سان هلي ويندي هئي شازو جو نالو ٻڌندي ئي من جي گلشن منجهه ٽڙيل گلاب ڪوماڻجڻ لڳا هيا، ماٺار ڀريا گهاءُ متحرڪ ٿي وجود اندر ڪومل احساسن کي واسينگ جيان ڪکڻ جو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ مشغول بڻجي ويا هيا جنهن بعد ننڍرڙي ذھن تي هزارين يادگيرين جو ٻوجهه محسوس ٿيڻ لڳو هيو ۽ شازو سان گڏ گهاريل يونيورسٽي جي هٻڪار ڀري ماحول ۾ زندگي جو هڪ هڪ پل ڪنهن مزار تي لڳندڙ ڌمال ۾ نچندڙ چيلي جيان جهومندڙ محسوس ٿيڻ لڳو ھيو.
ادا اها سامهون ڇوڪري ڪير آھي؟ تصور جي پالار منجهه ڪبوترن وانگر اڏامجندڙ منهنجي حواسن کي حقيقتن جي کُڏي هيٺ لاهيندي ادي صنم وراڻي هئي.
ادي اها هِن ڳوٺ جي وڏيري ڪريمداد جي ڌيءَ صاديا آھي…! ڪجهه قدمن جي دوري تان نظر ايندڙ صاديا طرف اشارو ڪندي وراڻيو هيس.
ها آئون به چوان وڏي گهمنڊ سان اسان طرف ٿِي وکون کڻندي اچي. نظرون صاديا جي ڌنڌلي عڪس طرف کپائيندي صنم وراڻي هئي.
نه نه اهڙي ڇوڪري نه آ، وڏيري جي ڌيءَ هوندي به ڪنهن وڏائي ڀري خوش فهمي ۾ جڪڙيل نه آ بس نرم لهجي ۽ سادي مزاج جي مالڪياڻي آھي
مطلب ته صاديا سان اوهانجي اليڪ سليڪ آھي؟
جي بلڪل هن ڳوٺ ۾ اها صاديا ئي ته آھي جنهن جي سوچ سان پنهنجي سوچ همبستري ڪندڙ جيون ساٿي جيان ميلاپ رکندي آ، صاديا به سلام ڪندي پهتي هئي
هي منهنجي ننڍي ڀيڻ صنم آھي تعارف ڪندي وراڻيو هيس
تعارف ٿيڻ بعد ادي صنم سان صاديا هڪ دفعو ٻيهر ڀاڪر پائي ملي هئي ۽ وراڻي هئي مون مهاڊن جي هڪجهڙائي سان محسوس ڪيو هو ته اوهانجي ويجهي رشتيدار ئي هوندي، شابس اٿئي هِن ڪني جهڙو ڪري ڇڏيئي ! ادي صنم ڀوڳن جي انداز ۾ صاديا کي چيو هو
ڇا ۾ ڪنو آ ؟؟ صاديا خوبصورت مک تي گهنج آڻيندي وراڻي هئي
تون ئي ٻڌا ته ڀلو ڇا ۾ آ؟؟
هر شيءَ ۾ ته سهڻو آھي، سيرت ۾ صورت ۾ …
ٺھيو وڌيڪ تعريف نه ڪرينس انا ۾ نه اچي وڃي، صاديا جو جملو اڌ ٻڌو ڪندي وراڻي هئي
هاهاهاها ڀلا هاڻ بس به ڪر ادي … مسڪراهٽ لبڙن تي آڻيندي وراڻيو هيس
بس به ڪيئن ڪريان ؟ پنهنجي ڀاءُ جي محبوبا واتان واکاڻ جو ٻڌان پئي
ادي صنم واتان محبوبا جو نڪتل شبد ٻڌي ندامت منجهان ڪنڌ کي جهڪايو هيم ۽ ائين محسوس ٿيڻ لڳو هو ڄڻ ڌرتي پيرن هيٺان کسڪي وئي هجيم! ٻھراڙي جو ساوڪ جي چادر سان ڍڪيل ماحول اوچتو ننگو بڻجي شرمساري منجهان مونکان پنهنجو چهرو لڪائڻ چاهيندو هجي،
صاديا ڪجهه ڪين ڪڇي هئي! بس خوشگوار موڊ تي مسڪراهٽ برقرار رکندي مون طرف تجسس ڀري نگاھ سان گهورندي رهي
آئون ندامت ڀري لهجي منجهان صاديا سان مخاطب ٿيندي وراڻيو هيس سوري، صنم جي ڳالهه دل ۾ نه ڪجو .ڇو جو هر وقت بيوقوفي جهڙيون ڳالهيون ئي ڪندي رهندي آ ۽ صنم طرف غصي منجهان نهارڻ لڳو هيس
صنم پنهنجي لفظن جو ازالو ڪندي صاديا کان معافي وٺڻ لڳي، جنهن تي آئون هڪ دفعو ٻيهر غصي منجهان وراڻيو هيس اگر توکي ڳالهائڻ نٿو اچي ته نه ڳالهائيندي ڪر …
نه نه صنم کي ڳالهائڻ ڏي ! ڇو ٿو روڪينس صاديا وراڻي هئي
صاديا جي چيل لفظن مان الائجي ڇو پاٻوھ جي سڳنڌ محسوس ٿي هئي، ۽ ائين لڳو هو ڄڻ صاديا جي من جو اڌورو اظھار صنم سليو هجي ! ڇاڪاڻ ته صنم جي چيل جملي بعد صاديا جي خوبصورت چهري جا ڌنڌلا عڪس مهڪي خوشگوار بڻجي چڪا هيا، جنهن کي پسڻ بعد ماضي ياد اچي ويو هو، آئون شازو کي ساھ کان وڌ چاهيندي به ان سامهون ان سان اظھار ڪري نه سگهندو هيس، هي به هڪ انسان ۾ عجيب احساس هوندو آھي جنهن جو چاهيندي به اظھار ڪري نه سگهندو آ،
ڇا ٿيو ادا، خيالن جي سمونڊ منجهان ٻاهر ڪڍندي صنم وراڻي هئي
ساگر آئون توسان بي پناھ پيار ڪندي آھيان، جنهن جو توسان اظھار ڪري ڪين سگهندي آھيان، پر اڄ صنم منهنجي دل جي ڳالهه چورائيندي توسان من جو باطن اظھار سليو .
صاديا جي زبان منجهان پريت چاهت جي اظهار ڀريا لفظ ٻڌي زندگي جي سونهري پلن ۾ زوردار جهٽڪو لڳو هيو، ايئن ڀائنو هيم ڄڻ وجود مٿان هيروشيما، ناگاساڪي وانگر ائٽم بم جو حملو ٿيو هجي، جنهن جي ڌماڪي بعد ڪومل احساس ذرا ذرا ٿي فضا سان گڏ وکرجي ويا هجن، ڪڇي ڪين سگهيو هيس ۽ اجل جي چمنبي ۾ آيل معصوم زندگي وانگر سڪرات جهڙي ڪيفيت ۾ جڪڙيل رهيو هيم منهنجي اهڙي ڪيفيت کي پسندي تعجب منجهان صاديا وراڻي هئي ڇا ٿيو؟؟
مان توسان پيار ناهيان ڪندو! مونکي سخت نفرت آھي پيار کان، مان صرف توکي هم خيال دوست جي نگاهن سان پسندو آھيان ! ايئن ڪڏھن به نه سوچجاءَ ته تو ۾ ڪو عيب هيو، تو منجهه ھزارين سٺايون آھن ڪنهن به ڳالهه جي ڪمي تنهنجي زندگي منجهه نه آ، هر پاسي کان تون خوبصورت ۽ مڪمل آھين
ٺيڪ آھي ساگر پاڻ بهترين دوست ئي آھيون، شرم منجهان ڪنڌ جهڪائيندي زوردار آواز سان منهنجي ڳالهه اڌ ۾ روڪي صاديا وراڻي هئي ادي صنم سڀ ڪجهه خاموشي سان ٻڌندي رهي هئي.
صاديا جي انڊلٺي جهڙي خوبصورت مک تي پريشاني جا تاثرات پسي ڪاوڙ لڳي هيم، ۽ پنهنجو پاڻ کي هٽلر جيان ظالم تسليم ڪندي سوچڻ لڳو هيس مونکي ايئن ڪرڻ نه پيو گهرجي صاديا جي خواهش ۽ احساس جو خيال رکڻ به مون لاءَ عبادت جيان ضروري هيو، نه نه مون ڀلو ڪيو؟ ڪنهن کي دوکي ۾ رکڻ به سٺو ڪم ٿورئي آ، هونئن به منهنجي کوکلي جياپي ۾ رهيل ڇا هيو جو صاديا کي ڏيان ها ؟زندگي جي وڻ منجهان سڀئي ميوا ڪو سنگدل ته پَٽي ويو آھي ...
ادا امي وارا سڏن ٿا شايد ڳوٺ وڃڻ لاءَ ؟
ڪجهه قدمن جي مفاصلي تي ماسي ۽ امي کي پسيو هيم جيڪي ٻنين وچان ڳوٺ طرف ويندڙ رستي تي بيٺل هيا،
اچو ته هلون ادا…!۽ صاديا به اسانسان گڏ ڳوٺ طرف روانو ٿي هئي
ساوڪ ڀري نظارن جي منزل پار ڪري ڳوٺ جي ڪشادين گهٽين ۾ پهتا هياسين ته واٽ تي حفيظ مليو ۽ وراڻيو هو
اچ ماسات مرشد طرف ٿا هلون ……
نه ماسات تون ٿي اچ آئون نٿو هلان
حفيظ ضد ڪندي ٻانهن ۾ هٿ وڌا ۽ هجت ڀري لهجي ۾ وراڻيو هو اچ ته جلدي ۾ ٿا موٽي اچئون
نه چاهيندي به ٿڪل قدم کڻي حفيظ سان گڏ مرشد پاڪ جي حويلي طرف روانو ٿيو هيم حويلي پاڪ منجهه پهچندي ئي ڳوٺاڻن ماڻهن جو انبوھ پسڻ وٽان مليو هو جيڪو ڌرتي تي وڇايل ميرانجهڙي غالين مٿان ويٺل هيا آئون تعجب ڀري نگاهن سان مرشد پاڪ جي حويلي جو منظر ڏسندو رهيم، پڪين سرن سان ٺھيل چئن ڪمرن اڳيان ورانڊي نما حال پلستر ٿيل ديوارون ۽ انهن مٿان رنگ روغن ٿيل کُليل آڳنڌ سان گڏ وڏي چوديواري ڏنل جنهن ڪري حويلي ڪشادي نظر ٿي آئي هئي، چوديواري جي چوطرف ننڍڙا ٻوٽا ۽ قسمين قسمين موسمي گل سجاوٽ خاطر حويلي جي رونق کي چار چنڊ لڳائڻ وارو ڪردار ادا ڪري رهيا هيا، حويلي جي ڪمري اندران جڏھن سفيد پوش سانوري رنگ سان بندرو شخص ٻاهر نڪتو هو ته ماڻھن جي متل انبوھ ۾ حرڪت اچي وئي ۽ ان بندري شخص کي ڏسندي ئي سڀ جو سڀ احترام طور اٿي بيهي رهيا هيا گهڻا ته وارو ملندي ئي ان شخص جي قدمن تي جهڪندي نظر آيا هيا، سفيد پوش شخص هٿ جي اشاري سان انهن کي ويهڻ جي هدايت ڪندو پنهنجي مخصوص انداز سان اڳتي وڌندو ٿي ويو هو، سائنس جي ترقي يافتا دور هوندي به ڳوٺاڻن ماڻھن جي اهڙي نوڙت ڀري روش پسي انهن اياڻن ۾ شعور جي ڏاڍي ڪمي محسوس ٿي هئي ! انهن سادڙن ۽ اٻوجهه ڳوٺاڻن کي عقيدت جي آڙ منجهه پڃري ۾ ڦاٿل پکي جيان غلامي جي ڄار ۾ الجهندي ڏسي سوچڻ لڳو هيس. آخر ڇا ٿيندو پنهنجي قوم جو جيڪا اڄ جي ترقي يافتا دور ۾ به ڪنهن قيدي وانگر عقيدت ۾ قيد بڻيل نظر آئي هئي ؟ شايد انهن سادڙن ۽ اٻوجهه اياڻن جي اياڻپ سادڙائپ ئي انهن کي آساني سان چالاڪ مڪار ۽ شاتر ماڻهن جي هٿان ڇيهو رسائڻ ۾ وسان ڪين گهٽايو هيو .اهو شخص ڳوٺاڻن سان رسمي دعا سلام ڪرڻ بعد وڃي پنهنجي مخصوص جاءِ تي ويٺو هيو ۽ سڀ منتظر ماڻهون پٽ تي وڇايل غاليچن مٿان پلٿي کوڙي ويهي رهيا هيا .چند ماڻهون ان شخص جي قدمن گوڏن ۽ ڪلهن تي زور ڏيڻ ۾ مشغول بڻيل نظر آيا هيا.اچانڪ هڪ ڳوٺائي عقيدت منجھان نوڙي ان شخص جي پيرن تي هٿ رکي سلام ڪيو هو ۽ سس پس ڪري ڪن ۾ الائجي ڇا چيو هيائينس ته اهو ڪرسي تي ويٺل بندرو شخص ڪرسي تان اٿي ان سان گڏ وڃڻ لڳو هو ۽ ويٺل ماڻهن کي اتي خاموشي سان ويھڻ جو اشارو ڏئي حويلي جي هڪ ڪنڊ طرف روانو ٿيو هو.چند منٽن جي گذرڻ بعد اچانڪ ان ڪنڊ منجهان رانڀاٽن جو آواز ٻڌڻ وٽان آيو هيو سسڪين سڏڪن وارو آواز ڪنهن عورت جو محسوس ٿيڻ لڳو هيو. ان آواز کي ٻڌڻ بعد اهو اندازو لڳائي ڇڏيو هيم ته پڪ سان ھن کي ڪا تڪليف يان ڪو اهنج هوندو ان سبب هو درديلون آھون تڪليف ۾ ڀري رهي هوندي ۽ اهو آواز مونکي پهريان به ٻڌڻ منجهه آيو هيو جنهن جو جواز ٻڌائيندي حفيظ چيو هيو هر ماھِ پاري جمعو رات مرشد عورتن مان جن ڪڍندو آھي ۽ اهو آواز جن ڪڍندڙ عورت جو ئي هوندو آھي. درديلي آواز کي ٻڌندي ئي پنهنجي قدمن جو رخ ان طرف وڌايو هيم ته پٺيان ماسات حفيظ سڏ ڪيو هو ۽ ان طرف وڃڻ کان روڪڻ لڳو هيو.
ماسات ڇا پيو ڪرين ۽ ڪيڏانهن پيو وڃين ان طرف نه وڃ ڇو ته سائين وڏو ڪنهن عورت جو جن ڪڍي رهيو آھي .
پر ماسات مان به اهو منظر ڏسندس ته جن ڪئين نڪرندو آھي ۽ تجسس وچان ان طرف هلڻ لڳو هيس.
هڪ معصوم ڪمزور جسم سان نوجوان عورت پٽ تي ويٺل نظر آئي هئي جنهن جا ڊگها گهاٽا ڪارا وار وکريل وکريل هيا جنهن ۾ معصوم چهرو چنڊ جيان ڪڪرن ۾ لڪي وڃڻ جهڙي منظر نگاري پيش ڪري رهيو هيو، وکريل ذلفن جون چڳيون، سج جي ڳاڙھسڙي روشني جهڙيون خماريل اکڙيون، گول مٽول ڇاتي، گلابڙن جيان ٽڙندڙ مُک ۽ ٿر جي وارياسي زمين جهڙو ڏيک ڏيندڙ خشڪ چپڙا جنهن سان ايئن پئي لڳو هيو ڄڻ سنڌو درياءُ جيان صدين جي اڃايل هجي.
وکريل ڊگهن ڪارن وارن ۾ لڪيل ان عورت جي چهري کي آزاد ڪرائيندي جڏهن ان قد جي بندري شخص هن جو ڪنڌ مٿي ڪيو هو ته ان آواز ۾ دردن جي سوز کي سمجهڻ خاطر ان معصوم عورت جي نازڪ ڳلڙن مٿان آڱرين جا نشان پسڻ وٽان مليا هيا جيڪي صاف وضاحت ڪري دليل ڏئي رهيا هيا ته درديلون آھون ڌڪ لڳڻ جي پيڙاءُ سبب نڪري رهيون هيون قد جي بندري شخص پنهنجي آڱرين ۾ ان عورت جي وارن کي ڌنڌلائيندي وڌيڪ وراڻيو هو جلدي پيالو کڻي اچو، فقير کي پياري ڪڙي ۾ آڻڻو آھي .
جي مرشد سائين جي…! ۽ اتي موجود انبوھ منجهان ڪجهه عقيدت ڀريا آواز پڙاڏن جي صورت ۾ گونجڻ لڳا هيا .
مرشد سائين هي وٺو پيالو. هڪ سادڙي ڳوٺائي پريشاني واري ڪيفيت منجهان پاڻي سان پُر ٿيل پيالو پيش ڪندي مرشد سان مخاطب ٿيو هو.
مرشد چپڙن ۾ ڀڻ ڀڻ ڪندي پاڻي جا ڇنڊا دوشيزه جي چهري تي هڻڻ لڳو، دوشيزه جي مک تي ٿڌڙي پاڻي جا ڇنڊا پوندي ئي ان جي ڪمزور جسم ۾ ڏڪڻي جي ڪيفيت پئدا ٿي هئي. دوشيزه جي اهڙي ڪيفيت کي پسندي مرشد پاڪ پنهنجو هٿوڙي نما هٿ زوردار چماٽ واري انداز ۾ دوشيزه جي نٻل جسم تي وهائي ڪڍيو هو چماٽ جو زوردار آواز حويلي جي ڪنڊ ۾ گونجيو ۽ درد نه سهندي هڪ دفعو ٻيهر دوشيزه رڙيون ڪري تڪليف منجهان ڪنجهڻ لڳي هئي!
وٺ پيالو جلدي پي. جي ڪڙي ۾ قابو نه ٿيندي ته اهڙو حشر ڪندومانءِ جو ستن پيڙهن کي ڏس ڏيندي .بهتري انهي ۾ اٿئي منهجي ڳالهه مڃي وٺ !اڙي ڇورا انهن سيخن کي ته تپايو جلدي ڪيو جي پيالو نٿو پئي ۽ مونکي نٿو مڃي ته ڏيکاريانس ٿو ته مرشدن جي انڪاري جو حشر ڇا ٿيندو آ.
قد جي بندري ان شخص ڪڙڪيدار آواز ۾ ان عورت مٿان تشدد ڪندي ڌمڪائڻ واري انداز ۾ وراڻيو هو.
بندري قد واري ان شخص جنهن کي سڀ مرشد پاڪ ڪوٺي رهيا هيا شايد اهوئي سائين وڏو هيو جنهن جي باري ۾ ڪجهه ڏينهن پهريان ماسات حفيظ مونسان ذڪر ڪيو هو.سائين وڏي جي عورتذات سان اهڙي اڍنگي روش تي من ڪروڌ منجهان ڀڙڪو کائي اٿي پيو هو ۽ جذبات جي ورچڙھندي سوچڻ لڳو هيس ته هي ڪهڙي ڪڍي روش آھي . جو هڪ بيوس عورت سان جانورن جيان ورتاء ڪيو پيو وڃي. آخر ڇاڪاڻ حوا ڄائي ازل کان غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙجي مظلوميت جو ڪردار نڀائيندي پئي اچي .
ڇا پيو سوچين ماسات؟؟ منهنجي وجود کي ڌوڏيندي حفيظ وراڻيو هو.
ڪجهه ڪين ڪڇيو هيس ۽ حقيقت سان متعارف بڻجڻ ۾ ڪامياب ويو هيم ماسات اسانجو مرشد ڪامل ولي آ…! ان فقير کي مڃائي پوء ئي هٿ ڪڍندس ڏسجان تون ماسات حفيظ ڳالهه کي ڊيگهه ڏيندي وڌيڪ وراڻيو هو.
مرشد پاران عورتذات سان اهڙي تذليل پسي جذبات تي ضبط نه آڻي سگهيو هيس ۽ ڪاوڙ منجهان وراڻيو هيم هي سڀ ڇاهي؟ ۽ آئون ڇا ڏسي رهيو آھيان؟؟ پنڃري جيان بند چپڙن مان آواز جڏھن ڀڙڪو کائي قيدي بڻيل پکين جيان آزادي ماڻي ٻاهر نڪتو هو ته چوڏس ماحول ۾ حيرانگي واريون نگاهون مونکي تڪڻ لڳيون هيون ۽ مرشد کي به ششدڙ ڪيفيت ۾ مبتلا بڻجندي حراسيا ڏٺو هيم.
اڙي ماسات ڏسين نه پيو مرشد پاڪ عورت جي جسم مان جن ڪڍي رهيو آھي، ڀر ۾ بيٺل حفيظ وراڻيو هو.
هي ڪهڙو طريقو آ جن کي ڪڍڻ جو؟؟ جذبات جي وهڪري ۾ ٻڏندي وراڻيو هيس.
هي ته ڪجهه به نه آ مرشد پاڪ وٽ جن ڪڍڻ جا الائي ته ڪيترا طريقا آھن.
پُٽ جن کي ضبط ۾ آڻڻ سولو ڪم نه آ، مجبورن هر طريقو استعمال ڪرڻو ٿو پوي، حفيظ جي ڳالهه پوري ٿيڻ کان اڳ نياز نوڙت واري لهجي ۾ مرشد پاڻ سنڀاليندي وراڻيو هو.
صحيح آھي پر حساس نفيس نازڪ عورت سان اهڙي روش؟؟
اڙي چريا اٺ مرشد چماٽ عورت کي ٿورئي جن کي هنئي هئي حفيظ هڪ دفعو ٻيهر وچ ۾ وراڻيو هو.
حفيظ جي زبان مان عقيدت جي انڌ ۾ جڪڙيل ناسمجهي وارا شبد ٻڌي سوچڻ لڳو هيم چماٽ جن کي لڳِي ۽ دانهن ڪري عورت بيهوش ٿي، هي ڪجهه عجيب نه آ……؟؟ سوچن جي رسي کي مضبوطي سان پڪڙيندي وڌيڪ سوچيو هيم جڏھن ته جن باھ جي پئدائش آھي ۽ باھ کي اسين ڏسي سگهون ٿا پر ان مان پئدا ٿيندڙ جن مخلوق کي ڇو نه؟؟ ان کان وڌ تعجب جوڳي ڳالهه اها ته جن مخلوق پنهنجو وجود رکي ٿي. جي اگر ان ڳالهه ۾ ڪا صداقت آھي ته عورت يا مرد جي جسم ۾ گهرڻ دوران ان جو وزن وڌي ڇو نٿو وڃي؟ ، جُن کان انسان ذات ازل کان ڊنل ڇو رهي آھي ۽ وڏي ڳالهه اها به ساڃاھ کان ٻاهر آھي ته جن اڪثر ڪري پٺتي پيل سادڙن ۽ اٻوجهه ڳوٺائي ماڻھن جي عورتن جي وجودن تي قابض ڇو بڻجندا آھن ؟ان دوشيزھ کي نيم بيهوشي واري حالت ۾ ڏسي سائين وڏي ڪڙڪيدار آواز ۾ وراڻيو هو.
هِن ڇوڪري کي ڍيڍ جن جو سايو آ، اڄوڪي رات ترسڻو پوندئو، دوشيزه سان گڏ آيل نوجوان مرشد جي ڳالهه کي عقيدت منجهان مڃيندي هائوڪار ۾ ڪنڌ کي جهڪايو هيو جيڪو شڪل صورت ۾ پهلوان کان گهٽ ڪين ٿي لڳو هو.
دوشيزه کي نيم بيهوشي واري حالت ۾ مرشد جي ٻن خليفن حويلي پاڪ جي اتر واري ڪمري اندر کڻي وڃي واڙي ڇڏيو هيو.
ڍيڍ جن مان ڇا مراد آھي؟ سنجيدگي واري ڪيفيت برقرار رکندي مرشد سامهون وراڻيو هيس.
پُٽ جن مخلوق به اسان انسانن جيان ذات پات مذهب ۽ مختلف فرقن ۾ ورهايل آھي، ڪو مسلمان ته وري ڪو هندو، ۽ ڍيڍ جن مان مراد غير مذھب جن جيڪو پهتل ولين ۽ مرشدن کي نه سڃاڻي انهن جو انڪاري بڻجي پوندو آ…! اهڙي غير مذھب جن کي مار موچڙي ۽ عمل وسيلي ڪڙي ۾ آڻي قابو ڪيو ويندو آھي.
مرشد پاڪ جي زبان مان نڪتل لفظ ٻڌي افسوس ٿيو ۽ هڪ دفعو ٻيهر تخيل جي سمونڊٖ ۾ غوطا کائيندي سوچڻ لڳو هيس! ڇا باھ ڪنهن مذھب جي محتاج آھي؟ جي اگر نه ته ان مان پئدا ٿيندڙ جن مخلوق ڇو؟؟ هي سڀ ڇا ماجرا آ؟؟ جن مخلوق جي باري ۾ انسان اها دعوي ڪيئن ٿو ڪري ته هي جن هندو آ؟ ۽ هي جن مسلمان؟ جڏھن ته جن مخلوق کي ڏسي به نٿو سگهي ۽ ان جو مذھب ذات پات دين ڌرم ڪيئن ٿو ڄاڻي؟؟
پُٽ شايد توکي خبر نه آ؟ جن مخلوق ڪيتري خطرناڪ آھي…!
تعجب ڀري سوچن ۾ الجهندي پسي مرشد وراڻيو هو.
مطلب ...!!
جن مخلوق منهنجي سامهون ڪافي خوبصورت عورتن جا ڳاٽا ڀڳا جيڪي سورن جا ستم نه سهندي اجل جي منهن ۾ هليون ويون.
مرشد جي ڳالهين مان اهو معلوم ٿي چڪو هيو ته! مرشد خدا کان وڌ جن مخلوق کان ڊنل آھي ايتريقدر جو شرڪ ڪندي ساھ ڪڍڻ جو اختيار به جن مخلوق حوالي ڪري ڇڏيو هيائين.
سوال ڪندي وڌيڪ وراڻيو هيس مرشد ڇا جن ورتل عورتن سان گڏ ڳاٽو ڀڃڻ وقت جن به مري ويندا آھن؟؟
نه پُٽ جن ڪيئن مرندا، جن ته عورتن جو ڳاٽو ڀڃي انهن جي جسمن مان نڪري ويندا آھن …
ته پوء مرشد تو وٽ ثبوت ڪهڙو آھي هينئر تو جيڪا چماٽ عورت کي هنئي اها جن کي لڳي هجي؟ ڇو جو اهو به ممڪن آھي ان وقت جن نڪري ويو هجي جيئن ڳاٽو ڀڃڻ وقت نڪري ويندا آھن، مرشد کي پنهنجن ڳالهين ۾ الجهائيندي وراڻيو هيس.
مرشد ڪين ڪڇيو هو ۽ ڀر ۾ بيٺل خليفي کي پاڻي پيارڻ جي هدايت ڪئي هيائين ۽ آئون مرشد جي چهري تي پريشاني جون ريکائون پروڙڻ لڳو هيس جيڪي مرشد پاڪ جي ٺڳي وارن ٺاهن کي واضح نموني ظاهر ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويون هيون.
پاڻي جو گلاس يڪساهي ۾ ڏوڪيندي مرشد ماڻھن جي انبوھ طرف نهار وجهندي ڪاوڙ منجهان مون طرف اشارو ڪندي پڇيو هيو ته هي نوجوان ڪير آھي؟
ماسات حفيظ عقيدت واري انداز ۾ مرشد اڳيان نوڙت ڪندي جواب ڏنو هيو مرشد پاڪ هي منهنجو ماسات ساگر آھي ماسڙ رحمان جو پٽ جيڪو ڪافي سال پهريان شهر لڏي ويو هيو .
روزانو ايندو ڪر انشاءَ الله سڀ ڪجهه سمجهي ويندي تعارف ٿيڻ بعد مرشد منهنجي ڪلهي تي هٿ سان ٿڦڪي هڻندي وراڻيو هو ...!
ڳوٺ وارن اٻوجهه سانگيئڙن کي عقيدت جي ڄار ۾ الجهندي پسي حيرت ٿي هئي ۽ سائنس جي ارتقا موهن جي دڙي وانگر ٻھراڙي جي ماحول ۾ دٻيل نظر آئي هئي.
ماسات صفا ڪو بيوقوف آھين ؟؟ حفيظ وراڻيو هو.
وري ڪيئن ماسات …
مرشد اڳيان سوال ٿورئي ڪبا آھن غصي واري ڪيفيت برقرار رکندي حفيظ چيو هو.
ڇو ماسات مرشد سامهون سوال ڪرڻ گناھ آ ڇا؟؟
نه ماسات پر مرشد جلالي ۾ اچي ڪا بددعا ڏئي ها ته پوءَ… حفيظ منهنجي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي چيو هو.
اڇا مطلب ته مرشد بددعا به ڏيندا آھن …ڪنڌ ڌوڏيندي وراڻيو هيس.
ماسات توکي ڪهڙي خبر مرشدن جا پٽيل ساوا نه ٿيا ۽ ھا ڇورو صدو ڪيئن مئو هو خبر اٿئي؟؟
ڪهڙو صدو ؟؟ ذھن تي زور لڳائيندي سوچڻ لڳو هيس.
اڙي توکي ٻڌايو جو هيو يونيوسٽي وارو ڪامريڊ …
ها ها جيڪو روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ مري ويو هو.
نه نه مرشد جي بددعا جي ڪري مئو هيو! ۽ موت به اهڙو ٿيس جو توبهه مالڪ به سڃاڻي نه پيا سگهنس.
مرشد جي بددعا مطلب ! حيرت ڀري سوچن ۾ الجهندي وراڻيو هيس.
اڙي ماسات صفا ڪو لُل آھين توکي ٻڌايو جو هيو ته مرشد خلاف اجايو بيهودا ڳالهيون ڪندو رهندو هيو ۽ مرشد کي ٺڳ کان سواء ڪين سڏيندو هو، هڪ ڏينهن مرشد کان بددعا نڪري وئي ۽ روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ ڪتي جو موت مئو…! ڇو جو مرشد پهتل زنده ولي آ...!!