الف کان اڳ ۽ پڙهڻ کانپوءِ: ڊاڪٽر غفور ميمڻ
رسول ميمڻ جو ڪتاب به اهڙن ڪتابن مان آهي جن لاءِ چيو ويندو آهي ته هضم ڪري ڇڏجن.
سنڌي ۾ اهڙا ڪتاب ته گهٽ ملندا آهن. جن جي پٺيان ڪائنات جيڏو تخليل ۽ علم جي معرفت هجي. سچ پچ ته فلسفي جي موضوع تي عام طور ڪتاب رڳو شخصيتن يا واقعن تي ڀريا پيا آهن. اصل منطق ۽ سمجهاڻي ملي ڪونه ٿي.
رسول ميمڻ جي هن ڪتاب پڙهڻ وقت مون هر سٽ تي بيهي وري وري سوچيو آهي. ڇو ته مون فلسفي جي انهن سڀني سوالن تي بار بار سوچيو آهي. ڄڻ ته هن ڪتاب ذريعي مون کي پنهنجي دل جي تنهائي دور ٿيڻ جو موقعو مليو. رسول ميمڻ هي مختصر ڪتاب لکيو آهي جنهن ۾ نهايت سادا موضوع شامل آهن پر دراصل هي ڪتاب جيترو مختصر آهي اوترو سمنڊ جيترو وسيع موضوعن ۽ منطقي حيراني سان ڀريل آهي. فلسفي جي شوقينن لاءِ هي ڪتاب ڪشش جو باعث آهي. هن ڪتاب جي خصوصيت هي آهي ته فلسفي کي جانبداري کان بچايو ويو آهي. فلسفي کي فيصلي ڏيڻ کان بچايو ويو آهي. فلسفي کي اميد يا نااميديءَ کان بچايو ويو آهي.
فلسفي جو بنيادي سوال اهو آهي ته دنيا معروضي آهي يا موضوعي. پر رسول ميمڻ جي بقول ته ”جي حقيقت موجود هجي ته دنيا جو مسئلو ئي حل ٿي وڃي ها“. پر ”معروض ڪنهن مسخري جي هٿ ۾ جهليل بصر جي ڳنڍ آهي، جيڪو ڪڏهن روئي ٿو ڪڏهن کلي ٿو. بصر جي هر کل پٺيان ٻي کل آهي آخر ۾ خالي پڻو آهي“ اصل ۾ اهو خالي پڻو سمجهڻ ئي معروض کي سجهڻ لاءِ ضروري آهي. رسول ميمڻ اهو ئي ڪم ڪيو آهي. ته ناول واري انداز ۾ پنهنجي موضوعي سوچ سان فلسفي جي منطق کي اڳتي وڌايو آهي ڄڻ رسول ميمڻ هڪ منجهيل ڳوڙهي وجود ي بحران کي کڻي فلسفياڻي سوچ سان معروض جي هُن پار کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو هجي.
ڇا معروض آهي؟ ڊيوڊ هيوم مطابق ته معروض آهي ئي ڪونه جيڪي ڪجهه ڏسجي ٿو اهو خاصيتن جو ڍير آهي. خاصيتون اسان جي موضوعي خاصيتن جو ڍير آهن پر خاصيتن کان بغير ڪوبه وجود ناهي. تنهن ڪري معروض جي سڃاڻپ به موضوعي آهي. ڪارل مارڪس صرف معروض کي ئي حقيقت قرار ڏنو. معروض کان ٻاهر ڪنهن شيءَ جي هئڻ کان انڪار ڪيو. مارڪسزم جا ٽي عنصر آهن. هڪ مارڪسي فلسفو ٻيو سياسي معاشيات ٽيون سائنسي ڪميونزم. مان سمجهان ٿو ڪارل مارڪس جي فلسفي جي انهيءَ نڪتي ۾ جبريت آهي ته مادو ئي ڪائنات جي آخري حقيقت آهي. باقي سياسي معاشيات ۽ سائنسي ڪميونزم اڄ به سائنس جي حيثيت رکن ٿا، پر فلسفي ۾ فتوا صادر ڪري نٿي سگهجي انهيءَ جو اصول ئي اهو آهي ته سوال اٿاري، شڪ اڀاري، سائنس کي فلسفي جي ضرورت هوندي آهي پر فلسفي کي ڏند ڪٿا کان ڌار سائنس ڪندي آهي. تنهن ڪري ڪارل مارڪس تائين جي دور جي سائنس 1880ع تائين واري هئي ان کان پوءِ ميڪس پلانڪ، نيل بوهر، آئنسٽائن، ڪارل سائگان، اسٽيفن هاڪنگ وغيره آيا جن سائنس ۾ انقلاب آندو ان مطابق ڪوائنٽم ٿيوري سوچ جي رخ کي نئون موڙ ڏنو. ڪائنات جي مائڪرو دنيا کي ۽ ميڪرو دنيا کي سمجهڻ جو نئون انڪشاف ٿيو. جنهن ۾ ڪوائنٽم فزڪس جي ڪائنات جي بنياد بابت بنيادي سوال انرجي يا مادو بابت اڻ تڻ ۽ غير يقيني جي دنيا متعارف ڪرائي ٿي. سوال اهو آهي ته ڪٿي انسان خواب جو خواب ته ناهي، يا پاڇي جو پاڇو ته ناهي. ڪٿي مادي وجود نابينا دنيا ته ناهي، ائين ته ناهي ته اکيون انسان کي بينا بجاءِ نابينا ڪن ٿيون. روشني جي دنيا صرف ڪائنات جو هڪ پاسو آهي. باقي پاسا نيستي (Nothingness) ۾ آهن. ڪٿي ائين ته ناهي ته اسان مادي وجود ۾ لڪل آهيون بلڪل ائين جيئن ائٽم ۾ انرجي لڪل آهي. اسان به انرجي جي اهڙي شڪل آهيون جيڪا ظاهري دنيا ۾ نروار ناهي. هميشه اصل وجود لڪل آهي ٿورو غور ڪنداسين ته صوف ميوو آهي، ڪيلو ميوو آهي، انب ميوو آهي پر اصل ميوو ڪٿي لڪل آهي ڇو ته ميوي پاڻ کي انب جي صورت ۾ ظاهر ڪيو آهي. صوف جي صورت ۾ ظاهر ڪيو آهي. پر ميوو انب ۾ لڪل آهي، صوف ۾ لڪل آهي ڪيلي ۾ لڪل آهي. بلڪل ائين مان پاڻ پنهنجي بدن ۾ لڪل آهيان. يا مان ڪٿي نيستي ۾ آهيان صرف بدن تي حڪم پيو هلايان. رسول ميمڻ مختلف فلسفين جا مثال ڏيندي انهيءَ بحث کي نڀائي ٿو.
چوي ٿو:
“مان پاڻ ۾ موجود آهيان” يا “پاڻ مون ۾ موجود آهي.” پر سونهن کان سواءِ ڪجهه نه آهي. سونهن موضوعي آهي. انڪري نيستي آهي. شايد ڪائنات گوتم جو گاڏو آهي. نه پاڻ آهي نه پاڻ اندر پاڻ آهي.”
آخر وجود ڇا آهي؟ سارتر چوي ٿو هڪ خال آهي، نيستي آهي، زندگي نيستي جي وجود ۾ اچڻ جي ڪوشش آهي. انهيءَ خال کي ڀرڻ جي ڪوشش آهي. وجود پهرين پنهنجو سامهون دهشت، موت، ڪراهت، بوريت، ۽ خود فريبي سان ڪري ٿو. پوءِ جوهر ڳولڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. پر ڪو به جوهر ناهي معنيٰ ڪائنات بي معنيٰ آهي. انسان جو سڀ کان وڏو الميو اهو آهي. تنهن ڪري گوتم ٻڌ چيو هو “سروم دکم دکم”
انهيءَ مضمون ۾ رسول ميمڻ آخر ۾ چوي ٿو ته ڪائنات جا منظر منهنجي انڪري مدد نٿا ڪن جو مان نظرين جي تجريد ۾ وڃائجي غير واضح معروض بنجي چڪو آهيان.
بلڪل ائين زندگي پلاٽ ليس ناول آهي. جنهن مان ڪيترائي صفحا ڦاڙِي ڇڏجن يا ڪيترائي ئي ڪردار ڪڍي ڇڏجن ڪو فرق نٿو پوي. اتان صوفي مت جي چڻنگ دکي ٿي. رسول ميمڻ چوي ٿو.
“خدا حقيقت کان مٿانهون ادارڪي معروض ناهي پر تصور آهي. جيڪڏهن خدا کي حقيقت ۾ بيان ڪجي ته بت پرستي ٿي پوندي. تصور ڪنهن به معروض ٺاهڻ کان عاري آهي خدا نيستي جي انتها تي پهچي تصور ۾ عظمت ماڻي ٿو.”
صوفي انهيءَ تصور جي انتها کي حقيقت چوي ٿووجودين وٽ به مطلق حقيقت ۽ نيستي ساڳي ڳالهه آهي. جڏهن ته تصور جي اڏام انهيءَ حقيقت تي نٿي پهچي ٻيو ته مادي دنيا جي ڪنهن به علم سان اسان انهيءَ تصور جو ادراڪ نٿا ڪري سگهون. انهيءَ ڪري شاهه لطيف چيو هو
“جنهن کي جتان پرين پاڻ پسايو، تنهن کي تتان ليئان پائڻ آيا.”
سچل سرمست چيو هو:
مين تان ڪوئي خيال آن
لبسان نال خيال دي.
رسول ميمڻ صاحب جو هڪ ٻيو مضمون خلل (delusion) آهي. جيڪو نفسياتي فلسفو آهي. جيڪو نه صرف معلوماتي آهي بلڪ حقيقت جي فلسفي کي سمجهڻ لاءِ انتهائي ضروري آهي. خلل جي بجاءِ مان ان کي وهم ٿو چوان ڇو ته خلل ۾ ڪيتريون ئي نفسياتي بيماريون اچن ٿيون پر وهم صرف هڪ بيماري آهي. وهم جا ڪيترائي قسم آهن.
Illusion
Delusion
Hallucination
وري انهن جا مختلف قسم آهن.
دنيا جيڪڏهن مايا آهي، تصور جو پاڇو آهي، ته پوءِ اسان هڪ وڏي وهم ۾ مبتلا آهيون. بلڪ مورثي طور شيزوفرينڪ آهيون. اها ئي ڳالهه ايرڪ فراهم ڪئي هئي جيڪا رسول ميمڻ صاحب زير بحث آندي آهي. ته انسان بنيادي طور مورثي چريو آهي. ايرڪ فراهم انهيءَ ڳالهه کي هيئن چئي ٿو . ته” مون کي حيرت انهيءَ ڳالهه جي ناهي ته ماڻهو چريا ڇو ٿا ٿين، بلڪ حيرت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته ماڻهو چريا ڇو نٿا ٿين“اصل ۾ هن فطرت عالم ۾ ڪائنات ڪو مانڊاڻ آهي. ڪو اسرار آهي، جادو آهي ، تصور آهي يا وهم آهي پر ڪا به خبر ناهي. نه جوهر آهي، نه مابعد الطبعاتي سوالن جا جواب آهن. الٽو ماڻهو وکريل فطرت آهي. بلڪ فطرت جي ارتقا ۾ چريائپ آهي، بگاڙ آهي. پر ماڻهو پاڻ کي ڪيئن قابو ڪري ٿو. بلڪ ائين چئجي ته چريو ئي حقيقي فطرت ۾ جيئي ٿو. پر سالم ماڻهوفطرت جو بگاڙ آهي. مان سمجهان ٿو رسول ميمڻ جو اهو سوال پر اثر آهي پر آخر ڪهڙيِ قوت اسان کي سالم رکي ٿي؟. اها قوت رومانويت جي قوت آهي. جيڪا انسان ۽ فطرت کي هڪ ٻئي سان جوڙي ٿي. مان پنهنجي ڪتاب ”نفسياتي اصطلاحن جي آئيني ۾سنڌي سماج“ ۾ انهيءَ تي گهڻو بحث ڪري چڪو آهيان.
پر هڪ ٻيو وجودي فلسفي جو موقف به آهي ته انسان ڪنهن نه ڪنهن ڇپر ڇانو جو سهارو وٺي ٿو. تنهن ڪري سالم رهي ٿو. مثال خدا جو سهارو، مذهب جو سهارو، نظريي يا سياسي پارٽي جو سهارو، يا خاندان جو سهارو. محبت جو سهارو. مظلب ته اهو سهارو جنهن ۾ پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪرڻا پون. بلڪ جبر کي خوشي خوشي برداشت ڪجي يعني غلامي ۾ به وڏي آفيت آهي. نه ته آزادي جو مڪمل اختيار برداشت ڪرڻ ڏکيو آهي بلڪ هڪ وڏي دهشت جو سامهون ڪرڻ آهي. انسان کي سبب ۽ اثر جي بيماري لڳل آهي. هو هر عمل يا واقعي جو سبب ڄاڻي مطمئن ٿي ويندو آهي. اهو سبب ئي فطرت جو جبر آهي. ڪلاسيڪل فزڪس ۾ هر عمل فارمولائيز آهي. پر ڪوائنٽم فزڪس ان جي ابتڙ آهي.
بنيادي طور شعور وڏو مسئلو آهي. رسول ميمڻ انهيءَ سوال کي به اڀاريو آهي ته “انسان جنت ۾ جانور بنجي رهي سگهي ٿو.”
ڇو ته انسان Becoming آهي ڪٿي به رڪجي نٿو . تنهن ڪري سڪون مادي وجود ۾ آهي ئي ڪونه. زندگي جا سڀ ناٽڪ وجود جي دهشت کان بچڻ لاءِ آهن انهيءَ ڪري جنت ۾ صرف نيستي ۾ رهي سگهجي ٿو. تنهن ڪري سچ کي ڳولڻ جو سوال ائين آهي ”جيئن ڪا ماءَ پنهنجي وڃايل ٻار کي ڳوليندي هجي جيڪو کيس ڄائو ئي ڪونهي. شعور اهو ٽانڊو آهي جيڪو دماغ جي چلهه ۾ ٻري ٿو“. جڏهن ڪو مذهبي ماڻهو چوي ٿو ته مادي جي پٺيان ڪجهه آهي. ڪجهه ته آهي جيڪو هن ڪائنات جي پٺيان آهي. ته دراصل اهو ڪفر پيو ڪري ڇو ته جيڪو ڪجهه آهي جيڪڏهن اهو اسان جي ادراڪ ۾ اچي سگهي ٿو ته اهو خدا ناهي. اهو شڪل يا خاصيت ۾ ظاهر ڪرڻ معنيٰ بت پرستي ڪرڻ آهي.
هن ڪتاب جو هڪ موضوع اڳواقعي جون وٿيون آهن. جنهن ۾ ٻولي اندر منطقي طور جملي ۾ لفظن جون اهڙيون وٿيون آهن جيڪي ڪنهن جي هئڻ جو انومان پيدا ڪن ٿيون. مثال حوا دير سان آئي جو ٽريفڪ ۾ ڦاٿل هئي. هن جملي کي جيڪڏهن هيئن لکجي ته ” دير سان آئي جو ٽريفڪ ۾ ڦاٿل هئي“ ته هن جملي ۾ حوا لفظي طور موجود ناهي. پر جملي ۾ وٿي آهي جيڪا ڪنهن جي هئڻ جي خبر ڏي ٿي ڪير آهي اهو لڪل آهي.
مثال: تون ڏاڍو ڀاڳ وارو آهين.
جملي اندر ڪيتريون معنائون لڪل آهن مثال تون ڀاڳ وارو آهين ٻيا نه آهن، تون ڀاڳ وارو آهين مان نه آهيان. تون ڀاڳ وارو آهين جنهن ڪري تو ڪجهه حاصل ڪيو آهي، يا تون ڀاڳ وارو آهين جنهن ڪري مصيبت کان بچي ويئن. مطلب جملي جي اندر معنائن جا ڀنڍار ظاهر ٿي پوندا. جيڪي لڪل آهن. تنهن ڪري ان لڪل شيءَ جي معنا سنسار ۾ موجود آهي. يا وري هيئن به چئي سگهجي ٿو جملي سان گڏ ڪيتريون لڪل ڳالهيون موجود آهن. سنسار به جيڪي ڪجهه ظاهر ڪري ٿو ان کان وڌيڪ لڪائي ٿو. جنهن کي ظاهر ڪرڻ ٻوليءَ جي وس ۾ ناهي.
رسول ميمڻ اهڙن مابعد الطبعات جي موضوعن کي ڇهي اسان کي بحث جو پاسو ڏيکاري ٿو جيڪو فلسفي جي جان آهي.
عام طرح انهيءَ انداز سان سوچڻ جو رخ اسان وٽ قابل قبول ناهي. ڇوته سنڌ ۾ مارڪس وادي سوچ کي آخري سوچ سمجهي فيصلو صادر ڪيو ويو آهي. پر اسان کي هن سوچ لاءِ سائنس جي مدد وٺڻي پوندي. سائنس مادي جي خاصيتن جو علم آهي. ڪائنات جي وسعت ۾ اسان زمان و مڪان ۾ قيد آهيون. اسان جو علم هڪ حد تائين اسان جو ساٿ ڏيئي ٿو. پر جلدي هڪ حيراني پيدا ڪري ٿو. تنهن ڪري برٽرينڊ رسل واري ڳالهه انتهائي اهم آهي ته ” علم جي شروعات حيراني کان شروع ٿئي ٿي، وري علم جي انتها به حيراني تي ٿئي ٿي، پهرين حيراني جهالت واري آهي ٻي حيراني عرفانيت واري آهي“.عرفان جي ان منزل تي پهچي وجدان ٿئي ٿو ته اسان جنهن ٽانڊاڻي کي حقيقت سمجهي جهليو پي اهو جڳهه بدلائي چڪو آهي.
مان سمجهان ٿو هن ڪتاب کي ۽ ڊاڪٽر سڪندر مغل جو ڪتاب “رنگي رنگ بنايا” کي گڏي پڙهڻ گهرجي. هڪ فلسفو ٻيو سائنس جو ڪتاب آهي ٻئي عرفاني حيراني جي منزل تي پهچائن ٿا.