ڪالم / مضمون

لفظن مان جهاتيون پائيندڙ خاڪا

ھي مجموعو ڪتابن تي لکيل اڀياس/مھاڳن ۽ مضمونن جيڪي رسول ميمڻ جي ڪتابن تي لکيل آھن يا وري رسول ميمڻ پاران ٻين جي ڪتابن تي لکيل آھن، رسول ميمڻ جي ھڪ انٽرويو ۽ ڪجهہ تحقيقي مضمونن تي مشتمل آھي. 

  • 4.5/5.0
  • 11
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book لفظن مان جهاتيون پائيندڙ خاڪا

سنڌي ڪهاڻي (1970ع کان 1980ع وارو دور)

ادب، شاعري ۽ سنگتراشي انهن سڀني شعبن تي اها ڳالهه حيرت انگيز طور لاڳو رهي آهي ته اهي جڏهن ڌرتيءَ تي فنڪارن هٿان سرجڻ لڳا ته انهن جي عروج ۾ ڪو اهڙو ڊگهو عرصو نه لڳو پر ڄڻ ابتدا ۾ ئي اهي هڪ اهڙي ڪمال سان همڪنار ٿي ويا جو اهو عروج يا جواني انهن کي مستقبل ۾ جديد دور ڏانهن وڌيڪ نواڻ يا معتبر بنائڻ بدران صرف هڪ پڙاڏيءَ جي صورت ۾ ئي وڃي برقرار رهيو. ڌرتي ڪيتري قديم آهي پر ان جهڙي نئين ڌرتي ڪروڙها صدين ۾ به تخليق ٿي نه سگهي. اها ساڳي ڳالهه چنڊ، سج، هوا، باهه، پاڻي ۽ اهڙين ٻين شين تي لاڳو آهي جيڪي سڀ تخليق ٿيل ۽ ائين ئي عروج تي پهتل آهن جيئن ڪروڙها صدين کان موجود آهن، خود انسان جي صورت، ڌرتي، هوا ۽ پاڻيءَ جيڏي قديم نه هوندي به ڪروڙها سال قديم ضرور آهي.
چون ٿا اسين جاندار، انسان، اسان جا ڀائر جانور ۽ اسان جا سئوٽ وڻ ۽ ٻوٽا مسلسل هڪ ترقي يا ارتقا مان گذرندا آيا آهن پر مان هاڻي ارتقا لفظ کي استعمال ڪرڻ کان ٿورو پاسو ڪري “نسرتا” يا ڪو اهڙو ٻيو لفظ جيڪو اڃان منهنجي ذهن ۾ نه آهي، استعمال ڪندس ڇو جو منهنجو يقين آهي ته انسان جتان مستقبل ڏي سفر ڪرڻ شروع ڪيو هيو ان کي آخر ماضيءَ ڏانهن موٽڻو پوندو. هڪ اهڙي دنيا ڏانهن جتي ڌرتي اوزون جي تهه ۾ ائين ويڙهيل هوندي جيئن ڄمڻ کان اڳ ٻار ماءُ جي پيٽ اندر محفوظ پردي ۾ ويڙهيل هوندو آهي. هڪ اهڙي ڌرتيءَ ڏانهن جتي پيٽرول ۽ سگريٽ جو دونهون نه هوندو. شراب ۽ منشيات واپرائيندڙ مري چڪا هوندا. گهٽ کائيندڙ دل جي بيمارين کان پاڪ، هيڊن ۽ ڪمزور چهرن بدران تازا ۽ مرڪندڙ منهن هوندا. هوا ۾ اڏرندڙ شاپنگ بيگز بدران املتاس جا اڏرندڙ گل هوندا. جيڪڏهن جنگيون لڳيون ته اسان هٿ ايٽم بم ۽ خوفناڪ هٿيارن کان پاڪ هوندا. انهن جون پوشاڪون مختصر هونديون ۽ اهي ڪنهن به بلڊريشر کانسواءِ ڪنهن سرسبز پهاڙ جي ويران غار ۾ ڪنهن ڌاڙيل يا دهشت گرد جي خوف بنا آرام ڪري سگهندا. منهنجي خيال ۾ دنيا جو عروج يا ترقي اها ئي هوندي.
اسين ترقي يافتا يا ترقي پذير نه آهيون پر سچ اهو آهي ته اسين پاڻ کي ۽ دنيا کي تباهه ڪري رهيا آهيون. تاريخ پڙهڻ سان ڪيڏي نه کِل اچي ٿي. انسان جڏهن پٿر مان پهريون چاڪو ٺاهيو ته هن پاڻ کي ترقي يافتا ۽ جديد چيو. هن ان دور کي ترقيءَ جو دور سڏيو. ان کان پوءِ هر دور ۾ اسان پاڻ کي ترقي يافتا ڪوٺيندا آيا آهيون. هر دور ۾ هن پاڻ کي مهذب، ڏاهو ۽ سائنسدان چيو آهي، سو اسين به پنهنجي دور کي ترقيءَ جي حد سڏيون ٿا جيڪا منهنجي خيال ۾ ڪا نئين ڳالهه ڪونهي.
سنڌي ادب ۾ ڪهاڻي ۽ شاعريءَ سان به ساڳي روايت لاڳو آهي. سنڌي شاعريءَ جي ابتدا طاقتور ۽ تخليقي آهي. ٿيڻ ته ائين گهربو هيو جو اهو تخليقي سفر زور ۽ شور سان اڳتي وڌي شاهه لطيف جي شاعريءَ کان به گوءِ کڻي وڃي ها پر اسان کي خبر آهي ته ائين نه ٿيو. شيخ اياز اسان وٽ موجود آهي جيڪو هڪ تمام اهم ۽ عظيم شاعر آهي پر لطيف اوائلي هوندي به اهم آهي ته پوءِ وقت سان گڏ ترقي، سڌاري ۽ ارتقا جا ماپا آخر ڪيڏانهن ويا؟ لطيف وٽ ڪهڙيون لائبريريون يا ٻيا مواصلاتي رابطا هيا. سچ ته اهو آهي جيئن خدا پيغمبرن کي ڌرتيءَ تي موڪليو ائين ئي شاعرن ۽ ٻين تخليقڪارن کي موڪليو. سچن ڪهاڻيڪارن ڌرتيءَ تي اچي ڪهاڻيون ٻڌايون ۽ سنگتراش پٿر ۾ موجود وجودن کي کوٽي ظاهر ڪيو. مائيڪل اينجيليو موسا جي جيئري وجود کي هڪ سنگمرمر جي پٿر اندران کوٽي ڪڍيو هيو ۽ ان سان گفتگو ڪئي هئي. موناليزا جي نظر نه ايندڙ تصوير سڀ کان پهريون ليونارڊو ڊوانچي ڪنواس تي ڏٺي، هن صرف رنگ ڀريا هيا.
جيئن سنڌي ڪهاڻيءَ جي ابتدا زوردار طريقي ٿي ائين ئي سنڌي ڪهاڻيءَ جي ابتدا به تمام شانائتي طريقي سان ٿي. ٻئي عالمي جنگ کان پهريون وارو دور هڪ مطالعاتي دور هيو جنهن ۾ ڪهاڻيءَ جي اهميت بيان ڪئي وئي، ترجما يا ٻاهرين ادب کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ پنهنجي ماحول جو رنگ ڏنو ويو، جنهن کان پوءِ سنڌي ڪهاڻيءَ جا ڪڪر ادب جي اڀ ۾ هر طرف ڇائنجي ويا ۽ ڪردارن جو اهڙو وڏ ڦڙو وسي پيو جو سنڌي ڪهاڻي سرسبز ميدان ۾ تبديل ٿي وئي. دراصل سنڌي ڪهاڻيءَ جي عروج وارو دور ننڍي کنڊ جي ٽٽڻ وارو دور آهي جنهن 1970ع کان پوءِ واري کيپ کي پڻ تيار ڪيو يا ائين چئجي ته 1970ع کان پوءِ واري سرجندڙ ڪهاڻي ان کان پهريون واري دور جو پڙاڏو آهي. اسان کي ون يونٽ کان پوءِ واري ڪهاڻي پنهنجي اڳئين ٽهيءَ کان بي حد متاثر نظر اچي ٿي. ان دور ۾ ڪجهه اهڙا ڪهاڻيڪار به پيدا ٿيا جن هوبهو اڳئين ڪهاڻيڪارن جو لهجو ۽ انداز اختيار ڪيو. امر جليل، موهن ڪلپنا، نسيم کرل ۽ ماڻڪ اهڙا ڪهاڻيڪار آهن جن پاڻ کان پوءِ واري ايندڙ ٽهيءَ تي گهڻو اثر ڇڏيو. خاص ڪري امر جليل جنهن کي مان سڀ کان وڌيڪ مقبول ڪهاڻيڪار چوندس. ان ڪهاڻيڪار جي عام فهم ۽ دلچسپ پر سماج سڌارڪ تحريرن ون يونٽ جي ردعمل ۾ پيدا ٿيندڙ سياسي شعور رکندڙ نوجوانن کي گهڻو متاثر ڪيو، اهو ئي سبب آهي جو 1970ع کان پوءِ واري ٽهيءَ جي شروعاتي سالن ۾ لکيل ڪهاڻيون امر جليل اسٽائيل ۾ لکيل ڪهاڻيون آهن. اڳتي هلي انهن ڪهاڻيڪارن وڌيڪ مطالعي، ڏات ۽ ڏان سان پنهنجو الڳ مقام پيدا ڪيو.
اڄڪلهه اهو بحث هلي رهيو آهي ته “سنڌي ڪهاڻي زوال پذير آهي.” ڪجهه دانشورن ان راءِ جي مخالفت به ڪئي آهي پر مان ٿوري جرئت ڪري چوندس ته سنڌي ڪهاڻيءَ جو زوال 1970ع کان پوءِ شروع ٿي چڪو هيو. 1970ع کان پوءِ وارو دور آهستي آهستي سنڌي ڪهاڻيءَ کي ان جي خاتمي ڏانهن ڌڪي رهيو آهي.
زندگيءَ ۾ سٺي لکڻ جو هڪ دور مقرر آهي. مان سمجهان ٿو اهو دور ڦوهه جوانيءَ وارو دور آهي جيڪو ٽيهن سالن تي اچي ختم ٿئي ٿو، جنهن کان پوءِ ليکڪ صرف مطالعاتي تجربن جي بنياد تي لکي ٿو. ون يونٽ کان پهريون واري ٽهي پنهنجي انهن سالن ۾ گهڻو ڪجهه ڏئي مطالعاتي دور ۾ ٽپي وئي هئي ۽ ون يونٽ کانپوءِ واري ٽهي پنهنجا قيمتي سال نئين واٽ ٺاهڻ بدران پراڻي ٽهيءَ جي انداز کي اختيار ڪرڻ ۾ خرچ ڪري ڇڏيا، جنهن ڪري نوان تجربا بند ٿي ويا ۽ ڪهاڻي اڳتي وڌڻ کان رڪجي وئي. مان ائين نه چوندس ته ڪو ان دور جا سڀ ڪهاڻيڪار ائين ڪرڻ لڳا پر ايترو سو ضرور آهي ته انهن مان ڪجهه پنهنجي واٽ ٺاهي ٿورو اڳتي هليا ئي مس ته رابطي جي ٻين وسيلن جهڙوڪ ٽيليويزن وغيره انهن جي تخليقن کي جاءِ ڏئي انهن جي رجحان ۽ مقصد کي ڦيرائي وڌو. اهو ئي سبب آهي جو 1970ع کان پوءِ وارن ڪهاڻيڪارن جي لسٽ ۾ اهڙا ڪهاڻيڪار گهٽ آهن جن اهڙيون ڪهاڻيون لکيون هجن جن جا نالا کڻي ٻڌائي سگهجي جيئن اسان کان پهريون واري ٽهيءَ جي ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون نالا کڻي ياد ڪيون وينديون آهن.
مون کان هڪ دفعي سوال ڪيو ويو ته “موجوده سنڌي ڪهاڻيءَ جي حيثيت ڇا آهي؟”
مان سوچ ۾ پئجي ويس ته سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريون جي ڀيٽ ۾ لاتعداد رسالا پنهنجي وقت اندر ڇپجي ميدان ۾ اچي رهيا آهن، جن ۾ باقاعدي ڪهاڻيون ۽ شاعري موجود آهي پوءِ اهو ڪهاڻي يا شاعريءَ جو زوال ڪيئن آهي؟ مون کي ياد آهي اڄ کان ويهه پنجويهه سال اڳ نه ته ڪو سنڌي رسالن جي ڇپائيءَ جو معيار هيو ۽ نه ئي وقت تي بازار ۾ ايندا هيا پر پوءِ به انهن ۾ ڇپجندڙ ڪهاڻيون ۽ شاعري دل ۾ نقش ٿي ويندا هيا، پڙهڻ کان پوءِ لڳندو هيو، “ها مان پڙهيو آهي.” اديب هڪ تحريڪ جي صورت ۾ سماج سڌراڪ ۽ شعور ڏيندڙ هيو. رسالي جو مالڪ رسالو ڪڍي ڄڻ پئسن مان هٿ ڌوئي ڇڏيندو هيو. ايڊيٽرن ادب کي ڪڏهن به ڪمائي جو وسيلو نه سمجهيو. اهو ئي سبب هيو جو پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ سياسي ۽ ادبي شعور سنڌ ۾ پيدا ٿيو. ماڻهن ۾ تعليم لاءِ شوق جاڳيو ۽ جمهوريت جون تحريڪون هليون پر اڳتي هلي ادب کي جڏهن شهرت، ٺلهي سياست ۽ ڪمائيءَ جو ذريعو بنايو ويو ته ادب جي حيثيت به هڪ اهڙي ملان وانگر ٿي وئي جنهن جي قول ۽ فعل ۾ تفاوت هوندو آهي ۽ اها سموري جوابداري انهن ايڊيٽرن تي اچي ٿي جن پنهنجي ڪاروباري طرز تي ترتيب ڏنل رسالن کي وقت سر ۽ تڪڙي آڻڻ لاءِ تمام گهڻي ۽ غير معياري مواد جي ضرورت پوي ٿي.
ٽيليوزن ڪنهن قدر ادب جي جاءِ والاري آهي پر ان جي ڪا به حيثيت نه آهي ڇو جو اتي اديب کي هڪ پاليسيءَ موجب لکڻو پوي ٿو. اها ڪنهن اديب کي ڪنهن ٻئي ميڊيا کان سوين دفعا وڌيڪ شهرت ۽ ٿورو گهڻو پئسو بخشي ٿي. جنهن ڪري سنڌي ڪهاڻيڪارن جو رويو تبديل ٿيو آهي. خود منهنجي ٽهيءَ جا سٺا ڪهاڻيڪار پنهنجو وقت ڊرامن کي ڏئي رهيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو روايتي سنڌي ڪهاڻيءَ جي اها حيثيت نه رهي آهي. جيڪي ڪهاڻيون لکيون وڃن ٿيون اهي اهڙيون اثر ڏيکاريندڙ نه آهن جو هڪ پڙهندڙ کي متاثر ڪن. اهو رجحان صرف سنڌ واسين سان نه پر پوري دنيا جي ادب تي لاڳو آهي. ناول ۽ ڪهاڻيون جڏهن ٽي ويءَ تي ڏسڻ لاءِ ملي وڃن ته آخر انهن کي پڙهڻ جو ڪهڙو ضرور آهي؟ جڏهن ته ڪتابن جون قيمتون تمام گهڻيون چڙهيل ۽ عام ماڻهوءَ جي پهچ کان پري آهن. آخر ان مسئلي جو حل ڪهڙو هجڻ گهرجي؟ اسان کي ادب ۽ شاعريءَ کي نئون موڙ ڏيڻ گهرجي جيئن اها حقيقت پسنديءَ مان نڪري تجريد ۽ علامت جو روپ ڌاري سگهي. سحرانگيز حقيقت نگاري يا سرئلزم کي ادب جو حصو بنائڻو پوندو. ادب تڏهن ئي امرتا حاصل ڪري سگهندو جڏهن ان کي بدلائي نئون روپ نه ڏنو ويندو. پڙهڻ جي اهميت تڏهن ئي برقرار رهي سگهندي جڏهن تخليق ڪتابن ۾ محفوظ رهي سگهندي. ٽي ويءَ تي ان جي عڪسبندي آسان نه هوندي.
مان ڪجهه ڏينهن اڳ هيمنگوي جي ناول “پوڙهو ۽ سمنڊ” تي ٺاهيل فلم ڏٺي، ٿوري دير کان پوءِ اٿيس ۽ ٽي وي بند ڪري ڇڏي ڇو جو منهنجين نظرن ۾ ان ناول جو اميج خراب ٿي رهيو هيو. فلم ڏسندي مون محسوس ڪيو تجريد، علامت، سريئلزم يا سحرانگيز حقيقت نگاريءَ کي ڪڏهن به ڪيميرا جي اک قيد ڪري نه ٿي سگهي. ڪيميرا لاءِ اهو ناممڪن هيو ته سمنڊ جي وچ ۾ ٻيڙيءَ تي ويٺل اڪيلي پوڙهي جي ڪردار تي ڪا اهڙي فلم بندي ڪري جو اها ناول جي معيار کي ڇهي سگهي، جنهن ڪري فلم بور ڪندڙ هئي، جڏهن ته اهو ناول دنيا جي عظيم ناولن مان هڪ آهي.
اسين پنهنجن ناولن کي وضاحتي ادب کان هٽائي علامتي طريقي سان لکي امر بنائي سگهون ٿا ۽ ائين ئي ڪهاڻيءَ جي حيثيت برقرار رهندي.
1970ع کان 1980ع واري دور ۾ اڀري آيل ڪهاڻيڪارن تي جڏهن نظر ڪبي ته اسان کي ان ٽهيءَ ۾ ڪيترائي معتبر ۽ فن سان نوازيل ڪهاڻيڪار نظر ايندا. انهن مان ڪيترن وٽ پنهنجو معتبر ۽ منفرد اسلوب ۽ انداز آهي. مان ان ڏهاڪي کي وري ٻن حصن ۾ ورهائيندس. هڪڙا اهي ڪهاڻيڪار جيڪي ون يونٽ کان پوءِ هڪدم اڀري سامهون آيا ۽ ٻين ڪجهه عرصو پوءِ لکڻ شروع ڪيو. ممتاز مهر، ساحر پريمي، رفيق سومرو، سليم ڪورائي، خالد سنڌي، قبول ابڙو ۽ ليکڪائن مان خيرالنساءِ جعفري، تنوير جوڻيجو، تبسم مهتاب قريشي، ليلا بانا شامل آهن. ان دور ۾ ڪهاڻي گهڻو ڪري مطالعاتي ادب جي زير اثر رهي. جنهن ۾ قومي مسئلن سان گڏ جنس (Sex) تي به گهڻو ڪجهه لکيو ويو. سليم ڪورائي ۽ قبول ابڙي جا موضوع جنسي مسئلا رهيا. جڏهن ته ليکڪائن مان اسان وٽ خيرالسناءِ جعفري جون لکڻيون تمام گهڻو مقبول رهيون ۽ هوءَ هڪ وڏي ڪهاڻيڪاره جي حيثيت ۾ اڀري سامهون آئي پر هن جي تنقيدنگار هئڻ واري حيثيت سندس ڪهاڻين کان مٿائين آهي.
رفيق سومرو اڄڪلهه نه لکي رهيو آهي. هن لکڻ ان وقت ڇڏيو جڏهن پنهنجي انفراديت کي ڳولهي لڌو. سندس آخري ڪهاڻيون منفرد ۽ وڻندڙ آهن جن ۾ سندس پنهنجو اسلوب ۽ انداز آهي. ان ئي دور ۾ بيدل مسرور ۽ ساحر پريمي گهٽ پر سٺو لکيو آهي. ان ئي ڏهاڪي جي پوئين دور ۾ جيڪي ڪهاڻيڪار شامل آهن تن ۾ رزاق مهر، ڪيهر شوڪت، زيب سنڌي، طارق عالم ابڙو، بدر ابڙو، فقير محمد لاشاري، بادل جمالي، ملڪ آگاڻي، خليل قاضي، غلام نبي سومرو، محمود مغل، اشفاق انصاري، سليم چنا، عابد مظهر، اخلاق انصاري، رحمان جافرادي، مشتاق ڪاملاڻي، محمد دائود بلوچ، نظير شورو، ظفر عباسي، انور جوکيو، آفتاب نظاماڻي ۽ ٻيا سنڌي ٻوليءَ جا اهي شاعر جن ڪهاڻيون پڻ لکيون، جن ۾ شرجيل، فتاح عابد، ادل سومرو، اياز گل، نور گهلو ۽ ٻيا شامل آهن.
رزاق مهر ۽ ڪيهر شوڪت جي ڪهاڻين کي سنڌي ادب ۾ اهميت حاصل آهي پر اهي اڄڪلهه پنهنجو وقت ٽي وي ڊرامن کي ڏئي رهيا آهن ۽ انهن ڊرامن جي حوالي سان گهڻي شهرت حاصل ڪئي آهي. زيب سنڌي ۽ طارق عالم ابڙي ڪهاڻين سان گڏ خوبصورت شاعري پڻ ڪئي آهي. زيب جي شاعري ان جي ڪهاڻين کان سٺي آهي، جڏهن ته طارق عالم بهترين ناول نگار، سٺو ڪهاڻيڪار ۽ چڱو شاعر آهي. انهن ٻنهي نوجوانن جا ڊراما ٽي ويءَ تان گهڻا مقبول ٿيا آهن.
بدر ابڙو ۽ فقير محمد لاشاري ڪهاڻيڪار هجڻ سان گڏ صحافت سان به لاڳاپيل آهن. اهڙن ئي نوجوانن ڪري ادبي صحافت جو بنياد پيو ۽ اخبارن ۾ جتي صرف سياست هوندي هئي، ادب کي پڻ اهميت حاصل ٿي.
بادل جماليءَ جون ڪهاڻيون ڳوٺاڻن مسئلن تي لکيل آهن. هو نسيم کرل کان متاثر نظر اچي ٿو. خليل قاضي ۽ غلام نبي سومرو کي پڙهي ڪو به متاثر ٿيڻ کان رهي نه ٿو سگهي. انهن لکڻ جو آغاز ئي ڪجهه اهڙي طريقي ڪيو جو يقين ئي نه ٿي آيو ته ڪو اهي نوان ڪهاڻيڪار آهن. ائين ٿي محسوس ٿيو جيئن انهن پنهنجيون صرف ٻه ڪهاڻيون شايع ڪرايون ۽ ٻيون سڀ ڪهاڻيون ساڙي ڇڏيون هجن ۽ پوءِ لکڻ ڇڏي ڏنو هجي. ان ٽهيءَ جا باقي دوست ڪڏهن رسالن ۾ نظر اچن پيا.
ليکڪائن مان ان دور جي حوالي سان نورالهديٰ شاهه پنهنجي عروج تي نظر اچي ٿي. هن کي هڪ ئي وقت ڪهاڻي، شاعري ۽ ڊرامي تي عبور حاصل آهي.
دوستو هنن ڪانفرنسن ۽ گڏجاڻين جي اهميت ميل ملاقات کانسواءِ ڪجهه نه هوندي آهي ۽ اها ئي هوندي آهي ته هڪ ٻئي کي ياد ڪيو وڃي. جيڪي وسري ويا آهن انهن کي وري ذهن ۾ آندو وڃي، انهن کي سامهون ڏٺو وڃي. مان آخر ۾ ڪهاڻيڪارن خاص ڪري پنهنجي ٽهيءَ جي ڪهاڻيڪارن کي ايترو ضرور چوندس ته هڪ دفعو وري ساڳي جوش ۽ جذبي سان ڪهاڻي کيتر ڏانهن موٽي اچن. تخليقي ادب کي پڻ وقت ڏين ۽ ڪهاڻيءَ جي ڪرندڙ معيار کي ٿورو سهارو ڏيڻ.



1993ع ۾ سنڌي ادبي سنگت مرڪز پاران خيرپور ۾ منعقد ڪيل ڪهاڻي ڪانفرنس ۾ پڙهيل مقالو. اها ڪانفرنس ادل سومري جي ڪاوشن سان منعقد ٿي. جڏهن پاڻ سنڌي ادبي سنگت جا مرڪزي سيڪريٽري جنرل هيا.
ڪهاڻيءَ کي ٽن دورن ۾ ورهايو ويو هيو، مون کي 1970ع کان 1980ع وارو دور ڏنو ويو. جن اديبن جا نالا هن مقالي ۾ نه آهن. انهن جو ذڪر ٻين ٻن دورن جو ٿيل آهي.
ان ڪانفرنس جي صدارت محترم عبدالقادر جوڻيجي ڪئي جڏهن ته مان خاص مهمان هيس. اها ساڳي ڪانفرنس هئي جنهن ۾ جوڻيجي صاحب خطاب ڪندي پنهنجو مشهور جملو چيو هو ته
“سنڌي ڪهاڻيءَ کي گولي لڳي آهي ۽ اها ختم ٿي چڪي.”