رسول ميمڻ کان انٽرويو
اوهان جو ننڍپڻ، اباڻو شهر، شروعاتي زندگي، انهيءَ باري ۾ ڄاڻڻ چاهينداسين.
مان سمجهان ٿو ته دوستن کي خبر هوندي ته منهنجو تعلق سکر سان آهي. سکر شهر سان.... سکر شهر ۾ ئي مون بنيادي تعليم حاصل ڪئي. هاءِ اسڪول جي تعليم به اتان ئي حاصل ڪئي. ايم بي بي ايس مون لاڙڪاڻي مان ڪئي. ان کانپوءِ پوسٽ گريجوئيشن ڪئي پيٿالاجيءَ ۾.
لکڻ جي شروعات مون ڪئي 1969ع ۾. انھيءَ سالِ مون هِڪڙي ڪھاڻي لکي. اُها ڪھاڻي دوستن کي سُٺي به لڳي، پَر وري جڏهن ڪجهه ڏينهن کانپوءِ انهيءَ کي پڙهيم، ته مون کي اها ڪھاڻي نه وڻي. مون انهيءَ کي ڦاڙي ڊسٽ بن ۾ وجهي ڇڏيو. مون ڏاڍي اسٽڊي ڪئي پوءِ. منهنجو گهڻو جيڪو وقت گذرندو هُيو، اهو سکر جي مير معصوم شاهه لئبريريءَ ۾ گذرندو هيو. اسڪول مان ٿي، مان سِڌو لئبريريءَ ۾ هليو ويندو هيس. ان لئبريريءَ ۾ جيڪا ڪتابن جي سليڪشن هئي، اها تمام سٺي سليڪشن هئي. سائين غلام مُرتضيٰ شاهه لئبريريءَ جو انچارج هوندو هيو، جنھن اسان کي ٻُڌايو ته، هِنَ لئبريريءَ لاءِ ڪتابن جي سليڪشن شيخ اياز صاحب پاڻ ڪئي آهي. اُتي جيڪو ڪجهه مون پڙهيو، ان پڙهڻ مون کي ايڏو متاثر ڪيو، جو اُنَ مون کي هِڪڙي راهَه ڏني. ڇاهي جو، ڏسو نه..... چوڏهن سالن جي عُمر هِڪَ اهڙي عمر آ، جيئن تَپيل لوهُه هجي.... ڌَڪُ هڻوس ته جاڏي چاهيو، اوڏهين مُڙي پوي... 1969ع ۾ مان هُيم چوڏهن سالن جو.... ٽالسٽاءِ کي مُون اُتي پڙهيو، مئڪسم گورڪيءَ کي پڙهيو.... ڇو جو رَشين لٽريچر انھن ڏينھن ۾ ڏاڍو عام هوندو هيو. ڪتابَ مارڪيٽ ۾ ملندا هئا. هر هنڌ اهو لٽريچر مُهيا هوندو هيو...
انهن ڏينهن ۾ گهڻو رشين لٽريچر اردوءَ جي معرفت سنڌيءَ ۾ ترجمو به ٿيو...
گهڻو ڪري اُهو ادب اردوءَ ۾ هوندو هيو. سوويت يونين جي سپورٽ هوندي هئي اُنَ کي. سفارت خانو هوندو هُيو، انھيءَ ۾ ادب جا سيڪشن هوندا هئا. سنڌي سيڪشن به انھيءَ ۾ هُيو، ڪجهه عرصو.... ايڏا زبردست ۽ سستا ڪتابَ انھن ڏنا، جو اسان جي نوجوانَ کي هَڻِي، هِڪڙي راهَه تي موڙي وڌئون. هڪڙي پُوري ٽھيءَ انھن ڪتابن مان پنھنجي راهه ٺاهي.... ٽالسٽاءِ مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو. هُو فقير.... صوفي طبيعت جو هڪڙو اديب آ.... ان جي هڪڙي ڪھاڻي مون پڙهي. منھنجي دماغ ۾ اهڙي ويھجي وئي، جو مان لئبريريءَ کان هليم ته گهر پھچڻ تائين، ڄڻ ته مدهوش لڳو پيو هيس... پوءِ مون جيڪا شروعات ڪئي لکڻ جي، اُنَ ۾ مون جيڪي ڪھاڻيون لکيون، اهي Descriptive .... وضاحتي.... بيانيه قسم جي Formation ۾ هيون. اهي ڪھاڻيون ”امن جي نالي“ ڪتاب ۾ آهن، جيڪو 1976ع ۾ شايع ٿيو. ان ڪتابَ کي، اُنَ وقت، ماڻھن ڏاڍو appreciate به ڪيو. پَر پوءِ وري مون جڏهن، ٻيو به عالمي ادب پڙهيو، خاص ڪري سائوٿ آمريڪن لٽريچر، ته مون چيو، ته ادب ته آهي ئي ٻي شيءِ..... ۽ ادب جو اهو به فارميٽ آهي. جيڪا عالمي Criticism آ، انھيءَ ۾ انھيءَ Descriptive ادب جي گنجائش ناهي....
پاڻ وٽ جيڪي ڪهاڻيون، نظرين (خاص ڪري قومپرستيءَ) جي لهر ۾ لکيون ويون، اهي ته وقت جي وهڪري ۾ لُڙهي ويون...
هن وقت به اسان انھيءَ Stream مان نڪري ناهيون سگهيا. جيڪڏهن حوالا (References) ڪٿي آهن، ته اُهي انھن ڪھاڻين جا آهن. جيڪا جديديت آ، ماڊرنزم آ، پوسٽ ماڊرنزم آ ۽ ان سان لاڳاپيل جيڪي جُزا (Ingredients) آهن، اُهي انھن ڪھاڻين ۾ اسان کي نظر نه ٿا اچن. سواءِ هِڪَ ٻن اديبن جي، جن کي ان وقت قبول ئي ڪو نه ڪيو ويو....
نالا کڻڻ چاهيندؤ انهن جا...
مان توهان کي ٻُڌايان.... ماڻڪ جيئن هُيو. هُنَ وٽ اهي سَڀُ Factors هُيا. پَر اُنَ کي ايڏي اهميت نه ڏني وئي. مان توهان کي ٻڌايان... حليم بروهيءَ جو ناول ”اوڙاهه“ 1975ع ۾ مون پڙهيو. مون چيو، هِنَ وٽ ته زبردست فارميٽ آ.... ”اوڙاهه“ جو پنجويهه ٽيهه سال ڪٿي ذڪر ئي ڪو نه هيو. هاڻي وڃي Realization ٿي آ، ته يار! هي به ته ناول آهي... هي به ته زبردست قسم جو ناول آ.... حليم بروهيءَ کي ان وقت، اهو مقام، ڪنهن نه ڏنو... ڇو جو، اسان وَٽِ، جيڪڏهن شاعريءَ ۾، جيڪڏهن ڪھاڻيءَ ۾، جيڪڏهن ناول ۾، جذباتي طريقي سان، قومپرستي موجود نه هوندي هئي، ته انھيءَ ادب کي Condemn ڪيو ويندو هيو. اسان جا Semi Socialist دانشور، جيڪي ان وقت هيا، جيڪي چوندا هيا ته، اسان جي ڪميونزم تي هڪڙي گرفت آ، سچُ ٻڌايانوَ ته، انھن کي ڪميونزم ۽ سوشلزم جي خبر ئي ڪو نه هئي. صرف ڪجهه سطحي مضمونَ پڙهي، قومَ کي وٺي وڃڻ پئي چاهيئون، ان راهَه ڏي، جنھن راهَه جي کين صحيح خبر ئي ڪو نه هئي ته، اسان هنن کي ڪاڏي ٿا پيا وٺي وڃئون؟!.... حقيقت اِها آهي.... سو اُهي پنھنجن جلسن ۾ اديبن تي تنقيد ڪندا هئا، ”يار! هُو ڦلاڻو اديب ته ڏس، ناول لکيو ٿئين؟! انھيءَ ناول کي مان چُلھي جي باهه ۾ وجهي ساڙي ڇڏيان“.... جيڪڏهن ڪو اديب هَٽندو هُيو، انھيءَ Track کان، ته ائين چيو ويندو هيو. جيڪا هڪ وڏي ٽريجڊي هئي. اسان جي پُوري ٽھي انھيءَ ۾ Involve ٿي نظر اچي ۽ انھيءَ ۾ اسان جا وڏا ڪريئيٽيو رائيٽر به موجود آهن. سنڌ ۾، اسان جو ادب انھيءَ Track تي هليو آ. افسوس جھڙي ڳالهه آهي ته، جتي دُنيا ۾، شاهه لطيف جي ڏينھن ۾ روس ۾ گوگول ٿو پيدا ٿئي ۽ اهو “Dead Soul”ٿو لکي، اهو توهان پڙهي ته ڏِسو...... گهڻا سئو سالَ ؟!...چار سئو سال پھريون..... ان جو ناول پڙهي ته ڏسو. اُنَ دؤرَ جا ناوِلَ ته پڙهي ڏسو. سوشلزم جو ڪو تصور ئي نه آيو هو ان وقت ۾.... انھن ۾ جيڪي ماڊرن ادبَ جا Ingredients آهن، اهي نظر ٿا اچن، چار سؤ سالَ پھريون به .... اسان جي ناوِلَ، اسان جي ڪھاڻيءَ جي عمر گهڻي آ؟!.... هڪ سؤ سال .... 2007ع ۾، منھنجي خيالَ ۾ هڪ سؤ سالَ پورا ٿيا، شارٽ اسٽوريءَ کي.... ناول ته ڪلھه جي ڳالهه آ.
ورهاڱي کان ٿورو اڳ ۾ ...
ورهاڱي کان ٿورو اڳ ۾ جي ڳالھه آ.... پَر اهي ناولَ وري اهڙا لکيا ويا.....
بيانيه اندازَ ۾ ...
سٺو بيانيه انداز هيو. هلو ٺيڪ آ، هِڪڙو بُنياد انھن رکيو. اها تمام سُٺي ڳالھه آ. پَر اسان پنج هزار سالَ پُراڻي قومَ آهيون. وري سوچيون ٿا ته اسان جي ناوَلَ، اسان جي ڪھاڻيءَ جي عُمر صرف هڪ سؤ سالَ..... عجيب ٿو پيو لڳي ڏاڍو. ايڏا ڏينھنَ، هي جيڪو دؤر هليو، دنيا ۾ سڀ ڪجهه لکيو پئي ويو، دُنيا پڙهي رهي هئي، ته اسان ڪاٿي هياسي؟ ڏاڍي اِها افسوس جي ڳالھه آ. پَر هاڻي، ڪجهه نوجوان اهڙا آهن، جن انھيءَ Track کي تبديل ڪيو آ. هاڻي هِڪڙو نئون Trend شروع ٿيو آ ۽ اهو نئون Trend اسان جي لاءِ تمام گهڻو ضرور آهي، ڇو جو جيستائين اسان جو ادب، جيڪو Modern Criticism تي پورو اچي، اهو نه لکيو ويندو، تيستائين اسان دنيا ۾ Introduce ٿي نه ٿا سگهئون.
اوهان پنهنجي ڪهاڻيءَ ۾ بيانيه انداز کان اڳتي ايندي علامت نگاري، سرريئلزم، يا ميجيڪل ريئلزم واري انداز ۾ لکندي، ڪهڙن عالمي ڪهاڻيڪارن مان Inspiration ورتي؟
علامت نگاري، سحرانگيز حقيقت نگاري، ميجيڪل ريئلزم..... انھيءَ جي تاريخ تمام پُراڻي آهي. حضرت عيسيٰ کان به پھريان جي آ. جڏهن ميٿالاجي آ. جڏهن يونان جون ڏند ڪٿائون آهن. ڏند ڪٿائن کان شروعات ٿي ٿئي. هر شيءِ.... اسان جو عقيدو، يونانين جو عقيدو، رومين جو عقيدو.... انھن جو بنيادُ ڏند ڪٿائي آهي..... ۽ ميجيڪل ريئلزم به اتان ئي ٿي شروع ٿئي ۽ جيڪا هلندي اچي مون کي سائوٿ آمريڪن ليکڪن جي لکڻين ۾ نظر آئي. انھن جي ناولن ۾ نظر آئي. انھيءَ جو وڏي ۾ وڏو ريفرنس اَٿَوَ گارشيا مارڪئيز. گارشيا مارڪئيز کي مون پڙهيو ۽ ٻه ٽي ٻيا به ليکڪ آهن. انھيءَ کانپوءِ اسان وٽ ڪافڪا آهي. مون ڪاميو کي پڙهيو. ڪاميو کانپوءِ جيمس جوائس آ.... اِهي جيڪي يورپين رائيٽر آهن، انھن وٽ به هڪڙو منفرد انداز هيو. جن ادب کي هڪڙو نئون Track ڏنو، وجوديت جي صورت ۾. وجوديت کي ڳولي لڌائون ۽ جيڪو بيانه طريقو هيو، هلندو پئي آيو، انھيءَ کي هنن هڪڙو نئون موڙ ڏنو ۽ وري سائوٿ آمريڪن لٽريچر جيڪو اُتي پروڊيوس ٿيو، اتان جي اديبن اُن ۾ اهڙي ته ميجيڪل ريئلزم ۽ هڪڙو سحر وجهي ڇڏيو، جو پڙهندڙ صفا گرفتار ٿي ويو ان ۾.
توهان جي ڪهاڻين ۽ ناولن ۾ جيڪو جادو سمايل آهي، ان جي تخليق وقت توهان جي پنهنجي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
هڪڙو انگريزيءَ ٽَرم آهي “Depersonalization”
پنهنجي جسمَ کي وساري ڇڏڻ...
پنهنجي جسم مان نڪري، پرواز ڪرڻ. اها ڏات آ. اها ڏات ماڻهوءَ ۾ يا ته Genetically موجود آ، ان جي جِين ۾ آ.... يا وري، ڪجهه سائوٿ آمريڪن ليکڪ Depersonalizationجي اسٽيٽ ۾ وڃڻ جي لاءِ Drugs استعمال ڪندا هئا. اهي لکڻ کان پھريان اهڙا Drugs وٺندا هئا، جو پنھنجي جسم مان نڪري اڏام ڪندا هئا ۽ پوءِ وري جڏهن واپس موٽندا هئا پنھنجي اوريجنل اسٽيٽ ۾، ته حيران ٿي ويندا هئا، ته يار! اِهو ته منھنجو لکيل ئي ڪونھي ڪو.... هڪڙي اهڙي اسٽيٽ به آهي، عدم دنيا جي اسٽيٽ آهي. پوءِ جيڪو اُها ماڻي سگهي. مون جڏهن ناول ”قالو بلا“ لکيو، ته ان وقت مون سان اها اسٽيٽ هئي. مان توهان کي ٻُڌايان ته مان ننڍڙو هوندو هيس، پرائمري اسڪول ۾ پڙهندو هيس، ته انھن ڏينھن ۾ سکر جھڙي شھر ۾ به لائيٽ نه هوندي هئي. بجلي نه هوندي هئي. اسان گاسليٽ واريون هٿ بَتيون ٻاري رکندا هئاسي جارن ۾. انڌيريون ڪوٺيون هونديون هيون، جن ۾ سڀ سمھندا هئاسي. ڀتين تي پاڇا ٺھندا هئا..... سو، منھنجي ماءُ ڪھاڻيون ٻُڌائيندي هئي. مان ڏسندو هيس ته هوءَ جن ڪردارن کي Describe ڪندي هئي، مان انھن ڪردارن ۾ شامل ٿيندو ويندو هيس. مان ڏٺو ته، مان انھن ڪردارن سان گڏ گهمي رهيو هيس. مون ۾ ڪا طاقت هئي ان وقت به، جو انھن ڪردارن ۾ شامل پئي ٿيندو ويس. منھنجي امڙ ۽ منھنجي ڏاڏي جو ڀاءُ زوار احمد، ڳوٺان ايندو هُيو، اهو به اسان کي ڪھاڻيون ٻڌائيندو هُيو.
جنهن کي توهان پنهنجو هڪ ڪتابُ به ارپيو آهي...
ها، بلڪل.... انھن ڏينھن ۾ نه ٽي وي هوندي هئي ۽ نه ڪي ٻيون سھولتون. اسان جي لاءِ Entertainment اها هوندي هئي ته رات جو سمھڻ کان پھريان هڪڙي ڪھاڻي ٻُڌڻي آ. زوار ٻِيڙيون ڏاڍيون پئيندو هو. هُو ذاڪِرُ هوندو هُيو. سُوٽو هڻي سگريٽ جو دونھون جو ڇڏيندو هيو، ته ان جي دونھين ۾ به شڪليون ٺھنديون وينديون هيون. ديوَ، پريون، اپسرائون، اسان کي نظر اينديون هُيون، ڄڻ اسان جي سامھون اڏامن ٿيون. (کلندي).
اوهان جي گهرَ جي ڏاڪڻ جي هُريءَ ۾ جيڪا صندوق رکيل هوندي هئي، جنهن ۾ اوهان لِکي ، رکندا ويندا هيئو. اُها صندوق اڃان آهي؟
(ٿڌو ساهُه ايندي) صندوق اها گم ٿي وئي. زندگيءَ ۾ مان.... خانه بدوش جنھن کي چئجي، صفا ائين رهيو آهيان....
پنهنجين نوڪريُن جي حوالي سان؟!
نوڪريءَ جي حوالي سان مان سنڌ حڪومت ۾ رهيس. سڄي زندگيءَ، ڪڏهن لاڙڪاڻو، ڪڏهن سکر، ڪڏهن شڪارپور، ڪڏهن سائين! ڪراچيءَ، وري هيڏي ٿرپارڪر واري پاسي ڏي..... سو، ٽين ۽ ڊَٻا پاڻ سان گڏ هوندا هيا.... پوءِ جڏهن مان شفٽ ٿيندو هيم نه، ته مون کان گهڻيون شيون رهجي وينديون هيون. منھنجا ڪتاب گم ٿي ويندا هيا. صندوق، جيڪا اوهان ياد ڏياري، هڪ دفعي مينھن وسيو ته پاڻي اندر هليو ويو. منھنجو شاعريءَ جو پُورو هڪڙو ڪتابُ هيو.... مان لکندو آهيان فائونٽين پين سان، مَسُ واري پين سان..... بال پين مان هاڻي به استعمال نه ڪندو آهيان..... اهو سڄو ڪتابُ، وڃي جو ڏسان ته Washout ٿي ويو آ.... سو، اها صندوق بلڪل هوندي هئي، جنھن ۾ مان پنھنجو سمورو Material رکندو هيس. اها صندوق الاهي پُراڻي هئي، اسان جي ڪا خانداني صندوق هئي. اسان جو گهر هوندو هُيو، سکر جي گلستان گهٽيءَ ۾. وڏو گهر هوندو هيو. ڪچو گهر هُيو، پر هُيو ٻَه ٽي ماڙ.... مٿي به ٺھيل هوندو هيو. مٿي رڳو اوندهه ئي اوندهه هوندي هئي. ڪوٺي ڪوٺيءَ ۾.... صندوق به اوندهه ۾ پئي هوندي هئي. مان وڃي اُها صندوق کولي ويھندو هيس. ان ۾ وڏڙن جا ڪي ڪتابَ ۽ رسالا به پيل هوندا هئا. اهي به کولي ويھي پڙهندو هيس ۽ پوءِ ان ۾ پنھنجون ڪھاڻيون، ڪجهه Creations به رکندو ويندو هيس.....
هڪڙو ڪتابُ اوهان جي شاعريءَ جو ڌوپجي ويو. پَر هڪڙو ڪتابُ ڇپيو به “اوشا جي آشا”... ان کانپوءِ اوهان شاعريءَ کي مستقل اڳتي ڇو ڪو نه وڌايو؟
شاهه لطيف.... هيڏو وڏو جبل..... سائين! حيرت انگيز ڳالهه آ.... ڏسو! هر شيءِ Stepwise مَٿي ويندي آ نَه.... مَٿي پھاڙيءَ ڏي. اسان جڏهن هوش ۾ آياسي ۽ شاهه لطيف پڙهيوسي ته جبل نظر آيو. بابا! Steps ڪا ڏي ويا؟ اهو جبل ڪيئن ٺھيو؟ جَبَل جي ٺھڻ جي پويان ڪجهه نظر ئي ڪو نه ٿو اچي. All of Sudden هڪڙو پھاڙ نظر آيو. ٺيڪ آ سائين؟!.... ايازُ..... زبردست..... لطيف سان ذري گَهٽِ ڪُلھو ڪلھي ۾ ملائي بيٺل شاعر آ.... ان کانپوءِ ٻيا به .... اهڙي دؤر ۾، انھن جي هوندي، پاڻ کي شاعريءَ ۾ Establish ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو مون کي نظر آيو. مون ته پابند شاعري ٿورڙي ڪري، ڇڏي ڏني. اياز جو اثر هُيو. اياز سان گڏ ڪچهريون ٿينديون هيون. سکر ۾، سنڌي ادبي سنگت ۾ ايندو هيو.
سنڌي ادبي سنگت سکر، شيخ اياز، رشيد ڀٽي ۽ ان دؤر جا ٻيا اوهان جا همعصر دوستَ... انهن کي ٿورو ياد ڪيون...
سنڌي ادبي سنگت ۾ مون 1974ع ۾ وڃڻ شروع ڪيو. ان وقت اسان بلڪل نوجوان هُياسي. سکر ۾ هڪڙو مشاعرو ٿيو هو، انھن ڏينھن ۾.... ”ڪل سنڌ مشاعرو“ هيو. شيخ اياز صاحب ان جي صدارت ڪئي. پير حسام الدين راشدي صاحب انھيءَ جو خاص مھمان هيو. ان مشاعري ۾ اسان نوجوانن پھريون دفعو پنھنجي شاعري پڙهي. جنھن ۾ ادل سومرو هُيو، اياز گل هُيو. مون به شاعري پڙهي. ان کانپوءِ باقاعدي جيڪي گڏجاڻيون ٿينديون هيون سنڌي ادبي سنگت جون، اُهي رشيد ڀٽي صاحب جي آفيس ۾، سکر جي جاگيراڻي محلي ۾ ٿينديون هيون. اتي هر هفتي وڃڻ ٿيندو هيو. ڀٽي صاحب ڏاڍو هڪڙو Competent، زبردست Intelligent ماڻھو.... وڏو وڪيل هُيو. هُنَ جا پنھنجا جيڪي اَصيلَ ايندا هئا، انھن کي ٻاهر ويھاريندو هيو. بابا! اندر سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي ٿي هلي.... اسان نوجوانن سان ويٺو هوندو هيو. ڪچهري هلندي هئي. تنقيد ٿيندي هئي. مان اُتي پنھنجيون ڪھاڻيون پڙهندو هيم، اسان جا دوست اتي پنھنجي شاعري پڙهندا هئا....
انهيءَ دؤرَ ۾ اوهان پابند شاعري به جام ڪئي ۽ هڪ نئين صف ”نولکا“ پڻ متعارف ڪرائي...
”نولکا“.... مون سنڌيءَ شاعريءَ ۾ هڪ نئين صنف Introduce ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي.... يا وري ”ڏيکارو“.... جنھن ۾ صرف هڪڙو منظر هجي.... اياز صاحب، سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻيءَ ۾ بنان اطلاع ڏيڻ جي، اوچتو هليو ايندو هيو. اياز صاحب جي Personality ۾، ان جي شخصيت ۾، هڪڙي دهشت هئي. هُو جڏهن ويھندو هو اچي، ته سَڀُ alert ۽ خاموش ٿي ٻڌاندا هئا، ته هِنَ کانپوءِ ڀلا ڪيرُ ڳالھائيندو؟! اياز صاحبُ ٻڌندو هُيو. نوجوانن جي شاعري ٻُڌي، ان کانپوءِ وَٺي غور سان پڙهندو هيو. وري پَين ڪڍي Corrections ڪري لکي ڏيندو هو. بابا! هي غلط آ، هي صحيح آ. هي هيئن هجڻ گهرجي.... اُنَ جا هَٿَ اکر مان سمجهان، دوستن وٽ محفوظ هوندا....
شاعريءَ ۽ ڪهاڻين کانپوءِ ناول طرف ڪيئن آيئُو؟ خاص ڪري تاريخي شعُور جيڪو اوتيو ٿا پنهنجن ناولن ۾ ... ان متعلق ڪجھه ٻڌايو...
هاڻي، جيڪا مون ڪھاڻي لِکي نَه.... اها لکڻ جي Practice ڪئي، ته جيئن منھنجو Tempo يا رِڌم جيڪو آهي، اُهو ٺھي ۽ مان ناول لکي سگهان. ناول مون پنھنجي ابتدائي دؤر ۾ ناهي لکيو. اهو مون وڃي 2007ع ۾ لکيو آهي. ناول جيڪو مون لکيو، ان ۾ مون realize ڪيو.... هاڻي سنڌيءَ ۾ جيڪي ناول لکيا ٿا پيا وڃن.... ٺيڪ آ پنھنجو هِڪڙو بُنياد هُنن فراهم ڪيو. پَر ناول لکڻ جو هڪڙو طريقو ٻيو به آهي، جيڪو بين الاقوامي سطح تي رائج آهي. مون پنھنجو پھريون پھريون ناول ”نجومي“ لکيو. هِن ناول ۾ ستٽيھه ننڍيون ننڍيون ڪھاڻيون آهن. انھيءَ ۾ نجوميءَ جو طوطو، رُقعو يا ڪاغذ جڏهن کولي ٿو، ته انھيءَ ۾ هڪڙو شعر آ، اهو ان ماڻھوءَ جي قسمت جو فيصلو آ، جيڪو وَٽس اچي ٿو. اهو ناول مون ڏاڍي محنت سان لکيو. ستٽيھه ننڍيون ننڍيون ڪھاڻيون ڪَٺيو ڪري، ان کي سر ريئلسٽڪ انداز ۾ مون لکيو آهي. اِهو فيڪٽر مون ڪٿي به ناهي ڇڏيو. ان کانپوءِ مون ”قالو بلا“ لکيو. جڏهن مون هِي ناول لکيو، ته اسان جو هڪڙو دوست هجي، ڪياماڙيءَ ۾..... ان جي گهرواري ويچاري، هُنَ جي بستري تي ئي گذاري وئي رات جو، هُن کي خبر ئي نه پئي.... هُنَ کي گهرواريءَ جي هَٿَ جي ٿڌاڻ محسوس ٿئي پئي ڪا.... هُنَ ٻُڌايو ته، يارَ! مان محسوس ڪيم پئي ته منھنجي زال جو هٿ ٿڌو هو، پَر سمجهيم پئي ته سُمھي پئي آ.... اِهو پلاٽ مون کي نظر آيو. پوءِ مون ”موت“ کي موضوع بنايو، ته ڪيئن هڪڙي انسان کي، انھيءَ حالت مان بچائي سگهجي ٿو؟! ڪنھن کي وڃي دانھن ڏيون جو انساني Survival ٿئي؟! اوچتو ئي اوچتو ڪنھن انسان جو موت ٿو ٿئي، جيڪو قدرتي يا فطري موت ناهي، حادثاتي آ. ڪنھن بيماريءَ جي ڪري، ننڍي عمر ۾ ڪوئي گذاري ٿو وڃي.... پوءِ مان تاريخ ۾ هلندي، پوئتي، پوئتي ٿيندو ويم. آدم کان به اڳتي نڪري ويم. “Nothingness”جتي هئي، خول هيو، Void هيو، اُنَ اسٽيٽ ۾ وڃي پھتم ۽ اتي خُدا کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪيم....
خُدا جي ڳولا کي نه صرف اوهان ڪھاڻين ۽ ناولن جو موضوع بڻايو آهي، پَر ”الف کان اڳ“، ”پليسيبو“ ۽ ”خدا، روح ۽ سائنس“ جهڙن فلسفياڻن ڪتابن ۾ پڻ بحث هيٺ آندو آهي. اهو هڪ نهايت پراسرار موضوع آهي. اِنَ موضوع جو ڇيڙو ڪٿي نظر به آيو؟
منهنجي دل جي اها حسرت رهي آ، ته جيڪر مان مرڻ کان پهريون، دنيا ۾ خدا کي ڏسي وڃان. اها جُستجو رهي آ.... ڇو جو ڏسو نه، هڪڙو Thinking mind جيڪو سوچي ٿو پيو.... يا ته سوچي نه..... يا ته عقيدي کي قبول ڪري.... عقيدو چوي ٿو ته، سوچيو نه. عقيدي ۾ هرڪا شيءِ موجود آهي. جيئن عقيدو چئي ٿو، ان کي Follow ڪرڻو آ. پر جڏهن توهان عقيدي ۾ Skeptic ٿي ٿا وڃو، شڪ جي گنجائش پيدا ٿا ڪيو، ته پوءِ اتي توهان Thoughtful ٿا ٿيو.... ۽ هڪڙو سوچيندڙ شخص آهي، اهو چوي ٿو ته مان هر شيءِ تي سوچيان. سو، مان سوچيو، ته دنيا ۾ مون کي اهڙو ڪو ثبوت ملي وڃي، ته جيئن منھنجو عقيدو مضبوط ٿئي. نه ته منھنجي زندگي جيڪا آهي، سا بيڪار پئي وڃي. سَچُ هُجي، مان ان کي ڪُوڙ ٿو سمجهان. ڪوڙ هجي، مان ان کي سچ ٿو سمجهان.... هڪڙو ڪاٿي به اهڙو لقاءُ (Phenomenon) مون کي ڪائنات ۾ نظر اچي وڃي، ته منھنجو عقيدو مضبوط ٿئي. ڏاڍي مان ڪوشش ڪندو آهيان ته جيڪر.... مان هڪڙي مولوي صاحب کي چيو ته، مولوي صاحب! مون کي جِنَ ڏيکار.... مولوي صاحب چيو ته، تون ڪڏهن مون سان قبرستان هَلُ، ته مان توکي جِنَ ڏيکاريان.... مان چيو مانس ته، مان سائنس جو شاگرد آهيان، مان سڄي زندگي سائنس پڙهي آ، مان پنھنجي پروفيشن جي لحاظ کان Histopathologist آهيان. منھنجو ڪم آهي مائڪرو اسڪوپ ۾ ڏسڻ. مون کي جيڪو نظر اچي ٿو، مان اُنَ ۾ Believe ٿو ڪيان. جراثيمَ نظر نه ٿا پيا اچن، مائڪرو اسڪوپ ۾ ڏسان ٿو، ته مون کي نظر پيا ٿا اچن. عقيدو نظر نه ٿو پيو اچي. سوچيان ٿو مائڪرو اسڪوپ ۾ ڪٿي نظر اچي. نه ٿو نظر اچي.... سو جڏهن مون اها گنجائش پيدا ڪئي، ته پوءِ خُدا کي ڳولھڻ شروع ڪيو. مون سوچيو، پنھنجي مطالعي جي مدد سان، ته خُدا ته انسانَ جي جِين ۾ موجود آ. هر انسان، هر ساهَه وارو جيوگهرڙن (Cells) جو ٺھيل آ. مائڪرو اسڪوپ ۾ مان جيوگهرڙا ڏسان ٿو پيو. ان ۾ مان نيوڪلئس ڏسان ٿو اُنَ جو، ان جو مان ڊِي اين اي ڏسان ٿو، ڊي اين اي اُنَ مان ڪڍيو به آهي، اُنَ کي چڪاسيو به اٿم. اُنَ ۾ جيڪي به جِين آهن..... اسان جا ڪردار، اسان جي عمر، اسان جي ذھانت، اسان جا رويا.... اهي سڀ انھيءَ ۾ موجود آهن. جيڪي اسان کي وراثت ۾ ملن ٿا. ان جِين کي جڏهن مان observe ڪيو، ته مان چيو، ته خُدا ته يار! ٻاهر آهي ئي ڪو نَه.... هي ته ساهَه وارن ۾ خُدا آ اندر.... جيڪو جيوگهرڙو آ، جيوگهرڙي ۾ جيڪو ڊي اين اي آ، ڊي اين اي ۾ جيڪي ڪروموسوم آهن، ڪروموسومس ۾ جيڪا جِين آ، خدا ان جين ۾ موجود آ..... ۽ اسان ان جِين جي تحت، پنھنجي خواهش مطابق، پنھنجي رويي مطابق، ارتقا (Evoluation) جي زيرِ اثر تبديل پيا ٿيون.... سو هر شيءِ ۾ مون کي اُهو نظر آيو.
سَچَلَ سائين ٿو ياد اچي، جنهن چيو ته ”محبوب ڳولي ڏس من ۾ الا...“.
(کلندي) زبردست..... زبردست....
جيڪڏهن صوفي شاعرن جي انهيءَ ڳالهه کي، انهيءَ نُڪتي سان لنڪِ ڪجي...
صوفي ازم جو اهو ئي Thought آهي.... ”اناالحق“. اهو سڀ اندر آهي، حق آهي...پَر Scientifically اهو ناهي.
ڏسو! Hypothesis آهي نه.... مان چوان ٿو هڪڙو ڏينھن ايندو، جو انسانَ جي، يا ساهَه وارن جي جِين ۾، خُدا جي جين کي ڳولي لڌو ويندو، ته هيءَ ئي جِين آ، جنھن جي ڪري هر شيءِ برقرار آ. ان جي Through ڪري ئي Evolutionary تبديليون ٿيون اچن. ارتقاءَ جي Cycle ٿي هلي. ماحول (Atmosphere)، جيڪا به پسگردائي آ، ان سان ان جي Adjustment ۽ Adaptation ٿئي ٿي پئي. اها اسان کي جيئرو ٿي رکي. اسان کي Modify ئي ڪري، ته جيئن اسان حالتن سان منھن ڏئي سگهئون. جيئرا رهي سگهئون.
نوجوان ڪهاڻيڪار جيڪي ڪهاڻيون لکن ٿا، انهن کي پڙهو ٿا؟ انهن ۾ ڪا اميد آسرو نظر اچيوَ ٿو؟
زبردست يار! ڪهاڻي لکجي پئي. ڪهاڻي لکن ٿا پيا نوجوانَ ڇو نَه.... زبردست لکن پيا، پَر ڪُجهه.... ڪُجُهه.... گهڻا نَه..... نثرنويسيءَ ۾، ڪهاڻين ۾، جيڪي مجموعا اچن پيا، انھن ۾ اهوئي پراڻو Stereo Type وارو انداز آهي. نواڻ چار پنج هڪڙا نوجوانَ، جيڪي اڀري آيا، انھن جي لکڻين ۾ آهي ۽ ڪهاڻي لکجي پئي.
جڏهن ته Comparatively ڪهاڻيءَ جي ڀيٽ ۾ جيڪا شاعري آهي، سنڌي شاعري جيڪا ٿئي ٿي، يار! واهه..... بين الاقوامي ليول جي شاعري آ. مان نوجوانن جي شاعري پڙهي حيران ٿي ويندو آهيان، ته يار! هي ته گهڻن کان اڳتي نڪري ويا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته ڏسندو آهيان، هڪ ٻَه شاعر يا شاعرائون اهڙا به آهن، جو اُهي ٽپي ويندا آهن، Jump ڪندا آهن شاعريءَ ۾.... حد آ سائين! سنڌي شاعريءَ ۾ تمام سٺو ٿو لکيو وڃي.....
توهان جي شاعري اسان ٻڌڻ چاهينداسي...
“وڇوڙي جا رَنگ”.... هِنَ ۾ Colors آهن. رنگ، رنگ، رنگ.... مختلف رنگ مون هن ۾ وڌا آهن....
او پياري!
هئي رات ڪيڏي ڪاري
تو سوا، صبح جي نيراڻ
هئي جنھن ۾ وڇوڙي جي ميراڻ
هر طرف هيرَ ۾
۽ ماڪَ جي نيرَ ۾
هئي شامل
چهري جي پيلاڻ
ڏينھن جي اڇاڻ ۾
هُيو ٿَڪُ، اوٻاسي
خماريل شامَ جا نيڻَ ناسي
پوءِ سانجهيءَ جي لالاڻ ۾
اک جي آلاڻ ۾
مون ڏٺو
ڳوڙها بيرنگ هيا
اوهان جي رائيٽنگ ٽيبل تي هِنَ وقت ڪهڙو تخليقي ڪم هلي رهيو آهي؟
مون هاڻي گهڻو ڪجهه لکيو آهي. منهنجي خيال ۾ پنج ناول لکيا آهن. “اسٽيل جا پنج گلاس” لکيم، ان کانپوءِ هاڻي “اک ڇنڀ” آيو آهي. چوان ٿو ته هاڻي مان ڪھاڻيون نه لکان. ڪهاڻيون منھنجيون ٻَه سؤ کن آهن. هڪڙو ناول، يا آٽوبايوگرافي ضرور لکڻي آ مون کي ۽ اها مان لکندم، پَر مان باقاعدي وري هڪ دفعو، جيڪي سٺا اديب آهن، عالمي اديبَ، انهن کي پڙهندس. انھن کي پڙهندو آهيان، ته پاڻ کي کُٽل محسوس ڪندو آهيان. يار! مان ته کٽل آهيان.... مان وٽ ته ڪجهه آهي ئي ڪو نَه..... هِي ته ايڏو سٺو پيا لکن، مان ڇا لکيو آ؟!... اُتئون مون کي هڪڙي Inspiration ملندي آ، اتساهه ملندو آ. پوءِ وڃي ڪري مان پنھنجو قلم کڻندو آهيان ۽ لکڻ شروع ڪندو آهيان....
آٽوبايوگرافي جيڪا اوهان لکڻ وڃي رهيا آهيو، اها به مئجيڪل ريئلزم واري انداز ۾ هوندي، يا Narrative انداز ۾؟
نه نه نه ..... Narration ۾ مان Believe نه ٿو ڪيان. لکيون ويون آهن نه.... ڪيتريون ئي آتم ڪٿائون Narration ۾ لکيون ويون آهن.... مان ڇا جي لئه لکان؟!.
ڊرامو لکڻ جو خيالُ ڪڏهن نه آيُوَ؟!
ڪڏهن به نه..... سائين! نه..... پاڻ کي Exploit ڪرڻو آ.... آف دي رڪارڊ سمجهو، ڪيئن به سمجهو. ڊرامو جيڪو آهي، ان جي لکڻ ۾ پنهنجو Talent ضايع ڪرڻو آ....
ڪڏهن ڪنهن چيو اوهان کي ڊرامو لکڻ لاءِ؟
ها.... ميڊيڪل ڪاليج ۾ جڏهن مان پڙهندو هيم، مون کي هڪ ٻن پروڊيوسرن چيو. انهن ڏينھن ۾ مان 1978ع ۾ هِتي پي ٽي ويءَ جي اسٽوڊيو ۾ آيو هيس، وري نه آيو هان.... وري اڄ آيو هان. مون پنھنجي هڪڙي ڪهاڻي هتي پڙهي هئي. مون کي پروڊيوسرن چيو ته، بابا! تون اسان کي ڊرامو به لکي ڏي.... مان انهن کي پنهنجيون ڪهاڻيون ٻڌايون، ته مان ڪهاڻيون لکندو آهيان، جن ۾ سِڌيون سنئيون ڳالهيون ناهن هونديون. سمبالزم هوندي، تجريدَ هوندي، ڪردارَ جيڪي هِن، جادوئي هوندا.... هنن چيو، نَه.... هي اهو دؤر ناهي....