ڪالم / مضمون

لفظن مان جهاتيون پائيندڙ خاڪا

ھي مجموعو ڪتابن تي لکيل اڀياس/مھاڳن ۽ مضمونن جيڪي رسول ميمڻ جي ڪتابن تي لکيل آھن يا وري رسول ميمڻ پاران ٻين جي ڪتابن تي لکيل آھن، رسول ميمڻ جي ھڪ انٽرويو ۽ ڪجهہ تحقيقي مضمونن تي مشتمل آھي. 

  • 4.5/5.0
  • 11
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book لفظن مان جهاتيون پائيندڙ خاڪا

پاتار مان پنا: فرهاد جيلاني

ترجمو ڪرڻ نئون وڳو سبڻ آهي. درزري چڱو هوندو ته ماپ تي سٺو سبندو نه ته اهڙو جو جسم تي ٺهندو ئي ڪونه.
هونئن به لفظن کي اهميت نه آهي. اهميت مشاهدي کي آهي ۽ اها اظهاريندڙ جي سگهه آهي ته اهو لفظن جي چونڊ ڪيئن ڪري ٿو جو سندس مشاهدو پنهنجي قوت سان پاڻ ظاهر ڪري وجهي.
دوستوفسڪيءَ روسي ٻوليءَ کي اظهار جو ذريعو بڻايو، اهڙو اظهار انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيو ۽ پوءِ ٻين ٻولين ۾ اظهار جي منتقل ٿيڻ جو سلسلو پنهنجي معنيٰ وڃائي ويهي ٿو ۽ ان جو مفهوم ساڳيو نه ٿو رهي. اها پڙهندڙ جي صلاحيت آهي ته لفظن پويان مشاهدي جي گهرائيءَ کي ڪيئن ٿو پهچي. سٺو پڙهندڙ منظر نه ڏسندو آهي پر پس منظر ۾ وڃي تخليقڪار سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ان جو اصل آواز ٻڌندو آهي. شيءِ جي اهميت سڀني وٽ ساڳي نه آهي. خوشبو زڪام جو سبب ٿي سگهي ٿي.
فرهاد جيلانيءَ ترجمي ڪرڻ کان اڳ دوستوفسڪيءَ جي ڪتاب جو سٺو مطالعو ڪيو آهي. هن ڪوشش ڪئي آهي ته لفظن جي چونڊ اهڙي ڪري جو ان ۾ ڪتاب جو روح سمائجي سگهي. هو ترجمي ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. هيءُ هڪ ڏکيو ڪتاب آهي جنهن کي محسوس ڪري سگهجي ٿو. اهڙي احساس کي لفظن جو روپ ڏيڻ ڏکي ڳالهه آهي پر ترجمي پڙهڻ سان لڳي ٿو ته اسان دوستوفسڪيءَ جي احساسن کي ويجهو وڃي سگهيا آهيون. هن ترجمي ۾ ڪٿي ٺيٺ سنڌي لفظ استعمال ڪيا ويا آهن ته ڪي اهڙا لفظ جيڪي مروج نه آهن ۽ وقت جي ڌوڙ ۾ لٽجي چڪا آهن. انهن لفظن کي ڇنڊي ڦوڪي فرهاد جيلانيءَ ترجمي سان اصل ليک جي ويجهو وڃڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڪٿي اهڙا لفظ به استعمال ٿيل آهن جيڪي ٻين ٻولين جا آهن ۽ انهن جا متبادل لفظ سنڌيءَ ۾ موجود آهن. بهرحال فرهاد جيلانيءَ ناول کي سٺو ويس پارايو آهي. هڪ ليکاريءَ جي سڃاڻ اها هوندي آهي ته سندس ڪپڙن تي مَسُ جا داغ هوندا آهن ۽ اهي داغ ضروري آهن.
“پاتار مان پنا” کي ناول سمجهيو وڃي ٿو پر اصل ۾ اهو ناول نه آهي. هيءَ تخليق اهڙو تاثر آهي جيڪو دوستوفسڪيءَ جي لازوال ناول لکڻ کان اڳ اهڙن ناولن کي لکڻ جي مشق آهي. هن مشق ڪئي آهي ۽ هن جا سڀ ناول “پاتار مان پنا” جي مشق جي پيداوار آهن.
“پاتار مان پنا” دوستوفسڪيءَ جي اندروني احساسن جي آنڌ مانڌ جو پهريون ڪتاب آهي جنهن ۾ هن سينو کولي دل جا زخم ڏيکاريا آهن ۽ پنهنجو پاڻ سان سرگوشيون ڪندي ديوانگيءَ کي لفظن ۾ قيد ڪيو آهي. ان کان اڳ هن جا ٻه ڪتاب ٻيا به آهن. هڪ ڪهاڻيءَ جو مجموعو مسڪين ماڻهو Poor Folks ۽ ڊبل Double . جن کي پسند ته ڪيو ويو پر گهڻي پذيرائي ملي نه سگهي.
سن 1849ع ۾ دوستوفسڪيءَ کي گرفتار ڪيو ويو. اهو بادشاهه زار جي حڪمرانيءَ جو دور هيو. گرفتاريءَ جو سببُ دوستوفسڪيءَ جو هڪ اهڙي تنظيم سان واسطو هيو جنهن سوشلسٽ انقلاب آڻڻ پئي چاهيو. اهو مذهبي سوشلسٽ انقلاب هيو. بنيادي طور دوستوفسڪيءَ وٽ مذهب جي اهميت رهي آهي. ان تنظيم جي منشور ۾ اهڙو سوشلسٽ انقلاب هيو جيڪو مارڪس جي متضاد هوندي عيسائيت جي ويجهو هجي. جڏهن هن کي گرفتار ڪيو ويو ته سندس عمر اٺاويهه 28 سال هئي. هڪ مقدمي کانپوءِ اهو فيصلو ٻڌايو ويو ته کيس اٺ مهينا اڪيلائيءَ ۽ خاموشيءَ جي سزا Silence Treatment ڏني ويندي ۽ ان کانپوءَ گولي هڻي ماريو ويندو.
دوستوفسڪيءَ کي اڪيلائيءَ ۽ خاموشيءَ ۾ اٺ مهينا اهڙيءَ طرح رکيو ويو جو اتي بيٺل محافظن جي جوتن کي بخمل لڳل هوندو هيو جيئن انهن جي گهمڻ ڪري آواز نه ٿئي.
اٺن مهينن کانپوءِ هن کي ٻاهر ڪڍي ڪفن پارايو ويو ۽ اها قبر ڏيکاري وئي جتي کيس گولي هڻڻ کانپوءِ دفنايو ويندو. جڏهن فائرنگ اسڪواڊ سامهون آندو ويو ته ٺيڪ ان وقت سندس موت جي سزا قيد جي سزا ۾ بدلجڻ جو پروانو آيو. هن کي چار سال سخت پورهيي جي سزا ڏئي سائبيريا موڪليو ويو جتي هو مرگهيءَ جو مريض ٿي ويو.
ڏهن سالن کانپوءِ هو سينٽ پيٽرسبرگ واپس پهتو ته هن جي دنيا تبديل ٿي چڪي هئي. ايڏي ڀوڳنا کانپوءِ هو خوف ۽ ڏوهه جي احساس ۾ وڪوڙيل رهيو. هن جو ادبي پورهيو اتان شروع ٿئي ٿو. هن دنيا جا عظيم ناول لکيا ، پسيسزڊ (Possessesd) (1871ع) ۽ برادرز ڪراموزوف (1880ع) شامل آهن. هن 1881ع ۾ وفات ڪئي.
“پاتار مان پنا” سندس اهم ڪتاب انڪري آهي جو هن اهو جيل مان واپسيءَ کانپوءِ ٻن سالن اندر لکيو. اهو هن جي مشهور ناولن کان اڳ اهڙو ڪتاب آهي جيڪو ڀوڳنائن سان ڀريل ۽ پيڙائن جو پهريون اظهار آهي جنهن ۾ هو پنهنجي ديوانگيءَ ۽ وحشت سان پلٽجي پيو آهي.
هڪ حساس شخص جيڪو موت جي در تي وڃي موٽيو. خاموشيءَ جي سزا ڀوڳي ۽ مرگهيءَ جو مريض ٿيو ، ان کان وڌيڪ ڪهڙو مشاهدو ٿي سگهي ٿو؟ دوستوفسڪيءَ جا احساس ۽ انهن احساسن جو ردعمل هن جي فن جي پالوٽ آهي. هو اٿلي پيو آهي ۽ سندس اهڙي اظهار جو سڀ کان پهريون دستاويز “پاتار مان پنا” آهي. هي ڪتاب ٻن حصن تي مشتمل آهي. هڪ حصو “پاتار مان پنا” (Notes from Underground) ۽ ٻيو حصو “آلي برف جي موقعي تي” (On the occasion of wet snow).
“پاتار مان پنا” هڪ اهڙي شخص جو تعارف آهي جيڪو آس ۽ نراس جي ٻه واٽي تي بيٺل آهي. ان ۾ هڪ ڪردار جي خودڪلامي (Monologue) آهي. اها طويل خودڪلامي آهي جنهن ۾ ورجاءُ هوندي به ورجاءُ ان ڪري محسوس نه ٿو ٿئي جو ڪيل ڳالهه نئين ڳالهه ۾ تبديل ٿي ورجاءَ جي احساس کي ختم ڪري ڇڏي ٿي. ليکڪ جو ڪمال آهي ، هو اندر جي آنڌ مانڌ کي لفظن ۾ ايئن ٿو سموئي جو اظهار پنهنجي قوت سان نروار ٿي پڙهندڙ سامهون اچي ٿو. آس ۽ نراس جي ابتوانس (Paradox) ۾ هو “ها” ۽ “نه” جي وچ تي ٻڏندو ۽ ترندو وڃي ٿو. پاڻ کي معتبر سمجهي ٿو ۽ پنهنجي تذليل پاڻ ڪري ٿو. اهو بائپولر سائڪوسس(Bipolar psychosis)رويو آهي جنهن کي نڀائڻ ۾ دوستوفسڪي اهڙو ڪامياب ويو آهي جو فرائيڊ جهڙي نفسيات جي ماهر پڻ هن جي لکڻين جي تعريف ڪئي آهي. ڪتاب ۾ دوستوفسڪيءَ ڄاڻايو آهي ته اهو ڪردار هو پاڻ نه آهي پر هن جو تخليق ڪيل ڪردار آهي. ڏٺو وڃي ته دوستوفسڪيءَ پنهنجي باري ۾ سچ نه ڳالهايو آهي. اهو ڪردار هو پاڻ آهي ، هن جون ذاتي ڀوڳنائون آهن.
ڪڏهن ڪڏهن ليکڪ پاڻ تان بار لاهي ڪردار مٿان اڇلائيندو آهي پر ڏٺو وڃي ته هر تخليق جو پروٽاگونسٽ ليکڪ پاڻ هوندو آهي. اهي هن جا ذاتي مشاهدا ۽ ڀوڳنائون هوندا آهن جيڪي تخليق ۾ ظاهر ٿي هن جي اندر جي ترجماني ڪندا آهن.
حيرت جي ڳالهه آهي جڏهن دوستوفسڪي تخليقي لحاظ کان عروج تي هيو ته روس انقلاب جي راهه ڏسي رهيو هيو. اهڙي دور ۾ هو خارجيت جي نه پر داخليت جي ڳالهه ڪري ٿو. هو گورڪيءَ جيان خارجي ڪردارن ۾ انقلاب جي راهه هموار نه ٿو ڪري پر داخليت ۾ پنهنجي اندر جي ڀوڳنائن ۽ پيڙائن کي اهميت ڏئي ٿو. نفسياتي مونجهارن ۽ ذاتي آنڌ مانڌ کي مزدورن ۽ هارين تي ترجيح ڏئي ٿو. اڳتي هلي هن جي لکڻين کي نه ئي لينن يا ڪميونسٽ پارٽي تنقيد جو نشانو بڻائي ٿي. هو روس جو عظيم اديب ليکيو وڃي ٿو. منهنجي خيال ۾ هو گورڪيءَ کان وڏو اديب آهي. ادب هر اديب جي ذاتي پهچ آهي. ادب نظريي کي جٽادار بڻائي ٿو. نظريا ادب کي ڪمزور ڪن ٿا. اهوئي سبب آهي جو دوستوفسڪيءَ جا ناول ادبي دنيا جا پهريان وجودي ناول آهن. اهڙي وجودي تخليق جو سڀ کان پهريون ثبوت “پاتار مان پنا” آهي.
سنڌ ۾ ون يونٽ کان پهريون ۽ پوءِ نسرندڙ ادب سياست جي زيراثر خارجيت طرف ڌڪيو ويو. چيو ويو ته تخليقن ۾ ماڻهن جي مسئلن جي ڳالهه ڪيو ۽ ٿي سگهي ته انهن مسئلن جو حل پڻ پيش ڪيو. ڪنهن به اديب کي رستو ٺاهي ڏيڻ ان جي تخليقي صلاحيت کي متاثر ڪرڻ آهي. اديب غير جانبدار نه ٿو رهي، انڪري سندس تخليقي صلاحيت ڀرپور طريقي اڀري سامهون نه ٿي اچي ان ۾ صلاح ڏيندڙ جا خيال شامل ٿي وڃن ٿا ۽ ليک نج حالت ۾ نه ٿو رهي پر ملاوٽ ڪري ذائقو بدلائي وڃي ٿو. اديب کي آزاد ڇڏيو وڃي ته هو پنهنجي اندر جا اڌما ظاهر ڪري. اديب معاشري جو فرد آهي ۽ ان جون پيڙائون عام ماڻهوءَ جي پيڙائن جي ترجماني ڪري سگهن ٿيون. مون جڏهن دوستوفسڪيءَ کي پڙهيو ته محسوس ٿيو اهو دوستوفسڪي نه آهي پر مان آهيان. اهي منهنجي دل جون صدائون ۽ اڌما آهن جيڪي دوستوفسڪيءَ محسوس ڪيا.
ناول جو ٻيو حصو “آلي برف جي موقعي تي” ۾ دوستوفسڪي خود ڪلاميءَ مان نڪري ناول جي مجاز ۾ آيو آهي. اهو حصو باقاعدي ناول ته محسوس نه ٿو ٿئي پر هڪ ڊگهي ڪهاڻي لڳي ٿو جنهن ۾ مڪالما ، منظر ۽ اندر جا اهي ردعمل شامل آهن جيڪي پيار ۽ ڏوهه جي ڪيفيت ۾ ظاهر ٿين ٿا.
“لزا” جيڪا ناول پڙهڻ سان لڳي ٿو ته هڪ وئيشيا آهي ۽ دوستوفسڪي ان کي وئيشيا نه ٿو ڪوٺي پر هڪ ضرورت مند نوجوان خوبصورت عورت جي نالي سان تعارف ڪرائي ٿو. اها جڏهن هن وٽ اچي ٿي ته ڪردار جو پنهنجين سوچن جي ڄار ۾ ڦٿڪڻ ، لڇڻ ۽ ڪڇڻ هڪ عجيب ڪيفيت پيدا ڪري ٿو. ان تي وحشت ۽ ديوانگيءَ جو دورو پوي ٿو. هو ڀڃ ڊاهه ڪري ٿو ۽ پوءِ معافيءَ جو طلبگار ٿئي ٿو.
اهي ساڳيا رويا آهن جيڪي اڳتي هلي دوستوفسڪيءَ جي ناولن ۾ ظاهر ٿيا آهن. ڪردارن ۾ ڪٿي هو قرضي ، ڪٿي غربت ۽ مفلسيءَ ۾ وڪوڙيل ، ڪٿي مرگهيءَ جو مريض ، ڪٿي هارايل جوئاري ، ڪٿي پنهنجين ڪوتاهين تي ٽهڪ ڏيندڙ ۽ ڪٿي ماڻهن جي نامناسب رويي جون اظهار ڪندڙ. دوستوفسڪيءَ جا ڪردار حساسيت جي حدن کي ڇهندي ايبنارمل روين ۾ نروار ٿين ٿا.
دوستوفسڪي هجوم ۾ پنهنجو وجود ڳولهي ٿو. هو دوستن جي محفل ۾ پنهنجي احساسِ محروميءَ سبب پاڻ کي نفسياتي سهارو ڏئي احساس ڪمتريءَ مان نڪرڻ جي ڪوشش ۾ ايبنارمل رويي ۾ ظاهر ٿئي ٿو. هو دنيا جو پهريون اديب آهي جنهن وٽ داخليت جو اظهار شخصي خودمختياري(Individualism)۾ اڪيلو (solipsistic) ٿي وڃي ٿو.
دوستوفسڪي مذهبي اثر هيٺ رهندي پهريون وجودي اديب آهي. هو لاشعوري طور خدا کي ياد ڪري ٿو ۽ اهو خدا هن جو شخصي خدا آهي. ڪئرڪگارڊ جيان هو به ، نه ڪيل گناهن جي احساسن کان مذهب جي پاڇي کان ٻاهر نه ٿو نڪري . وجوديت ڪنهن به عقيدي جي نفي آهي پر فلسفي ۽ ادب ۾ وجوديت جا بانيڪار مذهب جي دائري کان خارج نه آهن. جيئن ڪئرڪگارڊ جيڪو وجودي فلسفي جو باني آهي.
دوستو فسڪي وجودي عدميت (Existentialist nihilism) جو تخليقڪار آهي. هو نجهه (Nothingness) ۾ “پاڻُ” وڃائي “پاڻُ” ڳولهي ٿو.
فرهاد جيلاني ڪتاب کي سنڌي ويس پارائڻ ۾ وسان نه گهٽايو آهي. ڏاڍو ڏکيو آهي احساسن کي لکڻ ۽ وري انهن احساسن کي ساڳي روپ ۾ٻئي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرڻ. اميد ته پڙهندڙَ ناول جي جسم کي ڇڏي روح کي ڇهندا. هي ناول لکيل پڙهيل حساس ماڻهن لاءِ آهي، انهن لاءِ جيڪي معاشري جا اڍنگا رويا پنهنجي دل تي محسوس ڪن ٿا.