سندرتا ۽ ڪروڌ- علامتون، استعارا ۽ سرئلزم: نور جوڻيجو
هر انسان کي عرش تان اچڻ کانپوءِ خدا پاران خصلتن جون ٻڪريون تحفي ۾ ملن ٿيون، جيڪي هو زندگيءَ جي جهنگ ۾ چاري ٿو. هر انسان کي مليل خصلتن جي ٻڪرين جا رنگ ساڳيا نه آهن. سنڌي ادب پڙهندڙ لاءِ ناول نئون لفظ نه رهيو آهي. هاڻي ناول جام لکجي رهيا آهن. سن 2015ع ۾ ٻارنهن ناول شايع ٿيا، جيڪو سنڌي ادب ۾ ناولن جو رڪارڊ آهي.
نور جوڻيجو ٻه ناول لکيا آهن. ٻئي ناول منفرد ۽ موضوع جي لحاظ کان نواڻ سان ڀريل آهن. هن وٽ جوش ۽ جذبو آهي، هو گهڻو ڪجهه لکڻ چاهي ٿو پر لفظ سندس ساٿ نٿا ڏين. لفظ هن جي قلم مان وهندڙ بي تهاشا مَسُ ۾ زنگجي روپ مٽائي ٿا وجهن. نور جوڻيجو وٽ ڏات آهي پر ڏانءُ اڃان هن جو انتظار ڪري ٿو.
ناول “سندرتا ۽ ڪروڌ” سندس پهرين ناول “مهذب وحشي” کان بهتر آهي. لفظن جي جوڙجڪ، گرامر ۽ صورتخطيءَ جي لحاظ کان ٻه قدم اڳتي آ، نور جوڻيجو گهڻو پڙهيل لکيل تخليقڪار آهي. هن جي لکڻين تي ٻاهريون اثر پڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ڪردارن جي اندروني ڇڪتاڻ، پاڻ سان ويڙهه، ملامت، پنهنجي نندا پاڻ ۽ شڪست جو احساس دوستو فسڪي جو انداز ياد ڏياري ٿو. هن جا ڪردار نج سنڌ جا ڪردار آهن، سندس لکڻ جو اهڙو انداز کيس سنڌي ناول ۾ انفراديت بخشي ٿو ۽ عالمي راهه جو گس ٻڌائي ٿو.
شايد هن انگريزي گرامر جام پڙهيو آهي جنهن جو اثر پڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اردو لفظ به پکڙيل آهن، مان ان جو مخالف نه آهيان پر حق ۾ آهيان ته ڀل ٻولين کي کليو ڇڏيو وڃي ته ڌاريا مروج لفظ پاڻ ۾ سمائجي مستقبل جو ساٿ ڏئي سگهن، اهو ارتقائي عمل آهي، ان کي ڪير به روڪي نٿو سگهي. ٻولين تي وقت ۽ ماحول جو اثر آهي، سنڌ ۾ نه ساڳيو وقت آهي نه اهو ماحول جيڪو ورهاڱي کان اڳ هو. اڇا ڪبوتر اڏامي ويا، ساوا طوطا ويٺل آهن. ڀل سنڌي ٻوليءَ کي آزاد ڇڏيو وڃي ته ارتقائي عمل مان گذري وقت جو ساٿ ڏئي سگهي نه ته فنا جا در کليل آهن.
نور جوڻيجو جا خيال متاثر ڪندڙ آهن، چوي ٿو: “هر ماڻهو پنهنجي موجود سماج جي پيداوار آهي، ان جي عملن سان سماج جي مهذب پڻي جو پتو پوي ٿو.”
ارتقائي طور ماحول جو ماڻهوءَ جي عملن تي وڏو اثر آهي. ماحول ئي آهي جيڪو نسلن تي اثر ڇڏي ٿو، ان ۾ اندروني تبديليون رونما ڪري ٿو ۽ هر تبديلي ماحول سان مطابقت رکي ٿي ائين ماحول مهذب ۽ غير مهذب اثر ڇڏي ٿو.
نور جوڻيجو جي عمر ايڏي وڏي نه آهي پر سندس سوچون وڏي عمر جون آهن. هو لکي ٿو: “ان ريل جي انتظار ۾ آهيان جيڪا اڄ کان ڪئي ورهيه اڳ منهنجو جسم کڻي ڪن گمنامين ۾ غرق ٿي وئي هئي ۽ منهنجو روح پوئتي رهجي ويو هو، منهنجو روح ان ريل پويان ڊوڙندو رهندو.”
اهو سريئلسٽ خيال آهي، ريل جو جسم کڻي وڃڻ ۽ روح جو ريل پويان ڊوڙڻ هڪ خوابناڪ خيال آهي.
هو لکي ٿو: “ميرا هتي سڀ ماڻهو ضابطي کان نڪتل آهن، هر شيءِ بگڙيل آهي، تون ديوارن سان مخاطب ٿيندي ڪر. ميرا جي چهري جا سڀ رنگ ٽيبل تي ڪري پيا.”
ڏک ۽ پيڙا هن جي هر سٽ ۾ سمايل آهي. وري لکي ٿو: “سامهون نلڪي مان ڦڙو ڦڙو ڪرندڙ پاڻيءَ مان پري کان اڃ اجهائي.”
اڃ جي ڪيفيت ۽ ان کي اجهائڻ جو تصور هڪ نئون انداز آهي.
هن جا لفظ “گناهه ۽ ثواب، صحيح ۽ غلط، گمان ۽ يقين ۾ ٿورو فرق هوندو آهي.”
مان هن جي خيال جي تائيد ڪيان ٿو پر اڃان به ائين چوان ٿو ته فرق هوندو ئي ناهي! سچ ۽ ڪوڙ پاڻ ۾ سڳا ڀائر آهن، جيڪي دنيا جي ميلي ۾ وڇڙي ويا. اڄ ڏينهن تائين هڪٻئي کي ڳولهيندا رهن ٿا. هو “تِڏ” کي امن ۽ ماٺار جي علامت سمجهي ٿو. تڏ جو آواز تڏهن ايندو آهي جڏهن ماٺار هجي. لڙ ۽ بدامنيءَ ۾ تڏ جو آواز دٻجي وڃي ٿو. هو شاعر پڻ آهي ۽ سندس نثر به شاعراڻو آهي. هيءَ سٽ ڏسو “سچ وري رهيو آهي، هل ته پاڻ به وري هلون.” ڪردارن جي گفتگو جو انداز نرالو آهي.
سنڌياچ رڪشي واري سان مخاطب ٿيندي چيو، “هي پلاسٽڪ جا انگور ڇو لڳايا اٿئي!” رڪشي واري کلندي... “گدڙ جي روايت قائم ڪئي آهي.”
دنيا جي وڏي آبادي گدڙ ٿي چڪي آهي. انگورن جون وليون آسمان ڇهن ٿيون، بکايل جا انگور کٽا ٿي چڪا آهن، آسمان کي بارود جو دونهون ۽ روح ئي ڇهي سگهن ٿا.
هن جي ناول ۾ ارتقائي اشارا آهن.
“ڪنهن به وجود جي بقا ۾ جيڪڏهن ان جو بگاڙ موجود نه هجي ته شايد اهي صورتون پنهنجو توازن وڃائي ويهن.”
ارتقائي طور وقت سان بگاڙ ماحول جو ساٿ ڏئي جيئڻ ۾ مدد ڪري ٿو.
ارتقا متعلق هي خيال ڏسو: “هيءَ حياتي نهايت نفاست سان جڙيل آهي، ان جي جوڙجڪ ۾ انيڪ آتمائن جي پيڙا جو خمير آهي.” ارتقا جي نظريي جو فلسفيانا انداز آهي. “آئيني جي هن پاسي ڪو روئندو رهيو ۽ ٻئي پاسي هو کلندو.”
درد ۽ اڪيلائيءَ جو سريئلسٽڪ انداز آهي.
“هر ماڻهو پنهنجي مزاج ۾ ايجنٽ آهي، ماڻهوءَ جي انيڪ گهرائي ۽ پراسراريت ٻئي کي ان متعلق کوجنائي بڻائي ٿو. هڪ منظر ۾ سنڌياج چوي ٿو: “نه ئي مان ڪو پينٽر آهيان ته پوءِ هوءَ بت جيان ڇو ويٺل آهي؟”
“ميرا جو جسم دلفريب ۽ ڪاريگري سان گهڙيل حسين ڪرسيءَ تي ساڪن پيل هو.”
هن وٽ سٺا خيال آهن، اوجاڳي جا خواب آهن.
“سچ ڳالهائيندڙ کي اهوياد نه ڪرڻو پوندو آهي ته ڇا چيو هو” ۽ “ماڻهوءَ کي ماٺ رهڻ لاءِ ڳالهائڻو پوي ٿو.”
مون ڳالهايو ۽ ماٺ رهڻ کانسواءِ ڪو چارو نه آهي.