حقيقت نگار ليکڪا: فرزانا شاهين
سنڌي ادب حقيقت نگاريءَ سان مالامال آهي. گهڻو ڪري هر ليکڪ حقيقت نگاريءَ کي ئي آزمايو آهي. امر جليل کان آغا سليم تائين حقيقت نگاري مختلف رنگن، منظرن ۽ مڪالمن ۾ منفرد تاثر پيدا ڪيو آهي. نسيم کرل سنڌي ادب ۾ حقيقت نگاريءَ جو وڏو مثال آهي. اها ليکڪ جي ادراڪي حِس آهي ته اهو حقيقت کي ڪيئن ڏسي ۽ بيان ڪري ٿو. اهڙي ادراڪ جي پهچ هر اديب ۾ مختلف آهي. علي بابا حقيقت نگار جي حيثيت ۾ منظر ۽ پس منظر کي جاءِ ڏئي ٿو. رشيد ڀٽي ڪهاڻين جي پلاٽ ۽ انهن جي نباهه ۾ وڏو مقام رکي ٿو.
سنڌي ادب حقيقت نگاريءَ ۾ خود ڪفيل آهي. فرزانا شاهين جون ڪهاڻيون هڪ نئين جذبي سان حقيقت نگاريءَ جي فن جو اظهار ڪن ٿيون. هوءَ سنڌي ڪلاسيڪي ڪهاڻيءَ جو تسلسل آهي.
عالمي ادب ۾ اوڻويهين صديءَ جي وچ ڌاري حقيقت نگاريءَ جو عروج ڏسڻ ۾ اچي ٿو. فرانسيسي ادب ۾ اسٽينٿال (1842-1783ع) اهڙي لکڻين جو مثال آهي. هن “ڳاڙهو ۽ ڪارو” (Red and Black) ناول لکي شهرت ماڻي. ساڳي طرح روسي ادب ۾ گوگول مئل روح (Dead soul) ناول لکيو. ان کانپوءِ حقيقت نگاريءَ تي لاتعداد ناول آهن.
سنڌي ادب جي تاريخ ايڏي پراڻي نه آهي. سنڌي ڪهاڻيءَ تازو سئو سالن جو جشن ملهايو آهي. اهو الميو آهي ته پنج هزار سالن کان به آڳاٽي قوم جي ادب جي تاريخ سئو سالن تي مشتمل آهي. سنڌيءَ ۾ لکڻ قرباني ڏيڻ آهي. سنڌيءَ ۾ لکيو وڃي ٿو ۽ اهو لکيو سنڌي ٻوليءَ جي بقا جو وسيلو ليکيو وڃي ٿو.
اسين دنيا جي تاريخ جا سرواڻ آهيون. اسان جو ذڪر تاريخ جي پهرين صفحن تي هيو ۽ اهي صفحا تاريخ مان ڦاڙيا ويا آهن. اسان کان پوءِ جي تاريخ جيئري آهي ۽ تاريخ ۾ اسين مري چڪا آهيون. سنڌ ۽ سنڌي، سنڌوءَ جيان سُڪندا مٽجندا پيا وڃن.
فرزانا شاهين سنڌي ٻوليءَ جي انهن اديبائن مان هڪ آهي جن کي آڱرين تي ڳڻي سگهجي ٿو. هوءَ وڏي عرصي کان مسلسل لکي رهي آهي. هن وڏي بهادريءَ سان اهڙن موضوعن تي لکيو آهي جن جي حقيقت کي تسليم ڪرڻ زهر کي ڳيت ڏيڻ آهي. مون کي هن جي هڪ ڪهاڻي ياد آهي جيڪا ڪنهن گڏجاڻيءَ ۾ پڙهي هئي. ان ۾ جنسي مسئلي تي اهڙو ته دليريءَ سان لکيو هيو جو اردو ادب جي عصمت چغتائيءَ جون ڪهاڻيون به پوئتي رهجي وڃن.
“مٽي ماٿي لايان” فرزانا شاهين جي ٻاويهه ڪهاڻين جو مجموعو آهي، سندس ڪهاڻيون “ويري شارٽ اسٽوريز” آهن. هن جا موضوع “ويري بگ ٽاپڪس” آهن. سندس ڪهاڻيون موضوع تي مرڪوز آهن. اهي موضوع جي دائري کان ٻاهر نه آهن. موضوع کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي. ٻن چئن صفحن ۾ هوءَ ڪهاڻيءَ کي نڀائي ٿي. حقيقت نگاريءَ جو اهو ئي ڪمال هوندو آهي ته اها غير حقيقي شين کي پاڻ ۾ نه سمائيندي آهي، انڪري حقيقت جو هڪ جملو پاڻ ۾ صفحا سمائي ظاهر ٿي پوندو آهي.
هن جا موضوع گهڻو ڪري عورتن جا مسئلا آهن. بيماري، حادثا، موت، غربت، ماني، عشق، دوکو ۽ ظلم، جن جو اظهار ڪندي ڪِٿي هوءَ جذباتي ٿي وڃي ٿي.
معاشرو طبقن ۾ ورهايل آهي، انهن ۾ سڀ کان هيٺيون طبقو “هيٺيون هيٺيون” (Lower Lower) آهي، فرزانا شاهين ان طبقي جي پيڙائن جي ليکڪا آهي.
“سسئي ۽ سُور” ڪهاڻي ۾ هوءَ لکي ٿي “رات جي اونداهيءَ ڪائنات کي چپ جي چڪ ۾ کڻي روشنين جي راهه روڪي ڇڏي آهي.”
اوندهه جو روشنيءَ جي راهه روڪڻ جو علامتي انداز دل کي ڇُهندڙ آهي. هوءَ پنهنجي ڪهاڻين ۾ ڪٿي اهڙن ئي دلفريب جملن جو استعمال ڪري ٿي. اهڙا اظهار سندس ڪهاڻين کي خوبصورت بنائين ٿا. هن وٽ علامت ۽ تجريد پڻ ملي ٿي.
“مانيءَ چور” ۾ هوءَ لکي ٿي “هن جي زندگي پاڻيءَ جي ان ڦڙي وانگر هئي، جيڪو بار بار مٽيءَ ۾ جذب ٿيندو آهي پر پوءِ به مٽيءَ کي آلو ڪري نه سگهندو آهي.”
بي وسيءَ جو اظهار ان کان وڌيڪ ڪهڙو ٿي سگهي ٿو. “نظرياتي ماڻهوءَ” ۾ هوءَ لکي ٿي ته “احساس ئي شعور جو اشارو آهي.”
هڪ فلسفيانا جملو آهي. شعور (Consciousness) انسان کي هِس (Sense) عطا ڪري ٿو. قديم فلسفي جا اڌ ڪتاب شعور ۽ احساس جي موضوعن تي لکيل آهن. شعور جي احساس سان تصور جنم وٺي ٿو ۽ تصور غير حقيقي لکيو وڃي ٿو. هڪ حقيقت نگار ليکڪا پنهنجي ادراڪ ۾ محدود نه آهي پر اها ڪٿي پنهنجي موضوعن کي کُليو به ڇڏي ٿي ته اهي پنهنجي لاءِ مناسب راهه ٺاهي اڳتي هلن. سٺو ليکڪ اهو آهي جيڪو “پاڻ” کان آزاد آهي. ان جي لکڻين ۾ “پاڻ” شامل نه آهي. سٺو ليکڪ ٻن حصن تي مشتمل هوندو آهي. هڪ “پاڻ کان ٻاهر” ۽ ٻيو “پاڻ”. “پاڻ کان ٻاهر” اديب ۽ “پاڻ” منشي هوندو آهي.
حقيقت نگاريءَ سان گڏ، جادوئي حقيقت نگاري، سرئلزم، تجريد ۽ علامت پڻ ڪهاڻي ۽ ناول جا جديد جزا آهن. اهي قلمڪار کي تڏهن حاصل ٿين ٿا جڏهن “ان جهڙو” پاڻ کان ٻاهر ٿي ٻڌائي ٿو ۽ “پاڻ” لکي ٿو. تصور طاقتور آهي پر تصور حقيقت جو حصو نه آهي. حقيقت اها آهي جيڪا نظر اچي ٿي. تصوراتي حقيقت، حقيقت جو نرالو روپ آهي. ساڳي ڪهاڻيءَ ۾ هوءَ لکي ٿي “سجاد جو هر نظريو هارائي، زاهده آزادي ماڻي هلي وئي.”
قوم پرستي سنڌ جو ٻرندڙ موضوع آهي. ڪيترائي کنڀي گم ڪيا ويا آهن. بي گناهه ماريا ويا آهن. اهو سلسلو کٽو نه آهي. ان ساڳي موضوع پويان هڪ عورت جون ڀوڳنائون آهن. ديش جي آزاديءَ کان پهريون هڪ عورت جي روح جي آزادي ۽ موت کان آزادي جنهن آزاديءَ لاءِ ڪنهن به نظريي جي ضرورت نه آهي.
“جيجل منهنجو جيئڙو” ۾ سندس احساساتي جملي تي غور ڪيو “توکي خريد ڪري وٺي آيو آهيان، تنهنجي ابي کي پورا پنج هزار کڻي ڏنا آهن.”
“ائين لڳو ڄڻ هوءَ پنج هزار پهاڙن هيٺان دفن ٿي وئي هجي.”
ساڳي ڪهاڻيءَ ۾ هوءَ لکي ٿي.
“هن جي اکين ۾ هزارين ننڍيون ننڍيون قبرون ٺهيل هيون جن ۾ زندگيءَ جي هڪ هڪ ڀوڳنا دفن هئي.”
ادب ۾ حقيقت نگاريءَ جو اهو ئي ڪمال آهي لکڻيءَ کي محسوس ڪرائڻ جي سگهه هوندي آهي، نه ته صحافت وڏي ۾ وڏي حقيقت آهي پر اها ادب جو حصو انڪري نه آهي جو ان اندر محسوس ڪرائڻ جي سگهه نه آهي. منظر جيترو واضح هوندو ايترو اثرانگيز هوندو. هن جي ڪهاڻي “پنهون ٿيس پاڻ” ٻين ڪهاڻين کان مختلف آهي. اها جديد ادب جون گهرجون پوريون ڪري ٿي. جملا ٺهڪندڙ ۽ ڪردار برجستا آهن. تصور ۽ اظهار، تجريدي ۽ علامتي آهن. ڪجهه جملن تي غور ڪيو.
“هو صرف جسم جي ٽٻڪن مان لفظ جوڙي صرف ۽ صرف شاعريءَ جو تخيل جوڙي آنند ماڻڻ چاهي ٿو، ڇو جو مونکي لڳندو آهي منهنجو روح درياهه ۾ ترندي به اڃايل آهي.”
“جدت صرف جسم ۾ فنا ٿيندي آهي. روح ۾ به ته فنائيت آهي.”
“روح جي فنائيت ۾ تسڪين جو سمنڊ آهي.”
“محبتون جيتريون قديم هونديون آهن، اوتريون پائيدار هونديون آهن.”
“پيار حواسن جي تعلق سان شروع ٿي لازوال آنند ماڻيندو آهي.”
فرزانا شاهين جي فن جي اڏام ڪٿي هيٺائين ته ڪٿي مٿاهين آهي. هوءَ هوا جي رخ سان مهاڏو اٽڪائي ٿي. سندس لکڻين ۾ رواني ۽ رڌم آهي. هوءَ سنڌي ادب جي ليکڪائن ۾ معتبر جاءِ والاري ٿي.
اميد ته سندس ڪهاڻين کي پسند ڪيو ويندو ۽ هوءَ ان جذبي سان لکندي رهندي، ٻولي ۽ قوم جي بقا لاءِ ادب وقت جي ضرورت آهي.