ڪالم / مضمون

لفظن مان جهاتيون پائيندڙ خاڪا

ھي مجموعو ڪتابن تي لکيل اڀياس/مھاڳن ۽ مضمونن جيڪي رسول ميمڻ جي ڪتابن تي لکيل آھن يا وري رسول ميمڻ پاران ٻين جي ڪتابن تي لکيل آھن، رسول ميمڻ جي ھڪ انٽرويو ۽ ڪجهہ تحقيقي مضمونن تي مشتمل آھي. 

  • 4.5/5.0
  • 11
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book لفظن مان جهاتيون پائيندڙ خاڪا

اسٽيل جا پنج گلاس هڪ منفرد ناول: نثار کوکر

هو ليکڪ ته لاجواب آهي پر سندس ڪتابن جا ٽائيٽل ۽ ارپنائون به بامقصد ۽ صدين کان دٻيل سنڌ جو آواز آهن. سندس تازي ڇپجي آيل ناول تي ته تفصيل ۾ ڳالهايون ٿا، پر هن کان اڳ آيل سندس ناول جو عنوان هيو “اوڻويهه عورتون” جيڪو سنڌ تي عربن جي ڪيل ڪاهه واري پسمنظر ۾ لکيل آهي. ان ڪتاب جي ارپنا هن طرح ڪئي اٿس ته “ان وقت جي نانءَ جڏهن اروڙ جو قيدي هيس.” ائين ئي سندس تازي آيل ناول “اسٽيل جا پنج گلاس” جو انتساب هن طرح ڪيل آهي ته “سيرو چوڪ (سکر وارو) جي ان بڙ نالي، جنهن هيٺان ٿڌي پاڻيءَ جو مٽ رکيل هوندو ۽ هاڻي پان جي پڙي آهي.”
رسول ميمڻ جي هن ناول ۾ روايتي ڪهاڻين جيان ڪابه هيروئن، هيرو يا ولين ناهي، پر ان جي باوجود اهڙو ته دلچسپ ڪتاب آهي، جو منهنجي اکين اڳيان ته سکر سميت سنڌ جا اهي سمورا ڪردار ڦري آيا، جيڪي علامتي انداز ۾ ئي سهي هن ناول ۾ آيل آهن. هن ناول جي مهاڳ ۾ توڻي جو ليکڪ وضاحت ڪري ٿو ته هي آتم ڪٿائي ناول ناهي، پر اهو وسري ويل پراسرار يادن جي ناسٽلجيا آهي. ليکڪ جي ان وضاحت جي باوجود رسول ميمڻ جو هيءُ ناول پڙهندي مون ته پنهنجو پاڻ کي سکر جي انهن گهٽين ۽ روڊن ۾ ڦرندي ڏٺو، جتي تاريخ جا ڪيترائي طلسماتي ڪردار گهمندا ڦرندا هئا. اهو سندس لکڻ جو منفرد انداز آهي جو سکر جي جاگيراڻي پاڙي ۾ ٻڌل گهوڙن ۽ شيخ شينهن واري روڊ تي گهمندڙ موالين جي ڳالهه ڪندي ڪندي هو ڪو نه ڪو جملو، ڪا نه ڪا سِٽ اهڙي لکي وڃي ٿو جو وڃي ٿيا ست خير.
ناول جي شروعات ئي غضب جي سياسي طنز سان ڪئي اٿس ته بابا ٻڌائيندو هو ته جڏهن تون ڄائو هئين تڏهن ٻاهر پاڪستان زنده آباد جا نعرا لڳي رهيا هئا. شايد اهو ئي سبب آهي جو مان سست، بدنصيب ۽ ڏتڙيل ثابت ٿيو آهيان. سندس ناول آهي ته علامتي انداز وارن اسٽيل جي پنجن گلاسن بابت. پر انهن گلاسن مٿان حڪومت ڪندڙ ايوب خان کان ويندي جنريل مشرف تائين جي دورن تي هڪ سياسي طنز به ڪيل آهي ۽ اها به اهڙي ته شاندار تخليقي انداز ۾ جو پڙهندي مزو اچي وڃي.
ڳالهين مان ڳالهيون ڪندي ايوب خان بابت لکي ٿو ته جڏهن رات جو سمهي اوڀر ڏانهن منهن ڪري گونگهرا هڻندو هيو ته سندس وڏيون مڇون هندستان ۽ افغانستان ڏانهن اشارو ڪنديون هيون. هو هندستان کي فتح ڪرڻ جا خواب ڏسندو هيو ۽ افغانستان جي لاءِ خطرو هيو. ننڊ ۾ پاسو ورائيندو هو ته ڏکڻ ۽ اتر ۾ هن جون مڇون چين ۽ ايران ڏانهن اشارو ڪنديون هيون.
هن ناول ۾ سنڌ جي ورهاڱي واري تاريخ کان ويندي ون يونٽ تائين، ايوب خان ۽ ڀٽي جي اقتداري دورن کي اهڙي ته سئولي انداز ۾ ڪردارن هٿان بيان ڪيو ويو آهي جو هي ناول ان دور جي سياسي تاريخ تي عوامي راين جي تاريخ بڻجي پوي ٿو. هي ناول شعور جي اهڙي وهڪري ۾ لڙهندي لکيل آهي، جتي ليکڪ پاڻ کي وڏو تارو نٿو سمجهي، پر شعور جي وهڪري سان وهندو، لڙهندو وڃي سمونڊ سان ملي ٿو. هن ناول ۾ شڪارپور جي ان هندو واپاري جو به ذڪر ملندو، جيڪو ورهاڱي کان اڳ پرڀو مل هيو، پر بعد ۾ نعيم احمد شيخ سڏائيندو هو، جيڪو دڪان تي تازو مسلمان ٿيڻ بعد جڏهن ڳاڙهي گوڏ پائي ويٺو ته هن ناول جي هڪ ڪردار سمجهيو ته شايد اها ڳاڙهي گوڏ چين ۾ انقلاب جي خوشي ۾ ٻڌي آهي. ڇو جو چيني سامان اچڻ ڪري سندس ڪاروبار چمڪي پيو هو، پر حقيقت معلوم ڪرڻ بعد هن چيو ماشاءَ الله.
ائين ئي هن ناول ۾ ون يونٽ واري ان وقت کي به ياد ڪيو ويو آهي، جڏهن سنڌ کي بريڪيٽس ۾ لکيو ويندو هو. ناول جو هڪ ڪردار چوي ٿو ته ڪلاس ۾ جيڪي ڪورس جا ڪتاب هوندا هئا. انهن جي پهرئين صفحي تي سنڌ کي بريڪيٽس ۾ ڏسي غلامي جو احساس ٿيندو هو. هن منفرد ناول ۾ اهو به علامتي انداز ۾ لکيل آهي ته ون يونٽ تڏهن ٽٽو جڏهن ڪاڪي قادن هٿوڙن جا ڌڪ هڻي تختي تي پيل اسٽيل جا پنج گلاس الڳ ڪري وڌا.
هن ناول ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي ان وقت جي هڪ تعصبي پروفيسر جو به ذڪر ڪيل آهي، جيڪو سنڌين کي ڪچو مسلمان سمجهندو هيو، ان ئي ناول ۾ لاڙڪاڻي جي ان حجم جو ذڪر به ڪيل آهي. جيڪو گراهڪن کي چوندو هيو ته کيس باربر سڏيو وڃي ۽ هو سوشلزم کي سوشل اعظم سڏيندو هو. ليکڪ انهن ڪردارن وسيلي ڇا ته ڀٽي جي اسلامي سوشلزم جو تت ڪڍيو آهي. هن ناول ۾ ان دور جي ڪميونسٽن مٿان پڻ سياسي طنز ٿيل آهي. جنهن بابت هڪ منظر ۾ لکي ٿو ته جڏهن مون هوش سنڀاليو ته ڪميونزم جي حمايت ڪئي، ڇو جو ان ۾ کائڻ پيئڻ جي ضرورت نه هئي، اهو بکايل ماڻهن جو نظريو هيو، پر ان نظرئي جي دانشورن کي پاڻي نصيب نه ٿيندو هو، ڏک مٽائڻ لاءِ روڍڪا پي سگريٽ پيئندا هئا ۽ کائيندا ان وقت هئا، جڏهن ٻئي جي پليٽ ۾ ڪجهه هوندو هو.
رسول ميمڻ پنهنجي هن ناول ۾ هڪ علامتي انداز اختيار ڪري جيڪا مختلف دورن تي سياسي طنز ڪئي آهي، ان بابت سندس رايو ڪهڙو به هجي؟ هن تڪراري ٿيڻ کان پاسو ڪرڻ لاءِ علامتي انداز اختيار ڪيو هجي، پر سندس ناول ۾ آيل ڪيترائي جملا مختلف نظرين جي ماڻهن لاءِ تڪراري ۽ اعتراض جوڳا ٿي سگهن ٿا، پر ليکڪ جيئن ته شعور جي وهڪري ۾ لکي ٿو، تنهن ڪري شايد کيس ان ڳالهه جي پرواهه به نه هوندي.
رسول ميمڻ جو هيءُ ناول 155 صفحن تي مشتمل آهي، جيڪو سکر جي ماءِ پبليڪيشن جي دوستن ڇپايو آهي. هي ناول هونئن ته سڀني پڙهندڙن لاءِ مفيد آهي، پر منهنجي سفارش آهي ته سنڌ جي پاڙهو سياسي ڪارڪنن (جيڪڏهن ڪي بچيا آهن) انهن کي ضرور پڙهڻ گهرجي، پر جيئن جو تيئن نه سمجهڻ يا اپنائڻ گهرجي، ڇو ته هي علامتي انداز آهي ۽ سنڌي ناولن ۾ هڪ منفرد ناول آهي.