ڪالم / مضمون

لفظن مان جهاتيون پائيندڙ خاڪا

ھي مجموعو ڪتابن تي لکيل اڀياس/مھاڳن ۽ مضمونن جيڪي رسول ميمڻ جي ڪتابن تي لکيل آھن يا وري رسول ميمڻ پاران ٻين جي ڪتابن تي لکيل آھن، رسول ميمڻ جي ھڪ انٽرويو ۽ ڪجهہ تحقيقي مضمونن تي مشتمل آھي. 

  • 4.5/5.0
  • 11
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book لفظن مان جهاتيون پائيندڙ خاڪا

ريکائن جي راند: رحمت پيرزادو

شاعر ڀَلِ شاعريءَ جو غلام هجي پر نثر جو بادشاهه هوندو آهي. رحمت پيرزادو جتي هڪ سُٺو شاعر آهي، اُتي سندس نثر به ڪمال آهي.
لفظن جو ڌڻ جيڏو وڏو هوندو، ليکڪ تيڏو شاهڪار هوندو. لفظ ليکڪ جو سرمايو آهن. ان لحاظ کان هڪ نثرنگار، شاعر اڳيان مُفلس آهي.
رحمت پيرزادي جي شاعري آزاد نظم آهن ۽ هن جو نثر، نثري نظم آهي. “ريکائن جي راند” سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو آهي. اها خوشيءَ جي ڳالهه هوندي آهي ته ڪو شاعر ڪهاڻيون لکي. ان جي ڪهاڻين کي نظم سمجھي پڙهو ته وڻنديون، نه ته، نه وڻنديون.
هن جون ڪجھ سٽون پڙهو:
“تون سڄو ڏينهن مون سان گڏ ويٺو آهين، ماڻهو ڇا چوندا؟”
“اڃان ته تون مون سان گڏ آهين. تون هلي ويندي آهين. مان ته پوءِ به توسان گڏ هوندو آهيان. سوچ ماڻهو ڇا چوندا؟”
وڃڻ کان پوءِ ساڻ هجڻ جو تصور، شاعريءَ جو انداز آهي.
هو هڪ هنڌ لکي ٿو:
“يادن لاءِ عينڪ پائڻ ضروري نه آهي.”
علامتي جملا گھڻ رُخا ۽ هر رُخ کان سوچ جي نئين موٽ ڏيندا آهن. ڳالهه اثرانگيز هوندي ئي تڏهن آهي، جڏهن اُها نئين انداز سان پيش ٿيل هجي. ورجايل ڳالهيون، ڳالهه جي معيار کي ڪيري وجھنديون آهن.
“ريکائن جي راند” ۾ مون کي جيڪا سڀ کان وڌيڪ ڪهاڻي پسند آئي، اُها “حاجي رکيي سان غائبانا ملاقات” آهي.
هو لکي ٿو:
“اسين ٽي دوست هڪ ڏينهن طئي ٿيل پروگرام موجب سندس ڳوٺ پهتاسين، پر ان ڏينهن ڳوٺ ۾ هڪ عجيب واقعو ٿيو. ڳوٺ جو هڪ چڱو مڙس حاجي رَکيو گم ٿي ويو هيو. سڀني جو خيال هيو ته حاجي ڳوٺ واري ڍنڍ ۾ ٻُڏي ويو آهي. پر ان تي هُنن کي يقين نه پئي آيو، جو اڌ کان وڌيڪ ڳوٺ وارَن کي هُن پاڻ ترڻ سيکاريو هيو.”
حاجي رَکيي جي پُراسرار شخصيت جي باري ۾ هيءَ ڪهاڻي متاثر ڪندڙ آهي. ان ڪهاڻيءَ ۾ لفظن جي رواني ۽ رڌم اهڙي تسلسل سان جوڙيل آهي جو ڪهاڻيءَ ۾ جھول ناهي. حقيقت نگاريءَ ۾ سحر جو امڪان ٿئي ٿو ۽ پس منظر ۾ ڪٿي پُراسراريت جو گمان آهي.
رحمت وٽ لفظ ته آهن پر ڪٿي ڪٿي هُو انهن جي سٽاءَ ۾ بي ترتيبي پيدا ڪري ٿو.
هاريءَ وٽ ٻج گھڻا هجن ته هو هڪ جي جاءِ تي ٻه نه پوکيندو آهي. سٺي لکڻي اُها هوندي آهي، جيڪڏهن ان مان هڪ لفظ به ڪڍجي ته ان جي کوٽ محسوس ٿئي.
سٺو ادب ماضيءَ جي مٽجي ويل منظرن کي ياد ڪري لکڻ آهي.ماضي جيڪو تڪليف ڏيندڙ آهي پر وقت ان کي پُراسرار بنائي وجھي ٿو. اسان وڃائجي ويل شيون ڳولهي خوش ٿيندا آهيون. ماضي اهڙو ڌاتو آهي، جنهن تان ڌوڙ صاف ڪجي ته هيٺان ڪٽُ لڳل نه هوندي آهي.
رحمت پيرزادي جون ڪهاڻيون به شاعريءَ جيان منظرَن سان ڀريل آهن. هُو تصور جو نقش ڪجھ اهڙي انداز سان چِٽي ٿو، جو تصور حقيقت بنجي پوي ٿو. سندس شاعري زگ زيگ منظرن سان نقش ۽ نظارا کڻي اڳيان گُذري ٿي. ڪهاڻيون به ايئن ئي آهن، فرق اهو آهي ته شاعري نم جي وڻ جيان گهاٽي ۽ ڪهاڻيون نازبوءِ جي ٻوٽي جيان ڇڊيون آهن.
لکڻ پاڻ کي کوٽڻ آهي. ان کاهيءَ جو انت نه آهي. رحمت سٺي ڪوشش ڪئي آهي. ڪاٺ کي لڳل پهريان رندا آهن. ڪهاڻيءَ ۾ ضرور اوج ماڻيندو.
هُن جون ڪهاڻيون تمام مختصر ڪهاڻيونVery very short stories آهن. جيڪي وقت جي ضرورت آهن. پڙهندڙ صفحا ڳڻي پوءِ پڙهي ٿو. وقت باز جي چنبي ۾ اچي ويو آهي. ڪهاڻي “اڪيلائيءَ جو اٺون آسمان” متاٿر ڪندڙ آهي. مِٺيون مانيون جن ۾ ماءُ ۽ محبوبا جو ذائقو آهي.
ڪهاڻي “ڳاڙهو مفلر” ۾ پيار ۽ بي وفاين جا دل ڇهندڙ راهون، رستا ۽ موڙَ آهن. ماءُ جي جذبي جو اظهار ايئن ٿيل آهي: “اي منهنجا ننڍڙا پُٽ هن تيز رفتار ۽ بي لغام گھوڙي تي چڙهي گھڻو پري نه وڃ، متان ڪٿي ڪِري نه پوين ۽ تنهنجي آههَ جو انت تنهنجي ماءُ جا پوڙها ڪَن ٻُڌي نه سگھن.”
ڪهاڻي “ٽٽل هيرو” پڙهي مون کي موپاسان جي ياد اچي وئي. موپاسان جنس جي نفسياتي تجزيي ۾ ڪا ڪثر نه ڇڏي آهي. رحمت جي ڪهاڻي ان ڪري منفرد آهي، جو کيس پنهنجو لهجو آهي. هن جنهن انداز ۾ ڪهاڻيءَ کي نڀايو آهي، اُهو هڪ پختو ۽ متاثر ڪندڙ اختتام آهي. هن وٽ نوان موضوع آهن ۽ انهن کي نئين طرز تي لکيو آهي.
ڪهاڻي “پاري ۾ ڄميل لاش” ۾ روشني ۽ رنگن کي جنهن طريقي سان ڪردار جي تاثرن تي نروار ڪيو ويو آهي، اهو دلفريب آهي. رنگن جي امتزاج جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو: “چيم خبر اٿئي، مان وڏو پامسٽ آهيان. هل هٿ ڏيکار ته لڪيرُن مان تنهنجي قسمت ٻُڌايان. هن پنهنجو هٿ مون کي ڏنو ته ڪمري ۾ اونداهون رنگ ڇانئجي ويو ۽ اوندهه ۾ هُن چيو “رات جو رنڊيءَ جي هٿ تي قسمت جي ڪا به لڪير ناهي هوندي.”
ڪهاڻي “ڀوڳنا جو سفر” ۾ هو لکي ٿو: “هو ڏينهن جو خواب ڏسندو آهي ۽ راتين جون راتيون جاڳي گُذاريندو آهي. سڄو ڏينهن پوسل ۽ ڇانوَ ۾ سُتل ٻليون رات جو چنگاڙينديون آهن ۽ وڙهندي وڙهندي هن جي ننڊ جا ڌاڳا منجھائي وجنديون آهن.”
اها سموري ڪهاڻي نثراڻو نظم آهي. وارتائن کي نئين ۽ مختلف انداز ۾ پيش ڪرڻ کي ادب چئجي ٿو. جيڪي ٿي رهيو آهي، اهو ايئن ئي ٿيندو رهندو پر ادب ان ٿيڻ کي ايئن پيش ڪري ٿو جو لڳي ٿو ته اهو پهريون دفعو ٿي رهيو آهي. ان کان اڳ ايئن نه ٿيو آهي.
رحمت وٽ تشبيهون ۽ علامتون پڻ آهن. ننڊ جا ڌاڳا جيڪي مُنجھيل آهن. ننڊ جيڪا ڌاڳن ۾ ويڙهيل آهي. گَهري ننڊ جيڪا گمنام رستن تي وٺي ويندي آهي ۽ اسين جاڳندا آهيون ته لڳندو آهي خواب ۾ آهيون.
“ريلوي ملازم جي هڪ شام” انساني مجبورين جي ڪهاڻي آهي. رحمت جي ڪهاڻين جا موضوع غربت ۽ مجبوريون آهن. هو غربت ڪري عورت جي جنسي استعمال جي وارتائن کي دُکدائڪ طريقي بيان ڪري ٿو.
“گُل اهڙي طرح ٿا هوا ۾ لُڏن” هڪ عاشق جي ناڪام عشق جي ڪهاڻي آهي، جنهن کي خوبصورت انداز ۾ نڀايو ويو آهي.
رحمت وٽ سادو ۽ سمجھ ۾ ايندڙ لهجو آهي. هو ڪهاڻيءَ کي وضاحتي انداز ۾ بيان ڪري ٿو. ڳالهه کي لڪائڻ بجاءِ وڌيڪ کولي ٿو.
سندس ڪهاڻي “اُها شام” ۾ هڪ علامتي جملو ڏسو:
“ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي سامن جو تعلق گَهرو هجڻ باوجود به نه سمجي سگھبو آهي، شايد ان لاءِ ته اُن جي هڪ ڇيڙي تي گَهرا ناسي بادل ڇانيل هوندا آهن.”
“شام کي ٻه ڇيڙا هوندا آهن، هڪ سپنن جي اوندهه ۾ غرق هوندو آهي ۽ ٻيو شفق جي شعلن ۾ جلندو رهندو آهي.”
اها ڪهاڻي نثري نظم آهي جنهن ۾ شام کي سحر انگيز بڻايو ويو آهي. سندس ٻيون ڪهاڻيون به اثر ڇڏيندڙ آهن.
مجموعي طور رحمت پيرزادي جي ڪهاڻين جو موضوع عورت آهي جنهن کي نئين انداز سان پيش ڪيو ويو آهي. هُن وٽ منظر، تشبيهون، علامتون ۽ اشارا آهن. هُن ڪهاڻيءَ کي نثري نظم جو روپ ڏنو آهي. اميد ته پڙهندر ڪجھ خامين کي نظر انداز ڪري، رحمت پيرزادي جي هن ڪهاڻين جي پهرئين مجموعي کي سٺي موٽ ڏيندا.