ترجمي جو فن: قربان چنا
اهو ضروري آهي ته ڪو به ترجمو مروج لفظن ۾ ڪيو وڃي. سنڌيءَ ۾ ٿيندڙ ترجمن منجهه غير مروج لفظ استعمال ڪيا وڃن ٿا، جڏهن ته ترجمي ۾ اها گنجائش هوندي آهي ته ٻوليءَ ۾ لفظن جي کوٽ کي جملن جي ترتيب سان واضح ڪري سگهجي ٿو. ائين به درست نه آهي ته لفظن جو لفظن سان ترجمو ڪيو وڃي. ترجمي ۾ روانيءَ جو هجڻ پڙهندڙ کي ذهني ٿڪاوٽ کان بچائي ٿو. سٺو ترجمو ڪندڙ اهو آهي جو پڙهي محسوس ٿئي ته اهو ڪتاب ٻئي ڪنهن جو نه بلڪه سندس ئي تخليق ٿيل آهي.
ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته يورپ ۽ ايشيا جي ڪجهه ملڪن جون ٻوليون ترقي يافتا آهن. ترقي يافتا ٻولين مان مراد اها آهي ته جن ٻولين ۾ اهڙا سگهارا لفظ هجن جو انهن ۾ فلسفي ۽ جديد سائنس جي مختلف شاخن جون لکڻيون سمائجي وڃن ۽ اهي ڪتاب ائين بيان ڪن جو هڪ شاگرد مقصد کي نه صرف سمجهي سگهي، پر ياد ڪري ۽ ٻوليءَ وسيلي اڳتي بيان ڪري سگهي.
انسانن وچ ۾ فاصلا گهٽجڻ سبب عالمي ٻوليون هڪ ٻئي ۾ سمائجي رهيون آهن. اهڙو وقت ايندو جو دنيا اندر محدود طاقتور ٻوليون رهجي وينديون. اهو سوچي لڳي رهيو آهي ته سنڌي ٻوليءَ جو مستقبل روشن نه آهي. صورتحال کي تبديل ڪرڻو آهي. ڪنهن به ٻوليءَ جي بقا جو دارومدار ان جي تعليم ۽ ادب تي آهي، ته ڇا اسان وقت جي دانشورن پنهنجي ٻوليءَ ۾ ايتري وسعت ۽ وسيلا پيدا ڪيا آهن جو ان ۾ عالمي معيار سمائجي سگهن؟ وسعتن مان مراد جديد سائنسي وصفون، کوجنائون ادب ۽ فلسفي کي بيان ڪرڻ جون معياري تشريحون آهن.
جيڪڏهن انگريزي ٻوليءَ جو مثال وٺون ته ان ٻوليءَ جي ماهرن لاطيني ۽ ٻين ٻولين جي لفظن کي ائين تبديل ڪري استعمال ڪيو آهي جو اهي لفظ پنهنجي ڀرپور معنائن ۽ اظهار جي قوت سان ان ٻوليءَ جو حصو ٿي پيا آهن. ڪو ادارو يا انفرادي محقق پنهنجا تخليق ڪيل لفظ لکي، معنائن ۾ مونجهارو پيدا نه ٿو ڪري سگهي پر لفظن پويان ادارن ۽ ليکڪن جو متفق هجڻ ضروري آهي. اهو سرڪاري سرپرستي، روشن خيال ليکڪن ۽ غير مذهبي عالمن کان سواءِ مڪمل نه ٿو ٿي سگهي.
تخليقي ادب سڀ جي وَس جي ڳالهه ناهي. ان لاءِ ضروري آهي ته ليکڪ وٽ ڏانءُ سان گڏ ڏات به هئڻ گهرجي. پر تخليقي ادب کي ترجمو ڪرڻ صرف ڏانءُ آهي جنهن ۾ ضروري نه آهي ته ڏات به شامل هجي. پر جيڪڏهن ڏاتار پنهنجي ڏانءَ کي استعمال ڪري ٿو ته پوءِ اهو اصل تخليق جي روح کي ڇُهي ٿو.
سنڌي ٻوليءَ ۾ غير معياري ترجمن جا انبار آهن. پڙهه ته ائين لڳي ٿو جيئن ڪو ڀڳل روڊ تي سفر ڪندو هجي. ڪجهه ترجما نگار اهڙا آهن جن جي تعريف ڪري سگهجي ٿي. قربان چنا انهن ۾ مٿين جاءِ والاري ٿو. مان اهي لفظ کيس خوش ڪرڻ لاءِ نه چئي رهيو آهيان، پر حقيقت اها آهي ته قربان چنا حيرت انگيز ترجما نگار آهي. ترجمي اندر لفظن جي اهڙي رواني شايد ئي مون پڙهي هجي. سچ ته لفظن مٿان اکيون تِرڪنديون وڃن ٿيون.
مون هن جا ٻه ترجمو ٿيل ڪتاب، مچ البوم جو “پروفيسر موري ۽ مان” ۽ البرٽ ڪاميو جو “اجنبي” پڙهيا آهن. قربان چنا جو ترجمو پڙهي محسوس ٿيو جيئن البرٽ ڪاميو کي وڌيڪ ويجهو ٿي ويو هجان. وجودي ناولن کي ترجمو ڪرڻ ائين آهي جيئن ڪو احتياطي تدبيرن کان سواءِ ڪنهن ڌُٻڻ ۾ گهڙڻ جي ڪوشش ڪندو هجي ۽ اهي احتياطي تدبيرون ترجمي جو ڏانءُ، لفظن جا ذخيرا ۽ انهن جو بروقت استعمال ڪري اصل لکڻيءَ جي روح تائين پهچي، ان روح کي پنهنجي ٻوليءَ جي جسم ۾ قيد ڪرڻ آهي.
مون کي قربان چنا جي ترجمن متاثر ڪيو آهي. سنڌي ٻوليءَ کي اهڙن ترجمن جي ضرورت آهي. اهڙا ترجما پڙهڻ سان تخليقي ادب جو معيار وڌندو ۽ خبر پوندي ته عالمي سطح تي ادب ڪيئن لکيو وڃي ٿو ۽ ڪهڙا لاڙا استعمال ڪجن جو سنڌي ادب عالمي سطح تي روشناس ٿي سگهي. اها ادب جي خدمت ۽ قوم جي بقا لاءِ جدوجهد آهي. سچي محنت اها آهي ته توهان جو پورهيو قوم لاءِ هجي ۽ ان ۾ محنت جي اجرت جي طلب نه توهان وٽ هجي ۽ نه ئي قبول ڪئي وڃي.
ايملي برانٽي جي ناول “وُدرنگ هائيٽس” جو ترجمو منهنجي هٿن ۾ آهي. هڪ وڏو ۽ وسيع ناول ڏسي اچرج ۾ پئجي ويو آهيان. مون وٽ قربان چنا کي همت ۽ حوصلو ڏيڻ کان سواءِ ڪجهه به نه آهي نه اجورو، نه ايوارڊ جو هن ادبي پورهيت حوالي ڪري سگهان، صرف اميد آهي ته هن جو ڪيل پورهيو سنڌي ادب کي سنوار ۾ مددگار ثابت ٿيندو.
“وُدرنگ هائٽيس” انگريزي ادب جو ناول آهي، جيڪو سڀ کان پهريان 1947ع ۾ شايع ٿيو. ان وقت جي پابندين سبب اهو ايملي برانٽي جي نالي سان نه، پر “ايلس بيل” جي فرضي نالي سان شايع ٿيو هو. اهو پنهنجي دور جو اثر انگيز ۽ متضاد ناول آهي، جنهن ۾ وڪٽورين عهد تي چٿر ۽ مذهبي روايتن خلاف آواز اٿاريل آهي. انساني قدرن جي گهٽ وڌائي ۽ معاشي استحصال کي ننديو ويو آهي. ان ۾ غم، غصي ۽ مايوسيءَ جو اظهار آهي. المناڪ يادگيريون ناول کي سحر انگيز بنائين ٿيون. پيار، خوف ۽ موت جي تاثرن سبب اهو ناول گوٿڪ (Gothic) ادب ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو.
مون قربان چنا جون سنڌي سبٽائيٽل سان ٻه فلمون Timbuktu ۽ The Passion of Christ ڏٺيون آهن، جيڪا پڻ ٻوليءَ جي خدمت آهي. هن جي محنت، جستجو ۽ جذبي جي جيتري ساراهه ڪجي گهٽ آهي. اميد ته هو جوش ۽ جذبي سان ادب ۽ قوم جي خدمت ڪندو رهندو.