لطيفيات

شاهه لطيف وٽ عشق جا 10 اصول

سرڪلياڻ ۽ يمن سان ته ڄڻ موجوده نسلن جي شناسائي ۽ نسبت ئي ڌنڌلائبي پئي وڃي ۽ مون فقط ان نسبت کي روشن ڪرڻ جي ابتدا ڪئي آهي. شاهه جي هنن ٻن سُرن لاءِ منهنجي هيءَ سمجهاڻي آهي، اها حرف به حرف معنيٰ ڪونهي. ان سمجهاڻيءَ ۾ ڪٿي جديد فڪر ڇانيل به محسوس ٿي سگهي ٿو، ان لاءِ مان رڳو ايتري گذارش ڪندس ته شاهه لطيف دنيا جي سڀني ذهين ۽ ڏاهن ماڻهن وانگر پنهنجي دؤر کي جديد دؤر ڏانهن ڇال ڏياريندڙ شخص هئو.
Title Cover of book شاهه لطيف وٽ عشق جا 10 اصول

پيش لفظ

مون 1991ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊميءَ جي شروعات ڪئي ته ان جو پهريون ڪتاب ”نوان رستا نيون راهون“ ڇاپيو جيڪو سنڌ جي نوجوانن جي لاءِ ڪيريئر پلاننگ جي تفصيل تي آڌاريل هو. نوجوانن کي سنڌيت سان نينهن لڳائي رکڻ لاءِ مون ٻيو ڪتاب ڪرشن کٽواڻيءَ جو ناول ”منهنجي مٺڙي سنڌ“ ڇاپيو ۽ پوءِ سلسلو هلندو رهيو. ڇاپڻ لاءِ ڪتابن جي چونڊ ۾ اها ڳالهه هميشه سامهون رکي پئي وئي ته ڪتاب علمي ۽ شعوري ضرورتن کي پورو ڪندڙ موضوعن تي ڇاپيا وڃن. ان ۾ لطيفيات جي موضوع تي اسان ايڇ ٽي سورلي جا ٻه اهم ڪتاب ”ڀٽ جو شاهه“ (Shah Abdul Latif of Bhitt)۽ ”سرتاج شاعر“ (Musa Pervagans) ترجمو ڪرائي ڇپرايا ۽ ”شاهه جي رسالي جي ڏسڻي الف ب وار“ رسالي سميت، شاهواڻيءَ جو رسالو نئين صورتخطيءَ سان، ”شاهه لطيف بحيثيت مفڪر“ ۽ ”شاهه لطيف جو تصور ڪائنات“ شامل هئا. ان کان علاوه جيڪي به ڪتاب ڇپيا، انهن ۾ سنڌي شاگردن ۽ نوجوانن جي تعليمي ۽ تربيتي ضرورتن کي پورو ڪندڙ ڪتابن جو وڏو تعداد هو. اهي ڪتاب اسان صرف ڇپايا ئي نه پئي پر ڪتابن کي ڦهلائڻ اسان جو اصل ٽاسڪ هو ۽ ڪيترا ڪتاب سبسيڊائيز ڪري وڏي محنت ۽ خرچ سان وري وري ڇاپي سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پهچاياسون پئي. انهن محنتن ۽ خرچن جا ٿڪ تڏهن لهي پوندا هئا جڏهن شاگرد ۽ استاد، پڙهيل ۽ ڪڙهيل، عهدن ۽ مرتبن وارا شخص ملندا هئا ۽ هي ٻڌائيندا هئا ته اسان اوهان جي ڪتابن کي پڙهي اڳتي وڌيا آهيون. پنهنجي عملي زندگيءَ ۾ بهتر مقام حاصل ڪندڙ ڪيترن شاگردن ۽ نوجوانن جا لکيل خط ۽ ميسج پڙهي، انهن جي سنڌيڪا لاءِ جذبن ۽ احسانمندين جي سٽن کي پڙهندي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويندا هئا ۽ اها رات آئون خدا جي حضور ۾ شڪر جا نفل پڙهي پوءِ سمهندو هوس.
مان شاگرديءَ جي زماني کان سياسي ورڪر رهيو هوس. سنڌ ۽ سنڌين جي ڀلي لاءِ ان وقت کان چڱين سوچن جي اُڻت ڪئي هئي پر سنڌيڪا جي عملي ميدان ۾ اهڙي ڪم ڪرڻ جا چڱڙا موقعا ميسر ٿيا. اشاعت جي ڪم کان هڪ قدم اڳتي وڌندي 2010ع ۾ مون نج پنهنجي وسيلن تي احسن آباد ۾ سنڌيڪا انسٽيٽيوٽ فار اٿڪس ۽ سوشل ريفارمس قائم ڪيو جتي 2013ع جي ڊسمبر ۾ شاهه جي رسالي جا ڪلاس هلائڻ شروع ڪيا. انهن ڪلاسن لاءِ لطيفيات جي مختلف ڄاڻوئن کي سڏيو پئي ويو ۽ شاهه جي رسالي ۾ منڍ وارن ٻن سرن سُرڪلياڻ ۽ سُريمن جا ڪلاس مون پاڻ پئي ورتا. انهن ڪلاسن جي لاءِ نوٽس تيار ڪندو هوس ۽ اهي ٻئي سُر جڏهن پورا ٿيا ته انهن کي هڪ ڪتاب جي ترتيب ۾ آڻي مون هي ڪتاب تيار ڪري ورتو آهي.
آءٌ ڪو شاهه لطيف جو وڏو پارکو ناهيان ۽ نه وري منهنجي ان حوالي سان ڪا ڊگري ورتل آهي. پر مان هرهڪ پڙهيل سنڌي وانگر شاهه جو پاڙهو ضرور آهيان. منهنجي لاءِ البته هي اعزاز جي ڳالهه آهي ته مان قرآن مجيد کي ترجمي ۽ سمجهه سان وري وري پڙهيو آهي ۽ مثنوي روميءَ ۽ تصوف جي ڪتابن کي به اٿلايو اٿم، انهيءَ ڪري شاهه لطيف جي ڪلام کي پڙهندي، ان جي آفاقي سطح کي سمجهڻ ۽ بيان ڪرڻ ۾ سولائي ٿي آهي.
مون شاهه لطيف جي پيغام کي پنهنجي وس آهر اُن جي روح پٽاندڙ اڄ جي نوجوان نسل تائين پڄائڻ جي هڪ موچاري ڪوشش ڪئي آهي. سرڪلياڻ ۽ يمن سان ته ڄڻ موجوده نسلن جي شناسائي ۽ نسبت ئي ڌنڌلائبي پئي وڃي ۽ مون فقط ان نسبت کي روشن ڪرڻ جي ابتدا ڪئي آهي. شاهه جي هنن ٻن سُرن لاءِ منهنجي هيءَ سمجهاڻي آهي، اها حرف به حرف معنيٰ ڪونهي. ان سمجهاڻيءَ ۾ ڪٿي جديد فڪر ڇانيل به محسوس ٿي سگهي ٿو، ان لاءِ مان رڳو ايتري گذارش ڪندس ته شاهه لطيف دنيا جي سڀني ذهين ۽ ڏاهن ماڻهن وانگر پنهنجي دؤر کي جديد دؤر ڏانهن ڇال ڏياريندڙ شخص هئو. انسانيت جي ڀلي لاءِ جيئندڙ هر ماڻهوءَ کي قدرت ايمان واري فراست عطا ڪندي آهي ۽ هو اُن فراست سان پنهنجي ڌرتي ۽ قوم لاءِ مستقبل بيني ڪندو آهي. انهيءَ ڪري هُن سنڌ اندر مستقبل جي انسانن لاءِ شاندار ڪردارن جي تخليق ڪئي. اُهي ڪردار اسان کي سنڌ ۾ پيدا ڪرڻا آهن، جاڳائڻا آهن ۽ سنڌ ۽ سنڌين سان عشق جي واٽ تي هلائڻا آهن. انهيءَ ڪري منهنجي هن ڪتاب ۾ روايتي طرح هلندڙ تشريحن کان مختلف ڳالهه ملي ته اُن کي مٿي بيان ڪيل پسمنظر ۾ ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. آئون چوان ٿو ته ايندڙ دور ۾ انساني علمن ۽ قومي تعمير جي ترقي ٿيندي ته شاهه لطيف جو شعور ۽ فلسفو اڃا به وڌيڪ ترقي يافته شڪلين ۾ اسان جي سامهون نروار ٿيندو ويندو. شاهه لطيف پيغمبرن، سڌارڪن، فلاسافرن جي آفاقي ڏاهپ، سوچ ۽ فڪر جو تسلسل هو، انهيءَ ڪري اسان کيس اُن تسلسل کان ڪٽي پنهنجي مرضي ۽ خواهش جي قالب ۾ فٽ نه ٿا ڪري سگهون ۽ نه وري اُن کان بغير کيس ڄاڻي ۽ سمجهي سگهون ٿا. مان ان آفاقي ڏاهپ جي تسلسل ۾ شاهه کي بيان ڪرڻ جي ئي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن سان اسان جي نوجوانن ۽ ٻين سڀني ماڻهن لاءِ ڄاڻ ۽ سمجهه جون ڪي قدر نيون وٿون ضرور نروار ٿينديون.
هن ڪتاب ۾ سُر ڪلياڻ ۽ يمن جا سمورا بيت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي جوڙيل شاهه جي رسالي تان ورتل آهن. ڊاڪٽر بلوچ شاهه جي رسالي جو مستند متن تيار ڪرڻ لاءِ پنهنجو نور نچوئيو هو۽ هُن شاهه جي سُرن ۾ جيڪا ربط ۽ ترتيب رکي آهي سا وڌيڪ تحقيق سان سامهون آئي آهي. مان بيحد ٿورائتو آهيان محترم سائين ڊاڪٽر عبدالغفار سومري جو جنهن هن ڪتاب کي نظر مان ڪڍي ضروري اصلاح لاءِ تجويزون پڻ ڏنيون. ساڳي وقت سنڌيڪا سٿ نديم احمد سولنگي، مجيب الرحمان ميمڻ، مسافر ابڙو، امان الله ڀٽي، عبيدالله ميمڻ ۽ سنجي ڪمار جو پڻ ٿورائتو آهيان جن هن ڪتاب کي بهتر ۽ جلد تيار ڪرڻ ۾ منهنجو هٿ ونڊايو.

نوراحمد ميمڻ
چيئرمين
سنڌيڪا اڪيڊمي
03352233801