لطيفيات

شاهه لطيف وٽ عشق جا 10 اصول

سرڪلياڻ ۽ يمن سان ته ڄڻ موجوده نسلن جي شناسائي ۽ نسبت ئي ڌنڌلائبي پئي وڃي ۽ مون فقط ان نسبت کي روشن ڪرڻ جي ابتدا ڪئي آهي. شاهه جي هنن ٻن سُرن لاءِ منهنجي هيءَ سمجهاڻي آهي، اها حرف به حرف معنيٰ ڪونهي. ان سمجهاڻيءَ ۾ ڪٿي جديد فڪر ڇانيل به محسوس ٿي سگهي ٿو، ان لاءِ مان رڳو ايتري گذارش ڪندس ته شاهه لطيف دنيا جي سڀني ذهين ۽ ڏاهن ماڻهن وانگر پنهنجي دؤر کي جديد دؤر ڏانهن ڇال ڏياريندڙ شخص هئو.
Title Cover of book شاهه لطيف وٽ عشق جا 10 اصول

اصول 9. رسمي ۽ ڏيکاءَ جي طريقن کان بچڻ شاهه وٽ عشق جو نائون اصول آهي

ماڻهو هن دنيا ۾ سليم فطرت تي پيدا ٿئي ٿو. ٻاروتڻ کان وٺي هن جي جوانيءَ تائين سندس والدين، استاد ۽ چوڌاري مذهبي ماڻهو منجهس پنهنجا پنهنجا خيال، طريقا ۽ علم اوتن ٿا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي سندس معصوميت ۽ سندرتا الائي ڪيترن تهن ۾ ويڙهجي وڃي ٿي. هاڻي ماڻهوءَ جون سوچون انهن غلافن جي اندر ئي پروان چڙهن ٿيون ۽ هُن جي مٿان زندگيءَ جا حقيقي راز نٿا کلن. انسان کي جيڪا وجدان ۽ عقل جي قدرتي رهنمائي مليل آهي ان ۾ عقل جي رهنمائي کي عشق اوتڻ (Reflection) لاءِ جيڪا ٻاهرين روشني گهربل آهي، انهن غلافن جي ڪري مٿس نه ٿي پهچي. ماڻهوءَ جي اک ڏسڻ جو ڪم ڪندي آهي پر جيستائين ٻاهرين روشني اکين تي پنهنجو عڪس نه وجهندي تيستائين ماڻهو ڏسي نه سگهندو. اوندهه ماڻهوءَ جي کليل اکين کي به بيڪار بڻائي ڇڏيندي آهي ۽ اوندهه ۾ ڪجهه به نظر نه ايندو آهي. انهيءَ ڪري عقل کي به ٻاهرين روشني، ٻاهرين هدايت گهرجي. خلقڻهار انسان لاءِ ان ٻاهرين روشنيءَ جو بندوبست وحي جي صورت ۾ ڪيو آهي. انسانن کي پيغمبرن ذريعي ڪتاب ڏنا اٿائين جن ۾ خير ۽ شر جون، چڱائي ۽ مدائيءَ جون، بري ۽ ڀلي جون سڀ صورتون، انهن جا فائدا ۽ نقصان، انهن جون لڪل خوبيون ۽ خطرناڪيون سڀ چٽيون ڪري ڏنيون اٿائين. هاڻي جيڪو انساني سعادتن ۽ ڀلاين جي باري ۾ وحي جي روشني کي پنهنجي عقل تي منعڪس ڪندو ته هدايت جي روشنيءَ جو فائدو وٺي سگهندو ۽ جيڪو ان کان محروم رهندو ته غلافن ۾ ويڙهيل ذهنيت جي نتيجي ۾ پيو ڀٽڪندو. ظواهر پرستي هُن جي پچر ئي ڪو نه ڇڏيندي. ان صورت ۾ ماڻهو پنهنجي هستيءَ ۾ داخل ئي نه ٿي سگهندو. مٿس ويڙهيل پنهنجي وڏڙن، مرشدن ۽ روايتن وارا غلاف هُن کي ايئن ڪرڻ ئي نه ڏيندا ۽ ظاهر آهي هو جيستائين پنهنجي هستيءَ جي مرڪز کي نه پائي سگهندو تيستائين هو ڪائنات جي مرڪز کي به پائي نه سگهندو. انسان پنهنجي دائرن ۾ ڀلي الڳ الڳ هجي پر پنهنجي مرڪز ۾ هڪ آهي. انسان جو اهو مرڪز جيڪا ڪشش ڪري ٿو ان جي طرف ڇڪجي اچڻ لاءِ پاڻ کي انهن غلافن کان آجو رکندو ته عشق جو لطف ماڻي سگهندو.
ظواهر پرستي ماڻهوءَ جي ”مان“ کي ڦوڪي ڇڏيندي آهي ۽ ماڻهو پنهنجي پر ۾ سوچيندو آهي ته مان وڏو ڄاڻو آهيان ۽ مان سڌي واٽ تي آهيان. مون کي ڪنهن خاص رنگ جي پڳ پاتل آهي، مان فلاڻي جو بيعت ورتل آهيان، فلاڻو ڏاهو عاشق منهنجو رهبر آهي، انهيءَ ڪري مان خوشنصيب آهيان مان پهتل آهيان. اهي سڀ ماڻهوءَ جا نفسي ڌوڪا آهن. پهتل ڪو به ماڻهو نه هوندو آهي. سڄي زندگي ماڻهوءَ جي تلاش جاري رهندي آهي.
سقراط پنهنجي زندگيءَ جي پوين ڏينهن ۾ چيو هو: ”مان جڏهن نوجوان هيس ته سوچيندو هيس ته مان گهڻو ڪجهه ڄاڻان ٿو. جڏهن مان ڪرڙ وڍ ٿيس ته سوچڻ لڳس ته مان سڀ ڪجهه ڄاڻان ٿو پر مان وڌيڪ پوڙهو ٿي رهيو آهيان ۽ منهنجو شعور تيز تر ٿي رهيو آهي ته مونکي اوچتو هي ادراڪ ٿيو آهي ته مان ڪجهه به نٿو ڄاڻان.“
يونان ۾ ڊيلفي معبد مشهور هوندو هو. ان جي هاتف هڪ ڏينهن سقراط کي دنيا جو سڀ کان وڌيڪ ذهين انسان قرار ڏنو. جيڪي ماڻهو سقراط جا عقيدتمند هيا، سي يڪدم سقراط وٽ هلي آيا ۽ ٻڌايائونس ته هاتف اوهان کي دنيا جو سڀني کان ذهين ماڻهو قرار ڏنو آهي. سقراط وراڻيو: ”پهريون ڀيرو هاتف کان غلطي ٿي آهي، مان ته ڪجهه به نٿو ڄاڻان.“
”الله تعاليٰ انسانن لاءِ رهبري ۽ هدايت جو آخري منشور قرآن لاءِ چيو آهي ته اسان هدايت واسطي ان ۾ پنهنجون آيتون کولي کولي بيان ڪيون آهن. اعراف جي 76-175 آيت ۾ چيل آهي ته ”انهيءَ ماڻهوءَ جو حال ڏسو جنهن کي اسان پنهنجون آيتون ڏنيون سي ته اهو انهن کان ڪنڌ ڪڍائي ڀڳو پوءِ شيطان به انهن جي ڪڍ آيو ۽ ان سان ملي هو گمراهن مان ٿي پيو. اسان ته کيس پنهنجي آيتن ذريعي کيس بلندي عطا ڪرڻ پئي گهري، پر هو پاڻ زمين جي پستي ڏانهن جهڪي پيو. ۽ (سولائيءَ ۽ مفادن خاطر) پنهنجي خواهشن جي پيرويءَ ۾ لڳي ويو.“
شاهه لطيف پنهنجي رسالي کي انهيءَ خدائي هدايت جي تشريح ڪري پيش ڪيو ۽ چيو ته اها ئي هدايت پريان سندي پار ڏي پهچائڻ جو ذريعو آهي. جنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي عبديت جو ادراڪ هوندو، ڌرتي ۽ انسانن لاءِ جيئڻ جو جذبو هوندو ۽ انهن جي درد جو دورو چڙهيل هوندو تن لاءِ شاهه سائينءَ چئي ٿو ته پرينءَ جو پسڻ انهن لاءِ ئي آهي. سُر يمن جي داستان 5 ۾ فرمائن ٿا:

جَنِي دَورُ دَردَ جو، سَبَقُ سُورَ پَڙهَنِ
فِڪِرَ ڦَرَهِي هَٿَ ۾، ماٺِ مُطالِعُ ڪَنِ
پَنو سو پَسَنِ، جَنہِ ۾ پَسَڻِ پِرِينءَ کي.

جن کي خدا جي عظمت ۽ ڪبريائي ۽ پنهنجي عبديت جو ادراڪ آهي، جن کي ڌرتيءَ جي ديواني هجڻ جو احساس آهي ۽ جن کي انسانن لاءِ درد جو دورو چڙهيل آهي، سي ورائي ورائي ان درد ۽ پيڙا جو سبق پڙهن ته اهو درد کين ٿڪائي نٿو، پر ويتر کين اتساهي ٿو. هميشه انهيءَ فڪرمنديءَ ۽ ويچار ۾ رهن ٿا ته ڪيئن خدا، انسان ۽ ڌرتيءَ سان پنهنجي نينهن ۽ ناتي نڀائڻ جي حق ادائگي ڪري زندگيءَ کي سڦلائتو ڪجي. هو ڪنهن به شور شرابي کانسواءِ زندگيءَ جي رازن کي پروڙي وڏي حاصلات سان پيا جيئن. هو پنو ئي اهو ٿا پڙهن، جنهن ۾ محبوب حقيقي جو پسڻ ۽ ان جي رضا ۽ محبوبيت جو راز سمايل آهي.

وِسِرِئومِ سَبَقُ، پِهرِين سِٽَ نه سَنڀَران
اَڃان هِيءُ وَرَقُ، مون مُطالِعُ نه ٿِئو.

هيءُ ظاهري ڪتاب وارو سبق ئي مون کي وسري ويو، ان جي پهرين سِٽ به ياد ڪانهي. پر جيڪو زندگيءَ جي رازن کي کوليندڙ ڪتاب آهي ۽ جيڪو مقصد حيات جو ٻڌائيندڙ ڪتاب آهي سو ته اڃان سوڌو هيءُ هڪ پنو به پڙهي نه سگهيو آهيان.
پَڙهِيو ٿا پَڙِهِنِ، ڪَڙهنِ ڪِينَ قُلوبَ ۾
پاڻان ڏوههَ چَڙَهَنِ، جِئن وَرَقَ وارِينِ وِتَرا.

پڙهڻ وارا ڪتابن جا ڪتاب پيا پڙهن، وري وري پيا پڙهن پر ڪتابن ۾ سمايل حڪمت ۽ دانائيءَ کي پنهنجي دلين ۾ لهڻ ئي نٿا ڏين. نتيجي ۾ هنن جي عملي زندگي بڻجي ئي نٿي. هو پنهنجي سوچ جي دائري ۾ تنگ ۽ محدود ذهن ساروئي پڙهن ٿا، ان جي نتيجي ۾ کين دانائيءَ جي هيڏي ساري انساني ورثي کان محرومي پلئه پئي ٿي. هو جيئن جيئن پيا پنا اُٿلائين، تيئن تيئن ويتر ذهني انارڪيءَ جي ڏوهن ۾ پون ٿا.

سِٽَ نه سا سارِينِ، اَلفُ جَنہِ جي اَڳَ ۾
ناحَقِ نِهَارِينِ، پَنا ٻِئا پِرِينءَ لَئي.

حڪمت ۽ دانائيءَ جو بنياد الله جي معرفت جو شعور آهي. جيڪو ماڻهو ان اصلي سرچشمي کان محروم آهن، ان جي بڻايل نيچر ۽ فطرت جي رازن کان وانجها آهن، جيڪو ماڻهو ان الله جي ٻڌايل چڱائي ۽ مدائيءَ جي اعليٰ تصورن کان اڻ واقف آهن سي انساني حسناڪين بابت اجايو پيا هيڏانهن هوڏانهن جا پنا اٿلائين. اصل پرينءَ جي ٻڌايل واٽ سڌي سڌي آهي ۽ ٻين پرين جو واٽون وڙن وڪڙن واريون آهن، اهي وڙن وڪڙن واريون واٽون ماڻهوءَ کي رولايو ڇڏين ٿيون.

اَکَرَ ڇُتي هيڪَڙي ٻَهُون جي نه ٻُجهَنِ
ڪوهُ ڪِبو کي تَنِ، سَڄِي سُڻائي ڳالهِڙي.

جيڪي ايترو ته منجهيل آهن جو انساني سچاين ۽ سعادتن جو معيار سمجهي ٿا سگهن. جيڪي سڄي زندگيءَ هڪ اکر کي ڇهي سطحي معلومات تي گذارو ڪن ۽ انساني سعادتن جا گهڻا ٻيا اکر نٿا ٻجهن تن کي تفصيل سان سڄي ڳالهه سڻائڻ مان ڇا ورندو!

اوجهُون ڪَري عامَ کي مُنجهايو مُلَن
اُو پِريان ئي پاسي ٿِئا، ڳَههِ ڳَههِ ڳالهِيُون ڪَنِ
ساهان اوڏو سُپِرينِ، لوچِئو تانِ نه لَهَنِ
دَمُ نه سُڃاڻَنِ، دانهُون ڪَنِ ٻِئَنِ کي.

اڌ- پڙهيلن، نالي جي مُلن وٽان اهو انساني سچاين ۽ سعادتن جو معيار حاصل ٿي نه سگهندو. انهن ته ويتر رسمي مذهبيت سان عام ماڻهن کي منجهائي ڇڏيو آهي. اهي اڌ پڙهيا پرين جي ٻڌايل انساني سچاين ۽ سعادتن جي روح ۽ فڪر کان گهڻو پري آهن، ۽ رڳو ظاهر پرستيءَ وضع قطع ۽ رسومات جون ڊگهيون ڊگهيون ڳالهيون پيا ڪن. هوڏانهن اهو سهڻو محبوب ته ساهه کان به ويجهو آهي، پر انسان دوستيءَ جي روين ۽ لوچ سان اُن تائين نٿا پهچن. هو خودشعوريءَ جي معرفت کان محروم آهن ۽ پنهنجو پاڻ کي نٿا سڃاڻن، باقي واڪا ڪري پيا ٻين کي نصيحتون ڪن!

مُلا ڪوهُ مارِين، کارِين کُٿابِينِ کي
وَرَقَ جي وِصالَ جا، سي پَنا نه پارِين
سا سِٽَر نه سيکارِينِ، جَنہِ ۾ پَسَڻُ پرينءَ جو.

اي مَڪتب جا مُعلّم! تون لفظن جي وَڪڙ واري هِجي ۽ بي معنيٰ بابن ياد ڪرائڻ خاطر ٻارڙن کي ڇو پيو اجايو مارين ڪُٽين. صحيح ساڃاهه واري وحي جي تعليم ۽ هدايت تي، جيڪا بندي کي موليٰ سان ملائي، ڇو نٿو پڙهائين. محض رسمي پڙهائي واري انهي اجائي ڊيگهه بدران تون ڇو نٿو شاگردن کي اها هڪ ئي اعليٰ مقصد واري سِٽ سمجهائين جنهن ۾ حقيقي محبوب سان ملڻ واري حڪمت ۽ هدايت سمايل آهي.

اَدا ڙي آخُوندَ! مارِ مَ مَعصُومَنِ کي
دَردَ تُنهِنجي دل تي جي بِرَهَ وَسائِي بُوندَ
هِيئن نه مارِيُئِي هُوندَ، عاقِلَ اَٻوجهَنِ کي.

اي منهنجا ڀاءُ آخوند! لفظن رٽڻ تي ايئن معصوم ٻارڙن کي مار ته نه! اصل ۾ جيڪڏهن توکي انسان دوستيءَ جو شعور حاصل هجي ها ۽ تنهنجي دل درد واري هجي ها ان صورت ۾ تنهنجي عقلمندي توکي ايئن ابهم ٻارن کي مارڻ کان روڪي وجهي ها ۽ ڪَچي ٻُڌ وارن ٻارڙن کي هوند ايئن نه مارين ها!

اَکَرَ پَڙهِي اَڀاڳِيَا، قاضي ٿِئٖينۡ ڪِئاءُ
جِئن ڀيٖرييٖنۡ ۽ ڀائِيٖينۡ، ايٖڏنۡہ اِيئِن نه آءُ
اِنَ سُرڪِيءَ ساءُ، پُڇِجُ عَزازِيلَ کي.

اي اڀاڳا! اهي ٿورڙا بي سود اکر پڙهي، تون ڪيئن قاضي بنجي وئين! هڪ تون دين جي اصل روح کان بي خبر پنهنجي رخ تي پيو هلين ۽ ٻيو وري غرور وچان پاڻ کي پيو سڀ ڪجهه سمجهين. ايڏي هٺ ۽ غرور سان تڪڙو ٿي نه وڌ. اِنهيءَ تڪبر واري خواريءَ جي خبر نه هجئي ته اها خبر عزازيل (شيطان) کان پڇ ته پتو پوئي.

جي تون فارِسي سِکِئو، گولو توءِ غلامُ
جو ٻَڌو ٻِن ڳالهِئين سو ڪِئن چائي ڄامُ
اُڃئو تان آبُ گهُري، بُکئو تان طعامُ
ايءُ عامَنِ سندو عامُ، خاصَنِ منجهان نه ٿِئي.

توڙي جو تون کڻي فارسي پڙهيو آهين ته به ان ظاهري علم جي باوجود تون پنهنجي پيدائش واري حقيقت جي لحاظ سان، بهرحال (پنهنجي خالق جو) هڪ پابند بندو آهين. ڀلا جيڪو اڃايل حالت ۾ پاڻيءَ جو محتاج آهي، بکايل حالت ۾ کاڌي جو محتاج آهي ۽ اهڙو ماڻهو جيڪو زندگي جي هر مرحلي تي محتاج ٿو گذاري سو پاڻ کي معتبر ۽ برتر ڪيئن ٿو سڏائي. سو ته عام مخلوق واري حيثيت رکي ٿو، ۽ خاصن ۾ شمار ٿي نٿو سگهي.

سِٽوُن پَڙههُ ساڃاءِ جون، ڪَنزُ قُدُورِي ڇَڏِ
وانءُ تَنِي جي سَڏِ، جَنِي سانگُ نه ساهَ جو.

حق ۽ حقيقت، سعادت ۽ صداقت واريون سِٽون پڙهه، ته جيئن توکي زندگيءَ جي صداقتن ۽ سعادتن جي ساڃاهه ٿئي ۽ سڦل زندگي گذاري سگهين. ’ڪنز‘ ۽ ’قُدُوري‘ ڪتابن کي محض رسمي طور پڙهڻ واري عادت ڦٽي ڪر. جيڪي تنهنجي دور جا جاکوڙي انسان آهن انهن جو سڏ اوناءِ وٽن وڃ، جيڪي محبوب مقصد جي لاءِ جاکوڙين ۽ جند جان ٿا قربان ڪن. کانئن اهي سبق سکي پڪا ڪر ۽ پنهنجي عملي زندگي بڻاءِ.

پَني ۾ پيهِي، تان تو الفُ نه اُجهِئو
ڳالههِ پِريان جي ڳُجههَ جي، جيهِي نه تيهِي
خَبَرَ تو ڪيهِي، قاضِي! هِنَ ڪِتابَ جي.

پني ۾ پيهجي وئين ۽ ڪتابن جو ڪيڙو ٿي وئين. لکيل عبارت ۾ پاڻ کي محو ڪري پيو پڙهندو رهين. پر ڏاهپ جو بنياد ته الله تعاليٰ جي معرفت آهي، ان جو الف يعني ابتدائي درجو به توکي حاصل نه ٿيو. حقيقي محبوب جي راز واري ڳالهه ڪا معمولي ۽ رواجي ناهي جو بنا محبت، محويت ۽ عملي زندگيءَ جي معلوم ٿي وڃي. اي ظاهري مسئلن کي نبيرڻ وارا قاضي! توکي هن الاهي عشق ۽ معرفت واري ڪتاب جي ڀلا ڪهڙي خبر. جيستائين ڌرتيءَ تي خدا جي بندن جي خيرخواهيءَ جي عملي زندگي ماڻهوءَ وٽ ناهي تيسين مالڪ جي رضا ۽ محبوبيت جو مقام ملي نٿو سگهي.
اَکَرُ پَڙههُ ’اَلفَ‘ جو، ٻِئا وَرَقَ سَڀ وِسارِ
اَندَرِ کي اُجارِ، پَنا پَڙهندين ڪيتَرا.

هڪ ’الله‘ جي نالي وارو پهريون اکر ’الف‘ پڙهي پختو ڪر، ان جي محبت، محويت، رضا ۽ محبوبيت کي زندگيءَ جو اصل سرمايو بڻاءِ ۽ ٻيا (غير ’الله‘ وارا) ورق سڀ وساري ڇڏ. خدا جي ٻڌايل ضابطن ۽ حڪمت سان انسان دوستيءَ جي عملي زندگي گذار ته تنهنجي شخصيت جي ارتقا ٿئي ۽ تنهنجو اندر اجرو ٿئي. جيڪڏهن عملي زندگيءَ جي اها حاصلات توکي نٿي ملي ته پوءِ ڪتابن جا پنا ڪيترا به پڙهندين انساني سعادتن جي حاصلات کان محروم رهندين.

سِٽَ سائِي سار، اَلفُ جَنہِ جي اَڳَ ۾
مِيمان جو مَعلوُمُ ٿِئو، وَرَقُ سوئِي وارِ
ناحَقِ ڪِيمَ نِهارِ، پَنا ٻِئا پِرِينءَ لَئي.

زندگيءَ ۾ تنهنجي ڄاڻ شعور ۽ علم جو بنياد تنهنجو خدا هجي. اهائي هڪ سِٽ سنڀاري ياد ڪر جيڪا ’الله‘ جي نالي سان شروع ٿئي ٿي. الله جي موڪليل پيغمبر محمد (ﷺ) ذريعي انسان سعادتن ۽ ڀلاين جو قرآني فڪر ۽ پيغام مليو آهي سو ئي ورائي پڙهه ۽ پڪو ڪر. انساني ڀلاين ۽ سعادتن جي فڪر لاءِ مون جيڪي ڀانت ڀانت جا در پئي ڀٽڪيم ۽ پرين پئي ڳوليم سو ناحق ۽ اجايو هو، مون ناحق ان ڳولا ۾ وقت وڃايو.

پَڙهئو پَڙهيجاهُ، سَبَقُ اِنَهِين سُورَ جو
’مِيمُ‘ رَکِجاه مَنَ ۾، اَلَفُ تَنہ اڳِياهُ
چِتا چوريجاهُ، اِها لاتِ لَطِيفُ چَئي.

صدين کان سلامتي، امن ۽ فلاح لاءِ ڀٽڪندڙ انسانيت جي اِنهيءَ درد ۽ پيڙا جو سبق وري وري پيو پڙهجانءِ. اهو درد ۽ پيڙا توکي سڄي انسانيت ۾ مشترڪ لڳندو. انهيءَ درد ۽ پيڙا کان نجات انساني آزادين جي توحيد واري فڪر ۾ آهي. هر دور جي سڌارڪن اها توحيد جي تنوار ڪئي پر ان جو اعليٰ ۽ مٿاهون شعور حضرت محمد (ﷺ) جي ذريعي انسانيت کي مليو آهي. اها ڳالهه پختي يقين سان پنهنجي دل ۾ ڌري رکجانءِ ۽ باقي انسانن کي به انهيءَ حقيقت جي آگاهي ڏجانءِ. لطيف ٿو چئي ته: اهو يقين وارو آواز سهڻي ۽ سيبتي دليل سان پنهنجي اندر مان پيو اُٿارجانءِ ته جيئن ٻين تائين به اهو پيغام پهچي.

جي هَرائِين هنِين تي، سَندِي ’الفَ‘ اوڙِ
ته ڪِتَابَنِ جي ڪوڙِ، منجهان تو مَعلوُمُ ٿئي.

تون جيڪڏهن پنهنجي ڄاڻ ۽ ڏاهپ جو بنياد ڪل ڪائنات جي خالق ۽ ڄاڻڻهار ’الله‘ پاڪ جي معرفت کي بڻائين ۽ پنهنجي قلب تي ان جي ٻڌايل هدايت واري انسان دوستيءَ جي عملي زندگي نقش ڪرين ته پوءِ جيڪر ٻاهرين ڪتابن ۽ ٻاهرئين سکيل علم جي بدران تنهنجو پنهنجو قلب ئي علم ۽ ڏاهپ جو سرچشمو بنجي وڃي ۽ فقط هڪ ڪتاب نه پر ڪئين ڪتاب تنهنجي پنهنجي قلب مان پنهنجو پاڻ کلي پون.

ڪوڙينِ ڪِتابَنِ ۾، حَرفُ مِڙوئِي هيڪُ
جي تو نظَرُ نيڪُ، ته بِسم اللـہ ئِي بَس ٿِي.

ڪتاب ته ڪروڙين آهن، پر مڙني ڪتابن ۾ بنيادي حقيقت ’هڪ الله‘ جي وحدانيت جو شعور آهي جنهن کي هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي دليلن سان پيش ڪيو آهي. جيڪڏهن تنهنجو پنهنجو ’ڏسڻ‘ ۽ حقيقت کي جانچڻ سمجهڻ وارو رخ سولو سڌو ۽ اعليٰ شعور وارو آهي، ته پوءِ تنهنجي لاءِ سڀني ڪتابن ۾ خدا جي حڪمت ۽ جوڙ نظر ايندي.

تَنُ کُڏِي، مَنُ حُجِرو، ڪِينَ چالِيها رَکُ
ڪُہُ نه پُوڄئو پُوڄئِين اَٺَئِي پَهَرَ اَلَکُ
تُون تان پاڻُ پَرَکُ، سَڀَڪَنہِ ڏانهن سامُهُون.

نيڪو ڪاريءَ ۽ زهد فڪر لاءِ جهنڊ هڻڻ ۽ چله ڪشين جي ڪهڙي ضرورت آهي، تون پنهنجي وجود کي انسان دوستيءَ جو آستانو ۽ کُڏي بڻاءِ ته تنهنجي ذات مان انسانن کي هر قسم جون ڀلايون رسن. پنهنجي من کي اهڙي ڇپر ۽ ڇانءَ بڻاءِ جتي ويهندي ماڻهن کي پنهنجي روزاني زندگيءَ جا ڏک ڏولاوا وسري وڃن. رڳو ٻاهر ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ رسمي چاليها نه ڪڍ. انهن رسمي چاليهن جي بجاءِ پنهنجي زندگي جو هر پل ۽ ’ڏينهن- رات‘ جا اٺئي پهر، پنهنجي مالڪ جي اطاعت سان ان جي بندگيءَ ۾ گذار. تون پنهنجي عبديت جي خود شعوري حاصل ڪر ۽ انسان دوستيءَ جي عملي زندگي اختيار ڪر ته اهو مالڪ ۽ خالق توکي جابجا ايئن پنهنجي سامهون نظر ايندو جيئن هو سڄي ڪائنات جي سامهون آهي.

تِهَڙا نه چالِيها چالِيههَ، جِهڙو پَسَڻُ پِرِينءَ جو
ڪاتِبَ ڪُڄَاڙِئا ڪَرِيين، مَٿي پَنَنِ پِيهَه
جي وَرَقَ واريين وِيههَ، تَپِ اَکَرُ اُهوئِي هيڪَڙو.

اهي چاليها چاليهه انسان جي مٿانهن مرتبن جو ذريعو ناهن. پرينءَ جي پسڻ سان ئي انسان جي سرخروئي ۽ ڪاميابي آهي، جيڪا ان جي حڪمن جي اطاعت سان حاصل ٿئي ٿي. مالڪ جا سڀ حڪم انساني ڀلائي جي عملي زندگي اختيار ڪرائن ٿا ۽ اها ئي پرينءَ جي پسڻ جي اصل واٽ آهي. تون ڪاتب بڻجي پنهنجي روايتي ڄاڻ جي اجايو پيو پنن جي مٿان لک لکان جي پيهه ڪرين. تون کڻي سڄا سارا ويهه ورق پنهنجي ڄاڻ جي قلم سان ڪارا ڪرين ته به انساني ڪاميابيءَ جي قطعي حقيقت اهو پرينءَ جو پسڻ ئي آهي.

ڪُہُ ٿو ڪاغَذَ ڪوريين، ويٺو وِڃايين مَسُ
ڏورِ تِئان ئِي ڏَسُ، اَکَرُ جِئائِين آئِيو.

اي ڪتابن جا ڪيڙا! تون ڇا جي لاءِ ويٺو ڪاغذن تي لفظ ڪورين ۽ ڪتابي ڄاڻ کي لکڻ ۽ اُتارڻ لاءِ اجايو مس ضايع ڪرين. تون ان اصلي معنيٰ، حقيقت ۽ ان ڏس کي ڳولي لهه، جيڪا انهن اکرن جو بڻ بنياد آهي. الاهي شعور جي ان بنياد کي ڳولهي لهه جنهن سان انسان کي پنهنجي شخصيت جي ترقي ۽ ڪاملتا جو ڏس خود انسان دوستيءَ جي اندر سمائي ڏنو آهي.

ڪاتِبَ لِکَنِ جِيئنَ، لايو ’لامُ‘ ’اَلفُ‘ سين
اَسان سَڄَڻُ تِيئنۡ، رَهيو آهي روح ۾.

جيئن لکڻ جو هڪ مظهر ۽ نظارو هي به آهي جو لکندڙ ڪاتب لام الف ملائي لکندو آهي ته ٻئي اکر پاڻ ۾ ملي هڪ اکر ٿي وڃن ٿا. تيئن محبوب پڻ اسان جي دل ۽ ساهه ۾ سمائجي روح ۾ رلجي ويو آهي. هردم ان جي پچار آهي، هر لحظي ان جو لحاظ ۽ فرمانبرداري آهي ۽ انسان دوستيءَ جي طريقن تي زندگي جاري آهي.

ڪِئو مُطالعُ مُون، هُو جو وَرَقُ وِصالَ جو
تِنہِ ۾ تُون هِي تُون، ٻِي لاتِ نه لَحظي جِيٖترَي.

مون جڏهن اهو مطالعو ڪيو ته منهنجي منزل ۽ وصال ڪهڙو آهي ته اي منهنجا خلقڻهار! مون کي هر ورق ۾ تنهنجي رضا ۽ محبوبيت جو ذڪر نظر آيو، هاڻي تنهنجي ڪبريائي، عظمت ۽ محبوبيت منهنجو سرمايو آهي، هر ورق ۾ تون ئي تون آهين. باقي مون کي ٻي ڪا به ذري جيتري لات ۽ تنوار ڪانهي!

وائي-١
سيڻَنِ جيءَ سَنڀارَ، جَڏڙو جِيءُ جِيارِئو
پِرِين جِيءَ پَچارَ، جَڏَڙو جِيءُ جيارِئو
١. ڪَرَمَ ڪَرِيمَنَ جِي، اَهُکِيءَ وير اُڪارِئو
٢. صالِحَنِ جيئن سَڏَ ڪَري، طالِحَنِ کي تارِئو
٣. اُونهِين تَڙَ عَميقَ مان، پِرِين پوڄِ پِيارِئو
٤. سامُهُون ڪَري سُپِرين، نِرمَلَ نُور نِهارِئو
٥. مَرض مرِيضنِ تان، اِشَاري ساڻِ اُتارِئو.
پيارن سڄڻن جي يادگيري ۽ پچار منهنجي لاءِ زندگي ۽ حيات بڻجي ٿي. پيارن محبوبن جي پچار ۽ ذڪر، منهنجي اگهي جندجان کي وري حياتي بخشي ڇڏي آهي. انهن ڀلن جي ڀلائي، ان جي ٻڌايل زندگيءَ جي ضابطن مون کي ڏکن ڏولاون مان ڪڍي سهنج ۽ سلامتيءَ سان ٻئي پار ڪيو. باهه جي ڪناري تي بيٺلن کي بچائڻ لاءِ صالحن جيئان سڏ ڪري تن سڄڻن پنهنجن ڀٽڪيل عاشقن کي ٻڏڻ کان بچائي تاري ٻئي پار ڪيو. پيارن محبوبن اڃايل عاشقن کي پنهنجي رضا ۽ محبوبيت وارو آبحيات هدايت جي ڪتاب واري صورت ۾ ڍؤ ڪري پياريو. اي منهنجا سهڻا محبوب! پنهنجي هدايت واري ان نور ۽ روشنيءَ جي مون مٿان پالوٽ ڪر. پياري پرينءَ پنهنجي اگهن عاشقن جي بيماري کي پنهنجي ڪُن جي قول سان جي هڪ لحظي ۾ لاهي ڇڏيو.


وائي-٢
وَٺِئو هوتُ وَڃنِ،
اَلا جهلِيان، اَلَا پَلِيان، هنيڙَو نه رَهٖي
١. آءٌ جَنِي جي آهِيان، ڪَڙِي ٿِيان مَ تَنِ
٢. گهَڻِين ڀَتين گهورِيان، سَندَڙي ٻاجههَ ٻِئنِ
٣. مَرُ مَران، مارِينِ مون، پُرزا پُرزا ڪَنِ
٤. آءٌ مُيائِي گهورِئي، جي مان مُحِبَ مِلِن.
منهنجي اياڻائي ۽ بي قدريءَ سببان منهنجو هوت منهنجو پرين مون کان ڌار ڪريو ٿا وڃن. پنهنجي زندگيءَ جي لا اُبالين کي جهليان ۽ پليان ٿو، ڇو ته منهنجو هينئڙو ان کان سواءِ نٿو رهي سگهي. آءُ جن جي ڪسي ڪانڊي ٻانهي آهيان، لاابالين ۽ ڪساين جي ڪري شال تن مالڪن کي ڪڙي نه ٿيان، باقي ٻيا جي مون کي ڪڙو ڪن ته ڀل ڪن. پنهنجي محبوب مالڪ کان سواءِ ٻيا جي طرحين طرحين عيش آرام جا اسباب مهيا ڪن ته به اهي آءٌ گهوري ڦٽي ڪريان. ڀل ته آءٌ ان جي واٽ تي موت سان ماري وڃان ۽ ذرو ذرو ڪئي وڃان پر منهنجا محبوب مون کي ملن، ته پوءِ آءٌ مئي به مٿانئن گهور آهيان.