اصول 10. حسد ۽ نفس جي غلامي کان بچڻ شاهه وٽ عشق جو ڏهون اصول آهي
عشق ۾ حسد به خواهشن جي غلامي آهي ۽ پنهنجي نفس جي غلامي آهي، ان ڪري حسد به عشق ۾ نه هلندو آهي. حسد حقيقت ۾ نفسياتي جهالت جو بدترين قسم آهي. جيڪي ماڻهو هي نٿا ڄاڻن ته عشق جا اصل مقامات ڪهڙا آهن؟ ته اهي ئي انهيءَ حسد جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پوندا آهن. اوهان جو عشق خدا جي لاءِ آهي، ڌرتيءَ لاءِ آهي، انسانن لاءِ آهي ته پوءِ ان ۾ سڌون ۽ نفس جي غلامي ڪو نه هلندي. ان ۾ شين جي لونجهه ڪو نه هلندي. ڇاڪاڻ ته اوهان اعليٰ قدرن جا متوالا آهيو انهيءَ ڪري شيون وکر اوهان جو ڌيان پاڻ ڏي ڪري وجهن ٿيون ته پوءِ اهو عشق جي اصولن جي منافي آهي. سُر يمن داستان 6 ۾ شاهه سائين فرمائي ٿو:
اَيٖڪُ پِيالو، ٻه ڄَڻا، عِشقُ نه ڪَري ايئَن
لَکيا جي لَکَڻ ۾، سي قُرب رَسندا ڪَيئن
هُئَڻَ ڪِئا هِيئن، وانجِئا پَسُ وِصالَ کان.
عشق جي واٽ تي جڏهن اوهان پنهنجي ساٿ سان گڏ هلو ٿا ته پوءِ هڪ پيالي ۽ هڪ وکر ۾ ٻه ٻه ڄڻا سڌون نه ڪريو. عاشقي جا دعويدار جيڪڏهن لونجهه ۽ سڌن جي ڪچن لڇڻن ۾ پڌرا ٿي پيا، سي مالڪ جي رضا ۽ محبوبيت جو پيار ڪيئن ماڻيندا؟ هو پنهنجي ساٿين سان ايثار ۽ قربانيءَ جي ريت تي هلڻ بجاءِ جيڪڏهن پنهنجو پاڻ کي اهميت ڏيندا ته انهيءَ هيٺاهين حالت ۾ پئي، محبوب جي قرب کان محروم ٿي ويندا.
ايڪُ پِيالو، ٻه ڄَڻا، عِشقُ نه اِيئَن ڪَري
آٽي سي ايڪُ ٿِئا، جي ڳَتا نِيہَ ڳَري
دُئِي ڌار ڌَري، جُہُ خُلتَ خَنَجَرُ آئِيو.
عشق جي واٽ تي جڏهن اوهان پنهنجي ساٿ سان هلو ٿا ته پوءِ قرباني ۽ ايثار شرط آهي. هڪ ئي شيءِ لاءِ ٻه ٻه ڄڻا سڌون نه ڪن. جيڪي ماڻهو تبديلي ۽ سڌارن جي هيڏي وڏي انساني ڪم جو نينهن نڀائي رهيا آهن سي پنهنجي ننڍين خواهشن کان بي نيار ٿي اعليٰ مقصد لاءِ، آٽجي (پيسجي) ۽ ڳنڍ وانگر ڳهي هڪ ٿي ويا آهن. هاڻي انهن جي اتحاد ۽ ساٿ کي صرف عشق جو وهايل خنجر (موت) ئي وڍي جدا ڪري سگهي ٿو، باقي اسباب جي مسئلي تي انهن عاشقن ۾ ويڇا پوڻ ممڪن ئي ناهن.
ايڪُ پِيالو، ٻه ڄَڻا، عِشقُ نه ڪَري اَڌَ
اِيءَ تان سائِلَ سَڌَ، ڪَئِي جا قَوالَ سِين.
عشق جي واٽ تي جڏهن اوهان پنهنجي ساٿ سان هلو ٿا ته پوءِ اها اڌو اڌ واري رسم جائز ناهي. اها ته سواليءَ جي ان خواهش ۽ گُهر مثل آهي جيڪا هو سماع ۾ ڳائيندڙ کان ڪندو آهي (جو ساڳي وٽي ۾ قوال جي بچايل اوبر کانئس گهري پيئندو آهي).
ايڪُ پِيَالو، ٻه ڄَڻا، عِشقُ نه ڪَري اِتِ
مائِنِ ڪِينَ مِياڻَ ۾ ٻه تَرارِيُون تِتِ
اِيءَ پَرِ آهي اُتِ، جِتي ناتو ناهِ ڪو.
عشق جي واٽ تي جڏهن اوهان پنهنجي ساٿ سان هلو ٿا پوءِ هڪ پيالي ۾ ٻه ڄڻا سڌون نه ڪريو. پنهنجي سڌن ۽ نفساني خواهشن تي ڪنٽرول ڪرڻ بيحد ضروري آهي جو نفس پرستي ۽ عظيم مقصد ٻئي هڪ مياڻ ۾ هرگز نه ماپندا، جيئن ٻه ترارون هڪ مياڻ ۾ ماپي نه ٿيون سگهن. نفس پرستيءَ بنهه ڪڌي ريت آهي، جتي سچي نينهن نڀائيندڙن جو گذر ۽ ناتو ئي ڪونهي.
عاشِقَ زَهَرَ پِياڪَ، وِهُ پَسِئو وِهُسَنِ گهڻو
ڪَڙي ۽ قاتُل جا هميشَه هيراڪَ
لَڳِينِ لَئُونِ لَطِيفُ چَئي، فَنا ڪِئا فِراقَ
توڻي چِڪَنِ چاڪَ، تَه به آهَ نه سَلَنِ عامَ کي.
عشق ۽ عمل جي ميدان تي سچا عاشق زهر پيئڻ يعني تڪليفن سهڻ ۽ موت کي ڀليڪار چوڻ جا عادي آهن: تڪليفن ۽ موت جي رستي تي ڪڏي هلڻ واري هجت ڪن ٿا. ڪڙو ۽ قاتل شراب جيڪو پيئڻ ۾ ڏکيو ۽ پڻ پيئڻ ساڻ پورو ڪندڙ ۽ ماريندڙ آهي تنهن جي پيئڻ تي هو (عاشق) اصل کان وٺي هريل آهن. لطيف ٿو چوي ته: انهن کي محبت جي ميخ لڳل آهي ۽ مالڪ حقيقيءَ جي رضا ۽ محبوبيت لاءِ موت جي پُل پار ڪرڻ لاءِ آتا آهن. جيتوڻيڪ عشق جي ان واٽ تي هلندي تڪليفن سببان سندن وڍ پيا ڏکن ته به صبر سان پيا سهن ۽ راز کي سانڍين پر پنهنجي تڪليفن جي دانهن ٻاهر ڪڍي ٻين کي نه ٿا ٻڌائين.
سِرُ ڏيٖئِي سَٽِ جوڙِ، ڪَنۡہِ پَرِ ڪَلاڙَنِ سِين
مَرَڻا مُنہُ مَ موڙِ، وَٽِي ڪِينۡ وَڌِ لَهيٖ.
اي سچا عاشق! تون سر قربان ڪري ان فدائيت ۽ خود حوالگيءَ جي حيلن ذريعي الاهي عشق واري نشي جي اصل مالڪن سان سودو پڪو ڪر. تون ايئن مرڻ کان منهن نه موڙ، ڇو جو الاهي عشق جي نشي واري سندن هڪ وٽي به تنهنجي سر کان ملهه ۾ اڃان وڌيڪ مهانگي آهي.
سِسِي سي گهُرَنِ، جي وارِيندَڙَ وِچَ ۾
اُوءِ ڪِين ٻِئو پُڇَنِ، سَرو جَنِ سَنباهِيو.
محبت جي مئخاني ۾ سر ته اهي ٿا گهرن جيڪي وچ ۾ وٽيون ڏيڻ وارا آهن. جيڪي خود مئخاني جا مچائيندڙ ۽ مئي جا مالڪ آهن، تن جي طلب ته اڃان ئي ڪا ٻي آهي. اهي مالڪ ته فدائيت ۽ خود حوالگيءَ جي نسوري انداز کي پسند ڪن ٿا.
اَٿئي سَڌَ سُرڪَ جِي، ته وَنءُ ڪَلاڙڪي گهَرِ
وَڍَڻُ، چِيرَڻُ، چِچِرَڻُ پَهَتِ اُنِي جِي پَرَ
جي وَٽِي پوئِي وَرِ، ته سَهنَگِي آهِ سَيدُ چَئي.
جيڪڏهن توکي سچي عشق جي سُرڪي جي طلب آهي، ته پوءِ اهو سَت سوڌيندڙ سڌارڪن جي ماڳ مڪان تي وڃ. انهن جي ريت رسم ئي اها آهي جو ان واٽ جي پانڌيئڙن کي ’وڍڻ، چيرڻ، چچرڻ‘ وارو لاڳ ٿا لائين ته جيئن انهن تڪليفن جي نتيجي ۾ اهي پچي راس ٿين. سيد لطيف ٿو چوي ته اتي وڍجڻ، چيرجڻ ۽ چچرجڻ جي عيوض جيڪڏهن توکي محبت جي مئي جي هڪ ئي وٽي، جيڪا توکي محبوب سان ملائي حاصل ٿئي ته سودي ۾ اها سهانگي آهي.
مَ ڪَرِ سَڌَ سَري جِي، جو تون ٽاريين ٽُوههُ
پيتِي جَنہ پاسي ٿِئي منجهان رَڳُنِ رُوحُ
ڪاٽي، چَکُ ڪَڪُوهُ، لاهي سِرُ لطِيفُ چَئي.
عشق ۽ عمل جي واٽ تي جيڪڏهن توکي ”ٽوهه“ واريون هلڪيون سلڪيون تڪليفون به توکي ناهن رسيون ته پوءِ سَري (جامِ محبت) جي سڌ ڇو ٿو ڪرين. تون ته ان ڪڙي جام جي پيئڻ جي خواهش ئي نه ڪر. جنهن جي پيئڻ ساڻ رڳن مان ست ۽ ساهه نڪري وڃي. لطيف ٿو چوي ته: جي توکي سچي سَڌ آهي ته عشق ۽ عمل جي واٽ تي رچي ريٽو ٿيءُ ۽ سِر وڍي ڏي، پوءِ ڀل ان وصل جي رنگين سُرڪ چک.
سَڌَڙِيَا سَري جون، ڪوهُ پَچاروُن ڪَنِ
جُہ ڪاتَ ڪَلاڙَنِ ڪَڍيَا، موٽِئو پوءِ وَڃَنِ
پِڪُون سي پِيَنِ، سِرَ جَنِي جا سَٽَ ۾.
ٺلهي سَڌ وارا عشق جي شراب جون ڳالهيون ئي ڇو ٿا ڪن! جن جو حال اهو آهي ته جيئن ئي قربان گاهه مچي ٿو ۽ مئه جي مالڪن پاران ڪات اُڀا ٿين ٿا ته هي سڌڙيا ڊڄي پوئتي هٽي هليا ٿا وڃن. عشق ۽ عمل جي ميدان تي برهه جون باقي بچيل بوندون ڀل اهي عاشق لذت سان پين جن جا سِر محبت جي سودي ۾ ڏنل آهن.
اَٿئِي سَڌَ سُرڪَ جِي، ته وَنءُ ڪَلاڙِين ڪاٽي
لاهِي رَکُ، لَطِيفُ چئي، مٿو وٽِ ماٽي
تِڪَ ڏئِي، پِڪَ پِيءُ تون، گهُٽَ مَنجهانَ گهاٽي
جو وَرَنَہَ وِهاٽي، سو سِرَ وَٽِ سَرو ساهِنگو.
اي عاشق! جيڪڏهن توکي محبت واري سُرڪيءَ جي سِڪَ آهي ته پوءِ جتي ان جا مرڪز آهن اتي ڪَهي پهچ. لطيف ٿو چئي ته: اهو عشق ۽ عمل جو قربانگاهه جتي پنهنجي سر جي قربانيءَ سان توکي اها سرڪي ملڻي آهي، ان قربانيءَ سان عشق ۽ نينهن نڀائڻ جي انتها ڪري ڇڏ. پنهنجي سر جي قرباني ڏيڻ سان به جيڪڏهن توکي محبوب مقصد ملڻ جي اها حاصلات ملي وڃي ته اهو سودو سستو آهي.
اَٿئِي سَڌَ سُرڪَ جِي، ته وَنءُ ڪَلاڙڪي هَٽِ
لاهِي رَکُ، لَطِيفُ چَئي، مَٿو ماٽي وَٽِ
سِرُ ڏيئِي ۾ سَٽِ، پِئجُ ڪي پِيالِيُون.
اي عاشق! جيڪڏهن توکي سچي عشق واري سُرڪيءَ جي سِڪ آهي ته پوءِ اهو عشق جو ست سوڌيندڙ دڪان/مرڪزن تي هلي وڃ. لطيف ٿو چئي ته: ان سڪ واري سُرڪي جي عيوض پنهنجو سِر ڪاٽي مَٽ جي ڀرسان ڌَر جتان توکي اها سرڪي ملڻي آهي. اول پنهنجو سر انهيءَ سودي ۾ ڏئي سَٽِ، پوءِ ڀل دائمي وصل جون وٽيون پِيئُجانءِ، جڏهن محبوب حقيقي توکي پاڻ چوندو ڀري پيءُ جام جنت جو.
اَٿئِي سڌَ سُرِڪَ جي، ته وَنءُ ڪَلاڙَنِ ڪُوءِ
مَهيسَرَ جي مَندَ جِي هُت هَڏهن وَهي هُوءِ
جان رَمزَ پَرُوڙِيَمِ رُوءِ، تان سِرَ وَٽِ سُرِڪِي سُڳُڻِي.
اي عاشق! جيڪڏهن توکي سچي عشق واري سُرڪي جي سِڪ آهي ته پوءِ ڪلاڙن واري بازار ۾ وڃ. انهن مرڪزن تي وڃ جتي محبت جي مئه جي مڃيل واپرائيندڙن وٽ عشق جي آوازن جي هر وقت لولي لڳي پئي آهي. جڏهن ان راز کي اتي وڃي پروڙيم ته پڪ سان محبت جي مئه واري سُرڪ سڏيندي ئي ملي ٿي ۽ ڀاڳن وارا آهن اهي جن کي اها نصيب ٿئي ٿي.
ڪَنڌِ ڪَٽارو، مُنہِ وَٽِي، عادَتَ جَنِي اِيءُ
تَنِي تِڪُون ڏِنِيُون، جَنبِي منجهان جِيءَ
سَرو تَنِ سبِيءَ، سِرَ جَنِي جا سَٽَ ۾.
عشق ۽ عمل جي ميدان ۾ جن جي ريت اها آهي جو ڪنڌ مٿان ترار اٿن ۽ وات ۾ طلب ۽ تات واريون محبت جون سرڪيون پيئن ٿا. تن وڏي هيج مان وڏا ڍُڪ ڀري اهي سُرڪيون ڀري ورتيون. محبت جا جام، اهي ئي گهڻو پي سگهندا جن جا سر فدائيت جي لاءِ سؤدي ۾ ڏنل آهن.
جُہ سي اڱڻ آئيا، ته سترو ڪندا سُڃَ
سائِي ٿِيندينِ اُڃَ، هِيءُ پِيتو، هُو آڻِ ڪِين!
اهي عشق ۽ عمل جي ميدان جا شهسوار جڏهن پنهنجي ڪمائي کڻي جيئن ئي پنهنجي اصل ماڳ تي پهچندا ته کين ڀري جام جنت جو پياريو ويندو. هو اتي خوب سيراب ٿيندا. انهيءَ سيرابي سببان سندن اُڃ سائي ٿيندي، ۽ چوندا ته ”هيءُ پيئڻ اهڙو آهي جيڪو پيئندو ئي رهجي، ٻيو به آڻيندا وڃو.“
بَٺِيءَ هيٺان باهِ، مُڇُڻِ آڳِ اُجهائِييٖن
رُپو ڪندا راهِ، ڪَؤُنۡرَ ڪَلاڻِي آئِيَا.
کوريءَ هيٺان جيڪا باهه ٻري پئي سان متان وسائين. عشق ۽ عمل جي ميدان جا پانڌيئڙا ڪلاڙن جي ماڳ ڄاڻ ته آيا. انهن جي تشنگي ۽ اُڃ اُجهائڻ جا موقعا قائم رکجانءِ. هو انهيءَ مقصد جي لاءِ چانديءَ جو ڍڳ به لاهي ڇڏيندا.
جيڏانہ قاتِلَ ڪوڙَ، اکيون اوڏاهِين کَڻي
وِهُ تَنِي جِي ووڙَ، جَنِي سانگُ نه ساهَ جو.
سچو سرويچ عاشق، پنهنجو رخ وري به ان ميخاني جي طرف ٿو ڪري جتي ماڳهن موت جا جهجها سامان ماڻهوءَ لاءِ تيار هجن ٿا. هو پنهنجي آرام واري زندگي وهه ڪري پنهنجي عشق ۾ نينهن نڀائڻ جي ووڙ جاري رکن ٿا، جن سرويچ عاشقن ساهه جو سانگو لاهي ڇڏيو آهي.
اَکيون اوڏاهِين، کَڻي، جيڏانہَ قاتِلَ ڪُلُ
مَٿو ڪَنِ نه مُلُ، پِڪَ بَرابَرِ پاهِنَجو.
سچو سرويچ عاشق، پنهنجو رخ وري به ان طرف ٿو ڪري، جيڪو تڪليفن وارو قاتل رستو آهي. اهي سرويچ عاشق پنهنجي سِر جي قيمت پنهنجي مالڪ ۽ حقيقي محبوب جي رضا ۽ محبوبيت واري سُرڪ جي آخري ڦڙي جو به مٽ ڪري نٿا ڀانئين.
ڳَٽرِنِ ۽ ڳُٽِڪَنِ، وَٽيون پِيَنِ وِهَ گاڏِيُون
”بِدهِ ساقِي بَرخَيز، پِيارِ کي پِيندَنِ“!
اُو پِڪين نه پَرِچَنِ، مَٽَ تَڪِيائُون مَنجهِيَان.
اهي الاهي عشق جي نشي جا طلبگار عشق ۽ عمل جي مئخاني تي هيڄ ۽ حرص مان وڏا تکا تڪڙا ڍُڪ ڀري، ڳُٽڪن سان ڳيتون ڏئي زندگيءَ جي ڪڙاڻ جون وٽين تي وٽيون پيا پين. ته به پيا صدائون ڪن ته: ”اي ساقي اُٿِي ڏي، ۽ پياڪن کي اڃان ڪجهه وڌيڪ پيار.“ اهي سرويچ عاشق وٽين سان پنهنجي رسمي وابستگيءَ جو نينهن نڀائڻ جا قائل نه آهن. هنن ته پنهنجي نينهن نڀائڻ لاءِ، مٽين کي تڪي رکيو آهي.
وَٽ وَٽ وَٽِيءَ ۾، مَٽِ مَٽِ مَنۡڌُ ٻِئُو
قَدُرُ ڪَيۡفَ ڪَمالَ جو پِياڪَنِ پِئو
اَچَنِ دُرسُ دُڪانَ تي، ڪَنڌق قَبُولُ ڪِئو
سُرَها سِرَ ڏئِو، چَکَنِ سُرِڪَ، سَيَدُ چئي.
عشق ۽ عمل جي ميدان ۾ هر سرگرميءَ جي پنهنجي وَٽَ آهي. جيڪي ان ميدان جا راهي آهن انهن کي ڪم جي هر محاذ تي عشق جو نئون نشو چڙهي ٿو. عشق جي سرڪيءَ جي سدا پياڪن کي الاهي عشق جو ڪيف ۽ ڪمال انتهائي سرور حاصل ٿيو، جو اهي اڳواٽ ئي مالڪ جي محبوبيت ماڻڻ لاءِ قربانگاهه تي حاضر ٿين ٿا. سيد (عبداللطيف) ٿو چوي ته: هو وڏي دليري ۽ فدائيت سان مرڻ قبولي پاڻ کي الاهي عشق ۽ محبت واري ابدي سُرڪ جو حقدار بڻائن ٿا.
موکِيءَ مَٽَ اُپَٽِئا، آڻِي اُتَرَ هيٺِ
مَتارا تَنہِ ميٺِ، اَچَنِ سِرَ سَنباهِيو.
سياري جي شروع ۾ اُتر واءُ ورڻ وقت عشق جي سُرڪ پياريندڙ موکيءَ مٽ کوليا. محبت جي مئه پياريندڙ سڌارڪ استادن عشق ۽ عمل جي ميدان جون نيون سرگرميون رٿيون. متارا پڪا پياڪ هيڄ ۽ نئين سرجوشيءَ وچا انهيءَ لذت، قرار ۽ ميٺ خاطر پنهنجا سِر گهوري قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي اتي هلي آيا.
مَوکِيءَ مَٽَ اُپَٽِئا، آڻِي اُتَرَ واءِ
مَتارا تَنہِ ساءِ، اَچَنِ سِرَ سَنباهِيو.
سياري ايندي، اُتر واءُ لڳڻ ساڻ، عشق جي سُرڪ پياريندڙ موکيءَ مٽ کوليا. محبت جي مئه پياريندڙ سڌارڪ استادن، عشق ۽ عمل جي ميدان جون نيون سرگرميون رٿيون. متارا، پڪا پياڪ نيون سرجوشيون قرار ۽ لذت ماڻڻ خاطر پنهنجا سِر گهوري قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي هلي آيا.
مَوکِيءَ مِٽَ اُپَٽِئا، سَوارا صُبُوحِ
اُونچِي، عَبداللطَيفُ چَئي، باسَ پَهُتِيَنِ بُوءِ
ڪَڙو جي ڪَڪُوه، وَٽرِ سِرَ گهُرَنِ وَٽِيُونِ.
سڌارڪ استادن، عشق جي سرڪ پياريندڙن، عشق ۽ عمل جي ميدان جون نيون سرگرميون صبح ساڻ سوير ئي شروع ڪري ڇڏيون آهن. عبداللطيف ٿو چئي ته: محبتي مجلس مان اٿيل انهيءَ اعليٰ قسم جي هٻڪار ۽ خوشبو انهن پرهه جي پياڪن تائين وڃي رسي. اهو عمل ۽ سرجوشي جيتوڻيڪ ڪَڙي ۽ تڪليف واري آهي ته به هي عشق جا راهي ان جي فدائيت جي ريت ۾ سرگهورڻ لاءِ تيار آهن.
وَٽ سِرَ گهُرَنِ وَٽِيُون، دوسر ڪِينَ ڌُڃَنِ
بِيا، بِنِشينِ، بِنوش، اِيءُ پِيالو پِرِينِ
اُونچي، عبداللَطيفُ چئي، وَٽي وَڌِ گهُرَنِ
پِڪين تان نه پَرَنِ، مَٽَ تَڪيائُون مَنجهيَان.
اهي جاکوڙي انسان هڪ ٻئي کان گوءِ ڪڍي به پنهنجي فدائيت کي اڳيان پيش ڪن ٿا. هو پنهنجي ساٿ کي به عشق ۽ عمل جي انهيءَ سرڪي پيئڻ تي پيا همٿائين ۽ چون ٿا ته هي محبوب جي محبت جو جام آهي. عبداللطيف ٿو چوي ته بيحد سرگرمين جي باوجود به ٿڪجن ڪونه ۽ ان جام لاءِ سندن تقاضا جاري رهي ٿي. هو سڪ ۽ قربانيءَ جي ننڍين سرڪين تي نٿا ريجهن. هنن ته قربانين جي ان واٽ تي ڀريل مٽ چتائيا آهن جيڪي انهن جي عشق جي اڃ لاهيندا.
آٽِي ٿِيءُ اڱارَ، کامِي خَرِيدارَنِ سِين
پَسين سي ڀَتارَ، پَرُ پِيتُوئِي جَنِ سِين.
اي پياريندڙ! محبت جي ميخاني تي پياڪ خريدارن آڏو تون به پاڻ کي ٻاري اڱار ڪر ۽ پاڻ کي فدائيت ۽ قربانيءَ جو اهل ثابت ڪر ته جيئن انهيءَ قربانيءَ جي صدقي تون انهن لائق سڌارڪ سڄڻ استادن جو قرب حاصل ڪري سگهين، جن سان تون پرسال گڏجي ويهي عشق ۽ ديوانگيءَ جون سرڪيون پيتيون هيون.
موکِيءَ مَتارا، وَڏيءَ ساجهُرِ سارِئا
پِيڻَ جي وارا، اَڄُ نه آيا ڳَڃڙي.
محبت جي ميخاني تي عشق ۽ عمل جي استادن انهن متارن، جوان مرد ميخوارن کي ساجهر ويل ئي ساري وڌو آهي ته اڄ محبوب مقصد لاءِ سڪ جون سرڪيون ڀرڻ جي ويل آهي. عشق ۽ عمل جا پانڌيئڙا الائجي ڇو نه محبت جي ميخاني تي آهن!
مَتارا مَرِي وِئا، موکِي پَئِي مَرُ
تُنهنجو ڏُکُ ڏَمَرُ، ڪونه سَهندو اُنِ ريٖ.
عشق ۽ عمل جي ميدان جا راهي اهي سدا سرڪيون ڀريندڙ نه رهيا ته اي سرڪيون ڀرائيندڙ! تون به پٽ پئي مري وڃ. اي سڌارڪ ساقي! تنهنجو هن درد ونديءَ جي دردن تي سانڍيل ڏک ۽ استحصالين جي لاءِ کامندڙ ڏمر انهن ديوانن کان سواءِ ٻيو ڪير ونڊيندو ۽ سانڍيندو؟.
مَتارا مَرِي وِئا، موکي تون نه مِرِين!
ڪيهِيءَ پَرِ پَرِين، ڏُکِي! ڏاتارَنِ ري!
عشق ۽ عمل جي ميدان جا راهي اهي سدا سرڪيون ڀريندڙ نه رهيا آهن، ته پوءِ تون ڇو نه سندن فراق ۾ مُئين! هن درد ونديءَ جي ديس جي دردن جا داستان سانڍي انهن ميخوارن ڏاتارن کان سواءِ تون ڪيئن پئي جڳ ۾ جالين!
اَڃان کُورا ماڳَ، مَٽَ ڪُٽِڪا ڪَٽَ گهَڻا
لاهي ويههُ مَ لاڳَ، موکِي مَتارَنِ جا.
اڃا ته درد به باقي آهن ۽ بٺيون ۽ ماڳ ميخانا به قائم آهن: سرڪين جا سامان به باقي آهن. سلسلو ختم نه ٿيو آهي. تنهن ڪري اي موکي! اهي عشق ۽ عمل جون سرڪيون ڀريندڙ سڀ ماڻهو مري ڪين ويا آهن پر موٽي ايندا، عشق جي انهن ميخوارن جي سهاڳ وارا لاڳ لاهي نه ويهه.
موکِيءَ مَٺو نه گهُرِئا، وِههَ نه وِهاٽئا
سُرِڪِيءَ ڪاڻِ، سَيدُ چَئي، اُتي ٿي آٽِئا
هُوءِ جي ڳالهِينِ ڳَڱاٽِئا، تَنِ جون بَٺِينِ پاسي بُٺِيُون.
عشق ۽ عمل جي واٽ تي هلندڙن جي قرباني ۾ ڪنهن جو قصور ڪونهي نه سڌارڪ سڄڻن انهن سان ڪا بدخواهي ڪئي ۽ نه سرڪ انهن جو ساهه ڪڍيو. هو انهيءَ سرڪ لاءِ سيد لطيف ٿو چوي ته پاڻ ڇڪجي انهيءَ جي طرف هلي آيا هئا. حقيقت ۾ هو موکيءَ جي ڳالهين ۾ موهجي پيا هيا ۽ انهن ڳالهين جو مٿن اهڙو اثر ٿيو جو اهي وري اتان واپس ئي نه ٿيا، تان جو انهن جو مڙهه به اهي مرڪز ئي بڻجي ويا.
ڪو جو سُخُنُ ڪلاڙَ جو پِتٖي تي پِئونِ
سَريٖ ڪِينَ ڪِئونِ، ويٖڻَ موکِيءَ جيٖ مارِئا.
ساقيءَ جي موهيندڙ گفتن جو اثر سرڪ ڀريندڙن جي پِتي تي پئجي ويو ۽ اندر تائين پيهجي ويو ۽ اهي عشق جي سُرڪ جا اهڙا متوالا بڻجي ويا جو جان جي فدائيت تائين وڃي پهتا. اهو ساقيءَ جي سنڌائتي پيغام رسانيءَ جو اثر هو.
هُوندو هَڏِ مَ رَکُ، لاءِ پِياڪَنِ پاهِنجو
وَٽيِ واٽاڙُنِ کي، پِيارِي پَرَکُ
سا لِکَ لَهي ٿِي لَکُ، جا تو اِيندِي اُنِ سِين.
جيڪڏهن عشق ۽ عمل جي پياڪن لاءِ تو وٽ سرڪين جو ڪو سامان موجود آهي ته پوءِ اهو انهن سدا- پيئندڙ ميخوارن کان هرگز لڪائي سانڍي نه رک. پنهنجي آس پاس مان گذرندڙ ميخوارن کي به سڏي پيار. انهيءَ وڏي ’حقيقت‘ کي پروڙي وٺ ته اها گهڙي پَل واري سندن صحبت جيڪا توکي نصيب ٿيندي سا لکَ جي برابر آهي. تنهنجي لاءِ اها صحبت لکن جو مٽ بڻبي.
هوندو هَڏِ مَ سَنڌِ، لاءِ پِياڪَنِ پاهِنجو
پُوڄَ پِيارَجِ پَهِيَڙا وِيندا وَٺِئو ڪَنڌِ
ته هَٽِ تُنهِنجي هَنڌِ، موکِي ڪو مانُ لَهِين.
جيڪڏهن تون عشق ۽ عمل جي پياڪن لاءِ پاڻ وٽ سرڪين جو ڪو سامان ڀانئين ٿو ته پوءِ اهو سدا- پيئندڙ ميخوارن کان هرگز لڪائي سانڍي نه رک. عشق ۽ عمل جي واٽ جا اهي پانڌيئڙا جيڪي تنهنجي ميخاني تي پنهنجو رخ ڪيو پيا اچن، انهن کي سڪ سان سڏي ويهار ۽ کين عشق واريون سرڪيون ڀرائي ڍؤ ڪرائج. ته هوند تون پنهنجي هن ماڳ تي عاشقن جي عشق سازيءَ جي نيڪنامي حاصل ڪرين.
وِجهِجُ واٽاڙُنِ تي مَيخانِي جي ماڪَ
ٿِيندِي سُڌِ سَڀَڪَهِين، هَنڌِ هَنڌِ پُوندِي هاڪَ
پِرِهه جا پِيَاڪَ، جُہ سي اڱڻِ آئِيَا.
پنهنجي محبتي ميخاني جي فيض کي ماڪ وانگر وسائيندو رهه. عشق ۽ عمل جي واٽ ويندڙن تي اتان جي سرڪ جي بوندبازي ڪندو رهه ته هر ماڳ ۽ مڪان تنهنجي محبتي ميخاني جي مشهوري ٿي ويندي. پوءِ عشق ۽ عمل جي واٽ جا وڏا پانڌيئڙا جيڪي صبح جو ئي ان جا هيراڪ آهن سي فجر جو اچي تنهنجي مرڪز جا سلامي ٿيندا ۽ پنهنجي سرگرمين جو آغاز ڪندا.
ڪَلاڙَڪِين مَنَهِين، ڪُسَڻَ ري ٻِئو ڪِين نهَ
مَٿا مَتارَنِ جا، پِئا پَسُ زَمِينَ
رَکِي رُوح رِهينَ، وَٽيون پِيتَئُون وِکَ جُون.
عشق ۽ عمل جي ماڳ ميخاني تي، سِر ڏيڻ ۽ قتل ٿيڻ کان سواءِ ٻي ڪا ڳالهه ئي ڪانهي. عشق ۽ عمل جي انهن راهن تي محبتي ميخوارن (متوالن) جا سر ڏس ته ڪيئن نه پٽ تي پکڙيا پيا آهن! هنن پنهنجا سر ۽ ساهه گروي رکي (قربان ڪري) مقصد جي حاصلات لاءِ ابديت عطا ڪندڙ سرڪيون پيتيون آهن.
سِرَ وَٽِ سُرڪِي سَڳُڻِي، وَٺِين ڇونه وَرِي
قَدُرَ ڪَيفَ ڪَمالَ جي آهِي خاصَ کَرِي
سُرِڪِي جَنِ سَرِي، تَنِ جون بَٺِينِ پاسي بُٺِيُون.
اي عشق ۽ عمل جي واٽ تي هلندڙ! انهيءَ واٽ تي جيڪڏهن سِر ڏيندي، جي هڪ سرڪي ملي ته اها به وڏي مڻيادار وٿ آهي! تون ڇو نٿو محبوب جي ميخاني ڏانهن موٽي هلي اها وٺين. اها عاشقاڻي نشي جي سُرڪي انتهائي سُرور پيدا ڪرڻ واسطي خاصئون خاص ۽ خوب کري آهي. جن کي سر جي سودي ۾ اها سرڪي نصيب ٿي، سي محبوب جي ميخاني کان موٽي ڪين ويا پر عشق ۽ عمل جي واٽ لاءِ پاڻ وقف ڪري ڇڏيائون. هميشه لاءِ اتي ئي سرگرم رهيا ۽ انهن واٽن تي ئي دم ڏنائون. تن عاشقن جون قبرون به عشق ۽ عمل جي انهن واٽن تي جڙيل آهن.
قاتِلُ ڪَمائي ڪَري، وِهُ ماکِي جي ڪَنِ
وَٽان ويهِي تَنِ، پِئِجُ ڪي پِيَالِيُون.
اهي (ڄاڻو ۽ داناءَ) سڌارڪ جيڪي موکين وانگر زهريلي سرڪين کي سرير بخش سرڪيون بڻائن ٿا، تون تن جي صحبت ۾ ويهي، ان مان ڪجهه سُرڪين جو ونڊ وٺي ڪو فيض حاصل ڪج ۽ عشق ۽ عمل جي ميدان تي هلڻ جو سانباهو ڪر.
ڪَلاڙَنِئُون ڪاءِ، مَتِ نه سِکِين مُون هِيان
رُوندي راتِ وِهاءِ، چِڪائِيندي بَٺِيُون.
اي منهنجا مَن! تون ساقين کان عشق ۽ عمل جي طريقن نڀائڻ جي هوند ڪا هدايت حاصل ڪرين! جيئن انهن جي ساري رات بنا ننڊ جي، جاڳندي ۽ بٺين جون باهيون ڦوڪيندي، اکين مان پاڻي هاريندي گذري ٿي، تيئن پنهنجي لاءِ ان ريت کي سبق ڪري وٺُ.
وائي
وِساريجِ مَ ويڻَ، آهي جوڀَنُ ٻه ٽِري ڏِينهَڙا
١. لُوٺِيون سَهَنِ لوڪَ جا، وِهاڻِيءَ ٿِيون ويڻَ
٢. اَصُلِ اَسارِينِ جا، سُتي وِئَڙا سيڻَ
٣. جيڏِيُون! جي مان وِسَهو، نِنڊ مَ هيرئو نيڻَ
٤. راتِڙِيُون جاڳَنِ جي، سي آءٌ ڪَندَڙِي سيڻَ.
(اي سڄڻ!) عشق ۽ عمل جي واٽ تي هلڻ وارا، منهنجا هي نصيحت ڀريا گفتا نه وسار! جُواني جا جوڀن ۽ البيلائي وارا ڏينهن ڪي ٿورڙائي آهن. جيڪي بي مقصد زندگيءَ جي پيچرن جا ڇڙواڳ راهي رهيا آهن سي عملي زندگيءَ جي وقت هٿان نڪري وڃڻ بعد هميشه لاءِ پيا جڳ جا طعنا سهن. اصل کان وٺي اهو دستور آهي ته جيڪي غافل ٿي ننڊ ۾ ستل هوندا آهن تن جا سڄڻ کانئن جدا ٿي ويندا آهن. اي اديون! جيڪڏهن منهنجي پنهنجي غفلت سببان مون جيڪي ڀوڳيو آهي تنهن ڳالهه تي اعتبار ڪريو ته پنهنجين اکين کي ننڊ تي نه هيرايو ۽ پنهنجي زندگيءَ جو هر لمحو ساري سنڀاري محبتي مايا سان انسان دوستيءَ ۾ گذاريو. آءٌ پنهنجو سڄڻ ۽ سائين انهن کي ئي ڪنديس جيڪي راتيون جاڳي هوشمندي ۽ فڪرمنديءَ ۾ گذارين ٿا ۽ صبح جو روزانو پنهنجي پالڻهار سان الستي عشق ورجائي انساني ڀلاين جي واٽ تي هلي پون ٿا.