لطيفيات

شاهه لطيف وٽ عشق جا 10 اصول

سرڪلياڻ ۽ يمن سان ته ڄڻ موجوده نسلن جي شناسائي ۽ نسبت ئي ڌنڌلائبي پئي وڃي ۽ مون فقط ان نسبت کي روشن ڪرڻ جي ابتدا ڪئي آهي. شاهه جي هنن ٻن سُرن لاءِ منهنجي هيءَ سمجهاڻي آهي، اها حرف به حرف معنيٰ ڪونهي. ان سمجهاڻيءَ ۾ ڪٿي جديد فڪر ڇانيل به محسوس ٿي سگهي ٿو، ان لاءِ مان رڳو ايتري گذارش ڪندس ته شاهه لطيف دنيا جي سڀني ذهين ۽ ڏاهن ماڻهن وانگر پنهنجي دؤر کي جديد دؤر ڏانهن ڇال ڏياريندڙ شخص هئو.
Title Cover of book شاهه لطيف وٽ عشق جا 10 اصول

اصول 8. هر حال ۾ وفاداري شاهه وٽ عشق جو ستون اصول آهي

عشق ۾ فنائيت، ديوانگي، تڙپ ۽ قرباني جي نتيجي ۾ محبوب جي تنوار ۽ پچار گهر ڪري ويندي آهي. عشق ۽ اڪير جي آتش جيرا جلائي بڪين کي باهه ڪري ڇڏيندي آهي ۽ اهو عاشقن جي سوچ، لوچ ۽ جهد جاکوڙ مان پيو بکندو آهي. شاهه سائين چوي ٿو ته: عشق جو اهو ٻريل مچ جتي مچي پوندو آهي ته پوءِ دائود' جي کوري وانگر پيو ڌڳندو آهي، پر تڙپ ۽ فدائيت کان خالي ماڻهن تي پچڻ جو رنگ ئي نٿو چڙهي. جيئن ڪچو لوهه نه پچي سگهندو آهي، تيئن ڪچن ۽ بي اثرن ۾ اها پچڻ واري خوبي ئي ڪو نه هوندي آهي پر جن ۾ تڙپ ۽ فدائيت موجود هوندي آهي ته سخت طبع وارن زرهه پاتلن کي به ڇڪي آڻي عشق جي آڙاهه ۾ هڻندو آهي. عشق جي آزمائش ۾ شاهه سائين اڃا به اڳتي وٺي ٿو وڃي ته اي عاشق جهڙي طرح لوهارن واري سانداڻ پاڻ تي مترڪن جا ورائتا ڌڪن مٿان ڌڪ ٿي سهي، تيئن تون سچ جي ان واٽ تي هلندي ڄمت سان سختيون سهه ۽ پنهنجو رت ساڙي ۽ ڳاري پنهنجي هڏن جي ٽڙڪاٽن سان سانداڻ مٿان لڳندڙ مترڪن کي ڏَن واريون باهيون لاءِ. شاهه سائين چوي ٿو ته عشق جي انهيءَ واٽ تي ڄمت ۽ استقامت ٿي گهرجي. جيڪي ڄمت سان جهد ۽ جاکوڙ جي ميدان ۾ رهيا ۽ خدا جي محبوبيت ماڻڻ لاءِ ڌرتي ۽ انسانن جي نجات ۽ ڀلائيءَ واسطي پنهنجي اندر ۾ دکندا رهيا، سي ڪامياب ٿيا ۽ جيڪي اجهامي ويا سي اوندهه ۾ رهيا.
اهو دکندو رهڻ ماڻهوءَ جو سرمايو آهي ۽ وڏي حاصلات آهي. ابوالڪلام آزاد چيو هو ته: ”زندگي ڀڙڪو کائي ڀنڀٽ بڻجڻ جو نالو به ناهي ۽ زندگي وسائجي رک بڻجڻ جو نالو به ناهي، پر زندگي نالو آهي دکيل رهڻ جو.“ اوهان وسامو ڪڏهن به نه. اوهان جتي به آهيو اُتي ماڻهن کي چڱاين جي ۽ انسان دوستيءَ جي نصيحت ته آسانيءَ سان ڪري سگهو ٿا، اها به اوهان جي دکيل صورت ۽ جوڳي حاصلات آهي. جنهن معاشري ۾ هڪ ٻئي کي سچ ٻڌائڻ ۽ چڱاين ڏي سڏڻ جي فضا هوندي آهي، اتي ماڻهو هڪ ٻئي کي پنهنجو سمجهندا آهن. ماڻهن جي وچ ۾ اعتماد جي فضا هوندي آهي ۽ دلين ۾ هڪ ٻئي لاءِ عزت ۽ محبت جا جذبا هوندا آهن. ڪو ڪنهن کي غير نه سمجهندو آهي ۽ ڪو ڪنهن کي شڪ جي نگاهه سان نه ڏسندو آهي ۽ نه ڪو وري ڪنهن جو استحصال ڪندو آهي. پر جتي نصيحت ۽ چڱائي ڏانهن سڏڻ جو ماحول ناهي ته پوءِ اتي بدخواهي، عيب جوئي ۽ الزام تراشين جو ماحول پاڻهي جڙي پوندو آهي. نتيجي ۾ نفرت، حسد ۽ انانيت هميشه ماڻهن جي نڪ تي سوار ٿيل نظر ايندا. انهيءَ سان اوهان جي چوڌاري سماج جو نقصان آهي، اوهان پنهنجي سماج کي ان نقصان کان به بچايو. حضرت عيسيٰ عليه السلام چوندو هو ته ”خدا مونکي چڱاين ٻڌائڻ جو استاد بڻايو آهي.“ حضرت محمدﷺ چوندو هو ته ”مومن، مومن جي لاءِ آئينو هوندو آهي.“ يعني ان کي چڱاين ۽ مداين جو آئيني وانگر ڏس ڏيندو آهي.
عشق جي معاملي ۾ عاشقن کي سدائين پنهنجي مقصد جي وائي وات هوندي آهي. اهي جتي به هجن سندن سوچ جو سڳو ٽٽندو ناهي. ڪمبوڊيا جي جنگ آزاديءَ ۾ هڪ نوجوان شهر جي چوڪ تي هڪ ٿلهي تي بيهي ماڻهن کي تقرير ڪري آزاديءَ جي ويڙهه لاءِ تيار ڪري رهيو هو ته ايتري ۾ غاصب حڪومت جا ڪارندا آيا ۽ تقرير ڪندي ئي کيس گهلي کڻي ويا. بغاوت جو مقدمو هلائي کيس اٺ سال جيل جي سزا ڏئي ڇڏيائونس. هُن اٺ سال جيل ڪاٽيو. جيل کان ٻاهر نڪتو ته سڌو شهر جي ان چوڪ تي آيو ۽ ساڳئي ٿلهي تي بيهي پنهنجي رهيل تقرير شروع ڪيائين: ”ته دوستو مان عرض ڪري رهيو هوس....“ ۽ پوءِ پنهنجي تقرير پوري ڪري گهر آيو.
اٺن سالن جي جيل، سزا، تڪليف ۽ ڀوگنائن سندس سوچن جي تسلسل کي ٽٽڻ نه ڏنو هو. هُن جي فڪر، ارادي ۽ عزم ۾ ذرو به لوڏو نه آيو هو، اها هن جي عشق جي دواميت ۽ ڄمي بيهڻ هو.
عشق ۾ ماٺ ڪري ويهڻ ناهي ڇو ته اها ماٺ ماڻهوءَ کي فنا ڪري ڇڏيندي. جيئن شاهه سائين سسئي کي چوي ٿو: ”ماٺ ماريندئي پرينءَ جي، متان روئين رَتُ“. تون پنهنجي مقصد لاءِ دواميت سان ڄمي بيهه ۽ محبت ۾ پنهنجي سچائيءَ سان قائم رهه. شاهه سائين سُر يمن جي داستان 4 ۾ ان ڪيفيت کي هيئن بيان ڪيو آهي:
هَي هَي وَهي هاءِ، مَنَ ۾ مَحبُوبنِ جِي
جِيرا جَوشَ جَلائِيَا، بُڪِنِ ٻَرِي باهِ
پَسو مَچُ مَٿاءِ، جي ويساهِ نه وِسَهو.

منهنجي اندر ۾، پياري محبوب جي رضا ۽ محبوبيت جي حاصلات واري تنوار ۽ پچار گهر ڪري وئي آهي. رات ڏينهن ان جي تنوار ۽ پچار جي جوش جيرا جلائي ڇڏيا آهن. عشق ۽ اڪير جي ان آتش بڪين کي ٻاري باهه ڪري ڇڏيو آهي. منهنجي ڳالهه تي اعتبار نه اچيوَ ته هي (محبت جو) مچُ ڏسو جيڪو منهنجي جندجان جي مٿان ٻري پيو.

هَي هَي وَهي هُوءِ، مَنَ ۾ مَحبوبنِ جي
جِيرا جوشَ جَلائِيا، بُڪِنِ مُڪِي بُوءِ
اَچِي پَسو رُوءِ، جي ويساهَ نه وِسَهو.

منهنجي اندر ۾ پياري محبوب جي تنوار ۽ پچار گهر ڪري ويئي آهي. رات ڏينهن ان جي تنوار ۽ پچار جي جوش جيرا جلائي ڇڏيا آهن، عشق جي ان آتش اندران بڪين سڙڻ جي بوءِ به موڪلي آهي. منهنجي ان ديوانگيءَ تي ويساهه نه اچيوَ ته روبرو اچي منهنجي فدائيت ۽ خود حوالگيءَ جي حالت اچي ڏسو.

ڪانڊين ٽانڊين ٻاٻُرين پَچان مَرُ پيئِي
جيرا، جِگَر، بُڪِيُون، سِيخُنِ ۾ ٽِريئِي
ويڄَنِئُون ويئِي، ٿِي وَهِيڻِي سَڄَڻين.

پياري محبوب جي رضا ۽ محبوبيت منهنجي لاءِ نهايت وڏو سرمايو آهي. ان حاصلات جي تڙپ منهنجي اندر ۾ ٻٻرن جي ڪاٺين جي وڏن سخت ٽانڊن جهڙو محبت جو مچ مچايو آهي. ڀل ته آءٌ ان ۾ لڳاتار پئي سڙان ۽ جلان. ڀل ته منهنجا جيرا، جگر ۽ بڪيون ٽيئي سيخن ۾ لڳل هجن ۽ پيا پچن. محبت ۾ جلندڙ هيءَ منهنجي اندر جي هوراکورا ۽ بيچيني طبيبن جي علاج کان چڙهي وئي آهي ۽ هاڻي وڃي محبوبن جي وس ٿي آهي. هاڻي منهنجو جيئڻ مرڻ محبوبن جي رضا سان ئي آهي.

ڌڳايومِ ڌَئين، ڄيرو اَندَرِ ڄِندَڙي
لَڳي سيخَ وُجُودَ ۾، سَندِي نِيہَ نَئين
مُشاهِدي تَهِين، مونکِي وِڌو مَچَ ۾.

مون پنهنجي جند جان ۾ پياري محبوب لاءِ محبت جو مچ ڦُوڪي ڦُوڪي ٻاريو آهي. فطرت جي مظهرن کي ويچاريو اٿم، ڄاڻ ۽ شعور جا هنڌ ڦولهيا اٿم ۽ اندر ۾ اوطاقون ڪري سڄڻن کي ويهاريو اٿم. جيئن جيئن مشاهدو ڪيو اٿم تيئن تيئن منهنجي اندر ۾ ان سان نينهن جي نئين سر تارتنوار لڳي آهي. محبوب جي اهڙن لقائن واري دلپذير حالت ۽ مشاهدي ئي مون کي سندس عشق جي آڙاه ۾ وڌو آهي.

تَتو تَنُ تَنُورَ جئن، ته ڇَنڊي ساڻُ ڇَماءِ
آڻي آڳَ اَدَبَ سِين، ٻارِي جانِ جَلاءِ
بُرقعانِ اَندَرِ بازِيُون، پَنهنِجِون سَڀِ پَچاءِ
لُڇَڻَ لَئُون، لَطِيفُ چئي، پَڌَرِ هَڏَ مَ پاءِ
مَتان لوڪَ لَکاءِ، وِصالان وِچُ پَئي.

جيڪڏهن تنهنجي جان تي محبوب مقصد جي لاءِ محبت جو مچ ٻري ته ان جي لاءِ جوش ۽ اٻهرائي اختيار نه ڪر پر صبر ۽ ڌيرج سان ان جا لوازمات جاچ. پنهنجي اندر ۾ اطاعت، ادب ۽ احترام واري باهه ڀڙڪائي پنهنجي لڇ پڇ ۽ جستجوءَ سان اندران اندر پاڻ کي جلاءِ. عشق جي گهٽيءَ ۾ ڦاٽي نه پئه پر ڍڪ ۽ پردي ۾ لڳاتار پنهنجي عملي زندگيءَ سان اهي عشق جون بازيون پچائيندو اچ. لطيف ٿو چوي ته ان ٻاهرئين لڇڻ پڇڻ سان پنهنجي عشق کي هرگز پڌرو نه ڪر. متان لوڪ لکا پوي، راز کُلي ۽ محبوب سان ملڻ وچان وٿي پئجي وڃي.
اَڃان تَنُوراءَ، ڪالَهه ڪَڍِياسون سَڄَڻين
تَپُڻُ تايائُون تَڪڙو، وَحَدَتَ جي وَڌاءَ
مَحَبَتِنِ مَٿاءَ، مَچُ مُورائِين نه لَهي.

فدائيت جي ريت ۾ ريٽيل هئاسون جو ڪالهوڻي ڪالهه محبوبن اسان کي پچڻ واري کوري مان ٻاهر ڪڍيو. پر وري ستت ئي سانگو بڻيو جو وحدت وارو محبوبيت جو وصال بخشڻ لاءِ ترت ئي ٻيهر ٻاريا وياسين. اسان جي عاشقيءَ جي ڍنگ ۽ خود حوالگيءَ جي نتيجي ۾ محبوبن جي اهڙي ريت رسم جاري آهي. ان سببان عاشق فدائين مٿان آڙاهه اصل لهي ئي ڪونه ٿو ۽ وري وري پيو ٻري.

مَچُ مَنجهيئِي آهه، ٻاهَرِ ٻاڦَ نه نِڪري
چورِ ته لَڳي چاهِ، کامِ کامَندَنِ کَٽِئو.

پنهنجي اندر ۾ ئي محبت ۽ فدائيت جو مچ مچاءِ ۽ ماٺ ميٺ ۾ ان جي محبوبيت جي تلاش جاري رک. سڪ جي ڪاٺين کي سور، پنهنجي جهد ۽ جاکوڙ ۽ قربانين سان پاڻ جلاءِ ۽ وري ثابت قدمي سان جلائڻ جي مچ کي مچيل رک. جن پاڻ کي جلايو سي ئي ڪامياب ٿي ۽ محبوب جي وصل کي پهتا.

ڌَنءُ ڌَنءُ ڌَمَڻَ وارَ، اَڄُ پُڻ آڳِڙِيَنِ جِي
ٻاري مَچُ مجازَ جو، اوتِيائُون اَڱارَ
ڌوڌِئان ٿِيءُ مَ ڌارَ، جِمَ ڪَچو رُڪُ ڪَڻِيُون ٿِئي.

منهنجي اندر ۾ اڄ به ڌَنوَڻ جي وارو وار لڳي پئي آهي. منهنجي مالڪ محبوب منهنجي اندر ۾ انسان ۽ ڌرتيءَ جي مجاز واري محبت جو مچ ٻاري، ان ۾ منهنجي فدائيت ۽ قربانيءَ جا اڱر اوتيا آهن ۽ ايئن پنهنجي عشق جو مچ مچايو اٿائين. اي عاشق! انهيءَ ڌڳندڙ مچ کان پري نه ٿيءُ ته متان ڪچو رهجي وڃين ۽ ڪچي رُڪ وانگر ٽُٽِي ٽڪرا ٽڪرا ٿي وڃين!
دائُودِي دَيُون ڪَري، رَڪَنِ ڪونهي چيتُ
کورِيءَ هيٺ سُچيتُ، ڪاهِيو پاکَرِيين هَڻي.

محبت جو اهو ٻاريل مچ دائود نبي جي کوري وانگر پيو ڌڳي ۽ باه جون زوردار ڄڀيون ڪڍي. ايئن انهن فدائين کي شهادت جي سرفرازي ڏئي پنهنجي دائمي محبوبيت ۽ ويجهڙائي عطا ڪري ٿو پر ڪيترا بي نصيب اهڙا آهن جيڪي تڙپ ۽ فدائيت کان محروم آهن ۽ انهن بي اثرن کي ان محبت جي مچ ۾ پئي پاڻ پچائڻ وارو شعور ئي ڪونهي. پر جن کي تڙپ ۽ فدائيت آهي. سڀني جو سچو سڄڻ انهن زرهه پاتلن کي به ڇڪي آڻي ٿو عشق جي آڙاهه ۾ هڻي.

دائُودِي دَيُون ڪَري، رَڪَنِ ڪونهي رَنگُ
کورِيءَ هيٺِ خَتنگُ، ڪاهِيو پاکَرِيين هَڻي.

محبت جو اهو ٻاريل مچ دائود نبي جي کوري وانگر پيو ڌڳي، پر تڙپ ۽ فدائيت کان خالي ماڻهن تي پچڻ جو اهو رنگ ئي نٿو چڙهي جيئن ڪچو لوهه نه پچي سگهندو آهي، تيئن هنن بي اثرن ۾ پچڻ واري خوبي ئي ڪانهي. پر جن ۾ تڙپ ۽ فدائيت موجود هوندي آهي ته سڀني جو سچو سڄڻ اهڙن سخت طبع وارن زرهه پاتلن کي به ڇڪي آڻي ٿو عشق جي آڙاهه ۾ هڻي.

پَچائي پَهَاڻُ، جَنِ رَساڻِيو رُڪَ کي
تَنِي سندو ڄاڻُ، آهي آڳِڙيَنِ کي.

جن مصلحن ۽ سڌارڪن ماڻهن جي تربيت ڪري انهن کي سڦلائتي ۽ فدائيت واري زندگي گذارڻ جو اهڙي طرح لائق بڻايو جيئن ڪاريگر کاڻ مان نڪتل لوهه- گاڏڙ پٿر کي به باهه ڏئي (ڳاري صاف ڪري) خالص رڪ واري درجي تي آڻيندو آهي. تن ماڻهن جي پوري پڪي خبر ته انهن کي ئي آهي جيڪي پاڻ سڌارڪ آهن. جيئن لوهه جي رڪ بنجڻ جي خبر لوهر کي هوندي آهي تيئن ماڻهوءَ جي ڪندن بنجڻ جي خبر سڌارڪ کي هوندي آهي.
ڌُوڌا تون نه ڌَنئِين، آڳِ اوڏو نه وَڃين
اُلا جي عشقَ جا، سي تان تُون نه سَهِين
اُڀو اِيئَن چَئِين، ته آءٌ آڳڙِيو آهِيان.

تون نڪي ٿو سجاڳيءَ لاءِ مَچ مچائي ۽ انهن مچن کي ڦُوڪي پنهنجو ڪردار ادا ڪرين، ۽ نڪي ٿو ظلم ۽ ڏاڍ جي ٻريل باهه جي لهس سهين! نڪي تون جاکوڙيندي محبت جي مچ جون ڄڀيون ٿو چکين ۽ سور سختيون سهين ويتر بيٺو دعويٰ ڪرين ته آءٌ باه جو ڪم ڪندڙ ڪاريگر ۽ محبت جي مچ وارو عاشق آهيان!

سِرُ سانداڻَ ڪَري، پُڇجُ گهَرُ لُهارَ جو
ڌَڪَنِ هيٺِ ڌَري، مانَ گَڏيئِي رُڪَ سِين.

اي سڌاري ۽ تبديليءَ جا پرچارڪ! جي سچو پرچارڪ ٿيڻو اٿئي ته پنهنجا آرام ۽ سک ڇڏي عمل جي ميدان ۾ لهي پئه. پنهنجي مٿي کي سانداڻ ڪري وڃي لوهارن جو دڪان پڇاءِ ته انسانيت جي سڌاري لاءِ اونو رکندڙ اها ذات من راضي ٿي توکي پنهنجن ڌڪن هيٺ آڻي. ايئن تنهنجي سگهه ۽ سهاري تي ڪچو خام لوهه ڪُٽجي يعني ٻين ماڻهن جي تياري ٿئي جنهن سان اهي به رڪ بڻجن ۽ پوءِ مالڪ توکي به رُڪ سان ملائي هڪ ڪري ڇڏين.

سَهي جِئن سانداڻِ، ڌَڪَنِ مَٿي ڌَڪَڙا
وَهه وِڃائي پاڻِ، ڏي ڏُوائُون ڏُڱِرين.

اي سڌاري ۽ تبديليءَ جا پرچارڪ! جهڙيءَ طرح سانداڻ پاڻ تي مطرقن جا وارائتا ڌڪن مٿان ڌڪ ٿي سهي. تيئن تون به سچ جي ان واٽ تي هلندي ڄمت سان سختيون سهه ۽ پنهنجو رت ساڙي ۽ ڳاري پنهنجي هڏن جي ٽڙڪاٽن سان، مٿان لڳندڙ مطرقن کي ڏَن واريون باهيون لاءِ.
ٻَرِ تَنِ اڱارَنِ، ٻه- ڏائِين ٻَرَنِ جي
هِڪَ جِئَنِ کُورِي کانئِيا، ٻِئو ڌُوڌي مَنجههِ ڌَڳَنِ
اَڃان لُهَارَنِ، ميڙي رَکِئا مَچَ کي.

جس هجي تن جاکوڙين کي جيڪي پنهنجي جهد ۽ جاکوڙ جي واٽ تي هلندي ٽانڊن وانگر ٻٽا ٻارڻ بڻجن ٿا. رڳو هڪ ڀيرو نه پر ٻه ڀيرا ٿا ٻرن. پهريون ڀيرو جڏهن ڪاٺين مان ڪوئلا ٿيڻ وقت کوري واري ڍڪيل باهه ۾ کامن ٿا، ۽ ٻيو ڀيرو تڏهن جڏهن لوهارن جي مچ ۾ ڳاڙها ٿي ٻرن ٿا. پر انهن جي جاکوڙ ۾ سڦل هئڻ جو سلسلو اڃان به اڳتي هلي ٿو. بلڪل ايئن ئي جيئن ڪوئلن جي کامڻ جو اتي انت نٿو ٿئي پر اڃان ان کان پوءِ به لوهارن وري ٻئي ڏينهن مچ ۾ ٻارڻ لاءِ رک مٿان چاڙهي گڏ ڪري رکيا آهن.

ٻارِئو اُجهائِينِ پِرِين، اُجهايو ٻارِينِ
مون کي ٿا مارِينِ، لُونئان لُهارِن جا.

جهد ۽ جاکوڙ جي مختلف مرحلن تي منهنجا پيارا پرين اڱارن وانگر مون کي هيڪر دکائي پوءِ وسائين ٿا، ۽ وسائڻ کان پوءِ وري ٻارين ٿا. پيارن محبوبن جا اهي لوهارن وارا تکا ساڙيندڙ سيڪ منهنجي ڪاملتا جو ذريعو بڻجن ٿا منهنجي لاءِ اها وڏي آسيس آهي.

اَڄُ آڳڙيا آئِيا، سُوڌا سِراڻِي
پِياري پاڻِي، تيغُون ڪَندا تِکِيُون.

اڄ دونهين دکائڻ جا استاد ’اَڳڙيا‘ اچي ويا آهن، جيڪي سراڻ جا وڏا ڪاريگر آهن. اهي نون وکرن کي سراڻ تي چاڙهي (نون تيار ٿيل جاکوڙين جي تربيت سازي ڪري) اهي کين وڌيڪ تيز ۽ تکو ڪندا. حڪيم استاد پنهنجي حڪمت عملي سان نَون جاکوڙين کي مهميزون ڏئي محبت ۾ پچائي راس ڪندا.
اَڄُ آڳڙِيا آئِيا، سُوڌا ڪِي سُڄاڻَ
لاهِيندا مورِياڻَ، رُڪُ ڪَرِيندا پَڌَرو.

اڄ دونهين دکائڻ جا استاد ’اَڳڙيا‘ اچي ويا آهن، جيڪي وڏا سمجهو ۽ ڪاريگر آهن. اهي زنگجي ويل حوصلن ۽ صلاحيتن کي وري وري باهه ڏئي، تپائي ۽ ڪُٽي انهن جو وٿيرڪو مٿان چڙهيل ڪٽ لاهيندا ۽ اندران صاف رڪ نروار ڪندا.

سَرها ڏِٺَمِ سي، جَنِ ساڃاءِ سِراڻ سِين
تيغَ تَنِي جِي کي، ڪَٽُ نه لَڳي ڪَڏَهِين.

مون اهي ئي ماڻهو سدا بامراد ۽ ڪامراني وارا خوش کِلندا ڏٺا جن جي ريت پَهت سراڻ سان آهي. جيڪي پنهنجي تربيت، سڌاري ۽ ٺپ جي لاءِ سراڻ سان يعني حڪيم استادن سان ڳانڍاپو قائم رکن ٿا. انهن جي اتي اهڙي تياري ٿي وڃي ٿي جو انهن جا حوصلا ، ارادا ۽ عمل ڪڏهن به زنگجي نه ويندا. انهن جي اصل هٿيار همت ۽ حوصلي کي ڪڏهن به ڪٽُ يا مورياڻ نه لڳندو.

ڪَٽُ ڪَڙهي، لوههُ ٻَري، ڌُوڌا جِتِ ڌَڳَنِ
مَتَرڪَنِ مُنہَ ڪَڍِئا، سانداڻِيُون سَنڪَنِ
اَڄُ پُڻِ آڳَڙِيَنِ، ميڙو آهي مَچَ تي.

جهد ۽ جاکوڙ جي ميدان جي نڪتل جاکوڙين جا جٿا تربيتي مرڪزن ۾ پهتل آهن جتي کورا متا پيا آهن جن ۾ لوهه پيو ٻري ۽ ان تي چڙهيل ڪٽ پيو تپي ڳاڙهو ٿئي ۽ ڳري. تربيتي استادن جي سنڌائتن ڌڪن وارا وڏا مطرقا ۽ گهڻَ اُڀا ٿي ويا آهن جو هيٺان سانداڻيون به پيون ڪنبن ۽ ٿڙڪن. اڄ ڪاريگر دونهين دکائيندڙ آڳڙين جو مچ تي ميڙو متل آهي جيڪي عاشقن کي ڌڪن هيٺ آڻي مهميزون ڏئي محبت ۾ پچائي راس ڪندا.

کاڻا تَنِ کَٽِئو، اُجهاڻَنِ اُونۡداهِ
جَن اَنَدرِ ٻَري باهِ، اِيءَ سُڌِ سَڀَڪا اُنِ کي.

جيڪي عمل واري ميدان ۾ رهيا ۽ خدا جي محبوبيت ماڻڻ لاءِ ڌرتي ۽ انسانن جي نجات ۽ ڀلائي واسطي پنهنجي اندر ۾ ٻاريل آڳ ۾ ٻرندا رهيا سي ڪامياب ٿيا، ۽ جيڪي اُجهامي ويا سي اوندهه ۾ رهيا. انهن کي نه هن دنيا ۾ ڪا سڦلائتي زندگي ۽ ڪامراني نصيب ٿي ۽ نه وري دائمي زندگيءَ جي حسناڪين جي حاصلات ملي. اهي جن جي اندر ۾ خدا، ڌرتي ۽ انسان جي عشق جي باهه ٻري آهي، انهن کي ئي هن دنيا ۽ ابدي زندگيءَجي ڪاميابي واري راز جي سڄي خبر آهي.

جِئَن ڄيرو کانئي ڄَرَ سين، عِشقُ اِيئَن ڪَري
اَڃاڻ پِرتِ پَري، ڳالههِ نه ڳالهِين جِهَڙِي.

جيئن ٻرندڙ باهه پنهنجي ڄڀي سان ڪنهن شيءِ کي ساڙي ٿي، تيئن عشق جو آڙاهه به عاشق کي بلڪل ايئن ئي ٿو جلائي. پر عشق جي حد انهيءَ کان به اڃان اڳڀري آهي.هن ڳالهه جي حقيقت عام ڳالهين وانگر ناهي جو لفظن ۾ ٻڌائجي ته سمجهه ۾ اچي وڃي. هيءُ فدائيت ۽ خود حوالگيءَ جو هڪ راز آهي جنهن کي راز وارائي سمجهي سگهن ٿا.

وائي
سِگهِي ســارَ لَهــيجِ
ساجَنَ! سُورَ تُماري آئون مارِي
١. سُورِ تُماري جي مَران
تان مُـــون ڏوهُ مَ ڏيــــج
٢. ڊَرڀَنِ ڀَــري هَــٿَـڙا،
داروُن دوســـــتَ ڪَـــريــج.

جلدي ڪا منهنجي سارسنڀال لهجانءِ: جو اي سڄڻ! تنهنجي رضا ۽ محبوبيت جي حاصلات جي تڙپ ۽ جستجوءَ واري درد مون کي ماريو آهي. تنهنجي ان رضا ۽ محبوبيت کي ماڻڻ لاءِ مان ڌرتي ۽ انسانن جي حقن لاءِ وڙهندي جيڪڏهن مري وڃان ته پوءِ مان ديش دروهي نه رهندس. پر، اي دوست! جيستائين منهنجي ڌرتي ۽ انسانيت جي ڦورن سان جنگ هلندڙ آهي، تون پنهنجي محبوب هٿن سان ٻُڪيون ۽ سُتيون کڻي، منهنجو علاج ڪندو رهجانءَ.