اصول 4. جان جي قربانيءَ لاءِ تيار رهڻ شاهه وٽ عشق جو چوٿون اصول آهي
ابن خلدون چيو هو ته اوهان کي پنهنجي قوم کي متحد رکڻو آهي ته ان کي هميشه ويڙهه ۾ رجهائي رکو. هتي ويڙهه مان مراد صرف جنگ جو ميدان ناهي. ويڙهه جا ميدان مقابلي جا آهن. مقابلي جون ڪيتريون ئي صورتون ٿي سگهن ٿيون. تهذيبي ترقيءَ جو مقابلو، اقتصادي ۽ فني ترقيءَ جو مقابلو، ڪارپوريٽ ۽ سماجي ترقيءَ جو مقابلو- اهي سڀ مقابلا ڪنهن به قوم کي متحد رکڻ جو وڏو ڪم ڏئي سگهن ٿا. اهڙي طرح قومي ترقيءَ ۾ پنهنجي جند جان حوالي ڪري ڇڏڻ، پنهنجي قوم ۽ ماڻهن سان مڪمل وابستگي ۽ ڪميٽمنٽ ۾ سبقت حاصل ڪرڻ جو مقابلو ته انهيءَ عشق جو اصلي محاذ آهي. يعني اوهان ڪنهن به خوف الڪي ۽ مفاد کان آجا پنهنجو پاڻ کي قومي بقا ۽ ترقيءَ لاءِ وقف ڪري ڇڏيو ته اوهان جي لاءِ اها ئي عشق جي ريت آهي. اوهان جي ديوانگي هر حالت ۾ اوهان کي انالحق جي اعلان تي رسائيندي ۽ اهو انالحق سوريءَ کي سينگار بنائڻ جو آواز ۽ اعلان آهي. حسين بن منصور حلاج چيو هو ته:
”جيڪڏهن اوهان ۾ حق سڃاڻڻ جي شناس ڪونهي ته پوءِ سندس اهڃاڻ ۽ علامتون سڃاڻو،
مان به انهن جو اهڃاڻ آهيان.
انالحق
۽ اهو ان لاءِ جو مون حق کان منهن نه موڙيو!
مون کي قتل ڪيو!
سوليءَ تي لٽڪائي ڇڏيو!
منهنجا هٿ پير ڪپي ڇڏيو!
پر مان پنهنجي حق تي هئڻ واري دعويٰ تان نه ڦرندس.“
اهو عشق رتن ماڻهن جي مٽي ۽ سرشت ۾ سمايل آهي ته اهي قالوابليٰ جي ڪيل اقرار کي سوريءَ تي چڙهي پنهنجي عشق ۽ ديوانگيءَ کي ثابت ڪن. ان ڪري هو نيزي نروار ٿي ڪسڻ جو قرار حاصل ڪرڻ لاءِ بيتاب هوندا آهن. انهن عاشقن جي سڄي تلاش ۽ جستجو هستيءَ سان يڪجائيءَ لاءِ هوندي آهي. عاشقن کي دوئي ۽ علحدگي ايذائيندي آهي. انهيءَ ڪري سوريءَ چڙهڻ ۽ سيج پسڻ انهن جو مرڪ بڻجي پوندو آهي. اهي عاشق جيڪڏهن زندگيءَ ۾ ماڻهوءَ سان محبت ڪن ٿا، ڌرتيءَ سان محبت ڪن ٿا ته ان ۾ ان هستيءَ جي هم آهنگيءَ کي ڳولهي رهيا هوندا آهن. هو ان ۾ به ان خلقڻهار جي رضا ۽ محبوبيت تلاشيندا آهن جو ان ئي کين پنهنجي رضا ۽ محبوبيت جو اتي ڏس ڏنو آهي. شاهه سائين سُر ڪلياڻ جي داستان 5 ۾ اجهو هيئن فرمايوآهي:
سِڪَڻُ ۽ سُورِي، ٻَئِي اَکَرِ هيڪَڙي
ويهَڻُ واٽَڙِيُنِ تي، ڪارَڻُ ضَرُورِي
ٻِنهِينءَ جي پورِي، جِيءَ ڏِني ري نه جُڙي.
عشق ۽ سوري، ٻئي سور ۽ سختي جي لحاظ سان ساڳي ڳالهه آهن. گهر ويٺي اهو ماڳ ملڻ محال آهي. جيئن عشق واري حالت ۾ محبوب لاءِ واٽون جهلي ويهڻ هڪ لازمي حيلو آهي تيئن خدا جي رضا ۽ محبوبيت ماڻڻ لاءِ ان جي ڏسيل رستي تي هلڻ جيڪو انساني عظمتن جي لاءِ ويڙهه وڙهڻ ۽ غلام ڌرتيءَ جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد وٽان گذري ٿو. اها واٽ وٺڻ هڪ ضروري ڪارڻ آهي. سڪڻ ۽ سوري ٻنهين جي لاءِ جند جان قربان ڪرڻ کان سواءِ پورائي نه ٿيندي.
سُورِيءَ سَڏُ ٿِئو، ڪا هَلَندِي جيڏِيُون!
وَڃڻُ تَنِ پِئو، نالو نِيہَ ڳِنَهنِ جي.
محبوب / اعليٰ مقصد لاءِ جدوجهد جي واٽ تي سوريءَ تي چڙهڻ جو سڏ ٿيو . مون کي ته اوس وڃڻو آهي پر اي ساٿيو! اوهان مان به ڪو هلندو! جيڪي محبوب سان سچو نينهن جو ناتو رکن ٿا، تن کي پنهنجي جان ۽ مال جي قربانيءَ لاءِ ضرور وڃڻو پوي ٿو.
اُڀِي عاشِقَنِ کي سُوري سَڏَ ڪَري:
”اَٿِي سَڌَ سُرِڪَ جِي، ته ڪَئُه مَ پيرُ پَري
سِسِي ڌار ڌَري، پُڇِجُ پوءِ پِرِيتَڻو.“
سوري عاشقن لاءِ هميشه تيار آهي، ۽ عشق جي پانڌيئڙن کي پئي سڏ ڪري ته: ”جيڪڏهن محبت واري سُرڪي پيئڻ جي سچي سڪ اٿوَ ته پوءِ ذرو به پير پوئتي نه ڪيو ۽ اڳتي وڌي سوريءَ تي چڙهو. جيستائين اوهان کي پنهنجي هن محبوب مقصد جي لاءِ پنهنجو سر ڪاٽي جدا ڪرڻ جي همت آهي ته پوءِ عشق ۽ پريتڻي جي ڳالهه ڪيو ۽ عشق جو نالو وٺو.
سُورِي ٿِي سِينگارُ، اَصُلُ عاشِقَنِ جو
لُڏِئا ڪِينَ لَطيفُ چئي، نيزي ٿِئا نِروارُ
ڪُسَڻَ جو قَرارُ، اَصُلُ عاشِقَنِ سِين.
اصل کان وٺي سوري عاشقن لاءِ سونهن سينگار رهي آهي جڏهن به انسانن کي غلامين وڪوڙيو آهي ته عشق رتن پاڪباز ماڻهن انهن جي غلاميءَ جو ڳٽ لاهڻ لاءِ جهد ۽ جاکوڙ ۾ سوريءَ کي سينگار بڻايو آهي. لطيف چوي ٿوته اهي سچا عاشق ذرو به نه هٻڪيا ۽ اچي ڀالي جي سامهان ٿيا. اهو انهيءَ ڪري آهي جو انهن جي خلقيندڙ ايمان وارن انسانن سان انهن جي جانين ۽ مالن جو سودو ڪري ڇڏيو آهي، ان ڪري اهو ڪسڻ جو قرار ڪندڙ ئي اصل عاشق ۽ ايمان وارا آهن.
سُورِي سِينگاري، اَصُلُ عاشِقَنِ کي
لُڏِئا ڪِينَ لَطيفُ چئي، ٿئا نيزي نظاري
ڪوٺِئو ڪِناري، آڻِئو چاڙهي اُنِ کي.
اصل کان وٺي سور سختيون ۽ تڪليفون عاشقن لاءِ ئي سونهن سينگار آهن ته جيئن انهن جي شخصيت جي تڪميل ٿئي ۽ خدا جي محبوبيت کين حاصل ٿئي. لطيف ٿو چوي ته اهي عاشق ازلئون ڪسڻ جو قرار هئڻ ڪري سوريءَ تي چڙهڻ کان ذرو به نه هٻڪيا ۽ اچي نيزي سامهان ٿيا. انهن عاشقن کي سُوري پتنگن وانگر ڪشش ڪري ۽ نيزن ڀالن تي چاڙهي ڪسڻ جو قرار بخشي ٿي. ڪنهن شاعر ان لاءِ هينئن چيو آهي :
سور سختيون عاشقن لئه، محب مهماني مُڪي.
سُورِيءَ مَٿي سيڻَ، ڪِهَڙي ليکي سَنَرا:
’جو لَئِه لَڳا نيڻَ، ته سُورِيان ئي سيڄَ ٿِي.‘
اهو ڪيئن ۽ ڇاجي ڪري آهي جو پنهنجي مقصد سان سچا عاشق جڏهن سخت جهد ۽ جاکوڙ ۾ ايذائجن ٿا ۽ سوريءَ تي چڙهڻ لاءِ اچن ٿا يا سوريءَ تي چڙهيل آهن، ته خوش پيا لڳن ۽ ٻهڪن! حقيقت هيءَ آهي ته انهن عاشقن جون اکيون اتي ئي ان آئندي جو مشاهدو ڪن ٿيون، جيڪو سندن قربانيءَ جي نتيجي ۾ پونيرن کي نصيب ٿيندو. ان جي نتيجي ۾ پنهنجي خلقڻهار جي رضا ۽ محبوبيت ماڻڻ جي سڪ انهن جي اکين ۾ اوسيئڙو ڪيون ويٺي هوندي آهي. تڏهن ته انهن کي اهنج ايذاءَ ۽ سوري به سيج پئي لڳندي آهي.
سُورِيءَ چڙهڻُ، سيڄَ پَسَڻُ، اِيءُ ڪَمُ عاشِقَنِ
پاهُون ڪِين پَسَنِ، سائُو هَلَنِ سامُهَان.
سوريءَ تي چڙهڻ ۽ ان کي شادي ۽ شاماني جي سيج ڪري ماڻڻ، اهو ڪم ازلئون اقرار ڪيل عاشقن جو ئي آهي. اهي عظمت وارا انسان سانگا ۽ بهانا ڪرڻ کان سواءِ پنهنجي پوءِ جا فڪرات ڇڏي جهد ۽ جاکوڙ جي رستي تي ايذائجن ٿا ۽ سڌو سوريءَ کي سامهان هليا اچن ٿا.
سُورِيءَ جي سَئو وارَ، ڏِيهاڻِئُون چَنگِ چَڙهِينِ
جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، سِڪَڻَ جِي پَچارَ
پِرينِ پَسِين پارَ، نِيہُ جِئائِين نِڱِئو.
عشق جي جنهن واٽ جو تون پانڌيئڙو آهين، ان واٽ تي توڙي جو روزانو سؤ ڀيرا تون سُوريءَ جي ڀالن تي ٽنگجين، ته به متان بي حال ۽ هيڻو ٿي، پنهنجي پيشقدمي روڪي محبوب مقصد جي حاصلات کان مايوس يا بيگانو ٿئين. سڪ قائم رک ته من حقيقي محبوب جي محبوبيت ماڻي، دائمي ۽ ابدي زندگيءَ ۾ هميشه ان جو حقدار رهين ۽ اهو ماڳ ڏسين جتان محبت جو سلو انگوريو ۽ عشق جي ابتدا ٿي.
سِڪَڻُ سَڀوئِي سُورُ، مَحبتَ وڏو مامِرو
’اَٺَئِي پَهَرَ مَلُورَ، ساعتَ نه سِگهو جِندَڙو.‘
سڪ ۽ اُڪير هر حالت ۾ درد ۽ ايذاءَ واري آهي ۽ اهو سڪڻ جڏهن وري خدا، انسان ۽ ڌرتيءَ لاءِ هجي ته هڪ وڏو مامرو آهي، پوءِ ته ماڻهوءَ جا اٺ ئي پهر ڏينهن رات سرگرداني ۽ ولوڙ آهي ۽ خلق خدا جي ڀلاين لاءِ پنهنجو آرام ڦٽائجي ٿو پوءِ ماڻهوءَ جو جيڪو به دم غافل گذري ٿو سو ڪافر هجي ٿو ۽ سندس جند جان ڪابه گهڙي موج ۾ ڪونهي، هردم پنهنجي مقصود جي طلب ۽ تات آهي.
سِڪَ نه آهي سُٿري، کَڻُ پَرُوڙي پيرُ
ڪُسَڻَ ڌاران ڪيرُ، ڪَري سَڌَ سِڪَڻَ جِي!
سڪ (عشق) جي واٽ سولي ۽ سٿري ناهي، تون ان راهه ۾ پيش ايندڙ اهنجن، ايذائن ۽ سوريءَ کي سامهون رکي سوچي سمجهي قدم کڻ. هن رستي تي موت قبولڻ ته هڪ عام رواجي ڳالهه آهي، ان ڌاران ڀلا ڪير ٿو عشق جي تمنا ڪري سگهي!
ڪَنہِ چيئِي ته پاءِ، پيرُ پِريان جي پيرَ ۾
تُون سُکَنِ جون سَڌُون ڪَرِين، سيڻَنِ سُورُ سُهاءِ
اَنگهَنِ جِيءُ اَڙاءِ، جان نالو ڳِيَڙءِ نِيہَ جو.
اي سڌڙيا عاشق! توکي ڪنهن چيو ته تون عشق واري واٽ ۾ قدم رک ۽ ان جي واٽ جي پانڌيئڙن جي جتيءَ ۾ پير پاءِ. تون فدائيت ۽ قربانيءَ جو اهو جهان ڄاتوئي ڪونهي، رڳو ٻاهرين ٻنين پيو سکن جون آسون اميدون رکين، عشق جي هن جهان ۾ محبوبن کي ته راحت ئي پنهنجي عاشق کي درد ۽ ايذاءَ ڏيڻ ۾ ٿي اچي ٿي. هاڻي جڏهن عشق جي هام هنئي اٿئي، ته پوءِ پنهنجو پاڻ کي ڀالن تي ٽنگاءِ ته جيئن توکي حاصلات جي حضوري ملي وڃي.
سِڪَڻَ اِيءَ نه حَدَ، جِئن لِڪِئو لِياڪا پائِيين
پَئي پِريان جي نه ٿِيين مَٿي اَڱَڻَ اَڌَ!
اِيءُ پُڻِ ڪُوڙِي سَڌَ، کِلئو کايو سُمَهِين.
عشق ۽ وابستگي جي دعويٰ به ڪرين ٿو پر پنهنجي وقت، وسيلن ۽ جان کپائڻ کان سواءِ ٺلهي وابستگي تي وقت پيو گذارين. سچي محبت ۽ سڪ جي پوري بجاآوري ۾ ايترو ڪافي ناهي. پڌرو ۽ نروار ٿي پنهنجو پاڻ محبوب جي پڌر ۾ پاڻ کي قربانيءَ لاءِ تيار ڪر. اها ته تنهنجي ڪوڙي سڪ آهي جو جاکوڙ ۽ قرباني جي واٽن تي هلڻ بجاءِ تون بنا ڪنهن فڪر فراق جي موج واري زندگي پيو گذارين ۽ خوشيءَ مان کايو پِيئو ننڊون پيو ڪرين.
ڄاڻِي ٻُجهِي جَنِ، توسِين سُورَنِ سَڃ ڪِي
تُون ڪئن سَنديون تَنِ، پَرِ سِين پَچارُون ڪرِين!
تنهنجي سمجهه ۽ ساڃهه، همت ۽ جذبي کي آزمائڻ خاطر توکي سُور سَڃيا، توڏانهن ئي موڪليا ته تون خوشيءَ ۽ صبر سان سهندين پر تون ويٺو ٻين کي دانهون ۽ فريادون ڪرين، تن پيارن جون تون ٻين ڌارين سان ڪهڙيون ٿو شڪايتون ڪرين!
جيڪِي سِڪَڻُ سِکُ، نا ته پَسُ سِڪَندِيُون
پاسي تَنِي مَ لِڪُ، نِيہُ نه سُڃاڻَنِ جي.
تنهنجي اندر ۾ جيڪا طلب جي تات آهي ته تون عمل جي ميدان ۾ اهو نينهن نڀائڻ جا طريقا پاڻ ئي سک يا تنهنجي چوڌاري ان واٽ جا پانڌيئڙا سڏيندڙ آهن ته انهن جو ساٿ ڏي. باقي (اِهي ٻئي ڳالهيون ڇڏي) تون اهڙن حوالين جو پاسو نه وٺ ۽ پيروي نه ڪر جيڪي ان عشق جي عملي اظهارن کي سمجهن ئي نه ٿا، جن جي وڙ وڪڙن واري واٽ آهي ۽ انهن جي منزل تي پڄڻ جو آسرو ئي ڪونهي.
جي تون سِڪَڻُ سِکئو، ڪاتِيءَ پَئي مَ ڪَنجُهه
سُپيريان جي سُورَ جو، ماڙُهنِ ڏِجي نه مَنجُهه
اَندرِ اِيءُ اَهَنجُ، سانڍجِ سُکائُون ڪَري.
جيڪڏهن نينهن نڀائڻ لاءِ عملي ميدان ۾ لٿو آهين ته ان واٽ تي تڪليفون، اهنج ۽ ايذاءَ اچن ته انهن تي دٻيل دانهون نه ڪر پر صبر سان سڀڪجهه سَهه. وڏن خدائي ۽ انساني ڪمن ۾ مليل تڪليفن ۽ درد جو راز دانهون ڪري عام ماڻهن کي نه ٻڌائجي. اهي تڪليفون، اهنج ۽ ايذاءَ هڪ طرف تنهنجي موجود ۽ ايندڙ نسلن لاءِ زندگي بخش هوندا ۽ ٻئي طرف تنهنجي شخصيت جا مرتبا مٿانها ڪري توکي مالڪ جي محبوبيت عطا ڪندا. تنهن ڪري انهن کي سکائون ڪري سانڍ ۽ وڏي محبت سان انهن کي محفوظ ڪج.
جان وَڍيين تان ويهُه، اَڻ- وَڍيو تان واٽَ ٿِيءُ
هِيءُ تَنِي جو ڏيهُه، ڪاتِي جَنِي هَٿَ ۾.
جيڪڏهن تون (محبت جو) گهايل آهين ۽ خدا، انسان ۽ ڌرتيءَ سان نينهن نڀائڻ جي هورا کورا ۽ تڙپ موجود آهي ته پوءِ عمل جو آغاز ڪر ۽ ڪنهن وڏي جهد ۽ جاکوڙ جي واٽ تي ويهه. پر جي اڃا تون محبت ۾ وڍيل نه آهين ته يڪدم پنهنجي واٽ وٺ ۽ ٿيءُ راهي. ڇاڪاڻ جو جهد ۽ جاکوڙ جي هن جهان ۽ ڏيهه ۾ ايذاءُ ۽ موت انسانن سان هميشه ساڻ هلندو آهي.
پِهِرين ڪاتِي پاءِ، پُڇِجُ پوءِ پِرِيَتَڻُو
ڏُکُ پِريان جو ڏِيلُ ۾، واڄَٽَ جِئَن وَڄاءِ
سِيخُنِ ماهُ پَچاءِ، جان نالو ڳيڙُءِ نِيہَ جو.
پهريائين قربانين جي لاءِ ذهني طور تي تيار ٿي وڃ، پوءِ عشق ۽ پريتڻي جون پڇائون ڪر. عظيم مقصدن جي وڏي حاصلات کي پنهنجو درد بڻاءِ ۽ ان درد کي پنهنجي جان ۾ وڏي واڄي وانگر ٻُراءِ ته جيئن تو ۾ سور سهڻ ۽ دانهن نه ڪرڻ جي قوت پيدا ٿئي. جڏهن تو نينهن نڀاهڻ جو عزم ڪيو آهي ته پوءِ پنهنجي جسم جي ماس کي سيخن ۾ وجهي باهه تي پچاءِ يعني ايڏو وڏو سور سهه، وڏي سور سهڻ جي عادت پيدا ڪر.
ڪاتِي ڪونهي ڏوهُ، ڳَنُ وِڍِيندَڙَ هَٿَ ۾
پَسئو پَرِ عَجيبَ جِي، لِچِئو وَڃي لوهُ
عاشِقَنِ اَندوهُ، سَدا مَعشوقَنِ جو.
ڪاتيءَ جو ته ڪو ڏوهه ڪونهي، ڇاڪاڻ ته ڪاتيءَ جو مُٺيو وڍڻ واري جي هٿ ۾ آهي. عظيم مقصدن لاءِ جيڪو قربانين جو عزم ڪري ٿو سو مالڪ جي رضا ۽ محبوبيت جي حاصلات لاءِ پاڻ پيش ڪري ٿو. قرباني ۽ ايثار اهڙا عجيب به هوندا آهن جو ڪاتي پڻ نه وهي ۽ سير واري جاءِ تان لوهه لچڪيو وڃي، جيئن حضرت اسماعيل جي قربانيءَ وقت ٿيو هو. اها محبوب مالڪ جي ان رضا ۽ محبوبيت جي موٽ هوندي آهي جيڪو ان قرباني جي جذبي ۽ حضور کي قبول ڪري وٺي ٿو.
ڪاتِي تِکيائِي مَ ٿِيي، مَرُ مُنيائِي هوءِ
مانَ وِرِمَنِ توءِ، مُون پِريان جا هَٿَڙا.
حق ۽ حقيقت جي حاصلات لاءِ جاکوڙيندڙن جي مٿان اها تڙپ مسلط نه ٿيندي آهي پر اها انهن جي پنهنجي اندر جو اهاءُ هوندي آهي. ان ڪري حق جي واٽ تي هلندڙن لاءِ قرباني جي ريت به آسيس ڏيندڙ هوندي آهي. جيئن جيئن قرباني ڏيندو ويندو تيئن محبوب جي هٿن جي لمس ۽ ڇهاءُ پنهنجي مٿان محسوس ڪندو آهي. ان سرهائيءَ لاءِ چاهيندو آهي ته شل ڪاتي تکي ٿي نه وهي ته جيڪا پوشيده هٿن وارو اهو مهربانين جو ڇهاءُ به هميشه محسوس ڪريان.
هِڪُ جو هَڻي هَٿُ، ٻئو جو جهَلي گهاءُ
اِنهينۡ سُورَ سَماءُ، آهي ٻِنِ ڄَڻَنِ کي.
هڪ اُهو محبوب جيڪو اها جهد ۽ جاکوڙ جي تڙپ ۽ جستجو پيدا ڪري هٿ هڻي ديوانگي اڀاري ٿو ۽ ٻيو عاشق جيڪو ايڏي وڏي ذميواري جو اهو گهائيندڙ ڌڪ ٿو جهلي. انهينءَ گهاءَ واري ايذاءَ جي پوري خبر ٻاهرين کي ڪهڙي پوندي، اها خبر ته رڳو انهن ٻن ڄڻن کي ئي آهي.
تو جَنِي جِي تاتَ، تَنِ پُڻ آهي تُنهنجِي
”فَاذڪُرُونِي اَذڪُرڪُم“ اِيءَ پَرُوڙِجِ باتِ
هَٿِ ڪاتِي ڳُڙُ واتِ، پُڇَڻُ پَرِ پِرِينِ جِي.
توهان جڏهن حق ۽ سچ جي واٽ تي جهد ۽ جاکوڙ ڪيو ٿا ته خدا جي بندن جي غلامي ۽ انهن جا اهنج ۽ ايذاءَ دور ٿين ته اهو خدا به توهان جي تات ۽ تذڪرو ۽ پڇار ڪري ٿو، اها ڳالهه پڪي طرح دل سان هنڊائي ڇڏيو. قرآن ۾ صاف چئي ڇڏيو اٿائين ته ”پوءِ اوهان منهنجي پچار ڪريو ته آءٌ اوهان جي پچار ڪريان.“ جهد ۽ جاکوڙ ۾ هٿ ۾ هٿيار کڻو، پرچار سهڻن ۽ مٺن لفظن ۾ ڪيو. پنهنجي منزل ۽ پرينءَ کي پائڻ جي اها وٿ ۽ پار آهي.
ڪاتِي جَنِ ڳَرِي، مان لَنئُون لَڳو تَنِ سِين
مَحبَتَ جي ميدان ۾ وَڃان پيرَ ڀَري
اَڏِيءَ سِرُ ڌَري، مان ڪُهَنِمِ سُپِرين.
جن جاکوڙين وٽ هٿيار هميشه موجود آهي، ۽ اهي خدا جي ڌرتيءَ جي مٿان خدا جي جوڙيل اشرف المخلوقات کي ڌارئي تسلط، ظالماڻي نظام ۽ استحصال مان نجات ڏيارڻ جي لاءِ سرگرم آهن، منهنجو نينهن به تن سان ئي لڳو آهي. آءٌ پاڻ ان جهد ۽ جاکوڙ واري محبت جي ميدان ۾ جاکوڙين وٽ هلي وڃان ته من منهنجي سر جي قرباني قبول ڪري مون کي پنهنجو پيارو ڪن ۽ آءٌ سندن هٿن ۾ ساهه ڏيان.
اَڳيان اَڏِينِ وَٽِ، پويَنِ سِرَ سَنباهيا
ڪاٽِ ته پوءِ قَبُولَ ۾، مَڇُڻِ ڀانيين گهَٽِ
مَٿا مَهايِنِ جا، پِئا نه پَسِين پَٽِ
ڪَلاڙَڪي هَٽِ، ڪُسَڻَ جو ڪوپُ وَهي.
جهد ۽ جاکوڙ جي ميدان ۾ اڳين صفن ۾ بيٺل سچا عاشق اڳتي وڌي اچي اَڏين کي ويجها ٿيا آهن، ته انهن جي جذبي پوين کي به حوصلو بخشيو آهي ۽ انهن پويان بيٺلن پنهنجا سِرَ وڍائڻ لاءِ سنڀرايا آهن. اڳين جون قربانيون پوين لاءِ مشعل راهه بڻجن ٿيون. اي سچا عاشق! پنهنجو سِر وڍ ته محبوبن وٽ قبول پوي، ان ۾ متان ڪو گهٽتائيءَ وارو گمان آڻين ته پهرين جون قربانيون ڪٿي رائيگان ته نه وينديون؟ وڏن وڏن جانبازن جا سِر وڍيل ۽ پٽ تي پيل نٿو ڏسين جيڪي پونئيرن جي لاءِ مشعل راهه بڻيا آهن! هتي جهد ۽ جاکوڙ جي ميدان ۾ وڍيندڙن وٽ، رڳو وَڍ وَڍان واري ڪار آهي.
مَٿي وَٽِ مِڙَنِ، ته سَڀَڪَهِين سَڌَ ٿِيِي
سِر ڏِني سَٽِ جُڙي، ته عاشِقَ ايئِن اَچنِ
لِڌا تي لَڀَنِ، مُلِ مَهانگا سُپِرِين.
سر قربان ڪرڻ جي لاءِ به ويڙهه جي حڪمت عملي ۽ فدائيت جو جذبو گهرجي. جيڪڏهن رڳو ويڙهه جي نالي ۾ ڪنڌ ڪٽائڻ جي ڳالهه آهي ته اها خواهش ڪيترن کي ئي ٿئي ٿي. ٺلهو سر ڏيڻ سان جيڪڏهن عشق جو سؤدو ٺهي وڃي ته هوند ڪيئي عاشق سر ڏيڻ لاءِ تيار ٿي اچن. ان ڪري ئي سچا فدائي عاشق حڪمت عمليءَ سان وڙهڻ وارا ورلي ٿا پيدا ٿين. محبوب مقصد، ايئن رڳو هروڀرو جي ڪنڌ ڪپائڻ سان به ڪونه ملندو آهي. ان جي لاءِ پوري نظرياتي تياري به هجي.
ناڻٖي ناهِ ڪَڪوهُ، ڪِينۡ مُلِ مَهانگو مَنڌُ
سَنۡباهٖيجِ، سيدُ چئي، ڪاٽَڻَ ڪارَڻِ ڪَنڌُ
هِيءُ تَنِي جو هَنڌُ، مَٽَنِ پاسِ مَرَنِ جي.
پنهنجي پرين مالڪ حقيقيءَ جي عشق وارو سرور ناڻي تي ملڻ وارو ناهي، ان جي حاصلات جو سڪ وارو سَرو وڏي ۾ وڏي ملهه کان به وڌيڪ مهانگو آهي ۽ ملهه وٺي نٿو سگهجي. سيد عبداللطيف ٿو چوي ته ان شهادتن جي سلسلي ۾ شموليت واسطي تون پنهنجو مٿو وڍڻ ۽ وڍجڻ واسطي سينگاري هلج. هيءُ محبوبن جي ميخاني وارو ماڳ مڪان انهن ئي سچن عاشقن لاءِ آهي جيڪي محبت جي شراب سان ڀريل مَٽن وٽ مرڻ لاءِ تيار آهن.
مُلِ مَهانگو قَطَرو، سِڪَڻُ سَعادَتَ
اَسان عِبادَتَ، نَظَرُ نازُ پِرينِ جو.
پنهنجي پرين مالڪ حقيقي جي سچي سِڪ جي نشي واري شراب جو هڪ ڦڙو به ايڏو مهانگو آهي جو ملهه وٺي نٿو سگهجي. تنهن هوندي به سِڪ ۾ رهڻ وڏي سعادت ۽ خوش بختيءَ جي ڳالهه آهي. اسان جو ڪم آهي ان جي ٻڌايل طريقي تي عبديت جو اظهار ڪيون. باقي پنهنجن عاشق ٻانهن تي شفقت ۽ ڪرم جي نظر ڪرڻ سو ته پياري پرينءَ جو ناز آهي جيڪو ابدي زندگيءَ ۾ پنهنجي عاشق ٻانهن سان روزانو نيڻن نهار ڪري پاڻ پسائيندو ۽ انهن سان ڳالهائيندو.
وائي
سُپيريان جي سُونہَ جِي، ڳالَهِه ڪِيئَن نه وَڄي!
١. وَڃي دَر دوستنِ جي، سُورِيءَ سِرُ سَرهڄي
٢. عاشِقَ اَنگُهنِ چَڙِهئا، ٻِئو سَڀُڪو ڀَڄي
٣. پُڇِجُ پوءِ پِرِيَتَڻُو، پِهِرين سِرُ سَنڄي
٤. عاقِلَ ئِي اوجُهون ٿِئا، ڀورو ڪوهُ نه لَڄٖي.
سپرين جي سونهه ۽ حسن جي هاڪ ڇو نه هُلي، سندن سونهن جو ڇو نه غوغاءُ ٿئي. جڏهن عشق جي انهيءَ نينهن جو آواز پهچي وڃي ته پوءِ سچن عاشقن جو اهو مرڪ آهي ته هلي وڃي محبوبن آڏو پنهنجي سر کي سوريءَ جو سينگار بڻائجي. دنيا جو اهو دستور رهيو آهي ته سچا عاشق سدائين سوريءَ چڙهيا آهن ۽ باقي ٻين ڀڄي وڃي جان بچائي آهي. هي راز پروڙڻ وارا عاشق هاڻي تون به پهريائين سوريءَ لاءِ پنهنجو سِر سامهون ڪري، پوءِ عشق جي پچار ڪجانءَ. عشق جي هن راز کي سمجهڻ ۾ جڏهن وڏي عقل وارا ئي منجهي ويا ته پوءِ ويچارو اڻ ڄاڻ ڀلا ڪيئن نه ڀلجي ۽ پنهنجي سادگيءَ تي پشيمان ٿئي!