لطيفيات

شاهه لطيف وٽ عشق جا 10 اصول

سرڪلياڻ ۽ يمن سان ته ڄڻ موجوده نسلن جي شناسائي ۽ نسبت ئي ڌنڌلائبي پئي وڃي ۽ مون فقط ان نسبت کي روشن ڪرڻ جي ابتدا ڪئي آهي. شاهه جي هنن ٻن سُرن لاءِ منهنجي هيءَ سمجهاڻي آهي، اها حرف به حرف معنيٰ ڪونهي. ان سمجهاڻيءَ ۾ ڪٿي جديد فڪر ڇانيل به محسوس ٿي سگهي ٿو، ان لاءِ مان رڳو ايتري گذارش ڪندس ته شاهه لطيف دنيا جي سڀني ذهين ۽ ڏاهن ماڻهن وانگر پنهنجي دؤر کي جديد دؤر ڏانهن ڇال ڏياريندڙ شخص هئو.
Title Cover of book شاهه لطيف وٽ عشق جا 10 اصول

اصول 6. تلاش ۽ تڙپ شاهه وٽ عشق جو ڇهون اصول آهي

زندگي گوناگون آهي. ماڻهوءَ کي زندگيءَ جي انهيءَ گوناگونيءَ مان پنهنجي ڪاميابي به تلاش ڪرڻي آهي، پنهنجي لاءِ حق ۽ سچ جي تلاش به ڪرڻي آهي. دنيا ۾ سچ ۽ حق جون وري ڪيتريون ڏسائون آهن ۽ کوڙ دعوائون آهن، اتي پنهنجي لاءِ بهتر کان بهتر جو انتخاب ان تلاش جو اصل حاصل آهي. شاهه صاحب ان لاءِ تلاش ۽ تڙپ کي بيحد ضروري سمجهي ٿو. پنهنجي رسالي ۾ شاهه سائين سر سسئي جا پنج سر انهيءَ تلاش ۽ تڙپ جي ضرورت، ڪيفيت، انداز ۽ ان جي صورتن کي ورائي ورائي بيان ڪيو آهي.
انهيءَ تلاش ۾ ڪيتريون به تڪليفون برداشت ڪرڻيون پون، ڪهڙا به ڏونگر ڏورڻا پون پر تلاش کي ڇڏڻو ناهي.
منڌ نه منجهان تن، پسي لڪ لُڏن جي،
جا پـر کاهوڙين، سا پر سکي سسئي.
”سسئي انهن عورتن منجهان نه آهي جيڪي جبلن جا ڏکيا لڪ ڏسي ڏڪي ۽ ڪنبي ويهي رهن، پر سسئي ته کاهوڙين وانگر سخت تڪليف ۽ مشقت ڪرڻ واري آهي. هن شروع کان ئي اهو طريقو سکيو آهي.“
شاهه لطيف وٽ حاصلات کان وڌيڪ تلاش ۽ تڙپ کي اهميت حاصل آهي. هو چوي ٿو ته مان اهڙي حاصلات کي گهوري ڇڏيان جيڪا منهنجي تلاش ۽ تڙپ کي ماٺو ڪري ڇڏي.
تلاش ۽ تڙپ هر ماڻهوءَ جي ضرورت آهي. علم جي تلاش، روزگار جي تلاش، ڪاميابين جي تلاش، مهارتن جي تلاش، سچ جي تلاش، اعليٰ انساني قدرن جي تلاش، سڪون ۽ سلامتيءَ جي تلاش، سڪون ۽ سلامتيءَ واري مذهب جي تلاش، اهي سڀ انسان جون فطري ۽ سماجي ضرورتون آهن. انهيءَ ڪري ماڻهو انهن لاءِ تلاش ۽ تڙپ به ان پيماني جي رکي. شاهه لطيف اسان جو نباض شاعر هو. هُن جتي جتي به اسان جي ڪمزورين کي ڏٺو، اتي ان جو علاج ٻڌايو. هُن اسان ۾ تلاش ۽ تڙپ جي بيحد کوٽ محسوس ڪئي، ان ڪري اوترو ئي زور ڏئي هُن سڄا سارا پنج سُر تلاش ۽ تڙپ تي تخليق ڪيا.
هُن ڏٺو ته اسان جا ماڻهو سخت روايت پسند ۽ نسلي طرح هلندڙ طريقن جا پابند آهن. جنهن مذهب تي وڏڙا رهيا آهن، اسان کي به هر حال ۾ ان تي هلڻو آهي، پوءِ ڇو نه ڍيڍ کائڻا پون، ڪنڊين ۽ ڪاٺين جي آڏو اونڌو ٿيڻو پوي، انساني شرف کان هيٺ لهڻو پوي ۽ ماڻهن جي پيرن تي جهڪڻو پوي. صرف ان لاءِ ته اهو خانداني مرشد آهي ۽ پيڙهين کان هلندو پيو اچي. مرشد وٽ نه وحدانيت جي تعليم آهي نه انسان دوستيءَ جا عملي مظاهر آهن، پوءِ به پيري مريدي هلندي پئي اچي. صدين جون فرسوده ۽ مدي خارج روايتون ۽ رسمون هلنديون پيون اچن. ملان ڪيترو به پيشه ور ۽ فرقيواريت جو علمبردار بڻجي، پر ان جي سماجي رتبي کي چيلينج نه ٿو ڪجي. شاهه لطيف پنهنجي فڪر ۾ انهن سڀني روايتن، رسمن ۽ طريقن جو پوسٽ مارٽم ڪيو. هن نه صرف انهن خرافات کي ننديو پر ماڻهن کي ان جو باغي بڻايو ۽ انهن کي سيکاريو ته هو پنهنجي زندگيءَ جي سڀني معاملن ۾ ڀلي طريقي ۽ ڀلي ڳالهه جي حاصلات لاءِ تلاش ۽ تڙپ جي روءِ تي رهن. هن سيکاريو ته تلاش ۽ تڙپ برابر تڪليف ۽ قربانيءَ جو رستو آهي پر انسان کي سچ سان نينهن نڀاهڻ جي لاءِ تڪليفون سهڻيون پونديون ۽ قربانيون ڏيڻون پونديون. شاهه سائين انهن تڪليفن لاءِ هڪ عورت سسئي جي ڪردار کي نمونو ڪري پيش ڪيو ۽ هي خاموش پيغام ڏنو ته هاڻي جيڪڏهن مَرد تلاش جي اهڙي ريت تي نه هلن ته پوءِ انهن جي مردانگيءَ تي حيف آهي.
اهڙي طرح ماڻهو پنهنجي اڳواڻن ۽ رهبرن جي ڪڍ هلن ٿا. سالن ۽ ڏهاڪن جي ڊگهي سفر کانپوءِ به قوم کي ڪا هڙ حاصل نٿي ٿئي، اهنج ۽ ايذاءَ ختم نٿا ٿين، تبديلي ۽ انقلاب نٿا اچن. ڏسجي وائسجي پيو ته نه فڪري سگهه آهي ۽ نه عملي طريقا آهن سو انقلاب اچي ته آخر ڪٿان اچي پر ماڻهو اتي به انقلاب جا سائنسي ۽ رياضياتي طريقا اختيار ڪرڻ بجاءِ روايتي رهبرن پويان پنهنجون جوانيون ۽ زندگيون پيا تلف ڪن. شاهه لطيف انهن لاءِ صاف لفظن ۾ چيوته:
هارِئا ويڄَ! مُياسِ، سُڌ نه لَهِين سُور جِي
پِرِيان کي چُوندِياسِ، تَه تَرسُ طَبِيبَنِ ڇَڏِئو.

”اي نادان طبيب: آءُ ته پنهنجي درد ۽ تنهنجن ڪويڄ ۽ مدي خارج نسخن سببان مرڻ جهڙو ٿي ويو آهيان، پر تون اڃان تائين منهنجي سور جو سبب نٿو سمجهين. آءُ پنهنجي پياري پرين جي بارگاهه ۾ دانهين ٿيندس ته يار رب! هنن ڪويڄن پنهنجي نفساني خواهشن پٽاندڙ بي مقصد واٽن تي هلائي اسان جو وقت وڃائيو ۽ اسان جي درد ۽ ڪرب تي هنن ڪهل ۽ قياس ڇڏي ڏنو هو.“
استاد جي، سڄاڻ جي، تخليقڪار جي ۽ هڪ علم واري ماڻهوءَ جي علم جي تلاش زندگيءَ ۾ ڪڏهن به ماٺي ٿيڻ نه گهرجي. حضرت محمد ﷺ جنهن جي فڪر جو آغاز ئي اقراء سان ٿيو هو ته ”پڙهو، پڙهندا رهو، خلقڻهار اوهان تي سڀ کان وڏو اڪرام ئي اهو ڪيو آهي جو اوهان کي قلم جو علم ڏنو اٿائين.“ هن چيو ته پڙهڻ ۽ سکڻ لاءِ اوهان جي زندگيءَ ۾ عمر جي ڪابه سرحد ڪونهي، ”پينگهي کان وٺي قبر ۾ وڃڻ تائين سکندا رهو“، تان جو مالڪ حقيقي جي حضور ۾ پيش ٿي ڪري ٻڌايو ته مان سکڻ ۽ سچ پائڻ جي لاءِ سڄي زندگي تڙپ ۽ جستجوءَ سان گهاري هتي پهتو آهيان.
هي اسان جو سڀ کان وڏو الميو آهي ته اسان رسمي ڊگريون وٺي عقل جا اڪابر ۽ آپي خان ٿا بڻجي وڃون. هي ڊگريون ته استعداد جو سرٽيفڪيٽ هونديون آهن ته هي ماڻهو هاڻي هن شعبي ۾ ڪم ڪري سگهي ٿو. سکڻ جي رسوخ جو آغاز ته ٿيندو ئي ڊگرين کان پوءِ آهي. اهڙي طرح زندگيءَ جي ٻين شعبن ۾ به، پوءِ اهو پورهيو هجي، سروسز هجن، ڪاروبار هجي، سڀني هنڌن تي اسان جو ساڳيو رويو آهي. انهيءَ ۾ به گهڻو ڪري موجود ۽ ميسر حالتن تي اڪتفا ڪري اسان جو گاڏو پيو گهلجي. ڀلان ڀليءَ جي تلاش ۽ ترقيءَ جي تڙپ اسان جي عشق ۽ ايمان جو حصو نه رهي آهي. پنهنجي پنهنجي شعبن ۾ پنهنجي خدمتن ۽ پنهنجي ڪم سان عشق ۽ ان کي پنهنجي لاءِ پنهنجي چوڌاري ماڻهن جي لاءِ مفيد بنائڻ جي تڙپ ناهي ته پوءِ ڪنهن به ڪم واري ماڻهوءَ کي مجرد عشق ڪهڙي حاصلات ڏيندو.
پَسِي ڏُونگَرَ ڏاهَ، جِمَ هَلَڻَ ۾ هِيڻي وَهِين
لانچِي لَڪَ لَطِيفُ چَئي، پُٺِيءَ ڪيچينِ ڪاهِ
پُڇِي پُورِجِ سَسُئِي، بَلوچاڻِي باهِ
اِن وَڙائِتِ وَرَ جِي، آسَرِ هَڏَ مَ لاهِ
جو اَکِينَئُون اوڏو آهِ، سو پِرين پَرانهُون مَ چَئهُ.

”اي سسئي! وڏا جبل ڏسي متان هلڻ ۾ سستي ڪرين. دل نه لاهجانءِ. تون چيلهه کي سندري سان ٻڌي ڪيچين جي قافلي پٺيان هلندي وڃ. اي سسئي! تون قافلي جا هر منزل تي باهه جا ڇڏيل نشان پچائيندي اڳتي وڌندي وڃ، تون ان قربائتي ڪانڌ کان ڪنهن به صورت ۾ نااميد نه ٿيءُ، اهو سڄڻ جيڪو اکين کان وڌيڪ ويجهو آهي، انهيءَ لاءِ ايئن نه سوچ ته هو ڪو توکان پري آهي.“
اها تلاش ۽ جستجو پنهنجي محبوب سان وصل جي لاءِ آهي ڇو ته آخري منزل اهو وصل ئي آهي. سسئي چوي پئي ته آءٌ وينديس ۽ جبلن ۾ ڳولينديس، جتي به هوندو ان کي ڳولينديس. شاهه جي هن تعليم تي اوهان به زندگيءَ ۾ اهڙي ريت تي هلو ۽ عشق جي اثرن ۽ فائدن جو لطف وٺو. سُر يمن جي داستان 2 ۾ هيئن فرمائي ٿو:

جان جان ناهِ ضَرورُ، تان تان طبِيبُ ناهِ ڪو
جُہ سو سَرِئو سُورُ، ته ڪَرَ ويڄُ وَرِ پِئو.

ماڻهوءَ جي زندگي ته ايئن معمول مطابق گذري ٿي پر سوچ ۽ علم وارن انسان کي وري وري پنهنجي اندر جا اڌمان جاڳندا آهن ۽ اندر جو انسان بيدار ٿيندو آهي ته آخر هو ڪير آهن؟ ڇو پيدا ڪيا ويا آهن؟ ۽ سندن منزل ڪهڙي آهي؟ پوءِ سليم فطرت انسانن ۾ بامقصد زندگي گذارڻ جي تڙپ پيدا ٿيندي آهي. جيستائين اندران اها تڙپ ۽ ضرورت پيدا نه ٿيندي تيستائين ٻاهر به ان درد ۽ پيڙا جو ڪو ويڄ ۽ طبيب ڪونه ملندو. ماڻهوءَ جي اندر جو درد ۽ سور اڀرندو ته پوءِ ان درد جي نجات ۽ راحت جي منزل تي رسائڻ وارا ويڄ به جهٽ ملي ويندا.

سُورُ جَنِي کي سَرِئو، سَرِي تَنِ صِحَتَ
مِٺِي مُصِيبَتَ، آهي عاشِقَنِ کي.

جن کي اندر جي پيڙا آهي، عشق آهي ۽ اڌمان آهن ته ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل تڙپ ۽ عملي زندگي انهن کي ئي صحت ۽ راحت عطا ڪري ٿي. انهيءَ ڪري سچن عاشقن جو اهو دستور آهي ته سور واري سختيءَ کي پنهنجي جاکوڙ ۽ انسان دوستي واري عملي زندگيءَ سان هو حياتيءَ جو جيڪو لطف حاصل ڪن ٿا، سان انهن جي وڏي حاصلات آهي.

اُٿياري، اُٿِي وِئا، مَنجهان مُون آزارَ
حَبيب ئي هَڻِي وِئا، پِيڙا جي پَچارَ
طبِيبَنِ توارَ، هَڏَ نه وَڻي هاڻِ مون.

منهنجي اندر ۾ هي درد ۽ ڪرب جو سور جاڳائي، پاڻ پرين هليا ويا. اهي پيارا محبوب ئي منهنجي اندر ۾ سليم فطرت سمائي ۽ منهنجي روح کان الستي اقرار وٺي نينهن نڀائڻ جي واٽ تي لڳائي ويا ۽ مون کي سور سختي جي جهوري لائي ويا. ان جي نتيجي ۾ مون منجهه جيڪا تڙپ ۽ جستجو پيدا ٿي آهي سا منهنجو سرمايو آهي. هاڻي مون کي پنهنجي چڱڀلائي بابت ويڄن جي ڳالهه ئي نٿي وڻي.

اَور ڏُکَندو اُو ٿِيي هادي جَنہِ حَبِيبُ
تِرُ تَفَاوَتُ نه ڪَري تَنہِ کي ڪو طبِيبُ
رَهَنُمَا رَقِيبُ، ساٿَرِ آهي سُپِرِين.

اهو پاڻ وڌيڪ ڏکوئجي ٿو، جنهن جو سڄڻ ۽ سونهون خود پيارو پرين آهي. ان ڪري جو پرين ان جي اندر کي تڙپائي ٿو ۽ ان تڙپ جي نتيجي ۾ عمل جون سور سختيون سهائي ٿو. سندس پيڙا جي ڪيفيت هي آهي جو سور ۽ درد کي لاهڻ ۾ به وري سواءِ پياري سڄڻ جي ٻئي ڪنهن به طبيب جو علاج ذرو به فرق نٿو ڪريس. انهيءَ ڪري جو ان تڙپ ۽ عمل جي وِٿن، حقيقتن ۽ زندگيءَ جي ضابطن جي رهنمائي ڪندڙ خيرخواه، سپرين جهڙوڪر سندس ساٿاري بڻيل آهي.

ساٿَرِ صِحَتَ سُپِرِين، آهي نه آزارُ
مَجلِسَ ويرَ مِٺو ٿِيي، ڪاٽِيندي قَهارُ
خَنجَرُ تَنہ خُوبُ هَڻِي، جَنہِ سين ٿئي يارُ
ساجَن مُون ستارُ، سوجهي رَڳون ساهَ جون.

جڏهن مٺو محبوب ساڻي ۽ ساٿي آهي جو ان جا ٻڌايل رهنما اصول منهنجي درد جا دارون آهن ته پوءِ ان جي نتيجي ۾ سور يا آزار آهي ئي ڪونه. اهو پيارو پرين ويجهڙو ٿيڻ تي مٺو مهربان ۽ غفار آهي، پر وڍڻ ۽ گهائڻ وقت بلڪل بي قياس. جنهن جو به هو يار ٿئي، تنهن کي آزمائش لاءِ تڪليفن مان پار ڪرائي ٿو. پيارو سڄڻ نهايت ٻاجهارو آهي جو پنهنجي محبوبيت جو نهايت مٿانهون مقام ڏيڻ لاءِ سوجهي ساهه جي رڳن جي قرباني ٿو ڏياري، اها قرباني ڪيترن ئي انسانن جي ايندڙ سک ۽ سلامتيءَ واري زندگيءَ جو ذريعو بڻجي ٿي.

رَڳُون ٿِيون رَبابُ، وَڄَنِ ويلَ سَڀَڪَهِين
لُڇَنِ، ڪُڇَنِ نه ٻِئو جانِبَ ري جَوابُ
سوئِي سَنڌِيندُم سُپِرِين، ڪِيَسِ جَنہِ ڪَبابُ
سوئِي عَينُ عَذابُ، سوئي راحَتَ رُوحَ جِي.

جڏهن کان مون محبوب حقيقيءَ جي رضا لاءِ ان جي ٻڌايل محبوب مقصد واسطي جيئڻ شروع ڪيو آهي منهنجون نسون رباب جون تارون ٿي پيون آهن، جيڪي منهنجي دردونديءَ ديس جي مظلوم ماڻهن سان ٿيندڙ ناانصافين تي لڳاتار وڄن ٿيون ۽ ان سور جي سختي کان لرزن لچڪن پيون پر صبر ۽ ماٺ ۾ پيون سور سهن ۽ سواءِ محبوب جي ٻئي ڪنهن سان ڪا ٻڙڪ به ڪين ٿيون ڪن. هاڻي اهو محبوب ئي منهنجو رهنما بڻبو، ان جا ٻڌايل حڪم، ضابطا ۽ قومن جي عروج ۽ زوال جا قانون رهنما بڻجي منهنجي وکريل وجود کي سڌو ۽ سنڌائتو ڪندا. سڌاري ۽ خرابيءَ بابت فطرت جا جوڙيل قانون آهن. انهيءَ جي جوڙيل قانون جي انحراف تي افراد ۽ قومن کي عذاب ملن ٿا ۽ ان جي ٻڌايل حڪمن ۽ ضابطن جي پوئواريءَ تي ئي افراد ۽ قومن جي راحت واري زندگي مقدر بڻجي ٿي.

اَنڌا اُونڌا ويڄَ! کَلَ ڪُڄاڙِئا کانئِيينِ
اسان ڏُکندو ڏِيلَ ۾، تُون پِيارِيين پيڄَ
سُورِي جَنِي سيڄَ، مَرڻُ تَنِ مُشاهِدو.

اي عقل جا انڌا ۽ مت جا موڙها طبيب! جڏهن تون ماڻهوءَ جي اندر جي بيمارين جي ڄاڻ ئي نٿو رکين ته پوءِ اجايو علاج ڪري منهنجي کل کي پيو ساڙين! اسان کي محبوب مقصد لاءِ اندر ۾ تڙپ ۽ لڇ، ۽ تون پيو ٻاهريون ڦڪيون ڪرين ۽ سُتيون پيارين! ان محبوب مقصد جي لاءِ جاکوڙي ۽ ويڙهاند ڪري سوري تي چڙهڻ جن جي لاءِ سيج برابر آهي، تن لاءِ موت ته هڪ عجب لقاءُ آهي.

تَنَ طبِيبُ نه تون، سُڌ نه لَهِين سُورَ جِي
ڍَڪِ پنهنجا ڊَرڀَڙا، کَڏَ کَڻِي ۾ ڀُون
ڪانَه گهُرجي مون، حَياتِي هوتَنِ ري.

تون منهنجي بيتاب ۽ قالوا بليٰ جو اقرار ڪيل جندجان جي بيماريءَ جو جو ڄاڻو طبيب ئي ڪو نه آهين، (انهيءَ ڪري) مون کي جيڪو درد ۽ پيڙا آهي، تنهن کي تون سمجهي نٿو سگهين. تون پنهنجون هيڏانهن هوڏانهن جون دوائون ستيون جيڪي مون کي ٿو ڏئين سي موٽائي کڻ ۽ ڪا کڏ کڻي اُن ۾ پوري ڇڏ. منهنجو علاج محبوب جو وصال ۽ ان جي ڏسيل واٽ آهي ۽ منهنجو جيئڻ ان سان ئي آهي. باقي ٻين نظرين ۽ رمزن وارا حيلا هلائي پياري پرين کان پري نه ٿو ڪري سگهين. انهن هوتن جي جدائي ۾ جيئڻ مون کي کپي ئي ڪونه.

هارِئا ويڄَ! مُياسِ، سُڌ نه لَهِين سُور جِي
پِرِيان کي چُوندِياسِ، تَه تَرسُ طَبِيبَنِ ڇَڏِئو.

اي نادان طبيب: آءُ ته پنهنجي درد ۽ تنهنجن ڪويڄ ۽ مدي خارج نسخن سببان مرڻ جهڙو ٿي ويو آهيان، پر تون اڃان تائين منهنجي سور جو سبب نٿو سمجهين. آءُ پنهنجي پياري پرين جي بارگاهه ۾ دانهين ٿيندس ته يار رب! هنن ڪويڄن پنهنجي نفساني خواهشن پٽاندڙ بي مقصد واٽن تي هلائي اسان جو وقت وڃائيو ۽ اسان جي درد ۽ ڪرب تي هنن ڪهل ۽ قياس ڇڏي ڏنو هو.

ڪُٺِيَسِ ڪُويڄنِ، تَنِ طَبِيبَ نه گَڏِئا
ڏيئِي ڏَنڀَ ڏَڏَنِ، پاڻان ڏِيلُ ڏُکوئِيو.

اڻڄاڻ ويڄن منهنجي درد ۽ ڪرب جي تشخيص ئي نه ڪئي. ابتن علاجن سان ماري ڇڏيو: منهنجي بيمار جسم کي سچا طبيب نه ملي سگهيا. انهن نادانن لاحاصل مقصدن جي ڪڍ ڊوڙائي ڏنڀن تي ڏنڀ ڏيئي، ويتر منهنجي جان کي وڌيڪ جهوريو ۽ آزاريو.

ڪُوماڻا ڪَڙيون ڪَري، چاڪَ اُڀَرئامِ
واري ويڄَ ڏِنامِ، ڏَنڀَ ڏُکَندي سامُهَان.

مان پنهنجي هوراکورا سان پنهنجي محبوب مقصد جي لاءِ پنهنجي وت آهر ڪوشش سان هلندو رهيس ۽ منهنجا ڦٽ اندران ڀرجي، مٿان ڇٽڻ واريون ڪَڙيون ٻڌي، ڪومائجي ويا هئا. جو مٿان وري اڻڄاڻ ويڄن جي رهنمائي ويڳاڻپ جي ور چاڙهي ڇڏيو. تان جو منهنجا ڦٽ اکلي پيا. انهن جي ڪويڄائي نسورو منهنجي زندگيءَ کي سور، آزار ۽ ڏنڀ ڏئي ڇڏيا.

طنبُو طبِيبَنِ، آڻي اڱڻِ کوڙِئا
دارُون هِن دَردَ کي، ڦَڪِيُون فَرقُ نه ڪَنِ
وِرِچِئو ويڄَ وَڃنِ، سُڌِ نه پِيينِ سُورَ جِي.

منهنجي بيماري ۽ لڇ پڇ ڏسي ويڄن پنهنجون پنهنجون ستيون کڻي پنهنجا طنبو پلاڻي اچي بالڪل منهنجي صحن تي آڻي کوڙيا. پنهنجي ستين تي هلائڻ جا وڏا وس ڪيائون پر سندن ڏنل ڦڪين منهنجي هن درد ۽ سور کي ذرو به گهٽ نه ڪيو. ٿڪجي لاچار ٿي آخر اهي ويڄ هليا ٿا وڃن پاسيرا ٿي ٿا وڃن پر کين منهنجي درد ۽ ان جي علاج جي ڪا خبر ئي ڪانه ٿي پوي.

ايريندَڙا اي، جي مون کي ڏِنا سَڄَڻِين
هارِئا تَنِي تي، ويڄَ وِڃاء مَ ڊَڀَڙا.

طلب جي تات ۽ جستجوءَ جا اهي ڦٽ ۽ زخم جيڪي مون کي پياري پرين ڏنا آهن، سي ايريندڙ آهن ۽ محبوب مقصد لاءِ جاکوڙ ۽ جهد سان اهي ضرور ورندا ۽ ڇُٽندا. اي نادان ويڄ! تون پنهنجن غيرمعياري نسخن واريون پنهنجون دوائون انهن تي ضايع نه ڪر.

ويڄَ وِڃاء مَ ڊَڀَڙا، ڪَندا ڪونه فَرقُ
مُون کِي ٿِئا مَرَڪُ، مُون پِريان جا ڌَڪَڙا.

اي طبيب! تون پنهنجي ڊڀن جي جهڙا پسارڪا ٽوٽڪا ٺاهي، اهي ٻڪيون ڦڪيون ضايع نه ڪر، جو اهي منهنجو درد گهٽائڻ ۽ مون کي صحتمند ڪرڻ ۾ ڪو به ڦيرو ڪو نه آڻينديون. منهنجي لاءِ منهنجي مانائتي پرينءَ جيڪو شفا جو فطري نسخو تجويز ڪيو آهي سو منهنجو مرڪ آهي. ان نسخي تي هلڻ سان جيڪي ڌڪ ۽ ڏک ڏاکڙا آهن سي به مون لاءِ سهڻا سيباڻا آهن.

ويڄَ وِڄائُون ڇَڏِ، توکي سُڌ نه سُورَ جي
آندِيئِي جي اگهَنِ لَئي، سي گورِيُون گورِينِ گَڏِ
سوئِي صاحِبُ سَڏِ، جو پَرکَا لَهي پِيڙَ جِي.

اي طبيب! تون پنهنجون اهي اجايون حڪمت واريون ڳالهيون بند ڪر، جو توکي مرض جي اصليت ۽ سور جي سبب جي سُڌ ئي ڪانهي اهي نسخا ۽ گوريون جيڪي اگهائي ختم ڪرڻ لاءِ آنديون اٿئي پنهنجي اڳين ٻڌايل نسخن ۽ گورين سان رکي ڇڏ. مون ڀانت ڀانت جا نسخا ۽ علاج ڪري ڪافي ڀوڳيو آهي. هاڻي منهنجي درد جو ڇيهه ٿئي. تنهن ڪري تون انهيءَ صاحب ۽ سائينءَ کي سڏي آڻ، جيڪو منهنجي اندر جي هن درد ۽ پيڙا کي صحيح طور سڃاڻي ٿو.

ڌارِين دُنيا ڪارَڻِ ڊَرٻِيُون، تَنَ جو تُون نه طَبِيبُ
ايندو اَڄُ عَجِيبُ، شادِي ڏِيندو صِحَتَ جِي.

اي ويڄ! تون رڳو پنهنجي ذاتي، انائن ۽ خواهشن لاءِ اجايون ڊڀن جهڙيون دوائون کنيو وتين، پر حقيقت اها آهي ته تون دلين جو اصل مرض ڄاڻين ئي ڪونه ٿو، ان ڪري تن جي علاج جي توکي ڪَل ئي ڪانهي. پر مان به روزانو اها آس ٿو رکان ته اڄ منهنجو پيارو سڄڻ محبوب ايندو، ۽ ان جي تجويز ڪيل ضابطن ۽ نسخن سان منهنجو درد دفع ٿيندو ۽ مون کي چڱڀلائي جي واڌائي ڏيندو.

ويڄَنِ سِين وائِيءَ پِئا، ڪِرِي نه ڪِئائُون
جي پَندِ پارِئائُون، ته سِگهائِي سَگها ٿِئا.

هڪڙا ماڻهو پنهنجي مرضيءَ تي هلڻ وارا اهڙا به آهن جن کي پنهنجي دور ۾ درد ۽ ڪرب جا ڄاڻو ۽ رهنما ۽ طبيب ته مليا پر انهن ماڻهن جي پنهنجي ويڄن سان آڏا سوال جواب ڪيا، ۽ ڏسيل رک ۽ پرهيز نه ڪيائون. جيڪڏهن هو پنهنجي باطني بيمارين ۽ ڪڌاين بابت جيڪي انهن جي ماڻهپي کي نهوڙيندڙ هيون، طبيبن جي ٻڌايل نصيحت ۽ هدايت تي هلن ها، ته هوند جلد ئي صحتياب ٿين ها.

ويٖڄَنِ سِين وائِيءَ پِئا، ڪِري ڪَنِ نه پاڻِ
اَگها اِنَ اُهڃاڻِ، پَسو سُورَ سِجهائِيا.

انهن بي چَين بيمارن هڪ ته پنهنجي مرضي ۽ خواهش کي پنهنجي مٿان حاڪم بڻائي پنهنجي طبيبن سان سوال جواب ڪيا، ۽ ٻيو هروڀرو جي غفلت ۽ ڇيڳرائي ۾ ڄاڻي ٻجهي پنهنجي باطني بيمارين ۽ ڪڌاين جي رک نه ڪيائون. سندن اهڙن افعالن جي ڪري اهي مريض ڏسو ته دنيا ۾ هيڪلا بڻجي ويا ۽ ڪو به ٻوٽو ٻاري نه سگهيا. زندگيءَ جو گذران سوڙهو ٿي ويو. سور جي سختيءَ نيست ۽ هيڻا ڪري ڪيرائي ڇڏيا ۽ کين مرض جي آزار نهوڙي ڇڏيو.

تَڙِي طَبِيبَنِ، گهايَلُ گهَران ڪَڍِئو
چِڪئا چاڪَ چِيهُون ڪَري، ڪَڙيُون مُورِ نه ڪَنِ
دوسَ دَرسَن تُنهِنجي، وڏو ٺارُ ٺَپَنِ
وِرِچِئو ويڄَ وَڃنِ، آءُ پِرِين ته اُبَهَان.

اهڙن ماڻهن سخت درد جي پيڙا کان نجات لاءِ جڏهن به طبيبن ڏي رخ ڪيو ته خود طبيبن کي پنهنجا حيلا ۽ حڪمتون ضايع نظر آيون، تنهن ڪري انهن زخميل مريض کي پنهنجي طبابت خاني مان ٻاهر ڪڍي ڦٽو ڪيو. ڇو جو درد لاعلاج هو. وڏا ڦٽ ۽ زخم سِيرون جِهيرون ڪري پئي چڪيا، ۽ ڪڙيون ٻڌي ڇٽڻ وارا بالڪل نه پئي ٿيا. (اهڙي حالت ۾) اي سڄڻ! تنهنجو هڪ ئي ديدار ڌڪن ۽ گهائن جي آزار کي ٺاري وجهي ٿو. جڳن کان دنيا ۾ فردن ۽ قومن کي عطا ڪيل تنهنجي روشني ۽ رهنمائي شفاياب رهي آهي. هي دنيا جا طبيب ته ڪڪ ٿي ڇڏي هليا ٿا وڃن، پر اي منهنجا پيارا پرين! تون پاڻ منهنجو ساڻي ٿيءُ ته آءُ تنهنجي ڇپر ۽ ڇانءَ ۾ هن بيماري مان چاق ٿي اُٿان.

آهي گهڻو اَگهَنِ جو تَرِسُ طَبِيبَنِ
ڪِئو وَسُ ويڄَنِ، تان ڪِريءَ ري ڪِين ٿِئي.

سڄڻ طبيب ته بيحد مهربان آهن ۽ انهن کي ته بيمارن جو گهڻو ئي قياس ۽ خيال آهي. هر مرض جون شافي حڪمتون مهيا ڪري سڄڻ طبيبن ته وڏو ۽ صحيح علاج ڪيو پر ماڻهو پنهنجون خراب عادتون ۽ حرص جيستائين ترڪ نٿو ڪري ته ان پرهيز کان سواءِ ڪو به فائدو ڪو نه ٿئي ۽ ڪو نه ٿيندو.

اَگها ئِي سَگها ٿِئا، جي ويٺا وَٽِ ويڄَنِ
ته تَرسِي طَبِيبَنِ، چيٺي هُوندَ چَڱَا ڪِئا.

جيڪي بيمار پنهنجون عادتون ۽ حرص ترڪ ڪري ۽ نفساني خواهشن تي ڪنٽرول ڪري طبيبن وٽ علاج واسطي ويهي رهيا ته اهي بيمار هوند چڱا ڀلا ٿي پيا ان ڄمي ويهڻ ۽ صبر جي نتيجي ۾ طبيبن پڻ مٿن ترس کائي سندن زخم ڌوتا ۽ پنهنجي پوري پوري حفاظتي اپائن ۽ انتظام سان کين صحتياب ڪيو.

پاڙي ويڄَ هُئامِ، تان مُونِ مُور نه پُڇِئا
تيلاهِين پِئامِ، موريسَر اَکِينِ ۾.

جيتوڻيڪ منهنجي قسمين قسمين جي آزارن جا طبيب منهنجي پاڙي ۾ مون کي نسورو ويجها هئا، تڏهن مون ان ايڏي هوند جو فائدو وٺي پنهنجي بيماري جي علاج بابت کانئن ڪڏهن ڪو نه پڇيو. تنهن ڪري ئي ته مون کي اکين ۾ پڙوارَ پيا جن منهنجي ڏسڻ ۽ سڃاڻڻ واري نظر وڃائي.

هارِئا تو هِرِي، ڪُپَچُ ڪايا سِين ڪِئو
ڪيَئِي جي ڪِرِي، ته تُون تَوانو ٿِيين.

اي مُوڙهل ۽ هرکيل نفس! تون پنهنجي ڪڌائپ، حرص ۽ غرضن تي ضابطو نه ڪيو ۽ هر شيءِ ڏوڪڻ ۽ هر شيءِ کائڻ تي هِرکي، پنهنجي بدن کي اڻائو مرض لاتو. جيڪڏهن تون سڄڻ طبيبن جي ڏسيل واٽ ۽ هدايتن تي پرهيز ڪرين ها ته هوند سگهو چاق چڱو ڀلو ٿي وڃين ها ۽ آزارن مان تنهنجي جان آجي ٿي پوي ها.

ويڄَ مَ ٻُڪِي ڏي، مَرُ چَڱيائِي مَ ٿِيان
سَڄَڻُ مانَ اَچي، ڪَرَ- لاهُو ٿِي ڪَڏِهِين.

اي طبيب! تون مون کي ڪابه دوا نه ڏي، ڀل ته آءُ چڱي ڀلي نه ٿيان ۽ بيمار ئي هجان ته من منهنجو محبوب ڪڏهن اچي، ته منهنجي بيوسيءَ تي ڪهل کائي مون کي هن بيماريءَ جي ابدي ڇوٽڪاري جو ڏس ڏئي.

هُئين ويڄَنِ وَٽِ، تُون ڪِئن جِيءُ جَڏو ٿِيين
سِرُ ڏيئِي ۾ سَٽِ، ڪوهُ نَه ڪِيَئِي ڊَرڀَڙا!

اي جيئڙا! تون ته طبيبن وٽ رهندڙ هئين، پوءِ ڪيئن اگهو ٿئين! اتي رهندي به تون شفايابي حاصل نه ڪئي. تون اتي پنهنجي شفايابيءَ جا ڏس اپنائي سندن رضا ۽ خوشي خاطر پنهنجو پاڻ حوالي ڪرين ها ته جيڪر تنهنجي حاصلات وڏي ٿي پوي ها.

ويهَڻُ ويڄَنِ وَٽِ، سِکين ته سَگهو ٿِييَن
اَڳِين عادَتَ مَٽِ، ته اَگها! عاجُزُ نه ٿِيين.

(اي اَگها!) پنهنجي درد جي دفع لاءِ جيڪڏهن تون طبيبن وٽ صحتيابيءَ جي اعتقاد ۽ اطمينان سان ويهڻ سکين ته جيڪر چڱو ڀلو ٿي پوين. پر ان لاءِ شرط آهي ته تون پنهنجي بي چيني، بي صبري ۽ بي شڪري واري اڳين عادت بدلاءِ ته هوند هيڻو ۽ محتاج نه ٿئين.

تَرِسُ طَبِيبَنَ جو، جَڏَنِ ڪِئو نه جاتِ
جو ويڄَنِ جي واتِ، دارُونئان تَنہِ دُورِ ٿِئا.

طبيبن ته بيمارن تي پنهنجي مهر ۽ عطا سان کين وڏا حيلا ۽ علاج ڏسيا پر هنن لاپرواهه بيمارن طبيبن جي ڏسيل اُپائن جو ذرو به قدر ۽ يادگيرو نه ڪيو. انهيءَ ڪري اهي اگها انهيءَ مجرب علاج کان، جيڪو ويڄن کولي کولي چٽو ڪري ٻڌايو هو تنهن کان محروم ٿي ويا.

جانۡڪٖي ڪِئا ويٖڄَ مُون دارُونۡ ۽ ڪاروُنۡ
ٻُڪيُون ڏِينديٖ ٻاجهَه جُون نِهارٖي ناروُنۡ
جَنِ سيٖڻَ لَهَنِ ساروُن، تَنِ تان ڏُکَنۡدو ڏوُرِ ٿِيٖي.

مهربان طبيب وڏي ڌيان سان منهنجا گهڻا ڪي علاج ۽ حيلا ڪيا، جيڪو جيڪو عرصو گذرندو رهيو انهيءَ ۾ منهنجي اصلاح جو دوا دارون ٿيندو رهيو ۽ مون کي هدايتون ملنديون رهيون. محبوب سڄڻ پيار سان هر لحظي جون ڪارائتيون دوائون ڏيندو، نبضون نهاريندو رهيو. پر حقيقت ۾ آزار کان اهي ئي ٿا آجا ٿين جيڪي همت ۽ استقامت سان مهربان طبيب جون ڏسيل ڦڪيون ۽ هدايتون هنيين هنڊائن ٿا ۽ نتيجي ۾ انهن جون سڄڻ پاڻ سارون سنڀارون ٿا لهن.

سيئِي سُورَ طَبِيبَ، جَنِي سُورَنِ سَڃَ ڪِي
جو لِکئو هُتِ لَطِيفُ چئي، سوئي ڪَنِ قَرِيبَ
جي نَوازِئا نَصِيبَ، داروُنءَ سي دُرستَ ڪِئا.

انسان جي اگهائي ۽ سگهائي جي تقدير ۽ ڪارڻ به ان مالڪ طبيب پاڻ جوڙيا آهن. سور جا لاهيندڙ به اهي ئي آهن، جن سور ڏنا آهن. لطيف ٿو چوي ته: جيڪو انساني عملن جي چڱي ۽ بري جي نتيجن طور تقدير ۾ لکيل آهي، يعني انهيءَ جا قانون مقرر ٿيل آهن انڪري سڄڻ به انهن قانونن پٽاندڙ سو ئي ٿا ڪن. جيڪي چڱاين تي هلندڙ چڱا ماڻهو نصيب جا نوازيل آهن، دوائون به انهن کي ئي ٿيون صحتياب ڪن.

اَگهَنِ مِڙي اَڄُ، ڪِئو سَڏُ صِحَتَ کي
ڏُورِ ڏُکَندا ڀَڄُ، مِهِرَ مُنَہُ ڏيکارِئو.

اڄ درد وندي ديس جي سڀني اگهن گڏجي پنهنجي درد ۽ ڪرب کان بيحال ٿي دل جي سچائي سان پنهنجي ڪمين ۽ ڪوتاهين جو اقرار ڪري ۽ انهن کان بچڻ جو وچن ڪري پنهنجي ڌڻي کي سگهائي ۽ صحت لاءِ ٻاڏايو آهي. اي آزار! تون ڀڄي پري ٿيءُ جو مالڪ جي عطا ڪيل نجات وارن نسخن سان بخشش ۽ عطا جي مهر ٿيڻ لڳي آهي.




وائي
ويــڄَ مَ مُـــون وَٽِ ويہُ
آيَا جانِي مون گهَر آيا
آيا هادِي مون گهَر آيا
١. ويڄَنِ وَڏا ئِي وَسَ ڪيا، مَرضَ مُنهِنجي کي
٢. مَرُ چَڱِيائِي نه ٿيان، ويڄَ مَ ٻُڪِي ڏي
٣. ڪَرَ-لاهُو ٿِي ڪَڏهِن اڱڻِ شالَ اَچي
٤. ٻُڪِي ڏِيندَمِ ٻاجههَ جِي، سندو رَحَمَتَ ري.
اي عطائي طبيب! مون تنهنجي اجاين پسارڪن وکرن ۽ ڏسن تي وقت وڃايو. هاڻي اٿ ۽ علاج لاءِ تون مون وٽ نه ويهه. منهنجا پيارا پرين جيڪي منهنجي درد ۽ مرض کي خوب ڄاڻين ٿا سي ڄاڻ ته منهنجي گهر آيا. منهنجا رهبر سڄڻ اجهي ته منهنجي گهر آيا. ڀانت ڀانت جي طبيبن منهنجي مرض جي علاج لاءِ وڏا احوال ڪيا پر مرض نه ڇڏيو. تنهنجي حوالي نسخن ۽ ڏسن تي آءٌ ڀل ته چڱو ڀلو نه ٿيان: اي طبيب! تون مون کي ڪا به ٻُڪي ڦڪي نه ڏي. مان پاڻ کي پنهنجي سڄڻ طبيب کان ويڳاڻو ڪري ڇڏيو هو، مان ان ڏانهن موٽان ٿو. شال منهنجو پيارو پرين، خبر چار لهڻ لاءِ منهنجي اڱڻ تي اچي. مون کي يقين آهي ته اهوئي پنهنجي پيار ۽ مهر وارو علاج ڪندو ۽ الاهي رحمت سان مون کي رڱي ڇڏيندو.