اصول 5. محبوب سان نج ۽ نبار عشق ڪجي، اهو شاهه وٽ عشق جو پنجون اصول آهي
”وحدہٗ لا شریک لہٗ هي هيڪڙائي حق.“
پنهنجو رب، پنهنجو سڀ، پنهنجو ڪارساز ۽ پنهنجو حبيب، سڀ ڪجهه خدا جي ذات کي مڃيو. پنهنجي درد جي دوا ۽ پنهنجي ڀيڙائن جي شفا اُن اڪيلي خدا کان طلبيو. درد، ايذاءُ ۽ اهنجن جو لاهيندڙ ۽ انهن مان نجات جي رهنمائي ڪندڙ اهوئي الله آهي. اوهان جڏهن پنهنجي دردن، ايذائن ۽ اهنجن ۾ ان جي شفا ۽ رهنمائي نٿا طلبيو ۽ ٻين جي ڪارسازيءَ کي ڪارگر سمجهو ٿا. اوهان جڏهن ان سان ڪيل قالوابليٰ جي ان عهد کي ته ”هائو تون ئي اسان جو رب آهين ۽ تون ئي اسان جو ڪارساز آهين“، کي ٽوڙيو ٿا ته پوءِ اوهان جو عشق نج ۽ نبار نٿو رهي. ٻين جي ڪارسازي، ٻين جي دستگيري، ٻين جي رهنمائي طلبڻ کي شاهه دوئي سڏي ٿو. هو چوي ٿو ته: جيڪڏهن دوئيءَ جو ڪٽر اکين ۾ رکبو ته پرين پسي ڪو نه سگهبو. شاهه ڪريم جو بيت آهي:
مورک مام نه ٻجهڻا، هيڏانهن هوڏانهن ڪن
سي ڪين پرين پسن، ڪٽر جن جي اک ۾.
جڏهن اوهان پنهنجي شخصيت ۾ نج ۽ نبار ٿيندؤ، پنهنجي دردن جي درمان لاءِ ٻيا در واجهائڻ ڇڏي ڏيندؤ ته اوهان جي شخصيت کي استحڪام ملندو. اوهان جي اندر ۾ زندگيءَ کي هڪ نصب العين ۽ وڏي مقصد سان گذارڻ جا آواز اٿندا. اوهان جي ان لاءِ سوچ ۽ پچار شروع ٿيندي. اوهان هزارين سالن کان هڪ وڏي مقصد ۽ نصب العين سان زندگي گذاريندڙ ماڻهن جي نقش قدم تي رشڪ ڪندؤ ۽ پنهنجي اندر ۾ امنگ پيدا ڪندؤ ته اوهان به انهيءَ قافلي جا پانڌيئڙا بڻجو. پر اهو سڀ ٿيندو تڏهن آهي جڏهن اوهان سچ ۽ حق جي واٽ تي ڄمت سان هلڻ شروع ڪندؤ. پنهنجي خلقڻهار کي پنهنجو حبيب ۽ طبيب ۽ پنهنجي دردن جي دوا سمجهندؤ ۽ ان سان وفا ۽ محبوبيت جو تعلق جوڙيندو. ان صورت عشق اوهان جي اندر مان اُڀامندو، اوهان جي سوچ بڻبو ۽ اوهان جي عملن ۾ شامل ٿيندو ويندو.
عشق هڪ مهمان وانگر هوندو آهي. اهو ماڻهوءَ ڏي ايندو ضرور آهي، ان جو اچڻ اڻٽر آهي پر اهو مهمان ايندو انهن وٽ ئي آهي جيڪي ان جي ميزبانيءَ لاءِ تيار هوندا آهن. پر جيڪڏهن اوهان ان کي سڃاڻڻ لاءِ ئي تيار ناهيو ته پوءِ ان کي پاڻ وٽ رهائي ڪيئن سگهندو؟ عشق جڏهن ايندو آهي ته پوءِ اوهان جي صفت بڻبو آهي، اوهان جو ڪردار بڻجي ويندو آهي، اوهان جي هستي بڻجي ويندو آهي، اوهان جي روشني بڻجي ويندو آهي. بلڪل سج وانگر روشني بڻجي ويندو آهي. جيئن سج جي روشني ڪنهن خاص فرد لاءِ نه هوندي آهي، ايئن اوهان جون وفائون اوهان جو خلوص ۽ اوهان جي فدائيت به ڪنهن فرد لاءِ مخصوص نه هوندي آهي، پر اهي سڀ شيون اوهان جي چوڌاري انسانن جي امانت هونديون آهن. اوهان جنهن به حيثيت ۾ هوندؤ، جنهن به شعبي ۾ هوندؤ، جنهن به ڪم سان هوندؤ، اتي پنهنجي ڪميٽمينٽ، اتي پنهنجي محنت ۽ پنهنجي شخصيت جو خلوص پنهنجي ڌرتيءَ واسي ماڻهن لاءِ وقف ڪري ڇڏيندؤ. اوهان ڊاڪٽر آهيو ته پنهنجي مريض جي درد ۽ ڪرب کي پنهنجو درد ۽ ڪرب سمجهي ان کي لاهڻ جي پٺيان هوندؤ. اوهان انجنيئر آهيو ته توهان جي پروفيشن جو محور ۽ مرڪز انسانذات جي ڀلائي ۽ ان جو سک هوندو. اوهان استاد آهيو ته شاگردن کي تعليمي ميدان ۾ ڀڙ بنائي انهن کي پنهنجي سماج لاءِ هڪ نئين قالب جو انسان تخليق ڪري ڏيندؤ. جيڪڏهن سروسز ۾ آهيو ته اوهان جون خدمتون انسانيت جي امانت ٿي نڀائبيون. جيڪڏهن هوند وارا آهيو ته اوهان سڄي مخلوق کي الله جو عيال سمجهي محرومن ۽ سوالين کي انهن جو حصو ونڊيندؤ. مطلب ته عشق اوهان کي اهڙو سچيت ۽ سپتيو انسان بڻائي ڇڏيندو جيڪو نامي انسانن جي روش کان باغي هوندو. هو وطن جي محبت سان ٽمٽار هوندو، ان جي آزاديءَ جي هر وقت اُڪير ۽ تمنا ۾ هوندو. هو پنهنجي هم وطنن لاءِ محبت ۽ سڪ جا جذبا رکندو. هو خلق ۾ خدا جي رضا ڳولهيندو. هو پاڻ کي فطرت جي آخري سرحد تي بيٺل سمجهندو. هو هيءَ ڳالهه ڄاڻي وٺندو ته هن زندگيءَ جي پڄاڻيءَ تي جيڪا ابدي زندگي کيس ملڻي آهي، اها اصل ۾ خدا، انسان ۽ عشق جي وچ ۾ هڪ رٿا Project کولڻ جي ابتدا آهي. هڪ اهڙي رٿا جيڪا نئين دنيا جي تخليق ڪرڻ جي آهي.
وطن جي محبت، ان جي آزاديءَ جي تمنا، ڌارين جي موهه ۽ لالچن کان پاڻ آجو رکڻ ۽ پنهنجي هم وطنن لاءِ محبت ۽ سڪ جذبا رکڻ لاءِ شاهه پنهنجي رسالي کي بيتن سان ڀري ڇڏيو آهي. سُر يمن جي داستان پهرين ۾ هيئن فرمايو اٿائين:
سَدا آهي سُورَ جِي، رَنجورِنِ رُڻِڪَ
ڪَنہِ جَنہِ ڏُکَ ڏَسائِيا، لَٿين ڪِينَ جهُڻَڪَ
اِنَ ڀَلارِيءَ ڀُڻِڪَ، هيڪَرَ حُضُوري ڪِئَا.
شاهه سائين چوي ٿو ته محبوب مقصد لاءِ جاکوڙيندڙ عاشقن کي هر دم دردونديءَ جي ديس ۽ انهيءَ جي ماڻهن جي بيوسي ۽ بدحاليءَ تي ڪهڪاءُ روڄ ۽ جهوري آهي. اهي ڪنهن اهڙي وڏي درد آزاريا آهن جو سندن جهوري جهڻڪ لهي ئي ڪا نه ٿي. ان هورا کورا ۽ لڇ پڇ جي اثرائتي درد ۽ ڪرب کين وڃي محبوب جي حضور ۾ پهچايو. هاڻي سندن جيئڻ ۽ مرڻ انهيءَ مقصد جي لاءِ آهي. انهيءَ عشق کي نڀاهڻ لاءِ جيڪا اندر جي سگهه گهرجي، جيڪو يقين ۽ ويساهه گهرجي، شاهه لطيف ان کي هن ريت تنواري ٿو:
حَبِيبُ تُون، طبِيبُ تُون، تُون دَردَ جي دَوا:
جانبَ مُنهنجي جيءَ ۾، آزارَ جا اَنوا
صاحِبَ! ڏِئين شِفا، مِيان! مَرِيضَن کي.
اي منهنجا خلقڻهار! سٻاجهو سڄڻ ۽ حقيقي ساٿاري تون ئي آهين، سڄڻائپ ۽ ساٿ جو توکان ئي آسرو آهي. مان جن انيڪ مرضن ۾ ڦاٿل آهيان، انهن مرضن کي لاهيندڙ سچو طبيب پڻ تون ئي آهين. تو مون کي خلقيو آهي ان ڪري منهنجي مرضن جي نوعيت ۽ حقيقت به ڄاڻين ٿو، ان ڪري منهنجي درد جي دوا به تون ئي آهين. اي جاني! منهنجي جيءَ ۾ ڪيئي درد ۽ سور اڀريل آهن. پنهنجي ذات جا، روح جا، قلب جا، ذهن جا ۽ ضمير جا ڪهڙا ٻڌائي ڪهڙا ٻڌايان؟ اي مالڪ! اي سائين! تون ئي هر قسم جي بيمارن کي صحت بخشيندڙ آهين ۽ مون کي منهنجي اندر جي دردن کان شفا ڏيڻ به تنهنجي ئي وس آهي.
حَبِيبُ تون، طَبِيبُ تون، تون دَردَ جو داروُن
دَوا مُنهنجي دِل کي، تُنهنجون تَنوارون
ڪَريان تي ڪاروُن، جئَن ٻُڪي ٻِئَنئُون نه ٿِئي.
اي منهنجا خلقڻهار! سٻاجهو ۽ حقيقي ساٿاري سڄڻ تون ئي آهين. درد، ايذاءَ ۽ اهنجن جو لاهيندڙ۽ انهن مان خلاصگيءَ جي رهنمائي ڪندڙ سچو طبيب پڻ تون ئي آهين. هر قسم جي درد جي دوا به تون ئي آهين. منهنجي دل جي بي چيني ۽ اضطراب تڏهن ختم ٿئي ٿو جڏهن مان تنهنجي تنوار ۽ پچار ڪيان ٿو. ساهه پساهه تنهنجيون يادگيريون ۽ تنهنجا ٻڌايل زندگيءَ جا ضابطا منهنجي جيءَ ۾ موجود هر قسم جي پيڙائن جو علاج آهن. مون کان منهنجي ويسلائي هٽاءِ، مون مان منهنجو مون ڪڍي ڦٽو ڪر ۽ مون کي پنهنجي ڀاڪر ۾ آڻ. توکي مهر ۽ مدد لاءِ سڏ ۽ التجائون انهيءَ ڪري ٿو ڪريان جو ٻين وٽ منهنجي بيماري جي دوا آهي ئي ڪانه.
حَبِيبُ تُون، طبِيبُ تون، تون- هين ڊَرٺَنِ ڊَبُ
تون ڏِييٖن، تون لاهيٖين، تون- هين هادِي رَبُ
آهِمِ اِيءُ عَجَبُ! جِئن وارِئو ويٖڄُ وِهارييٖن!
اي منهنجا خلقڻهار! سٻاجهو سڄڻ ۽ حقيقي ساٿاري تون ئي آهين. درد، ايذاءَ ۽ اهنجن جو لاهيندڙ ۽ انهن مان جند ڇڏائڻ جي رهنمائي ڪندڙ سچو طبيب پڻ تون ئي آهين. سخت بيماريءَ ۾ مبتلا مريضن جو علاج به تون ئي آهين. درد ۽ فرحت، ڏک ۽ سک، اهنج ۽ سهنج جي لاءِ تنهنجا ٺوس قانون جڙيل آهن، انهن قانونن پٽاندڙ ڏين به تون ٿو ۽ لاهين به تون ٿو. پر ساڳي وقت تون هادي هدايت ڏيندڙ ۽ رب آهين. يعني جيڪو بدلجڻ گهري ته ان کي درجي به درجي بدلجڻ جا اسباب مهيا ڪري ڏيندو آهين. اي منهنجا رب! مان به تنهنجي رهنمائي، فرمانبرداري ۽ پالڻهاري طلبيان ٿو. اهو تنهنجو عجب نظام آهي جو تون ان درد ۽ اهنج جي دفع ٿيڻ لاءِ ويڄن کي به واريو ويهارين ٿو يعني هٽائي ويهارين ٿو ڇاڪاڻ ته اصل شفا ۽ هدايت ماڻڻ ته تنهنجي ئي وس آهي.
حَبِيب تون، طبِيبُ تُون، تون داروُن کي دَردَنِ
تون ڏِيين، تون لاهِيين، ڏاتَرَ! کي ڏُکَندَنِ
تَڏِ ڦڪِيُون فرقُ ڪَنِ، جَڏِ اَمُرُ ڪَرِين اُنِ کي.
اي منهنجا خلقڻهار! سٻاجهو سڄڻ ۽ حقيق ساٿاري تون ئي آهين. منهنجي درد، ايذاءَ ۽ اهنج جو لاهيندڙ ۽ انهن مان جان جند ڇڏائڻ جي رهنمائي ڪندڙ سچو طبيب پڻ تون ئي آهين. اهي درد ۽ مرض تنهنجي جوڙ آهن ۽ تنهنجي جوڙيل قانونن هيٺ ئي ماڻهوءَ کي ملن ٿا. پر اهي درد ۽ مرض لاهڻ لاءِ به تنهنجي جوڙ جڙيل آهي ۽ تنهنجا ٺوس قانون موجود آهن. تون ڏکويلن جو ۽ مظلومن جو ڏاتار آهين ۽ انهن سان ڀلاين جو اونو رکين ٿو، اسان کي به پنهنجي ڀلاين جو اهو شعور عطا ڪر جو اسان انهن ڏکويلن جا ساٿاري بڻجون. اسان اهو سمجهون ٿا ته اسان سڀني جي دردن ۽ اهنجن جون دوائون ۽ ڪوششون به تڏهن اثر ڪنديون جڏهن تنهنجي رضا ۽ رهنمائي مطابق زندگي گهارينداسون.
جان ڪي ڪرِي طبيبُ، دارُون هِنَ دَردَ جا
هَڻِئو سي حَبِيبُ، اُکوڙِئو اَڌَ ڪَري.
منهنجي دردن ۽ اهنجن جو انت ئي نٿو ٿئي. مان پنهنجي درد جا جيڪي به درمان ڪيان ٿو انهن دردن کان آجي ٿيڻ لاءِ منهنجي طبيب وارا غيرفطري علاج جا طريقا ڪارگر ڪونه ٿا بڻجن، ويتر هاڃيڪار ناسور بنجڻ ٿا نتيجي ۾ منهنجو پيارو پرين ان ناسور کان بچڻ لاءِ زخمن ۽ سورن تي ٻڌل لپريون ڇڪي ڇني ٿو ڇڏي.
پاٻوهي هيڪارَ، مون کي پُڇِئو سَڄَڻين
”اَلستُ بِرَبِکُم“، چَيائُون جَنہِ وارَ
سَندِي سورَ ڪِنارَ، تَڻَ تَڏَهانڪُون نه لَهي.
هڪ ڀيرو جڏهن منهنجي حقيقي سڄڻ پنهنجي مهر ۽ ٻاجهه وچان مون سان مخاطب ٿي مون کان پڇئو. هو ته: ’ڇا، آءٌ اوهان جو مالڪ ۽ پالڻهار ناهيان؟‘ ان وقت وڏي نيازمنديءَ سان منهنجي ’روح‘ اقرار ڪيو هو ته ’هائو‘ بالڪل. تنهن ويل کان وٺي جڏهن مان پنهنجي رب سان ڪيل ان اقرار کي پورو نٿو ڪيان ته منهنجي روح جي بيتابي ختم ئي نٿي ٿئي ۽ منهنجي اندر جا درد ۽ اهنج اڀامندا رهن ٿا. تنهن ويل کان روح کي ان ذات حق کان ويسلائي جي درد ۽ سوز واري سختي لڳي ٿي اچي.
پاٻوهِيو پُڇَنِ، ڪِٿِي هَٿُ حَبِيبَ جو
نيزي هيٺان نِيہَ جِي، پاسي پاڻُ نه ڪَنِ
عاشِقَ اَجَلَ سامُهَان، اُنچي ڳاٽِ اَچَنِ
ڪُسَڻُ قُربُ جَنِ، مَرَڻُ تَنِ مُشاهِدو.
جنين کي قابلو بليٰ جو اقرار ياد آهي ۽ دلئون چيائون ته ”تون اسان جو مالڪ ۽ رب آهين.“سچا عاشق سدائين خوشي ۽ سرهائي مان اهو پيا پڇن ته: محبوب سڄڻ جي رضا ۽ محبوبيت وارو هٿ ڪٿي آهي؟ پوءِ هو ان رضا ۽ محبوبيت جي حاصلات لاءِ موت جي منهن ۾ هميشه سينو ساهي ٿا بيهن. اهي سچا عاشق بنا ڪنهن ڊڄ ڊاءِ جي موت سامهون پنهنجو ڪنڌ ۽ ڪرُ مٿي ڪري ٿا اچن. جن عاشقن لاءِ ’ڪسڻ‘ محبوب کي ويجهو ٿيڻ برابر آهي، تن لاءِ ’موت‘ هڪ حبيب جو ٻئي حبيب ڏانهن وصل جو ذريعو ۽ محبوب جو دائمي ديدار آهي.
ڪوٺي ڪُهي سُپِرِين، ڪوٺي ڪُهَڻَ ساڻُ
نيزي هيٺان نِيہ جي، پاسي ڪَرِ مَ پاڻُ
ڄُلُ وِڃائي ڄاڻ، عاشِقَ اَجَلَ سامُهُون.
پيارو پرين پنهنجن عاشقن کي آزمائش ذريعي انهن جا مرتبا مٿاهان ڪرڻ واسطي پاڻ گهرائي ٿو ڪُهي يعني شهادت لاءِ سڏي ٿو. قرآن ۾ چيل آهي ته ”الله ايمان وارن سان انهن جي مال ۽ جان جو سودو ڪري ڇڏيو آهي.“ جيڪو انهيءَ سڏ تي ڪسڻ لاءِ حاضر آهي ته پوءِ ان کي ڪسڻ شرط پنهنجي محبوبيت عطا ٿو ڪري. انهيءَ ڪري اي عاشق! تون مالڪ حقيقيءَ سان سودي نڀائڻ جي لاءِ پنهنجي جاني قربانيءَ کان هرگز نه ڪيٻاءِ. اي عاشق! تون عشق جي واٽ ۾ ڏاهپ کي ڇڏي، ديوانگي اختيار ڪر ۽ محبوب مقصد جي لاءِ مرڻ سامهون وک وڌاءِ.
ڪوٺَڻَ قَرِيبَنِ جو، عَينُ تَڙَڻُ آهِ
ايءَ اُلُٽِي ڳالِهَڙِي، سکُ وَرَندي ساهِ
آسَرَ هَڏِ مَ لاهِ، ڇِنَڻ ڳنَڍَڻُ اُن جو.
ان شانائتي محبوب جو جاني قربانين جي نتيجي ۾ ڪنهن کي سڏڻ ۽ پنهنجي حاضري ۾ آڻڻ هن دنيا جي خفتال کان تڙي آجو ڪرڻ آهي. دنيا جي سک ۽ آرام کي ڇڏائڻ واري الٽي ڳالهڙي جي حقيقت کي دم اندر هاڻي جو هاڻ پڇي پوريءَ طرح پروڙ. اي سچا عاشق! تون محبوب جي مهر ۽ قرب مان اميد هرگز نه لاهه، ڇاڪاڻ جو پياري پرينءَ جو ڪنهن کان جدا ڪرڻ حقيقت ۾ پنهنجي ويجهو ڪرڻ ئي آهي.
ڪُهنِ تان ڪَرَ- گهُرا، ڪَرَ لَهَنِ تانِ ڪُهَنِ
سيئِي مُون مُهَنِ، سيئي راحَتَ روُحَ جِي.
اهي سڄڻ شهادت جو رتبو بخشين ٿا ته ڄڻ گهڻو ٿا گهرن، ڇاڪاڻ جو ان قربانيءَ جي نتيجي ۾ پنهنجي رضا ۽ محبوبيت جا دروازا کولي ٿا ڇڏين. اهو ساڳيو سڄڻ مون کي شهادت جون سختيون سهائي، ان جي بدلي جنت جي ابدي نعمتن واري زندگي عطا ڪري ٿو ۽ منهنجي لاءِ روح جي راحت ٿو بڻجي.
ڪُهي سو ڪَرَ لَهي، ڪوٺي سو ڪُهي
سوئي مُون مُهي، سوئِي راحَتَ رُوحَ جي.
حقيقت ۾ اهو سڄڻ جيڪو شهادت لاءِ سڏي ٿو، شهادت پڄاڻان سوئي حال پڇي ٿو ۽ پنهنجون قربتون عطا ڪري ٿو. مومنن سان سندن جانين ۽ مالن جي حوالگي جو سودو ڪندڙ اهوئي ساڳيو سڄڻ جيڪو مون کي شهادت جون سختيون سهائي ٿو، سو ئي ان جي بدلي منهنجي لاءِ پنهنجي ابدي نعمتن واري جنت جي زندگي عطا ڪري روح جي راحت بنجي ٿو.
ڪُهي سو ڪَرَ لهي، ڪوٺي سو قَرِيبُ
اِها عادَتَ سِکئو هَرِ زَمانِ حَبِيبُ
تَڇِي سو طبِيبُ، سوئِي راحَتَ رُوح جِي.
جيڪو سڄڻ شهادت لاءِ سڏي ٿو سو شهادت پڄاڻاڻ پنهنجي قربت ۽ حضور ۾ حاضري بخشي ٿو. جيئن قرآن ۾ چيو ويو آهي ته ”جيڪي الله جي راهه ۾ ماريا وڃن ٿا تن کي مئل نه چئو پر اهي زنده آهن ۽ پنهنجي مالڪ وٽ کين ڀلو رزق عطا ڪيو وڃي ٿو.“ پياري سڄڻ پنهنجي عاشقن لاءِ هر وقت ۽ هميشه لاءِ اهو ئي طور طريقو اختيار ڪيو آهي. طبيب جي وڍ ڪاٽ درد کان نجات ڏياري روح کي راحت ڏيارڻ جي لاءِ ئي هوندي آهي.
ڪُهَنِ ۽ ڪوٺِينِ، اِيءَ پَرِ سَندِي سَڄَڻٖين
سُوريءَ چاڙِهئو سُپِرِين، ڏَنڀَ ڏِينۡهاڻِئو ڏِينِ
ويٺا وِرِهُ وَٽِينِ، واڍوڙِئا! وِهاءِ تُون.
حق ۽ انصاف جي قرباني جي سڄي تاريخ ۾ اهو سلسلو هلندو ٿو اچي ۽ پياري سڄڻن جو طور طريقو اهو ئي آهي جو پنهنجن سچن عاشقن مان هڪڙن کي شهادت جو رتبو پيو بخشي ته ٻين کي شهادت لاءِ پيو سڏي. اهو سهڻو سڄڻ انسانيت جا اهنج دور ڪرڻ لاءِ فڪرمندي ڪندڙ پنهنجن عاشقن مان هڪڙن کي پيو سوريءَ تي چاڙهي ۽ ٻين کي جدوجهد ۽ جاکوڙ جي واٽ تي ڏهاڙي ڏنڀ ۽ تڪليفون پيو براداشت ڪرائي. اهو محبت ڀريو سڄڻ سدائين ويٺو محبت ۽ درد ورهائي ۽ چوي ته: اي گهايل ۽ محبوبيت جا طالب عاشق تون آءُ ۽ اچي پنهنجي لاءِ ان محبوبيت جي ابدي ورڇ وٺي ڇڏ.
رَهِي اَچِجِي راتَڙِي، تَنِ واڍوڙِين وَٽاءَ
جَنِ کي سُور سَرِير ۾، گهَٽ مَنجهارا گهاءَ
لِڪائي لوڪاءَ، پاڻِهِين ٻَڌَنِ پَٽِيُون.
جيڪي ماڻهو جهد ۽ جاکوڙ ۾ سرگرم ۽ مصروف آهن، ڪا هڪ رات وڃي انهن سان گڏ گذاري اچجي. جيڪي عشق ۾ گهايل آهن، جن جي جند جان کي درد لڳل آهي، ۽ جن کي اندران اندر ظلم جي خاتمي جي لڇ پڇ ۽ پيڙا جا ڦٽ ۽ زخم آهن. جيڪي محبت جي راهه تي هلندي پنهنجي تڪليفن ۽ اهنجن کي لوڪ کان لڪائي پنهنجو پاڻ پيا پنهنجيون پٽيون ٻڌنِ. تن سان سڪ ۽ رابطي ۾ رهڻ سان ماڻهوءَ جي عزم ۽ حوصلي کي سگهه ملندي آهي.
پاڻِهِين ٻَڌَنِ پَٽِيون، پاڻِهِين ڌڪَ ڌُئَنِ
ويڄَنِ وِرِچِي ڇَڏِئا، اَڄُ ڪِ ڪالَهه مَرَنِ
ڪَنہِ کي ڪِينَ چَوَنِ، ته دَرَدُ اسان جي دِلِ ۾.
انهن جاکوڙي انسانن جي گهائن جي ڪيفيت ئي نرالي آهي. اهي خود پاڻ ئي پنهنجن ڦٽن جون پٽيون پيا ٻڌن، ۽ پاڻ ئي پنهنجا زخم ۽ ڦٽ پيا صاف ڪن، ڪنهن جي آسري ۽ سهاري کان بي نياز آهن. طبيبن کان به انهن جو ڪم چڙهيل آهي. طبيبن انهن کي علاج کان جواب ڏيئي پاڻ کان پري ڪري ڇڏيو. سندن مرض جي حالت اها بيٺي آهي جو هو اڄ يا سڀاڻي مرن. باوجود پنهنجي نازڪ حالت جي، هو وڏي صبر سان جاکوڙ جو راز ڍڪين ٿا ۽ پنهنجي دل جي اندر واري درد ۽ پيڙا جو چلولاين سان اظهار ڪو نه ٿا ڪن.
سِر جُدا، ڌَڙَ ڌارَ، دوڳَ جَنِي جا ديڳِ ۾
سي مَرُ ڪَنِ پَچارَ، هَڪيا جَنِ جٖي هَٿَ ۾.
جن جاکوڙين جي ڪيفيت اها آهي جو اهي جهد ۽ جاکوڙ جي واٽ تي وڍيا پيا آهن ۽ پنهنجا سر پنهنجي دڙ کان ڌار سمجهي ديوانگيءَ سان ويڙهه جاري رکيو اچن. وفا جي راهن تي جن جي جسم جو ماس ديڳن وانگر پڪو آهي، سي ڀل ته پنهنجي عظيم مقصدن جي حاصلات جون پچارون ڪن. جن جا سرتريءَ تي رکيل آهن، انهن کي اها پچار سونهين ٿي.
ديڳيين دوڳَ ڪَڙَهنِ، جِتِ ڪَڻِهِيءَ ڪَڻِڪو نه لَهي
تِتِي طَبِيبَنِ، چاڪَ چِڪَندا ڇَڏِئا.
عشق جي آزمائش ۾ سور سختي وارو اهو ماڳ جت عاشقن جو ماس ديڳين وانگر پيو ڪڙهي ۽ مٿانهن سختين ۽ ايذائن جو ڪڻاهيءَ وانگرواڄٽ پيو پوي. انهن وڍيل چاڪن ۾ چڪيل عاشقن جا گهاءَ ايڏا ته گهرا هئا جو طبيبن به انهن کي لاعلاج چئي ڇڏي ڏنو.
اَڄُ پُڻِ دانۡهو دانۡہ، واڍوڙَڪِيءَ مَنَهِينۡ
ويڄَ وَرائي ٻانۡہَ، چورٖي چاڪَ نِهارِئا.
محبت ۾ گهايلن جي ديري ۾ اڄ به اهڙا وساريل ماڻهو وڃي ڏسو جيڪي حق ۽ سچ لاءِ ڏنل قربانين ۽ سور سختين جي نتيجي ۾ مليل درد ۽ سور سببان مَنهن هيٺان ويهجي ويا آهن. طبيب آيو جنهن اچي وڍيلن جي ٻانهن کي موڙي جهلي نبض ڏٺي ۽ پڻ چڪندڙ وڍن ڦٽن کي سُوٽي صاف ڪري جانچي ڏٺو ته انهيءَ جون به دانهون نڪري ويون.
اَڄُ پُڻ ڪَنجهو ڪَنجههَ، واڍوڙَڪِيءَ مَنَهِين
جو پُڻِ پِييَنِ سَنجههَ، ته هوءِ پِنيُون هوءِ پَٽِيُون.
محبت ۾ گهايلن جي ديري ۾ اڄ به جهد ۽ جاکوڙ ڪندڙ سپوتن کي ڏسو جيڪي پنهنجي ڏنل قربانين جي سور سختين جي نتيجي ۾ مليل درد ۽ سور سببان ويهجي ويا آهن جيئن جو رات ٺڙي ٿي، ۽ سور جي سختي وڌي ٿي ته لُپريون ۽ پٽيون پيون ٻڌجن ته انوقت کانئن درد جون آهون ۽ ڪنجهه نڪريو وڃي.
ويچارا واڍوڙَ، سَدا شاڪِرَ سُورَ تي
تاڻِنِ مَٿي توڙَ، اوري ڪَنِ نه آسَرو.
عشق جا ماريل حقيقي محبت ۾ گهايل ويچارا سچا جاکوڙي، پنهنجي جهد ۽ جاکوڙ واري واٽ تي ملندڙ درد ۽ سور تي سدائين سرها آهن ۽ کين ڪا شڪايت يا ناشڪري آهي ئي ڪانه. سندن ڌيان عظيم مقصد جي حاصلات آهي، جنهن سان سندن درد وندي ديس جي ماڻهن جا ڏک ۽ ڏوجهڙا دور ٿين ۽ ان جي نتيجي ۾ کين پنهنجي پالڻهار حقيقي محبوب جي رضا ۽ محبوبيت ماڻي وٺن. ان تات ۽ طلب منجهن اهڙي عظيم مقصد جي لاءِ جيئڻ ۽ مرڻ جي ديوانگي اوتي آهي. اها ئي سندن آخري منزل مقصود آهي؛ ان کان اورتي کين ٻئي ڪنهن مقصد حاصل ڪرڻ جي ڪا تمنا ۽ مراد ڪانهي.
سَدا آهي سُورَ جي واڍوڙِنَ وائِي
جيڪا اَٿَنِ مَنَ ۾ سلَنِ نه سائِي
اوڙَڪِ اُهائِي، ڳولِئو ڏِسن ڳالهَڙِي.
حقيقي محبت ۾ گهايلن کي جهد ۽ جاکوڙ جي ميدان ۾ جيڪي سور مليا آهن انهن جي ته ڪا پرواهه ئي ڪونهي. انهن کي ته هر وقت درد وندي ديس جي درد ۽ سور جي ڳالهه زبان تي آهي، جن کي هنن عظيم مقصد بڻايو آهي. ان عظيم مقصد جي حاصلات ماڻڻ جي مراد ئي سندن سڀ ڪجهه رهي آهي. جيڪا سندن دل ۾ آهي سا هو ٻين کي سڻائي هرگز پڌري نٿا ڪن. جڏهن تڏهن به ڪشالا ڪري هو ان جاکوڙ جو ميدان ۽ حڪمت عمليون ڳولي وڃي هٿ ٿا ڪن ۽ پنهنجو مقصود ماڻي ٿا وٺن.
سَگهَنِ سُڌِ نه سُورَ جِي، ته گهايَلِ ڪيئن گهارِينِ
پِئَلَ پاسَو پَٽَ تان، وَڍِيلَ نه وارِينِ
پَرِ ۾ پَچِي پرينءَ کي، هَئي هَنجهُون هارِين
سَڄَڻُ جي سارِينِ، سي نه رُونِ نه چُونِ ڪِين.
چڱن ڀلن کي ان سور جي ڪل ئي ڪانهي ته عشق ۾ گهايل انسان ڪيئن ٿا سخت سور ۾ گهڙيون ڪاٽين. اهي عشق جا گهايل جاکوڙ جي عملي ميدان جون سور سختيون سهي جڏهن پٽ تي پاسو کوڙيو پيا آهن، پر پوءِ به هنن جو جذبو ماٺو نه ٿيو آهي. هو پنهنجي پر ۾ ئي محبوب مقصد جي حاصلات لاءِ کامي پچي درد ڀريا ڳوڙها پيا ڳاڙين. سچا عاشق جيڪي پنهنجي محبوب مقصد لاءِ جيئڻ جو اونو رکن ٿا سي ظاهريءَ طرح ٻين آڏو نڪي روئڻ جي واويلا ڪن ٿا ۽ نڪي ڪجهه ڪڇن ٿا.
سَگهنِ سُڌ نه سُورَ جِي، ٿا رُڻِڪَنِ رَنجُورِي
پِئا آهِن پَٽَ ۾، مَٿِنِ مامُورِي
لَڳِينِ لَنؤَ لَطيف چئي، سَدا جي سُورِي
پِرِتِ جَنِ پُورِي، تَنِ رويو وِهامي راتَڙِي.
چڱن ڀلن کي ته غلاميءَ جي درد، پيڙا ۽ سور جي خبر ئي ڪانهي، جيڪي ان جي درد ۽ تڪليفن جا گهايل اگها آهن سي ئي ٿا ڪنجهن ۽ آهون ڪن. اهي درد وارا اگها پٽ تي ڪريا پيا آهن ۽ مٿن درد، ڪرب ۽ محرومين جي غشي طاري آهي. لطيف ٿو چوي ته انهن کي وساريو نه، انهن کي غشيءَ واري حالت مان ڪڍي اچو. کين محبت واري لؤن لڳل آهي پر ڇا ڪن جو سدائين سور واري حالت ۾ آهن. انهن جي پريت پڪي آهي ۽ کين پنهنجي محبوب مقصد جي حاصلات جو درد دامنگير آهي. سندن حالت اها آهي جو رئندي رئندي سندن رات وهامي ٿي.
سَدا آهي سُورَ جِي، رَنجورِنِ رُڻِڪَ
ڪَنہِ جَنہِ ڏُکَ ڏَسائِيا، لَٿين ڪِينَ جهُڻَڪَ
اِنَ ڀَلارِيءَ ڀُڻِڪَ، هيڪَرَ حُضُورِي ڪِئَا.
محبوب مقصد جي حاصلات لاءِ جاکوڙيندڙ دردمندن کي هر وقت ۽ هردم دردونديءَ جي ديس ۽ انهن جي ماڻهن جي بيوسي ۽ بدحاليءَ تي ڪهڪاءُ روڄ ۽ جهوري آهي. اهي ڪنهن اهڙي وڏي درد آزاريا آهن جو سندن جهوري ۽ جهڻڪ لهي ئي ڪانه ٿي. ان هورا کورا ۽ لڇ پڇ جي اثرائتي درد ۽ ڪرب کين وڃي محبوب جي حضور ۾ پهچايو. هاڻي سندن جيئڻ ۽ مرڻ انهيءَ مقصد جي حاصلات سان ئي بڻجي ويو آهي.
آيَلِ! آن نَه وِسَهان، هَنجُون جي هارِينِ
آڻِئُو آبُ اَکِينِ ۾، ڏيههَ کي ڏيکارينِ
سَڄَڻُ جي سارِينِ، سي نه رُونِ نَه چُونِ ڪِين.
اي ماءُ، منهنجا ديس واسي درد ۽ پيڙا جي جن عذابن مان گذرن ٿا، انهن عذابن جي مٿان ظاهري طرح ڳوڙهن تي ڳوڙها ڳاڙيندڙن جي مٿان آءٌ ڪهڙو ويساهه ڪريان. اهي ائين ئي روئي اکين ۾ پاڻي آڻي سڄي ڏيهه کي پيا ڏيکارين ته کين به وڏو درد آهي. جيڪي سچا عاشق پنهنجي محبوب مقصد جي لاءِ جيئن ۽ مرن ٿا ان مقصد جي حاصلات لاءِ پنهنجي خلقڻهار سان الستي نينهن نڀائڻ کي ياد ڪن ٿا، سي نه ظاهر ۾ ٻين آڏو رئن ٿا ۽ نڪي ڪجهه ڪڇن ٿا اهي ته پنهنجي جهد ۽ جاکوڙ واري عملي زندگيءَ سان پنهنجي درد کي ثابت ڪن ٿا.
اَگهي اگهائِي، رَنجُ پِريان کي رَسئِو
چَکَيمِ چَڱائِي، سورانگهي سُورِيءَ تان.
درد ونديءَ جي ديس ۽ انهن جي ماڻهن جي بيوسيءَ ۽ بدحاليءَ تي منهنجو اضطراب، رنج ۽ جهوري مقبول پئي، منهنجي انهيءَ درد ۽ ڪرب جو حال محبوب تائين پهتو ۽ منهنجي درد جي سڄڻ تائين رسائي ٿي. ائين هڪ نصب العين لاءِ پاڻ پتوڙي، سور ۽ سختي اورانگهي هاڻي جڏهن آءٌ مرندس ته نهايت اطمينان سان مرندس ۽ منهنجو مالڪ نيڻن نهار ڪري مون کي سڏيندو ته منهنجي رضا واري ابدي زندگيءَ جي قبول پيل ٻانهن ۾ شامل ٿيءُ، ۽ منهنجي جنت ماڻ.
هُو جي مَنجها هيجَ، وَهَمَ پِريان جي وَڍِئا
ٻُڪي ڏيئي تن کي، ڪوهُ ڪَرِيندا ويڄَ
نَڪا پِڇَ نه پيڄ، پَسَڻ ڌاران پِرينءَ جي.
اهي محبوب مقصد لاءِ جاکوڙي ۽ سچا عاشق جيڪي وڏي اتساهه ۽ چاهه مان، محبوب جي رضا جو خدا پرستي ۽ انسان دوستيءَ وارو نظريو اپنائي ان کي عملي شڪل ڏيڻ واري خيال ۽ ويچار ۾ گهائجي ويا. تن کي طبيب ٻُڪي ڦڪي ڏيئي ڇا ڪندا. اتم اعليٰ انساني نظريو ملي وڃڻ کان پوءِ انهن کي ٻڪي ٻئؤن نه ٿي ٿئي. پرينءَ جا حڪم، ان جا ضابطا ۽ پرينءَ جي رضا پسڻ بنا، نه ڪائي ستي اثر ڪندي نه ڪي ٻيا ويڻ ڪم ايندا.
وڍي جَنِ وَڍِياسِ، وَرِي ويڄَ ئِي سي ٿِئا
پِرِتِ ٻَڌائون پَٽِيُون، رُوح ڪَئِائُون راسِ
هِنيَڙا تَنِي پاسِ، گهارِ ته گهايَلُ نه ٿِيين.
جن منهنجي اندر ۾ تڙپ پيدا ڪري مون کي محبوب مقصد ۽ زندگيءَ جو نصب العين عطا ڪيو، وري ان جي لاءِ جهد ۽ جاکوڙ ۾ منهنجا طبيب به سي ئي سڄڻ ٿيا. اعليٰ انساني قدرن جي رهنمائي ۽ انهن کي عمل ۾ آڻڻ جو شعور ۽ ڄاڻ عطا ڪري خود پاڻ پيار سان ويهي منهنجي درد تي پريت جون پٽيون ٻڌائون ۽ منهنجي روح کي پڻ پوري راحت ۾ آندائون. اي منهنجا هِيانوَ! اِي منهنجا من! تون سدائين تن محبوبن ساڻ گڏ گذار ته هوند ڪڏهن به گهايل نه رهين.
ويڄَنِ ويٺي ئِي، دوستُ پيهِي دَرِ آئِيو
صِحَتَ جِي سَرِيرَ ۾ ڪَلَ ڪَڙِيين پيئِي
پِيڙَ پَري ويئِي، اَچَڻَ ساڻُ عجِيبَ جي.
منهنجي درد ۽ پيڙا جي ختم ڪرڻ واسطي ٻين ٻڪين ۽ ڦڪين وارا آيل طبيب ويٺائي هئا جو منهنجو اصل هادي پيارو پرين پاڻ مون وٽ منهنجي گهر آيو. ان جي ٻڌايل علاج ۽ اصولن ذريعي منهنجو جسم صحتياب ٿيو زخم ڀرجڻ لڳا ۽ انهن جون ڪڙيون پڪيون ٿيڻ لڳيون. ان پياري پرينءَ جي ايندي ئي درد ۽ پيڙا جي سختي ختم ٿي وئي ۽ ان جا ٻڌايل ضابطا منهنجي زخمي ۽ وياڪل زندگيءَ لاءِ اڪسير بڻجي ويا.
ڪارائِيان قَرِيبُ، وَنِينِ– ئُون ويجهو گهَڻو
دارُون سَڀَ دَردَ کي، طَبعَ جو طبيبُ
ايهي حالِ حَبِيبُ، ساهان اوڏو سُپِرِين.
مالڪ حقيقي پيارو پرين مون کي منهنجي اکين جي تارن جي ڪاراڻ کان بلڪ ماڻڪين کان به وڌيڪ ويجهو آهي. هو منهنجي هر درد جي دوا آهي، بلڪ هو منهنجو خلقڻهار آهي تنهن ڪري منهنجي جوڙيل جوڙ کي ڄاڻي ٿو. اها عليم ۽ ڪريم ذات مالڪ حقيقي پنهنجي جوڙيل جهان جي جوڙ ۽ پنهنجي ٻڌايل ضابطن جي ذريعي منهنجي طبعي سرشت جو طبيب آهي. اهڙي بندوبست ڪرڻ وارو اهو پيارو سڄڻ مون کي پنهنجي ساهه کان به وڌيڪ ويجهو آهي. مان پنهنجي هر ساهه پساهه ۾ ان جي جوڙيل جوڙ مان لطف اندوز ٿيان ٿو.
وائي
وِرِسِئا ويڄَ ويچارا، ڀُليا ويڄَ ويچارا
دل ۾ دَردُ پِرِين جو
منَ ۾ مَرض پِرِين جو
١. اُٿيو ويڄا، مَ وِهو، وَڃو ڊَرڀَ کَڻي
اُٿيو ويڄا مَ وِهو، کَڻو ڊَرَڀَ تَمارا
٢. ٻُڪِي ڏِيندا ٻاجههَ جي، آيا سُورَ ڌَڻِي
ٻُڪِي ڏيندا ٻاجهه جي، آيا جِيءَ جِيارا.
ويچارا اڻ ڄاڻ ويڄ ۽ طبيب منهنجي درد ۽ ڪرب جو پتو لڳائڻ ان جي علاج ڪرڻ ۾ ڀلجي پيا. هو بدن جي ٻاهرين بيماري ڳوليندا رهيا ۽ ٻاهرين تڪليف جو علاج ڪندا رهيا، پر کين منهنجي اندرين عذاب ۽ ڪرب جي ڪل ئي ڪانه پئي، مون کي حقيقت ۾ محبوب حقيقيءَ جي رضا ۽ تسليم جو اُلڪو آهي. منهنجو روح بي چين آهي، مان الست بربڪم جو قالوا بليٰ سان اقرار ڪيو هو ۽ هاڻي جيستائين پنهنجي انسان دوستيءَ واري عملي زندگيءَ سان ان اقرار کي نه پاڙيندس تيستائين منهنجو روح بي چين رهندو. اي طبيبو! ٻاهرين ٻڪين سان وڌيڪ نه ويهو، اُٿو ۽ ٻُڪيون ڦڪيون کڻي روانا ٿيو: اٿو ۽ کڻو پنهنجون دوائون، وڌيڪ نه ويهو! مان پنهنجو مرض ڳولهي ورتو آهي منهنجي سُور جا مالڪ پاڻ اچي ويا آهن ۽ اهي ئي مون کي پنهنجي پيار جي دوا ڏيندا: اهي جيءَ جياريندڙ ئي ان انسان دوستيءَ جو ڏانءُ ڏيندا ۽ پنهنجي حڪمن ۽ ضابطن واري ٻاجهه جي ٻُڪي ڏيندا ته مون کي نجات ۽ چڱڀلائي ملندي.