اصول 2. پنهنجي “مان” کي ڪڍي ڦٽو ڪرڻ شاهه وٽ عشق جو ٻيون اصول آهي.
باقي انسان جو چوٿون قيد هي آهي ته هو پنهنجي ذات جي خول ۾ گهيريل آهي. ڊاڪٽر علي شريعتي چوي ٿو ته: ”هن قيد ۾ ئي انسان وڌ ۾ وڌ عاجز ۽ مجبور ٿو ملي. ڇو ته هن قيدخاني جو وجود انسان کان الڳ ناهي، بلڪ ان ڪوٺڙيءَ جون ڀتيون خود سندس وجود اندر آهن. هي اهو قيدخانو آهي جيڪا داخلي حقيقت آهي. هي سندس انا جو بنديخانو آهي ۽ خوديءَ جو پڃرو آهي، جتي بنديخانو ۽ باندي هڪ آهن. مرض ۽ مريض ٻئي هڪ آهن. ان ڪري ان مرض منجهان شفا حاصل ڪرڻ سڀ کان ڏکي ڳالهه آهي. انسان ٻين ٽن بنديخانن مان علم جي ذريعي آزادي حاصل ڪري سگهي ٿو، پر ذات جي بنديخاني مان آزادي علم جي ذريعي ممڪن نه آهي. ڇاڪاڻ ته هتي حالت خود قيد جي آهي. ان ڪري انسان جيڪڏهن پنهنجي ذات جي بنديخاني مان آزادي چاهي ٿو، ته ان جو ذريعو علم نه پر عشق آهي. عشق جي سگهه مصلحتن، حسابي عقل ۽ منطقي توجيهن کان مٿانهين هوندي آهي، اها عظيم قوت انسان جي باطن ۾ هوندي آهي. جيئن ”انا“ باطن جو اُڀار آهي، تيئن باطن مان ئي اڀريل عشق ان ”انا“ جو ترياق آهي. اها اندروني سگهه انسان جي نفس جي براين خلاف بغاوت ڪري ٿي. نفس جي خواهشن تي غلبو پائي ٿي.“
نفس جون خواهشون ماڻهوءَ کي الائي ڪٿي ڪٿي وڪڻائي ٿيون ڇڏن ۽ چڱن ڀلن ڏسڻن وائسن کي وڪڻائي ٿيون ڇڏن. ڪيترا ماڻهو جيڪي علمن جي ترقيءَ جي نتيجي ۾ فطرت، تاريخ ۽ سماج جي قيد مان ته پاڻ کي آجا ڪرڻ جهڙا ٿي ويا پر ذات جي قيد انهن کي پاڻ وڪڻائي ڇڏيو. ماڻهن جي ذهانتن ۽ قابليتن جي جيڪا ضرورت قومي مقصدن کي گهربل هوندي آهي، ماڻهو اها ذهانت ۽ قابليت نفساني لونجهه ۽ خواهشن هيٺ واڪن تي وڪڻندا آهن. اين جي اوز جو ڪلچر اٿيو ته سماج جي ذهين ترين ماڻهن اتان اٿندڙ واڪن تي پنهنجي پيشڪاري شروع ڪئي. پيڪيج ۾ هيترو پئسو، هيتريون گاڏيون، هيترا بونس، هيتريون سهولتون، اهي سڀ چڱن ڀلن کي کائي ويون. انهيءَ خواهشن ۾ پوئتان اهو به خيال نه رهيو ته انهن جي ديس جي ماڻهن جو ڇا ٿيندو جيڪي نسل در نسل غلاميءَ جا سور سهي آخرڪار پنهنجي سڄاڻ ۽ ذهين هم وطنن جي سوچ ۽ فڪر عمل ۽ جاکوڙ جي نتيجي ۾ حالتن بدلجڻ جا اميدوار بڻيا ويٺا آهن. وڪري جي وکر طور بڻجڻ وقت جهٽ گهڙيءَ لاءِ انهن هي به نه سوچيو ته اهڙن واڪن جي نتيجي ۾ اسان کان ڪم ڪهڙو ورتو ويندو. اهڙي طرح ذهين ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد ديارغير ڏانهن هليو ويو. اهو ٻاهر ويل ۽ انهن اين جي اوز ۾ کپيل ماڻهن جو ذهانتن ۽ قابليتن وارو ايڏو وڏو تعداد موجود هو جيڪو سنڌ جي نڌڻڪائيءَ ۽ پست حاليءَ جي زماني ۾ هڪ موثر جماعت بنديءَ سان ڌرتي ۽ ڌرتي واسين لاءِ مالڪي ۽ سڄڻائپ جو هڪ بهتر متبادل بڻجي پئي سگهيو، پر ان جي لاءِ جيڪا ايمان ۽ عشق تي آڌاريل پيش بندي ڪرڻي هئي ۽ جنهن ايثار ۽ قربانيءَ جي ضرورت هئي، ان جي اڻاٺ هئي. جيڪي باقي بچيل چڱا ڀلا ناليوارا ڏاها ۽ دانشور سنڌ جي سورن تي ٿڌا شوڪارا ڀريندي ٿڪبا ڪو نه هئا، پنهنجي لکتن ۾ نهال هئا پر عملي پيشبندي انهن ۾ به ڪا ورلي نظر آئي. چڱا ڀلا ڏسڻا وائسڻا ماڻهو عهدن ۽ مراعتن جي آسري تي وڏن قومي ڪمن ۾ هٿ وجهڻ جا روادار نه هئا.
انهيءَ ڪري هي ياد رکو ته عشق خودغرضي، مفاد يا مصلحت کان مٿانهون ۽ بي نياز هوندو آهي. عشق جي معنيٰ آهي هر شيءِ کي قربان ڪري ڇڏڻ ۽ ان جي عيوض ڪنهن به شيءِ جو مطالبو نه ڪرڻ. هي اها عظيم چونڊ آهي جتي انسان پنهنجي ذات جي خلاف چونڊ ٿو ڪري. هي ايثار ۽ قربانيءَ جي اها منزل آهي جتي هو پنهنجي مفادن ۽ مراعتن وڃائڻ ۽ ان جي بدلي پنهنجي لاءِ ولوڙ، تڪليفن، اهنجن جي چونڊ ڪري ٿو ۽ ان کان اڳتي وڌي پنهنجي لاءِ موت جي چونڊ ٿو ڪري ته جيئن سندس قربانيءَ جي نتيجي ۾ ٻين کي زندهه رهڻ جو موقعو ملي سگهي. پر جيڪڏهن زندهه رهندو آهي ته سندس زندگيءَ جو هڪ ئي مقصد هوندو آهي ته هو پنهنجي آدرشن جو تحفظ ڪري.
عشق جي اها سگهه ايمان ۽ يقين سان لاڳاپيل آهي، جيڪڏهن ڪو ماڻهو ايمان ۽ يقين جي دولت کان خالي آهي ته پنهنجي اندر جي عشق کي ٻارڻ واري چڻنگ عطا ڪري نه سگهندو. ان ڪري ماڻهو ايمان ۽ عشق وسيلي پنهنجو پاڻ کي ذات جي بنديخاني مان آزاد ڪرائي، خود غرضي، مصلحت شناسي يا مفادپرستيءَ جي بدلي قرباني ۽ ايثار جو رستو اختيار ڪري پنهنجي انسانيت کي دريافت ڪري سگهي ٿو. انسانيت جي تڪميل ۽ ترقيءَ جو رستو آهي ايثار جو رستو ۽ اها آهي عشق جي منزل جيڪا مذهب ماڻهوءَ کي عطا ڪري ٿو.
شاهه لطيف انسان اندر انهيءَ ”آئون“ ۽ ”مان“ جو وجود ماڻهوءَ جي جبلت ٿو ڀانئين، بلڪه شاهه سائين سڄي ڪائنات ۾ انهيءَ جي نشاندهي ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته اهو خدا جو جوڙيل پنهنجو نظام آهي ته ان ماڻهوءَ کي اها جبلت ڏئي وري ان تي ضابطي جو به کيس ڏانءُ ڏنو آهي. حقيقت ۾ ان طريقي سان انسان کي بلند مرتبن تي پهچائڻ جو اهو مَنڊ پکيڙيل آهي. پيدا ٿيڻ وقت ماڻهوءَ کي جيئن ته پنهنجي ٺهيل ٺڪيل شخصيت نٿي ملي، پر هُن کي اعليٰ انساني قدرن سان پنهنجي شخصيت ٺاهي جوڙي، وري پنهنجي اصليت ڏانهن رجوع ڪرڻو آهي ۽ پنهنجي مالڪ ڏي عود ڪرڻو آهي. انسان ”مان“ تي ڪنٽرول ڪري پنهنجي ايمان ۽ عشق سان (عشق ايمان جي عملي سرگرمي آهي) پنهنجي منزل مقصود تي خوبيءَ سان پهچي سگهي ٿو. شاهه سائين سر ڪلياڻ جي هن داستان 3 ۾ اجهو هيئن فرمائين ٿا:
عالَمُ ’آئُون‘ ساڻُ، ڀَرِئو ٿو ڀيرَ ڪَري
’پاڻُ‘ نه آهي ڄاڻُ، مانڊيءَ منڊُ پَکَيڙِئو.
”مان“ يا ”انانيت“ سڄي جهان جو مسئلو آهي ۽ جتي ڪٿي ماڻهن منجهه ڀريل واهن وانگر ٿي وهي. اها ماڻهوءَ ۾ ٻاهران يا خارج کان نٿي اوتجي پر اهو ماڻهو جي پنهنجي اندران ئي ان جي نفس جو ڪو منڊ منڊيل آهي ۽ ماڻهو ”پاڻ“ جي اُن ڄار ۾ اهڙو ته وڪوڙجي ويو آهي جو پنهنجي هن حقيقت کي ڄاڻڻ به ڀلجي ويو آهي ته مان ڪير آهيان، ڇو پيدا ڪيو ويو آهيان ۽ منهنجي منزل ڇا آهي؟
ڪِيئن مائيندا مَنَ ۾، ’خودي‘ ۽ خُدا
ٻِنِ تَرارينِ جا، ڪا آهي هِڪَ مِياڻَ ۾!
پنهنجي هستي جو ”آءٌ ئي آهيان“ وارو غرور، ۽ ”الله جي عبديت“ وارو عقيدو، يعني خود رخي ۽ خدا رخي رويا ساڳئي وقت ڪيئن دل ۾ جائگير ٿي سگهندا. اهو ته ايئن ئي آهي جيئن ڪو شخص هڪ مياڻ ۾ هڪ ئي وقت ٻن ترارن کي ماپائڻ جي لاحاصل ڪوشش ڪري. وري جيڪڏهن سڄي زندگي ماڻهو اهڙي ڪوشش ڪندو رهي ته ان کان وڌيڪ ڀورڙائي ٻي ڪهڙي ٿيندي؟!
’آئُون‘ سِين اُنَ پارِ، ڪَڏَهِن تان ڪونه پِئو
اِنَ اللهَ وِترُ يُحِبُ الوِتَر، نيئِي ٻيائِي ٻارِ
هيڪَڙائِيءَ وَٽِ هارِ، هَنجهُون جي ’هُئڻ‘ جُون.
پنهنجي پاڻپڻي جو غرور پاڻ سان گڏ کڻي هُن پار يعني منزل مقصود تائين ڪو به نه پهتو آهي. پاڻ الله تعاليٰ جيئن واحد ۽ هيڪائي هڪ آهي تيئن پاڻ به هيڪڙائيءَ کي پسند ڪري ٿو. انهيءَ ڪري دوئي ۽ ساڻس شراڪت کي ساڙي ٻاري ڇڏ ۽ ان کان بلڪل آجو ٿيءُ. جيڪڏهن تو وٽ پاڻپڻي ۽ دوئيءَ جي ڪا ڪار آهي ته پوءِ توبهه تائب ٿيءُ ۽ پنهنجي خلقڻهار اڪيلي الله جي حضور ۾ وڃي پنهنجي هستيءَ وارا ڳوڙها ڳاڙ ۽ پنهنجي هستيءَ کي هيڪڙائيءَ جي آڏو وڃي ڪيرائي پاڻپڻي ۽ دوئيءَ کي ختم ڪري ڇڏ.
’آئُون‘ اورِيان جَهلِ تون، ڇَڏيَمِ ’پاڻُ‘ پَچارَ
شِرڪَ ساڻُ سَتارَ، گهڻا گهارِيَمِ ڏينهَڙا.
اڪيلي الله جي حضور ۾ عرض ڪر ته اي منهنجا مالڪ! هن منهنجي ‘آپي’ ۽ انانيت کي مون کان پري ڪري جهل. مون پنهنجي ’پاڻپڻي‘ جي پچر ئي ڦٽي ڪئي. اي سٻاجها ستار! هاڻي مون تي اها مهر ڪر، جو منهنجو ماضي مون کان وساراءِ. مون پاڻپڻي ۽ دوئي سان گهڻائي ڏينهن گڏ گذاريا آهن، منهنجي دامن کي هاڻي ان کان پناهه ۾ رک.
ٻَنِ ٻِيائِي سُپرِين، ’پاڻان‘ اُٿي پَلِ،
’آئُون‘ اوري جَهلِ، ته توکي رسي تو ڌَڻي.
ٻن پوي دوئي ۽ شرڪ اي منهنجا پيارا سڄڻ! اهو عزم ڪري تون اٿي پئه پنهنجو پاڻ کي پنهنجي ’آپي‘ ۽ ’انانيت‘ کان پري ڪري جهل. ’آپو‘ ۽ ’پاڻپڻو‘ پاڻ کان هٽائي پري ڪر، پنهنجي نفس کي انهيءَ غلاميءَ مان آجو ڪر ته تنهنجو حقيقي مالڪ ۽ محبوب اچي توساڻ ملي ۽ تنهنجي نڌڻڪائي ختم ٿئي.
توکي رَسي تو ڌَڻي، جُملو ئِي جَمالُ
ڪونهي ٻِئو خيالُ، جي شارِڪَ شَڪُ وِڃائيين.
پاڻپڻو، دوئي ۽ شرڪ ڇڏڻ جي نتيجي ۾ جيڪڏهن تنهنجو مالڪ حقيقي محبوب توکي ملي وڃي ۽ ان جي رنگ سان تون رنگجي وڃين ته نسورو ئي جمال ۽ سونهن توکي پلئه پئجي وڃي. جمال ۽ ڪمال پسڻ جو انهيءَ کانسواءِ ٻيو ڪو خيال ۽ صورت ئي ڪونهي. جيڪڏهن تون هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪڻ جو پنهنجو شڪ ۽ گمان ڦٽو ڪري ڇڏين ته پوءِ ڳالهه پڪ سان اها ئي اٿئي.
’مُون‘ مُونهِين ۾ سَپِجي، مُون کي مُون جُڳاءِ
مُونهِين جِي ساڃاءِ، مُونهِين منجهان مُون ٿيي.
پاڻپڻي ۽ آئون آهيان وارو خيال، منهنجي پنهنجي اندر مان ئي سَرجي ۽ وجود وٺي ٿو. برابر هو جبلي طرح منهنجي اوسر سان سَرجي ۽ وڌي ٿو پر ساڳي وقت مون کي پنهنجي خود شعوري ۽ پاڻ سڃاڻڻ واري تميز به منهنجي پنهنجي اندر سمايل ۽ عطا ٿيل آهي. جنهن جي تقاضا آهي ته منهنجي مان ۽ پاڻپڻو دٻجي. اهوئي ته هن دنيا ۾ ماڻهوءَ جو امتحان آهي.
اهو انسان ئي آهي جنهن کي الله تعاليٰ ٽن وڏين امتيازي خاصيتن سان پيدا ڪيو آهي. هڪ هي ته هن کي راءِ ۽ چونڊ جو حق مليل آهي، ٻيو هي ته ماڻهوءَ کي خودشعوري حاصل آهي ته هو ڪير آهي ۽ سندس منزل ڇا آهي؟ ٽيون هي ته کيس تخليقي صلاحيت به حاصل آهي. انهن ٽنهي صلاحيتن جي موجودگيءَ ۾ پنهنجي جبلتن تي ضابطو رکڻ اهوئي هن دنيا ۾ ماڻهوءَ جو امتحان آهي. جيڪو ماڻهو هن دنيا ۾ پاڻ کي امتحان جي حالت ۾ سمجهي ٿو ۽ ڄاڻي ته ان امتحان جي نتيجي ۾ ئي منهنجي زندگيءَ کي حتمي ۽ دائمي سلامتي ۽ خدا جي رضا ۽ محبوبيت واري زندگي ملڻي آهي ته پوءِ انهيءَ کي جبلتن ۽ عملن ۾ بظاهر نظر ايندڙ تضاد به انهيءَ خلقڻهار جا رنگيءَ وارا رنگ لڳن ٿا. پوءِ اهڙو ماڻهو ڪائنات جي هزارين رنگن جي وچ ۾ هئڻ جي باوجود يڪ رنگ رهي ٿو.
’ڏِسَڻُ‘ ڏِسين جي، ته هَمہَ کي حَقَ چَئِين
شارِڪَ شڪُ مَ ني، اَنڌا اِنهِين ڳالَهِه ۾.
هي ظاهري اک کي جيڪي شين جا ضد نظر اچن ٿا، تون جيڪڏهن رڳو ظاهري ‘اک’ سان نه، پر جي صحيح فهم ۽ ادراڪ واري نظر سان ڏسين ته پوءِ شڪ ۽ اضداد آهي ئي ڪانه. تون جيڪر دانائيءَ جي ان شعور سان ڏسين ته سڀ کي اصل حق جو جلوو ڪري ڄاڻين. هي سڀ ان جي حڪمت جي جوڙ آهي. هي انساني جبلتن جا ضد به ان جي آزمائش واري حڪمت جي جوڙ آهن. اي شرڪ ڪندڙ دل جا انڌا! تون انهيءَ ڳالهه ۾ بالڪل شڪ ئي نه آڻ.
وڏي تان اِنَ واٽَ ۾ ٻيلَپَ ’ٻيائِي‘
آهي اُونداهِيءَ جو شِرڪُ سَهائِي
چِٽي چِٽائي، اَلفَ جي عَينَڪَ ۾.
سچ ۽ حق جي واٽ تي هلڻ ۾ يڪ رنگي بيحد ضروري آهي. ٻين سڀني فڪرن ۽ رستن کي ٻيلپ ٻيائي ڄاڻي ان جو انڪار ڪبو. ان انڪار سان ئي اقرار ۽ اثبات اهڙي حقيقت آهي جيئن اونداهيءَ جي نفيءَ سان روشنائيءَ جي حقيقت جو اعتراف. جنهن پنهنجي اکين تي الف جي عينڪ چاڙهي، توحيد ۽ هيڪڙائيءَ کي پنهنجو فڪري سرچشمو بڻايو، ان جي سامهون اهي حقيقتون چٽيون ٿي وڃن ٿيون، ڪا به ڳالهه منجهيل نٿي رهي. پوءِ اهڙو انسان ذهني غلامين، فڪري غلامين ۽ هر قسم جي سماجي غلامين مان پاڻ کي آسانيءَ سان آجو ڪري وٺي ٿو.
بي شِرڪُ ڀائِين پاڻَ کي، عينُ شِرڪَ اِيءُ
وِڃائي وُجُودَ کي پاڻان پاسي ٿيءُ
هَڏَهن ڪونهي ’هِيءُ‘، ’هُو‘ پُڻُ ڪونهي ’هِن‘ ري.
ظاهر ۾ ته تون پاڻ کي شرڪ کان خالي ٿو ڀانئين. حقيقت ۾ شرڪ ئي اهوآهي ته تون پنهنجي وجود کي پاڻپڻي، غرضن ۽ مفادن جي هستي بڻائي ڇڏيو آهي پر دعويٰ ٿو ڪرين بي شرڪ هئڻ جي. ان ڪري تون خود رخي زندگيءَ جي لاڙن ۽ پاڻپڻي واري ڪرت کان آجو ٿيءُ، پوءِ هي يقيني ڳالهه آهي ته تنهنجو هي شرڪ رتو ظاهر، تنهنجي اقرار ڪيل باطن کان ڪٽيل ڪونهي. ۽ نه هو وري هِن کان ڪٽيل آهي ان ڪري جيستائين پاڻ کي هر قسم جي شرڪ کان آجو نٿو ڪرين، تيستائين مالڪ حقيقي جي رحمت کان پري رهندين ۽ ايئن زندگيءَ جي اصل حاصلات کان تنهنجي محرومي قائم رهندي.
آڏو جو اِثبات کي سو شِرڪُ لاهي شَڪُ
هُئٖي جَنہ ۾ حَقَ، تَنہ ’نَفِي‘ جهڙو ناه ڪِين.
حق جي اثبات يعني ثابتي ڏيڻ ۽ ايمان آڻڻ لاءِ اول ناحق ۽ باطل جي نفي بيحد ضروري آهي. نفي ۽ انڪار سان شرڪ ۽ شڪ ٽوڙي نهوڙجي ٿو. اهڙي طرح نفي جيئن پنهنجي مفادن ۽ غرضن جي ٿيندي تيئن ان ڏاڍ ۽ جبر جي به ٿيندي جيڪو فردن، طبقن ۽ قومن کي غلام بڻائي ويٺو آهي. انهن سڀني غلامين جي نفي ۽ انڪار حقيقت پسندي آهي، جيستائين اهو انڪار نه ٿيندو تيستائين اثبات يعني آزاديون ماڻي نه سگهبيون. اهڙو ’نَفِي‘ ۽ اهڙو ’انڪار‘ جيڪو حق تي هجي ۽ حق لاءِ اڀاريندڙ هجي سو وڏي وٿ آهي ۽ تنهن جو ڪو مٽ ئي ڪونهي.
اِنَ پَرِ نه اِيمانُ، جِئن ڪَلِمي-گو ڪوٺائيين
دَغا تنهنجي دِلَ ۾، شِرڪَ ۽ شيطانُ
مُنہَ ۾ مُسلِمانُ، اَندَرِ آزَرُ آهِييٖن.
سچو ۽ مڪمل ايمان ائين ناهي جيئن تون پاڻ کي ظاهري طور ڪلمو پڙهندڙ ٿو سڏائين ۽ ايمان وارو هجڻ جي دعويٰ ٿو ڪرين. پر تنهنجي اندر ۾ مفاد پرستيون، ٽه پتايون ۽ دغابازيون، ٻيائي ۽ شيطان ويٺل آهن جيڪي تنهنجي ماڻهپي جا دشمن آهن. تون رڳو چوڻ ۽ ڏسڻ ۾ ’مسلمان‘ پيو سڏجين پر اندر ۾ آزر وانگر مفادن ۽ غرضن جا بت جوڙي ويٺو آهين، انهن جو رکوالو ٿيو ويٺو آهين.
ڪُوڙو تون ڪُفرَ سِين ڪافرُ مَ ڪوٺاءِ
هِندو هَڏِ نه آهيين، جَڻيو تو نه جُڳاءِ
تِلِڪُ تَنِي کي لاءِ، سَچا جي شِرڪَ سين.
اي ڪفر کي مڃيندڙ ڪافر! جڏهن تون پنهنجي ’ڪفر‘ واري عقيدي ۾ به سچو نه آهين ۽ اتي به منافقتون ڪندو وتين ٿو ته پوءِ پاڻ کي ’ڪافر نه سڏاءِ‘. شاهه سائين هندوءَ لاءِ چوي ٿو ته اي هندو! جيڪڏهن تون سچو هندو نه آهين ته پوءِ توکي هندو ڌرم وارو جڻيو پائڻ نٿو جڳائي. ماڻهو جتي به هجي اتي خالص ۽ پڌرو هجي. ڇاڪاڻ جو عقيدي جي منافقت ۽ ٺڳي به ماڻهوءَ کي سٺو انسان بنجڻ نه ڏيندي آهي. هندن وارو ’تلڪ‘ به انهن کي لڳائڻ جڳائي جيڪي ‘شرڪ’ سان سچا آهن.
ڪافرُ ٿيءُ ته اُبَهِين بابَ شَرَعَ جا ڇَڏِ
مَنُ مُشرِڪَنِ گَڏِ، ته ويجهو ٿِئين وصالَ کي.
تون هي ٻن ٻيڙين جي سواري ڇڏ. جي توحيد ۽ هيڪڙائي تي تون يڪ رنگ نٿو بيهين ته پوءِ پڌرو ‘ڪافر’ ٿيءُ ته اتي توکي پڌرائي ملي. تون نڪاح، جنازي ۽ اٿي ويٺيءَ جون اسلامي شريعت جون ڳالهيون ڇڏ. جي خدا وحده لاشريڪ لہُ جي اصل توحيد واري حاصلات تو وٽ ناهين ته پوءِ رسمي مسلماني تو لاءِ ڪهڙي ڪم جي. نه هِتان جون ڀلايون تنهنجي ڪم اينديون ۽ نه آخرت جون، تنهن ڪري تون پنهنجو من، نيت ۽ عقيدو پوريءَ طرح مشرڪن سان ملاءِ، ته پوءِ جيڪو تنهنجو پنهنجي مرضي ۽ مفادن لاءِ جيئڻ جو پنهنجو محبوب مقصد آهي، تنهن کي پورو ڪري سگهين. هيئن منافقت جي زندگي جيئڻ ته تنهنجي انسانيت جو ڪوس آهي.
مُنہُ آهيريان اُجِرو، قَلبَ ۾ ڪارو
ٻَهران زيبُ زِبانَ سِين، دِلِ ۾ هَچارو
اِنَ پَرِ ويچارو، ويجهو ناهه وصالَ کي!
خود رخي زندگي گهاريندڙ ماڻهو ظاهري طور تي سٺو ۽ ڏيک ويک ۾ ڀلو نظر ايندو آهي پر هُن جي اندر جو حال سندس صورت جي ابتڙ هوندو آهي. ظاهر ۾ آرسيءَ کان وڌيڪ صاف نظر ايندو پر اندر پليتائي ۽ دغا جي ڪاراڻ ڀريل هوندس. سندس زبان تي سهڻيون ۽ مٺيون ڳالهيون هونديون پر اندران ئي اندران دغا خور ۽ نقصان رسائيندڙ آهي. پنهنجي ان مطلبي زندگيءَ جي نتيجي ۾ منڍئون محروميون حاصل ڪري پنهنجون بدبختيون پاڻ سان گهمائيندو وتندو آهي. اهڙن افعالن وارو اهو ڀٽڪيل ۽ ڀليل، جيئن انسانيت جي قدرن کان پري آهي تيئن الاهي قرب ۽ مالڪ جي محبوبيت کان به گهڻو پري آهي.
مُنہُ ته مُوسيٰ جهڙو، اَندرِ ۾ اِبليسُ
اهڙو خامُ خَبِيثُ، ڪَڍي ڪوهَ نه ڇَڏيين.
اهڙن ماڻهن ۾ ڪو ته وري ڏسڻ ۾ نيڪ نوراني صورت وارو، پر اندر ۾ شيطان هوندو آهي. جيئن شيطان انسان جي تعظيم، ان جي حق ادائي ۽ نفعي بخشيءَ جو اتي به انڪار ڪيو هو تيئن هتي به شيطان جي پوئلڳيءَ ۾ سندس ساڳي روش هوندي. اهڙي بيڪار بڇڙي شيطاني روش تي هلندڙ پنهنجي منافق نفس کي ڇو نٿو تڙي پاڻ کان پري ڪري ڇڏين!
مُنہُ ته مُوسيٰ جِهڙو، سِيرَتَ شَيطاني
بازِي بيرانِي، ڪَڍي ڪوهُ نه ڇَڏيين.
ڏسڻ ۾ صورت نوراني ۽ چڱن ڪمن جون فنڪاريون پر ارادا، افعال ۽ سيرت شيطان واري. يعني انسان جي تعظيم، ان جي حق ادائي ۽ نفعي بخشيءَ کان خالي، ماڻهن کي ڌوڪي ۾ وجهندڙ، کين پريشان ۽ برباد ڪندڙ. اي پرمتڙيا! اهڙي اٽڪل بازي ڇو نٿو ڪڍين ڦٽي ڪرين!
سِرُ نايو سَجِدا ڪَرِين، تَنُ تَواضع تو نَه
هُو جو مَڻِڪو مَنَ جو سُوڌو سورِين سو نَه
ڪُوڙا ٿِيندُءِ ڪونهَ، ڦُوڪيٖي ڌوتٖي فائدو.
ظاهري طور تون پنهنجو مٿو جهڪائي سجدا پيو ڪرين پر تون پنهنجي من کي تواضع ۽ جهڪائڻ جي ريت نه ورتي آهي. تنهنجي طريقن مان عبديت اظهارجي ئي ڪونه ٿي. تون خدا جي رضا کي ان جي بندن سان ڀلايون ڪرڻ ۾ ڳولهين ڪو نه ٿو. تنهنجي هر گهڙي، ساهه پساهه ۽ من جو مڻڪو صحيح خدائي طريقي سان سُري ئي ڪو نه ٿيو. اي ٻاهريون ۽ ظاهري رسمون پوريون ڪندڙ ڪوڙا! انهيءَ ٻاهرين وضع قطع ۽ رسمن جي ريت سان ڪو فائدو ڪو نه ٿيندئي. تنهنجي شخصيت جڙي ڪو نه سگهندي ۽ مولا جي رضا ماڻي ڪو نه سگهندين.
جانۡ جانۡ پَسِين پاڻَ کي، تان تان ناهِ سُجُودُ
وِڃائي وُجُودُ، تِهان پوءِ تڪبِير چَئه.
جيستائين جو تنهنجي نظر پنهنجو ’پاڻ‘ تي آهي. پنهنجي مفادن جي زندگي جئين ٿو ۽ خدا رخي زندگيءَ جي بجاءِ خود رخي زندگيءَ جي ريت تي هلندو رهين ٿو، تيستائين تنهنجو ‘سجدو’ حقيقي معنيٰ ۾ سجدو ئي ناهي (ڌڻي وٽ قبول ئي ڪونهي.) پهريائين پنهنجي ”پاڻ“ وارو خيال ۽ پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ جيئڻ جو رويو ختم ڪر، پوءِ نماز جي نيت ٻڌ ۽ ”الله اڪبر“ جي تڪبير هڻ ته تنهنجو ’سجدو‘ ثابت رهي ۽ قبول پوي.
جان جان پَسِين پاڻ کي، تان تان ناهِ نمازَ
سَڀُ وِڃائي سازَ، تِهان پوءِ تَڪبِيرَ چَئُه.
جيستائين جو تنهنجي نظر پنهنجو ’پاڻ‘ تي آهي، تون پاڻ کي ئي سڀ ڪجهه سمجهين ٿو، پنهنجي مفادن جي زندگي جئين ٿو ۽ خدا رخي زندگي بجاءِ خود رخي زندگي جي ريت تي هلندو رهين ٿو، تيستائين تنهنجي ’نماز‘ حقيقي معنيٰ ۾ ڌڻي وٽ مقبول ئي ناهي. پهريائين ٻيا سڀ رسمي ديندارين ۽ مفادپرستين جا آواز ۽ ڍونگ بند ڪر. ”لا“ جي ترار سان ٻاهريان ساز، وسيلا ۽ واسطا ختم ڪري پوءِ ”الاالله“ جي اقرار سان نماز جي نيت ٻَڌُ ۽ ”الله اڪبر“ جي تڪبير جو وحدانيت وارو آواز بلند ڪر ته تنهنجي نماز ٿئي.
جَن وِڃايو وُجُودُ، ’فاني‘ ٿِئَا ’في الله‘ سان
نه تَنِ قِيامُ، نه قَعَدو، نَڪو ڪَنِ سُجُودُ
جيلاه ٿئَا نَابُودُ، تيلاه رَسِئَا بُودَ کي.
جن پنهنجو ”پاڻ“ ڦٽو ڪري ۽ پنهنجي خود رخي زندگي ترڪ ڪري خدا رخي زندگي اختيار ڪئي ۽ خدا جي ضابطن کي پنهنجي زندگيءَ جو دستور بڻايو سي رسمي دينداري جي قيام، قعدي ۽ سجدن جي ڏيکاءَ واري ريت کان پري آهن. پر اهي خدا جي رضا ۽ حڪمن جا پوئلڳ بڻجي عبديت ۽ ذميواريءَ جي احساس سان جيئن ٿا. جڏهن هنن خدائي مقصدن جي لاءِ انسان دوستيءَ جي ڪرت سان پنهنجي هيءَ زندگي تياڳي ڇڏي، تڏهن ئي دائمي بقا جي اصل مقصد کي پهچي ويا.
’اَنَا عَبَدُ‘، ’مَعبُودُ‘ تون، اِتِ شِرڪُ نَڪو شَڪُ
پَچارُون پِرِينِ جون مَحَبَتينِ مَرڪُ
سو سَڀوئِي حَقُ، جَنہِ ۾ پَسَڻُ پِرينءَ جو.
زندگيءَ ۾ ماڻهوءَ جي اصل حاصلات اها آهي جو کيس هي خود آگاهي حاصل ٿئي ته آءٌ عبد آهيان ۽ تون الله منهنجو معبود ۽ ڪارساز آهين. اها ئي حقيقي حاصلات آهي جنهن ۾ نڪو شرڪ آهي نڪو شڪ شبهو آهي. جنهن کي اها الله جي محبوبيت واري مايا ملي پوندي آهي ته اهڙن محبتين جو مرڪ پنهنجي پرين ۽ مهربان مالڪ جون هر گهڙي پچارون هونديون آهن. هر وقت وحدانيت جي وائي ۽ انساني ڀلاين جي ڪم جي ديوانگي هوندي آهي. ماڻهوءَ جڏهن انهيءَ ديوانگيءَ کي پهتو ته لايو سجايو ٿيو ۽ انهيءَ وٿ سان ئي پرين جو حقيقي پسڻ ٿئي ٿو.
نابُودي نٖيئِي عَبۡدَ کي اَعۡليٰ ڪِئو
مُورَتَ ۾ مَخفِي ٿِئا، صُورَتِ پُڻ سٖيئِي
ڪَبِي اِتِ ڪٖيهِي، ڳالهه پِريان جي ڳُجهَه جي.
مالڪ ۽ خالق آڏو پنهنجي هستي وڃائڻ واري ڪيفيت عبد کي اعليٰ درجي تي پهچائي ٿي ڇڏي. ماڻهوءَ جي وجود ۾ الله تعاليٰ جي صفتن جو اوتيل رنگ مخفي آهي، اهي صفاتي ڪم انسان هن ڌرتيءَ تي ڪري وجهي ته اشرف المخلوقات آهي. خدا پنهنجي صفتن جو ظهور ماڻهوءَ کان ڪرائڻ ۾ جيڪو ڳجهه سمايو آهي، انهيءَ راز کي بيان ڪري نٿو سگهجي.
نَڪا اِبتَدا عَبدَ جِي، نَڪا انتِها
جَنِ سُڃاتو سُپِرين، سي وَڃَڻَ کي وِئا.
الله جي فرمانبردار ٻانهي جو درجو ايڏو ته وڏو آهي ۽ ان جو مرتبو ايترو بلند ۽ اعليٰ شان وارو آهي جو نڪو ان جي شروعات ڪَٿي سگهجي ٿي ۽ نه وري ان جو انت، ڇيهه ۽ سَنڌو آهي، پر اهي ٻانها جن پنهنجي شخصي روين ۽ عملن ۾ ان مالڪ حقيقيءَ جي صفتن جو رنگ اوتي انسانن سان ڀلايون ۽ ڀال ڪيا سي ان جي محبوبيت ۽ مهربانيون ماڻيندا ويا ۽ ان ۾ مٿاهين منزلن کي رسيا. جن ٻانَهن پنهنجي حقيقي محبوب ۽ مالڪ کي سڃاتو، سي (سندس وصال لاءِ اڳتي وڌيا) اڃا اڳتي....اڃا به اڳتي وڌندا ويا.
وائي
وَجَہَ مَنجِهه خَلِيلُ، اَندَرِ آزَرُ آهيٖين
١. سَڌَ مَ ڪَرِ صِحَتَ جِي، اڃا تون عَلِيلُ
٢. مُنہَ ۾ مُسلمانُ تون، قَلبُ تان ڪَلِيلُ
٣. نالو ناهِ نفاقَ جو، جِتي رَب جَلِيلُ
٤. وِتُرِ جي وِصالَ ۾، دُوئِي ناهِ دَلِيلُ.
تون ٻاهران صورت ۾ سهڻو پر اندر ۾ آذر جيان گمراه آهين. تون شرڪ جي بيماري مان صحتياب ٿيڻ جي خواهش نه ڪر، جو اڃا تو پنهنجي بيماريءَ جا سبب ئي ختم نه ڪيا آهن. تون ظاهري طور ايمان وارو مسلمان ٿو چوائين پر اطاعت کان وانجهو تنهنجو قلب ڪَٽيل ۽ ڦريل آهي. يعني تنهنجي زندگيءَ جي عملن ۽ طريقن ۾ خدا رب جليل جي ضابطن جي پابندي ۽ لحاظ آهي ئي ڪو نه، رڳو نالي ۾ مسلمانيءَ جي منافقت آهي. جي، تنهنجي حالت مان ظاهر آهي ته تون اڃا شرڪ ۾ ڦاٿل ۽ توحيد کان پري آهين، ڇاڪاڻ جو جتي پاڻ ڌڻي آهي اتي نفاق، شڪ شرڪ آهي ئي ڪونه. اِڪائي واري هڪ الله تائين پهچڻ ۽ ملڻ واسطي اهو دوئيءَ جو دليل يعني ٻين جي ٻڌايل دستگيري ۽ ضابطا هرگز رهبر ٿي نٿا سگهن.