اصول 3. مقصد لاءِ سچائي جو هئڻ شاهه وٽ عشق جو ٽيون اصول آهي
اهڙي طرح اوهان پيغمبرن، سڌارڪن، سائنسدانن ۽ انقلابين جون زندگيون پڙهي ڏسو ته انهن جي سچائي جا مقامات اوهان کي معلوم ٿين. ڪيلپر، گليلو ۽ نيوٽن علم حرڪت ۽ علم طبعي جي بنيادي قائدن کي ڳولهڻ لاءِ زندگيءَ جا ڪيئي قيمتي سال ان جستجو ۾ تنهائي جو اڪيلو عذاب ڀوڳيو. چون ٿا ته نيوٽن سائنسدان شادي ويهن سالن جي عمر ۾ ڪري ورتي هئي، پر چاليهن سالن جي عمر تائين هو ڪشش ثقل، حرڪت جا قائدا، روشنيءَ جي ماهيت ۽ رياضيءَ ۾ ڪلڪيولس جي حقيقت جهڙن ڪمن ۾ اڪيلو رُڌو پيو هوندو هو. ان ڪري چاليهن سالن جي عمر تائين پنهنجي سڳي زال سان جماع به فقط هڪ دفعو ڪري سگهيو هئو! انهيءَ ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته جن ماڻهن به نظرياتي سائنس، عملي سائنس، فلسفي ۽ اهڙن ٻين علمن جي ميدان ۾ ڪم ڪيو آهي اهي ديوانا ماڻهو هئا، اندر جي اٿل پٿل هنن کي آرام سان ويهڻ ڪو نه ڏيندي هئي. ڇاڪاڻ ته معاشري ۾ موجود ۽ مروج علم ۽ رواجن مان هو مطمئن ڪو نه هئا. هنن وڌيڪ سچائي ۽ حقيقت جي ڳولا کي ضرورت سمجهيو ۽ پنهنجو وقت اهڙين ڳالهين جي پٺيان لڳائي تحقيق ڪئي ۽ سچائي ڳولهي لڌي. پوءِ جيڪا ترقي اوهان ڏسو ٿا اها به اهڙن ماڻهن جي ڪري آهي. انهيءَ جي نتيجي ۾ کين وڏيون رڪاوٽون به پيش آيون، انهن کي به هنن منهن ڏنو. مذهبي قدامت پسندن به کين وڏا عذاب ڏنا جيڪي پڻ هنن سٺا ۽ اهڙيءَ طرح انساني علم منجهه واڌارو ٿيو.
عشق ته وري هڪ اهڙي دريافت آهي جنهن سان ماڻهوءَ کي پنهنجي اندر ۾ هڪ قسم جو پچڻ پڄرڻ محسوس ٿيندو آهي. ڀٽائي وٽ اها ڪيفيت کامڻ، پچڻ، پڄرڻ، لڇڻ ۽ لوچڻ جي صورت ۾ موجود آهي. معنيٰ ته اوهان طلب ۾ رڳو جلندؤ ۽ پڄرندؤ نه پر ان کان اڳ ۾ اوهان کامندؤ. ناانصافين تي، ظلم تي، استحصال تي، غلاميءَ جي صورتحال تي، انسانن جي بي حرمتين تي، حقن جي پائمالي تي، اوهان جو شعور اوهان جي ذهن کي ۽ ضمير کي بيدار ڪندو. بيداريءَ جي اها ڪيفيت اوهان جو پچڻ ۽ پڄرڻ آهي. اوهان جي عشق جو انت ان پچڻ ۽ پڄرڻ تي نه ٿيندو پر اوهان لڇڻ ۽ لوچڻ ٿيندو ۽ ان ۾ اوهان کي اهڙي ديوانگي گهربل آهي. طلب ۽ تات جون اهي سڀ ڪيفيتون ديوانگيءَ جو ڪمال آهن. هاڻي ان ديوانگيءَ جا صاحب پنهنجي خدا جي محبوبيت ۽ رضا کي پنهنجي ڌرتي ۽ ان تي رهندڙ انسانن جي سک ۽ سلامتيءَ واري ولوڙ ۾ پيا تلاشين. ڇاڪاڻ ته انهن جي خدا انهن کي ايئن ڪرڻ لاءِ چيو آهي. انهن جي خدا کين ٻڌايو آهي ته مان ڌرتيءَ جي مٿان انسانن کي پنهنجو خليفو بڻايو آهي. اشرف انسان بڻايو آهي. انسان کي تڪريم عطا ڪئي آهي. انهن عطائن ۽ انهن آدرشن جي سنڀال ڪيو، اهوئي منهنجي عشق جو اظهار آهي.
عشق جو ذڪر جڏهن ڀٽائي رحمت الله عليه ڪري ٿو ته ان جي شاعريءَ ۾ خدا، انسان ۽ ڌرتيءَ جو هڪ ٽڪنڊو جڙي سامهون اچي ٿو. اتي عشق هڪ ماڻهوءَ لاءِ پريڪٽيڪل حقيقت بڻيل نظر اچي ٿو. ايئن رڳو عشق مجرد شيءِ آهي. شاهه لطيف حضرت محمدﷺ جي انهيءَ مشن جو تسلسل هو ته ڌرتيءَ تي انسانن لاءِ آزادين ۽ سک ۽ سلامتيءَ وارو توحيدي ۽ فلاحي معاشرو خدا جي مشيت آهي. ان ڪري انساني آزادين ۽ انساني ترقيءَ جون جون سڀئي صورتون ۽ ان جي لاءِ جاکوڙ خدا جي مشيت آهي ۽ اهوئي خدا سان عشق جو ڀلي ۾ ڀلو عملي اظهار آهي. ڪلياڻ جي داستان 4 ۾ ان جي اپٽار ڪئي اٿائين:
عاشِقَنِ اَللهَ جِي مَحَبَتَ رَکِي مَنِ
سَندِي سِڪَ پِرِينِ، تَنِ ۾ آهي تَنِ کي.
جيڪي الله جا سچا مڃيندڙ آهن ۽ ان سان محبت ڪن ٿا، تن ان جي محبت پنهنجي مَنَ ۾ سانڍي رکي آهي. اهي رڳو محبت جو زباني اقرار نٿا ڪن پر ان جي رضا ۽ محبوبيت ماڻڻ لاءِ ان جي ٻڌايل ضابطن تي زندگي گهارين ٿا. اهي خدا ترسيءَ جي زندگي جيئن ٿا، جيڪو به ڪم ڪن ٿا ته پنهنجي اندر ۾ ان جي رضا جي طلب ۽ تانگهه رکي ڪن ٿا.
عِشقَ جِي اسبابَ کي پَرِ ۾ پُڇيائُون
دارُون هِنَ دَردَ جو، ڏاڍو ڏَسيائُون
”آخِرُ وَالعَصر جو“ اِيَهِين اُتائُون
تِهان پوءِ آئُون، سِڪان ٿِي سَلامَ کي.
مالڪ حقيقي سان محبت ۽ خود سپردگي واري مٿين مقام جا ڏس پتا پڇيا. تڏهن هنن هدايت واري ڪتاب موجب هن درد جو ۽ عشق جي انتها جو علاج به عجب جهڙو خاص ۽ خاطر خواهه ٻڌايو. ايئن چيائون ته ان درد جي دوا والعصر جي آخري آيت آهي. يعني حق جو ساٿ ڏيڻ ۽ ان تي استقامت سان ڄمي بيهڻ. جڏهن کان مون کي اهو راز مليو آهي تڏهن کان آءٌ ان مالڪ جي مهربانين ۽ سلامتيءَ واري نظام جي تڙپ ۽ سڪ ۾ آهيان.
عاشِقَن اَلله جي سَدا وائِي واتِ
”فَاذڪُرنِي اَذڪُرڪُم“، تَنِ ۾ اها تاتِ
اُنِي کي ڪَنہِ ساتِ، سَڄَڻُ ويلُ نه وِسَري.
سچن عاشقن کي سدائين الله جي پچار ۽ وائي زبان تي آهي ۽ ان جي رضا ۽ هن دنيا ۾ ان جي مشيت جي تڪميل لاءِ ان جي تات ۽ جستجو ۾ رهن ٿا. هنن وٽ خدا جو اهو قانون پهتل آهي ته اوهان منهنجي پچار ۽ ذڪر ۾ رهو ته مان توهان جي پچار ۽ حفاظت ڪريان. ان ڪري انهن سچن عاشقن کان ڪنهن به گهڙي مالڪ جي پچار، ان جي محبت ۽ ان جا ٻڌايل عمل جا ضابطا ڪو نه ٿا وسرن.
عاشِقَنِ اَللهُ، ويرو تارَ وُجُودَ ۾
آهَ ڪَرِيندي ساهُ ڪَڏِهن ويندُنِ نِڪَري.
جن عاشقن پنهنجي رب کي سڃاتو آهي، ان جي مشيت، حڪمت ۽ رضا کي پروڙيو آهي، انهن عاشقن جي وجود ۾ اها پچار ويران وير چڙهندڙ آهي. سندن خود حوالگي کان ڪو پل خالي ڪونهي. ان جي رضا جي حاصلات لاءِ اهي خدائي ۽ انساني ڪمن ۾ پاڻ کي نهايت جنبيل رکندا آهن ۽ انهن ڪمن ۾ ڏوريندي ڏوريندي آهه ڪندي ئي سندن دم پرواز ڪري ويندو آهي.
عاشِقَنِ اَللهَ جِي وائِي نَقد وَڻِي
سائِي ڳالَهه سُڻِي، سوگهِي رَکيائون ساه سين.
سچن عاشقن جن کي الله سان اڻ مَئي محبت ۽ اٿاهه عشق آهي انهن کي الله جي پچار ۽ ان جي دعوت جي ڳالهه پختي يقين سان دل ۾ وڻي وئي آهي ۽ ان جي ٻڌڻ سان ئي اها ڳالهه پنهنجي جند سان سانڍي رکي اٿائون ۽ ان کي پنهنجي دلي يقين ۽ عقيدي جو جز بڻايائون.
عاشِقَن آرامُ، ڪَڏِهن تان ڪونه ڪِئو
طَعۡني ڪِئا تَمامُ حَبِيباڻي هيڪَڙي.
هاڻي اهي ماڻهو مڙئي سادا انسان ڪونهن پر رباني انسان بڻجي ويا آهن. انهن رباني انسانن ڪنهن به وقت ۽ ڪنهن به حالت ۾، سک ۽ قرار ڪونه ڪيو، آرام طلبيءَ کي زندگيءَ جو مقصد ڪو نه بڻايو. سدائين سجاڳ ۽ فڪرمند رهيا. کين پنهنجي پالڻهار جي هڪ ئي گفتي ته ”آءٌ اوهان جو رب ناهيان؟“ هميشه لاءِ بي حال ۽ بي آرام ڪري ڇڏيو. ان ڪري هميشه ان جي ربوبيت ۽ پالڻهاريءَ جي عملي طريقن ۾ يعني ماڻهن سان ڀلاين ۽ نفعي بخشين جي ڪمن ۾ پالڻهار جي رضا ۽ محبوبيت تلاشيندا رهيا.
عاشِقَ اِيئَن نه هُونِ، جئن تون سَڄي اَڱَڙين
وَڃِئو دَرِ دوستَنِ جي، رَتُ ڏِيهاڻِي رُونِ
ٻيءَ پَرِ ڪَنہِ نه پُونِ، ماڪُرِ مَحبُوبَنِ سِين.
عاشق، رباني انسان ان طرح ٿلها متارا ۽ سُڄيل نه هوندا آهن، جهڙيءَ طرح تون سُڄيل لڱين آهين. اهي سچا رباني انسان ڌرتيءَ تي پنهنجي جهد ۽ جاکوڙ ۽ سرگرم عملي ڪردار سان پيا لوچين ۽ وري روزانو پنهنجي محبوب جي در وڃن ٿا ۽ اتي رت جا ڳوڙها ڳاڙين ۽ ٻاڏائين ٿا. ڇاڪاڻ جو کين خبر آهي ته هو سخت عملي زندگيءَ کانسواءِ ٻئي ڪنهن به حيلي حوالي سان پنهنجي محبوب وٽ مقبول نه ٿي سگهندا.
انهن ازلي اقرار ڪيل سچن عاشقن جو حال اهوئي آهي. باقي جيڪي ماڻهو پنهنجي عملي زندگيءَ ۾ لوچ، جهد ۽ جاکوڙ ۾ رهڻ بجاءِ رڳو زباني طرح عشق جون دعوائون ڪن ۽ عاشقيءَ جون ڪوڙيون حجتون پيا ڪن. ڀٽائي انهن کي ٻڌائي ٿو هي عشق جي منزل رڳو هامَ هڻڻ سان ڪو نه ملندي آهي، اها رَڪَن راند ناهي پر پتنگ ٿي پچڻ ۾ آهي ۽ اها جيءَ، جُسي ۽ جان جو هيڪاند ختم ڪري ڇڏيندي آهي.
جان عاشِقَ مَٿَهءِ ماسُ، تان دعويٰ ڪَرِ مَ نِيہَ جِي
سائو مُنہُ، سُونہ ڳَئِي، لَڱَنِ ڇَڏِئو لاسُ
ڏيئِي تَنَ تَپاسُ، پُڇِجُ پوءِ پِريتَڻو.
اي نالي جا عاشق! جيستائين تنهنجي بت تي گوشت ڀريل آهي ۽ تون ٿلهو متارو آهين، تيستائين عشق جي هام نه هڻ، عاشقيءَ جي حجت نه ڪر. عاشقي واري حالت اها آهي جو منهن رت ۽ رطوبت ڳاڙهاڻ کان خالي هجي ۽ عضون تي تان ماس روڙجي وڃي. هن دنيا ۾ انساني ڪمن جي ولوڙ ۽ سرگرمين ۾ پنهنجي جسم کي اهڙي تپسيا، تڪليف ۽ آزمائش ڏئي پوءِ ان عشق ۽ پرينءَ جي ناتي جون پڇائون ڪر.
جان عاشِقَ مَٿي رَتُ، تان دعويٰ ڪَري مَ نِيہَ جي
سائو مُنہُ، سُونہ ڳَئِي، سِڪَڻَ اِيءُ شَرَطُ
نه ڪِين گوڏِ گَرَٿُ، مَٿان سِرَ سودا ڪَري.
جيستائين ڪنهن عاشق تي رت چڙهيل آهي (بت تي رت چاڙهيو ڳاڙهو لال ٿيو پيو گهمي)، تيستائين هو محبت جي هام نه هڻي. پنهنجي خود حوالگي ۽ مالڪ جي محبوبيت ماڻڻ لاءِ اهو لازمي آهي ته هو جهد ۽ جاکوڙ ۾ اهڙو ۽ ايترو کاهوڙي هجي جو ان جي سختي سندس چهري تي ظاهر هجي، خود حوالگيءَ جو اهو شرط آهي. سچي عاشق جي اها نشاني آهي ته جي هڙ ۾ ٻيو ڪي نه هجيس، ته پنهنجو سِر ڏيئي محبت جا سودا چڪائي.
اڃا تو منجهاءَ، ڪَکَ ڇُتي رَتُ نِڪَري
مُنہَ ۾ معشُوقَنِ جا ڪِيئَن جَهلِيندين گهاءَ
سو تون ڪُڄاڙاءَ، سِڪَڻَ جون سَڌُون ڪرين.
اي سڌڙيا عاشق! اڃا ته تون اهڙو نازڪ آهين جو رڳو ڪک جي ڇُهڻ سان به تنهنجي جسم مان رت ٿو وهي، ته پوءِ مالڪ جي محبوبيت ماڻڻ واري جهد ۽ جاکوڙ جون آڏو ايندڙ تڪليفون ڪيئن سهي سگهندين. جڏهن تون پاڻ اهڙو نازڪ ۽ نفيس آهين ته پوءِ اهڙي حال سان، تون ڇا لاءِ ٿو عشق جون سڌون ڪرين!
مَحبَتَ جي ميدان ۾، عاشِقَ ٿيءُ آچامُ
سامُهان سَلِ، سَيِدُ چَئي، ڪندءِ تِيرُ تَمامُ
ڪَهِجُ ڪو مَ ڪَلامُ، جِمَ دوستَنِئُون دُورِ ٿيين.
عشق جي آزمائش واري ميدان ۾ سرخو ٿيڻ لاءِ پهريان پاڻ چٽو نشانو ٿي بيهه. ان ميدان ۾ اول ته هر ڪنهن جا توکي تير کائڻا پوندا. مقصد هيءُ ته اول پنهنجو پاڻ کي قربانيءَ لاءِ پيش ڪر. لطيف توکي انهيءَ آزمائش جي خبر ڏئي ٿو ته پنهنجن پراون جي، الزامن ۽ ايذائن جا سنوان سڌا سڀ تير توکي لڳندا، جنهن سان تنهنجي جسم ۾ زخمن جا سوراخ توکي نِستو ڪري ڇڏيندا. عشق ۽ عمل جي ميدان جو دستور آهي ته توکي ٻڙڪ ٻاهر ڪڍڻي ناهي، جو متان انهيءَ غلطي ۽ ڪچائيءَ سببان دوستئون دور ٿي وڃين ۽ منزل تي پڄڻ کان رهجي وڃين.
محبتَ جي ميدان ۾، رُڪَ جو آهي رَنگُ
ڪوڙيين مَنجهان ئِي ڪو، اِيءُ نباهي نَنگُ
عِشقُ نانگُ نِسَنگُ، خَبَرَ کاڌَنِ کي پَوي.
محبت جي ميدان ۾ جهد ۽ جاکوڙ واري واٽ تي رُڪ جي ترارن جي راند آهي. اتي جاکوڙين جي سسين وڍجڻ جي ريت ۽ رنگ آهي. انهيءَ ميدان ۾ هزارن منجهان ڪو هڪ اهڙو هوندو جيڪو ناتو نباهيندو ۽ محبت جي لڄ رکندو. عشق جي نانگ تي ڪو به فتح حاصل ڪري نٿو سگهي. عشق ۽ نانگ جي گهاءَ جي صحيح خبر انهن کي ئي پوي ٿي جن کي اُن ڏنگيو آهي.
محبتَ جي ميدان ۾، اَچِي پيرَ پِياءِ
سِرُ وَڍَڻُ، ڌَڙُ ڌارُ ڌَرَڻَ، اِي سِينگارَ سَنداءِ
ڏِيندا مُون ڏِٺاءِ، مَٿا مَعَشُوقَنِ لَئي.
تون قربانيءَ جي جذبي سان محبت جي ميدان ۾ جڏهن اچي چڪو آهين. ته پوءِ پنهنجو سر وڍائڻ ۽ ڌڙ کي سر کان ڌار ڪرڻ وارا عمل تنهنجا زيبائتا ۽ ٺهڪندڙ سينگار آهن. توکي ٿو ٻڌايان ته مون سڄي انساني تاريخ ۾ سچا عاشق ايئن ئي محبوبن جي رضا خاطر سِر ڏيندي ڏٺا آهن.
محبتَ جي مَيدانَ ۾، ڪَرِ پَڙاڏو پَٽُ
سِرُ سُورِيءَ، ڌَڙُ ڪُنگرين، مَتان ڪُڇِين ڪَٽُ
عِشقُ نانگُ نِپَٽُ، خَبَرَ کاڌَن کي پَوي.
اي عاشق! محبت جي ميدان ۾ ايڏي آواز سان هوڪو ڏي جو تنهنجي آواز سان پٽ مان به ان آواز جي گونج اچي ۽ چوڏس ان جو پڙاڏو ٻڌڻ ۾ اچي. توکي عملي جدوجهد جي دوران پيش ايندڙ ايذائن کان وٺي سوريءَ سيج بنجڻ تائين ڪيتري به قرباني ڏيڻي پوي ته به توکان ڪا ٻڙڪ، دانهن ۽ آهه ٻاهر نه نڪري. جنهن کي ان عشق جي چوٽ لڳل آهي سو ئي ان جي خبر رکي ٿو ۽ وڏي کان وڏي قرباني ڏيڻ جي لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو.
محبتَ جي ميدانَ ۾، سِرِ جو سانگُ مَ ڪَرِ
لاهي سِرَ لَطيفُ چَئي، اَڳئان دوستَنِ ڌَرِ
وَڍيين تان واهُ ٿيين سَندي دوسان دَرِ
عِشقُ نانگُ اَپَرِ، خَبَرَ کاڌَنِ کي پَوي.
محبت جي ميدان ۾ جنهن ايمان، نظريي ۽ نصب العين کي تو اپنايو آهي ۽ ان لاءِ محبت رکي آهي ته پوءِ ان لاءِ پنهنجي سر جو سانگو لاهي ڇڏ. لطيف ٿو چوي ته پنهنجي ساٿ ۾ پنهنجو سر قربان ڪرڻ جي حد تائين اعتماد ۽ يقين پيدا ڪر. ان جهد ۽ جاکوڙ ۾ تنهنجو سر قربان ٿيو ته ٻين جي لاءِ مشعل راهه ٿيندو ۽ پنهنجي محبوب مالڪ جي محبوبيت جو حقدار پڻ ٿيندين. پر اهو عشق جو مقام انهن کي حاصل ٿئي ٿو جيڪي پاڻ ان جا سٽيل هجن. جن کي ان فدائيت جي اعليٰ حاصلات جو ادراڪ هجي.
محبتَ جي ميدان ۾، سِرَ جو ڪَرِ مَ سانگُ
سُورِي سُپيرينِ جي، چَڙهُه ته ٿيين چانگُ
عِشقُ آهي نانگُ، خَبَرَ کاڌَنِ کي پَوي.
جنهن محبت جو ميدان تو پنهنجي لاءِ چونڊيو آهي اتي توکي سر جو سانگو لاهڻو پوندو. ڇو ته اتي تنهنجي محبوب توکان تنهنجي سر قربان ڪرڻ جي تقاضا ڪري ڇڏي آهي. ان ڪري محبوبن جي تو لاءِ مقدر ڪيل سوريءَ تي چڙهه ته ڪامياب سورهيه سڏجين ۽ سدا حيات ٿئين. اهو مقام عشق انهن کي حاصل ٿئي ٿو جيڪي ان جا سٽيل هجن. جن کي ان فدائيت جي اعليٰ حاصلات جو ادراڪ هجي.
محبتَ جي ميدانَ ۾، رَڪَنِ ڪانهي راندِ
معشوقَنِ مهاندِ، لَکين لِيلائي مُئا.
عشق جي آزمائش واري ميدان ۾ خامَ، بي حس ۽ بي اثرن جي بيهڻ جي جاءِ ئي ڪانهي! جن پنهنجي اندر طلب ۽ عشق جي اها جستجو ۽ فدائيت ئي پيدا ڪونه ڪئي تن کي تماشبين ٿيڻ کانسواءِ ڪجهه پلئه نه پيو. توڙي جو رواجي حيلا ۽ منٿون ڪيئون پر اها منزل نصيب ڪونه ٿين.
محبتَ جي ميدان ۾، رَڪَنِ ناهي راندِ
حَبِيبَنِ هيڪاندِ، سَگَهنِ ٿِيي نه سَيِدُ چَئي.
عشق جي آزمائش واري ميدان ۾ خامَ، بي حس ۽ بي اثر شخص جي بيهڻ جي جاءِ ڪانهي. شاهه سائين هڪ حقيقت بيان ڪري ٿو ته: محبت جي ٺلهي دعويٰ ڪندڙن ۽ عيش لاءِ جيئندڙن ٿلهن متارن جي محبوبن سان گڏجاڻي ممڪن ئي ڪانهي.
عِشقُ نه آهي راندِ، نه ڪِي ڪَنِسِ ڳَڀَرُو
جِيءُ جُسي ۽ جان جِي، ڀَڃي جو هيڪاندِ
سِسِي نيزي پاندِ، اُڇَلِ ته اَدَه ٿِئي.
عشق ڪا ٻاراڻي راند ناهي جو الهڙ ان کي راند ڪري سمجهن. عشق اهو آهي جيڪو ساهه، بت ۽ جياپي جي يڪ جائي کي ٽوڙي ٿو سو، اي سچا عاشق! جي اها منزل ماڻڻ ٿو گهرين ته پوءِ پنهنجي سِرَ کي نيزي جي چوٽيءَ تي چاڙهه ته سِر جو ۽ عشق جو حق ادا ٿئي.
عاشِقَ مَعشوقَنِ جِي وَٺِي ويهُه ڳَرِي
جِمَ وِرچِي ڇَڏيين سَندِي دوستَ دَرِي
ڏيندَءِ ٻُڪِي ٻاجَهه جِي وِيندَءِ ٺَپَ ٺَرِي
ساجَنِ توءِ سَرِي، اَسان سَرِي نه اُنِ ري.
اي عاشق! جيڪڏهن محبوب جي قريب ٿيڻ گهرين ته محبوبن جي گهٽي ۾ وڃي ويهه. ان جي مشيت ۽ رضا کي ماڻ ۽ ان جي ٻڌايل انساني نفعي بخشيءَ واري عملي زندگيءَ جي ضابطن کي اکين تي رک ۽ ان حاصلات کي پنهنجي زندگيءَ جو سرمايو بڻاءِ. متان ٿڪجي دوستن جو در ڇڏي ڏين ۽ پنهنجي تلاش کي ماٺو ڪرين. انهيءَ عملي زندگيءَ مان توکي محبوب جي رضا ۽ پيار جي شفا بخش ٻڪي ملندي. جنهن سان تنهنجي لڇ پڇ ۽ بي چيني وارا اندريان ڦٽ ۽ زخم ٺري پوندا. انساني ڀلاين واري انهيءَ عملي زندگيءَ جي توکي ئي ضرورت آهي. محبوب جي ذات بي نياز آهي، ان جي ته سري سگهي ٿي، پر اسان طلبيندڙن جي ان جي مهربانين کانسواءِ ڪا ڪار ۽ گهڙي سولي نٿي گذري سگهي.
عاشقَ معشوقَنِ جو وَٺِي ويهِجُ سيرُ
اچِي پُڇَندَئي پاڻهِين، پِرَتان ڀَري پيرُ
ڀَلان سَندو ڀيرُ، رَهبَرُ ٿيندُءِ راهَه ۾.
اي عاشق! تون محبوبن واري انهيءَ سڌي واٽ ”صراط مستقيم“ کي جهلي صبر سان ويهي رهج. اها پرين جي عطا ڪيل هدايت واري سڌي واٽ توکي ورن وڪڙن کان بچائي وٺندي. تون پاڻ صرف ان کي پختگيءَ سان جهلي وٺ. هو پاڻهي، پيار مان پير ڀري اچي توکان تنهنجو حال پڇندا ۽ ان جا راز پاڻهي تنهنجي مٿان کلندا ويندا. ڀَلن محبوبن واري اها ڀلائي ۽ عطا توکي آزمائش واري اڻانگي پنڌ ۾ سنئين راهه سونهائيندي.
عاشقَ معشوقَنِ جو، وَٺِي ويهِجُ دَرُ
پِرِين پُڇَندءِ پاڻهِين، لَهندَءِ سارَ سُڀَرُ
اُنِي جو اَثَرُ، رَهبَرُ ٿِيندَءِ راهَه ۾.
اي عاشق! محبت جي مشڪل راهه ۾ رهبري ۽ رهنمائيءَ لاءِ انهيءَ هڪ ئي هادي ۽ حڪمت واري فقط پياري محبوب جو ئي دروازو جهلي ويهج. ان جي ٻڌايل حڪمت ۽ ضابطن کي تو اپنايو ته هو ٻاجهه ڀريو، مڻيادار سڄڻ پنهنجو پاڻ اچي تنهنجي سارسنڀار لهندو ۽ تنهنجي لاءِ سڻاين ۽ سلامتيءَ جا دروازا کوليندو ويندو. سندس انهيءَ محبت ڀري سار سنڀار ۽ رهنمائيءَ جو تاثير ۽ فيض تنهنجي لاءِ عشق جي انهيءَ اڻانگي پنڌ ۾ سونهون ۽ سهارو ٿيندو.
عاشقَ مَعشوقَنِ جو وَٺِي ويهُه دُکاڻُ
پَئِجُ پيشَ پِرينِ جي پُٺِيءَ وِجهِي ’پاڻُ‘
ته تون تَنِي ساڻُ، سدا هوئين سُرخُرُو.
اي عاشق! تون محبوبن يعني خدا پرستيءَ جو مرڪزي ماڳُ انسان دوستي کي سوگهو ڪري وٺ. هاڻي انسان دوستيءَ جي انهيءَ مايا ۽ حاصلات کي سڀ ڪجهه سمجهي، پنهنجو ’آءٌ‘ ۽ ’پاڻپڻي‘ وارو خيال پوئتي ڦٽو ڪري، سندن آڏو نماڻائي سان حاضر ٿج. تنهنجي ڪاميابي ۽ سرخروئيءَ جو اهوئي راز آهي ۽ انهيءَ سان ئي مالڪ جي محبوبيت جو حقدار بڻبين ۽ ساڻس هميشه لاءِ گڏ رهندين.
عاشقَ معشوقنِ جو، وٺي ويهجُ گهَٽُ
جِمَ وِرِچي ڇَڏِييٖن مَحَبتَ سندو مَٽُ
ڪَري سِرَ جو سَٽُ، پِيِجِ ڪٖي پِيَالِيُون.
اي عاشق! تون محبوبن جي وصال ۽ خداپرستي ماڻڻ لاءِ ان جو انسان دوستيءَ وارو لنگهه جهلي ويهي رهَج. انساني دوستيءَ ۾ ايثار، قرباني ۽ ڏيڻ ئي ڏيڻ آهي ۽ ان لنگهه جي ڏيڻ واري ريت کان متان ڪڪ ٿي، اهو نهايت مهربان محبوب جو’محبت سندو مٽ‘ هٿان وڃائين. تون پنهنجي ايثار ۽ خود حوالگي سان انهيءَ اعليٰ حاصلات جون ڪي محبت جون پياليون پيئجانءِ.
عاشقَ مَعشوقَنِ جو وَٺِي ويهجُ رَنۡدُ
پِيارِيندَءِ پاڻهِين مَيخاني جو مَنۡڌُ
سِرُ اُنِ جو سَڦَرو سُپَڪُ آهي سَنۡڌُ
مَتان ڪَڍِين ڪَنڌُ، اوڏو ٿِي اُنِ کي.
اي عاشق، محبوبن جي ٻڌايل سڌي واٽ جهلي استقامت سان ان رستي تي ڄميو رهج. پوءِ هو پاڻمرادو توکي پنهنجي محبت جي سرڪي پياريندا ۽ تنهنجي لاءِ ان واٽ تي هلڻ سولو ۽ سرور وارو ٿي پوندو. ان محبوب حقيقي جي محبت وارو مشروب ۽ وڏي لذت وارو آهي ۽ سندس اطاعت جا طريقا ۽ قانون پورا توريل تڪيل ۽ سٺي جوڙ سان جڙيل آهن. متان تون ان جي الفت ۽ اطاعت مان ڪنڌ ڪڍيو آهي. تون سخت آزمائش جي باوجود سندن سامهون اچي قرب حاصل ڪج ۽ سر جو سانگو هرگز نه ڪج.
پَتَنگُ چائين پاڻَ کي، پَسِي مَچُ مَ موٽُ
سَهائيءَ سُپيرِينِ جي گِهڙُ ته ٿِيين گهوٽُ
اڃا تون اَروٽُ، کُوري خَبَرَ نه لَهِين!
جيڪڏهن تون پاڻ کي پروانو ۽ سچو عاشق ٿو سڏائين، ته پوءِ هر قسم جي لهس ۽ هر قسم جي جاني ۽ مالي قربانيءَ لاءِ تيار ٿي وڃ. اهو آزمائش وارو مچ ڏسي ڊڄي پوئتي نه وَرُ. سپرين جي روشني ۽ شعاع ۾ اندر آءُ ته انهيءَ قربانيءَ جي نتيجي ۾ تنهنجي شخصيت پختي ٿئي، توکي مرتبا ملن ۽ تون رَچي لال ٿئين. پر جيڪڏهن تون اڃا پچي پڪو نه ٿيو آهين ته پوءِ اها تنهنجي محرومي آهي. افسوس آهي جو تون محبت جي آڳ ۽ آڙاهه يعني قربانين کان بي خبر آهين.
پَتَنگُ چائين پاڻَ کي، ته ڄيري پَؤ ڄاڻِي
تان تان تاڻِجِ تاءَ ڏي، جان آڳِ نه اُجهاڻِي
وِسِہُ وِهاڻِي، اَتُ نه ڏِجي عامَ کي.
جيڪڏهن تون پاڻ کي پروانو ۽ سچو عاشق ٿو سڏائين ته پوءِ پنهنجي مقصد جي حاصلات لاءِ پڪو پهه ڪري اچي پاڻ کي تڪليفن ۽ اهنجاين جي ٻرنديءَ آڳ ۾ هڻ. تيسين پيو پاڻ کي تئو ڏي ۽ تڪليفون برداشت ڪر، جيستائين باهه وساڻي ناهي. پڪ ڪري ڄاڻ ته اها تڪليف واري رات وهامي ويندي پر پنهنجو پاڻ کي سڄي رات ان ۾ جلائڻ ۽ آزمائش ۾ ڪامياب ٿيڻ وارو اهو راز اهڙن عام ماڻهن کي نه ڏيڻ گهرجي جن کي عظيم مقصدن لاءِ عظيم قربانين جي لطف ۽ نهايتن جي سُڌ ئي ڪانهي.
پَتَنگُ چائين پاڻَ کي، ته اَچِي آڳِ اُجهاءِ
پَچَڻَ گهَڻا پَچائِيَا، تون پَچَڻَ کي پَچاءِ
واقِفُ ٿِي وِساءِ، اَتُ نه ڏجي عامَ کي.
جيڪڏهن تون پاڻ کي پروانو ۽ سچو عاشق ٿو چوائين، ته پوءِ پنهنجي جهد، جاکوڙ ۽ قربانين سان ۽ پنهنجي عاشقيءَ واري وجود سان ان باهه کي وساءِ. اُڏامي اچي پاڻ کي باهه ۾ هڻ ۽ ’باهه‘ کي وساءِ. باهه جي ان ’جلڻ‘ گهڻن کي جلائي ختم ڪري ڇڏيو، پر تون ان ’جلڻ‘ کي جلائي ختم ڪر. قرباني ۽ فدائيت جو جيڪو راز، شعور ۽ جذبو توکي حاصل آهي تون ان جو ڄاڻُو ٿي ان باهه کي وساءِ. پر اهو پاڻ کي جلائي، ’جلائيندڙ‘ کي جلائي ڇڏڻ وارو راز، اهڙن عام ماڻهن کي نه ڏجي، جن کي عظيم مقصدن لاءِ عظيم قربانين جي راز جي ڄاڻ ناهي.
پُڇُ پَتَنگَنِ کي، سَنديُون کامَڻَ خَبَرُون
آڻِيو وِجَهنِ آڳِ ۾، جِيءُ پنهنجا جي
جيري جَنِي جي، لَڳا نيزا نِيہَ جا.
اي عاشق! عظيم مقصدن جي لاءِ عظيم قربانين سان جلڻ واريون ڳالهيون تون وڃي انهن پروانن کان پڇ، جيڪي انساني تاريخ ۾ پنهنجي مقصدن لاءِ ٻلهار ٿي جلندا ۽ قربان ٿيندا رهيا آهن. جيڪي انهن وڏن انساني مقصدن جي لاءِ پنهنجو پاڻ کي پنهنجي جان ۽ مال جي سمورين قربانين سان آڻي ٿا ٻَرنديءَ باهه ۾ هڻن ته جيئن انهيءَ باهه جو انت آڻي ڇڏجي. اها هر ڪنهن جي وس جي ۽ سَڌ جي ڳالهه ڪانهي. جن جا اندر اڌ آهن ۽ جن جي جيري تي نيزا نينهن جا لڳل آهن، سي اهڙي قربانيءَ لاءِ تيار هجن ٿا.
پُري پَتنگَ آئِيا، سُري سُهائي جَهلَ
ڪَندا ڪانَه اُڇَلَ، مَٿو ڏِيندا مَچَ کي.
پتنگ پروانا پري کان پاڻ هلي اچي باهه جي ويجهو ٿيا آهن. هو هاڻي سِر جي سَٽ ڏيندا ۽ پنهنجا سِرَ گهوري پنهنجي محبوب مقصد کي ٻليدان ڏيندا ته جيئن سندن قربانيءَ جي نتيجي ۾ انهن جا پنهنجا سک ۽ سلامتيءَ جي زندگي جيئن.
پُرِي پَتَنگَ آئِيَا، سُرِي سَهائي وَٽِ
ڪَندا ڪانَه گهَٽِ، مَٿو ڏِيندا مَچَ کي.
پتنگ پروانا پري کان پاڻ هلي اچي باهه جي ويجهو ٿيا آهن عشق جي آزمائش ۾ هو ڪابه ڪوتاهي ڪا نه ڪندا، ۽ اَوَس پنهنجا سر پنهنجي محبوب مقصد لاءِ قربان ڪندا.
پُرِي پَتَنگ آئِيَا، سُرِي سَهائي ساءِ
ڪَندا ٻِي نه ڪاءِ، مَٿو ڏِيندا مَچَ کي.
پتنگ پروانا پري کان پهه ڪري، پاڻ هلي اچي آڳ کي ويجها ٿيا آهن. هو محبت ۾ سر قربان ڪرڻ تي قائم رهندا ۽ بهاني واري ٻي ڪا به ڳالهه ڪا نه ڪندا ۽ پنهنجا سِرَ گهوري پنهنجي محبوب مقصد کي بقا ڏيندا.
پَتَنگَ، رَءِ رَچنگَ، آڳِ پَسِي آيَا
اُهي عبدُاللطيِفُ چَئي، کُورِي کَپايا
جيلاهَ لَنۡئُه لايا، مَرَنِ موٽَنِ ڪِينڪِي.
محبت ۾ رچي راس ٿيل پتنگ پروانا، پنهنجي عمل جي ميدان کي ڏسڻ ساڻ اچي اتي پهتا. عبداللطيف ٿو چوي ته: انهن ان مقصد لاءِ سڄي زندگي تياڳي ڇڏي، ان راهه جي تڪليفن کين جلائي ختم ڪري ڇڏيو. ڇاڪاڻ جو هو لنئُه لڳا ۽ عشق پيا، انهيءَ ڪري اتي ئي مُئا پر پوئتي ڪونه موٽيا. پنهنجي مقصد لاءِ سڙي سر ڏنائون پر پوئتي نه هٽيا.
چَڙِهِئو چَڪاسِنِ چاهِ، آڳِ ٻَرندي آئِيا
وِهُسَنِ واڙِيءَ ڦُلَ جئَن مَحَبَتِي مَچَ لاءِ
کامَنَدَنِ کَٽِئو، اُجهاڻَنِ اُونداهِ
جَنِ اَندَرَ ٻَري باهِ، اِيءَ سُڌِ سَڀَڪا اُنِ کي.
پنهنجي عظيم مقصد جي لاءِ چاهه ۽ جستجوءَ جي حد ته ڏسو جو اهي پتنگ پروانا مٿي اُڏامي پاڻ پچڻ لاءِ واجهائين ٿا ۽ باهه جي ڳولا ڪن ٿا ۽ ڪٿي به ڪنهن باهه جي ٻرڻ ساڻ، اچي ٿا اتي رسن. ڇاڪاڻ ته اهي سمجهن ٿا ته پچڻ سان هو پختا ۽ عظمت وارا ٿيندا. اهي پنهنجي عظيم مقصد سان محبت ڪرڻ وارا پتنگ باهه جي مچ کي ڏسڻ ۽ ان ۾ پوڻ خاطر، خوشيءَ وچان واڙيءَ جي گل وانگر ٽڙن ۽ ٻهڪن ٿا. انهن جي اندر به مچ آهي ۽ مچ مچ سان ملڻ جي آنڌ مانڌ ۾ رهي ٿو. جيڪي پاڻ پچائن ٿا سي ئي کٽن ٿا، باقي ان جذبي کان خالي ۽ وسامي ويل دلين لاءِ اونداهي ئي اونداهي آهي. ڀٽائي رحه تمثيل سان سمجهائي ٿو ته جن سچن عاشقن جي اندر ۾ خدا پرستيءَ ۽ انسان دوستيءَ جو مچ ٻريل آهي تن کي ئي انهيءَ محبت يا جلڻ واري راز جي خبر آهي.
اَچِي اُجهانيو آڳِ کي، پَتنگَنِ سِين پَروازُ
کامِي خاڪَ ٿِيَڻَ جو اُنِي وَٽِ اَندازُ
رَمزَ پَرَوڙيَئُون رازُ، ڄيري جِي ڄِڀِيءَ جو.
ان پچڻ ۾ کين پنهنجي پختگي ۽ عظمت جو ايترو يقين ۽ اعتماد آهي ته جيستائين شعلو ٻرندڙ آهي تيستائين پتنگن جي پرواز ڍري نٿي ٿئي، تان جو آڳ اجهامي وڃي ٿي. وٽن محبت جي مچ ۾ سڙي رک ٿيڻ واري انهيءَ راز ۽ ڳالهه جي ڳَڻَ ڳوت به آهي ته سليقو ۽ انداز به آهي. انهن باهه جي هن ڄَر واري رمز ۽ راز کي پوريءَ طرح پرکيو پروڙيو آهي.
پَتنگَنِ پَہُ ڪري، اَچِي اُجهانۡئِي آڳَ
ڪِيۡنئَنِ کي قُربَ جِي ڪا جا لَڳِي لاڳَ
مَرِي پِئا سَڀ ماڳِ، کامِي کُورٖي وِچَ ۾.
پروانن پڪو ارادو ڪري اچي پاڻ کي باهه ۾ سٽيو ۽ انهيءَ سٽڪي سان باهه کي وسايو. انهن پنهنجو پاڻ کي آڳ ۾ راس ٿيڻ ۽ ريٽو رت ٿيڻ جو مرتبو ماڻيو. اها اندر جي آنڌ مانڌ آهي. کين محبت ۽ قرب جي اهڙي ڪا عجيب لنؤ لڳي ٿي جو سڀ اتي جو اتي محبت واري مچ ۾ سڙي جلي پيا ۽ کوريءَ جي وچ ۾ کامي پيا پر پوئتي ڪين هٽيا.
پَتنگَنِ پَہُ ڪِئو، مِڙِئا مَٿي مَچَ
پَسِي لَهَسَ نه لِچئا، سَڙِئا مَٿي سَچَ
سَندا ڳِچِين ڳَچَ، ويچارَنِ وِڃائِيا.
پروانن سچن عاشقن پنهنجي محبوب مقصد تان سر گهورڻ جو پڪو ارادو ڪيو ۽ اچي مچ مٿان گڏ ٿيا. باهه جو سيڪ ۽ تڪليفون آين ته به پنهنجي اصولن، مقصدن ۽ جاکوڙ ۾ ذري جي لچڪ به نه آين ۽ سچي محبت ۽ حاصلات جي جستجوءَ سان پنهنجي محبوب مقصد خاطر اُتي جو اُتي سڙي ويا. هنن آگ اجهائڻ جي پرعزم پتنگن پنهنجي ان جهد ۽ جاکوڙ ۾ پنهنجين ڳچين جا ڳچ وڃائي ڇڏيا.
اَصُلِ عاشقَنِ جو، سِرُ نه سانڍَڻُ ڪَمُ
سَئو سِسيان ئِي اَڳِرو، سَندو دوسان دَمُ
هِيءُ هَڏو ۽ چَمُ، پِڪَ پِريان جِيءَ نه پَڙي.
انساني تاريخ جي ڊگهي سفر ۾ ڏسندؤ ته اصل کان وٺي سچن عاشقن جو اهو دستور رهيو آهي جو محبت جي ميدان ۾ پنهنجي سر جو بچاءُ ئي ڪو نه ڪن (هميشه سر گهوري قربان ٿين). هو ايئن ٿا سمجهن ته پنهنجي محبوب مالڪ خدا جي رضا ۽ ان جي نتيجي ۾ ان جي ديدار جو هڪ لمحو به سندن سوَن سِرن کان وڌيڪ قيمتي آهي. هيءَ هڏ ۽ چم جسم ۽ جان پنهنجي خلقڻهار جي ڏنل عطائن ۽ ان محبت واري لقاءَ جي مقابلي ۾ ڪابه حيثيت نٿا رکن.
اَصُلَ عاشقَ پانهِنجيون سِسيُون نه سانڍِينِ
لاهيو سِرَ لَطِيفُ چَئي، ساهَ سَلهاڙِيو ڏِينِ
ڪُلَهنِئُون ڪاٽِينِ، پُڇَنِ پوءِ پِرِيتَڻو.
اصل کان وٺي اها سندن ريت آهي جو سچا عاشق پنهنجن سرن جو ڪو بچاءُ ۽ سانگو ئي ڪونه ڪن. هو پنهنجو سر وڍي، ان سان گڏ پنهنجو ساهه به سلهاڙي محبوبن آڏو نذر ٿا ڪن هو پهريائين پنهنجا سر ڪلهن وٽان ڪوري ٿا ڏين ۽ پوءِ ٿا نينهن نڀائڻ جو نالو وٺن.
وائي
دِلِ ماهي دي نال لوڪو
دل رانجهي دي نال لوڪو
١. مَئن رانجهن دي رانجهن مَيڏا
ٻِئو سَڀ ڪُوڙو ٿوڪو.
٢. مَحبتَ جي ميدان ۾،
سِرُ وَڍي ڪو ڪو.
اي ماڻهؤ! منهنجي دل ماهي ساڻ آهي ۽ منهنجو جيئڻ مرڻ ان جي لاءِ آهي. اي لوڪو! منهنجي دل رانجهن ساڻ آهي ۽ منهنجو جيئڻ مرڻ ان جي لاءِ آهي. آءٌ رانجهن جي آهيان اها منهنجي طلب ۽ تات آهي ۽ رانجهن منهنجو آهي ٻي سڀ شيءِ ڪوڙي آهي. محبت جي (مشڪل) ميدان ۾هر ڪنهن جي وَسَ جي ڳالهه ڪونهي پر وري ڪو پنهنجو سر وڍي ڏئي ٿو.
وائي
عِشق ساجن دا لَڳا مَئن نُون مائِي!
بره ڍولڻ دا لڳا مئن نون مائي!
١. راتِيان دَردَ، ڏِينهان دَرماندِي، لوڪان ڪَلَ نه ڪائِي
٢. مونکي مَرض ماريئو، سيڻنِ هَٿِ سَگهائِي
٣. دارُون هِنَ دَردَ جو، آهِيين يا اِلاهِي!
اي ماء! مون کي پياري پرينءَ جو عشق وڪوڙي ويو آهي! ساجن جي الستي عشق ۾ ورتل آهيان، منهنجي ماءُ! اهو عشق برهه جي باهه بڻجي ويو آهي. منهنجي ماءُ! انهيءَ ڪارڻ رات جو فڪرمندي واري درد جو سور سهان ٿو ۽ ڏينهن جو هورا کورا ۾ بي حال آهيان. عام ماڻهن کي منهنجي هن حال جي ڪهڙي خبر! مون کي (فراق جي) مرض مُئن جي مثال ڪري ڇڏيو آهي! هاڻي منهنجي چڱڀلائي پيارن سڄڻن جي ئي وس آهي. اي الله سائين، آخر ۾ تون ئي منهنجي هن سور لاءِ علاج (شفا بخشيندڙ) آهين.