لطيفيات

شاهه لطيف وٽ عشق جا 10 اصول

سرڪلياڻ ۽ يمن سان ته ڄڻ موجوده نسلن جي شناسائي ۽ نسبت ئي ڌنڌلائبي پئي وڃي ۽ مون فقط ان نسبت کي روشن ڪرڻ جي ابتدا ڪئي آهي. شاهه جي هنن ٻن سُرن لاءِ منهنجي هيءَ سمجهاڻي آهي، اها حرف به حرف معنيٰ ڪونهي. ان سمجهاڻيءَ ۾ ڪٿي جديد فڪر ڇانيل به محسوس ٿي سگهي ٿو، ان لاءِ مان رڳو ايتري گذارش ڪندس ته شاهه لطيف دنيا جي سڀني ذهين ۽ ڏاهن ماڻهن وانگر پنهنجي دؤر کي جديد دؤر ڏانهن ڇال ڏياريندڙ شخص هئو.
Title Cover of book شاهه لطيف وٽ عشق جا 10 اصول

وحدانيت زندگيءَ جو بنياد آهي

انساني تاريخ ۾ جيترا به مذهب، نظريا ۽ افڪار پيش ٿيا آهن، انهن ۾ انسان دوستي ئي اهڙو آدرش آهي جيڪو سڀ کان اُتم آهي. مذهبن ۾ جنهن مذهب خداپرستي ۽ انسان دوستيءَ جو سگهارو ۽ پريڪٽيڪل تصور ڏنو آهي، ان مذهب انسانيت جي سک ۽ سلامتيءَ لاءِ وڌيڪ خدمتون آڇيون آهن. خداپرستي ۽ انسان دوستيءَ ڪنهن به مذهب جي تعليم ۾ تڏهن سگهاري ۽ عملي ليکبي آهي. جڏهن ان جي تعليم وحدانيت جي اصول تي پڪي هجي. اهو وحدانيت جو تصور انساني آزادين، وقار ۽ اعليٰ انساني قدرن جي تحفظ ۽ طاقتور هئڻ جو ضامن هوندو آهي. ٻين لفظن ۾ توحيد جو فڪر بنيادي طور تي انساني آزادين جو فڪر آهي. توحيد جو آغاز ئي نفيءَ سان آهي. لاالٰه جي نفي سڀني انساني غلامين جو انڪار آهي. انسان جي پنهنجي داخلي يا نفس جي غلامي، نفس جي خواهشن جي غلامي، هٻڇ، مفادپرستي ۽ غرضن جي پوئواري واري غلامي ان جو به انڪار آهي ته فردن جي مٿان فردن جي غلاميءَ جو انڪار به آهي. طبقن مٿان طبقن جي غلاميءَ جو انڪار به آهي ته وري قومن جي مٿان قومن جي غلاميءَ جو انڪار به آهي. غلاميءَ جي سڀني قسمن جي انڪار سان هڪ الله جي عبديت ۾ اچڻ ئي وحدانيت جو نالو آهي. وحدانيت جو اهو عقيدو ماڻهوءَ ۾ شخصي ڪمال ۽ ڳُڻ پيدا ڪري ٿو. هُن ۾ وحدت فڪر پيدا ٿئي ٿي. جيئن هو لازمي طرح پنهنجي خلقڻهار ۽ پالڻهار کي اڪيلو ۽ واحد ٿو مڃي، تيئن هو لازمي طرح ان جي پيدا ڪيل مخلوق کي به واحد ۽ ساڳي طرح ٿو مڃي. هو خدا جي سڄي مخلوق لاءِ سمجهي ٿو ته اها سندس خلقڻهاريءَ جو شان آهي ۽ خدا جو روح، رنگ ۽ قدرت هر وجود ۾ موجود آهي. وحدت الوجود جو فڪر به اهائي ڳالهه آهي. ماڻهن ۾ جيئن ته تخليقي وحدت آهي، ان ڪري سڀ ماڻهو الله جو ڪٽنب آهن. اها ڳالهه سڀني کان اڳ ۾ پيغمبرن ٻڌائي. سڄي انسانيت جي محسن پيغمبر حضرت محمدﷺ به اهوئي چيو ته: اَلْخَلْقُ عِیَالُ اللہِ يعني ماڻهو الله جو ڪٽنب آهن. هاڻي وحدانيت مڃيندڙ ماڻهوءَ جا سڀ رويا ۽ عمل انهيءَ سوچ هيٺ جڙندا آهن ته جنهن خلق کي رنجايو تنهن خدا کي رنجايو. مذهبن هي تعليم ڏني ته پنهنجي خلقڻهار جي رضا ان جي خلق ۾ ڳوليو. حضرت محمدﷺ چيو ته:
”اوهان مان ڀلا ماڻهو اهي آهن جيڪي انسانن سان ڀلايون ڪن ٿا ۽ انساني نفعي بخشي ڪن ٿا.“ (حديث)
حضرت عيسيٰ' چيو ته: ” جيڪڏهن اوهان منهنجا پيروڪار آهيو ته ماڻهن سان محبت ڪيو. (انجيل يوحنا 13:35)
وري پيغمبرن جي لکين پيروڪارن، سڌارڪن ۽ صوفين ان تعليم کي اڳتي وڌايو. جين مت ۾ چيو ويو آهي ته:
” اڃايل جي اڃ اجهايو، بکايل کي کاڌو کارايو، ڏکايل ماڻهوءَ سان ڏک ۾ شريڪ بڻجو ۽ غريب تي رحم ڪيو، اهي ئي ڳالهيون نيڪيءَ جو سرچشمو آهن.“ (کداڪنڊا پان جو ستوڪايا 137)
گرو نانڪ چيو هو ته:
”اهي جيڪي خدا جي محبت سان سرشار آهن هر هڪ سان محبت ڪندا آهن. ٻڌو! مان هي اوهان کي يقين سان ٿو چوان ته جيڪو محبتي ماڻهو هوندو، اهوئي خدا تائين رسائي حاصل ڪري سگهندو.“ (آڌي گرنٿ صاحب، وار رنگ، ص: 557)
انسان دوستيءَ جي اها تعليم وحدانيت جو مڃيندڙ پنهنجي زندگيءَ جو عملي دستور ٿو بڻائي ڇڏي ۽ پوءِ سڄي انسانيت ان مان سلامتيءَ ۽ اطمينان جو سُک حاصل ڪري ٿي.
هن جهان اندر انساني زندگيءَ ۾ ماڻهوءَ جي غيرمتوازن (Unbalanced) شخصيت جو وڏو ڪارڻ ماڻهوءَ جو ”پاڻ پڻو“ يا ”انا“ هوندي آهي، وحدانيت جو جذبو يا توحيد پرستي ماڻهوءَ جي انهيءَ جبلت يا قيد جي به پاڙ پٽي ٿي ڇڏي. وحدانيت جو مڃيندڙ خدا جي محبت ۽ عشق ۾ ان تان هٿ کڻي ويندو آهي.
وحدانيت پسند ماڻهو خدا جي صفتن کي پنهنجي لاءِ هدايت ۽ عمل جو نمونو ڪري ڄاڻندو آهي ۽ انهن صفتن ۾ ٻئي ڪنهن کي به شريڪ نه بڻائيندو آهي. هو سمجهندو آهي ته جيڪڏهن خدا واحد جي صفتن ۽ قوتن جو مالڪ ڪنهن ٻي مخلوق کي بڻايو وڃي ته اهو شرڪ چئبو، اها ٻيائي چئبي. شاهه سائين هڪ سچي وحدانيت پرست انسان جي حيثيت ۾ ان شرڪ ۽ ٻيائيءَ کان بچڻ جو چوي ٿو. اهڙي طرح هو پاڻپڻي، آپي ۽ انانيت کي سڀ کان وڏو شرڪ ٿو سڏي. هو وحدانيت جي رستي ۾ پاڻپڻي ۽ ماڻهوءَ جي ذاتي مفادن کي وڌ ۾ وڌ رڪاوٽ سمجهي ٿو. ان ڪري چئي ٿو ته:
”آئون“ اوريان جهل تون، ڇڏيم ”پاڻ“ پچار،
شرڪ ساڻ ستار، گهڻا گهاريم ڏينهڙا.
شاهه سائين نصيحت ٿو ڪري ته:
”تون اڪيلي الله جو حضور ۾ عرض ڪر ته اي منهنجا مالڪ! هن منهنجي آپي ۽ انانيت کي مون کان پري ڪري جهل. مون پنهنجي پاڻپڻي جي پچر ئي ڦٽي ڪئي. اي سٻاجها ستار! هاڻي مون تي اها مهر ڪر جو منهنجو ماضي مون کان وساراءِ. مون پاڻپڻي ۽ دوئيءَ سان گهڻائي ڏينهن گڏ گذاريا آهن، منهنجي دامن کي هاڻي ان کان پناهه ۾ رک.“
شرڪ سادو مسئلو ڪونهي، قرآن ان کي ظلم عظيم قرار ڏنو آهي. ڇو ته شرڪ جي ڪري ماڻهو وحدانيت کان جڏهن ڪٽجي ٿو وڃي، هيڪڙائي کان پري پئي ٿو ته پوءِ شخصيت جي وحدت ۽ هيڪڙائي مجروح ٿي پويس ٿي. ان صورت ۾ ٺڳي، غرض، مفاد، لالچ، هٻڇ ماڻهوءَ ۾ واسو ڪري ٿا ويهن. پوءِ ماڻهو ذات پات، نسل مذهب، تهذيب ۽ ثقافت جي موجود اختلافن تي وڙهندڙ ٽولن ۾ ورهائجي ٿو وڃي. سڀ کان وڏو ماڻهوءَ جو نقصان هي ٿئي ٿو ته هو پاڻ کان گهٽ مخلوق آڏو ڪنڌ جهڪائي انهن کي الوهيت جو درجو ڏئي پاڻ کي پست مخلوق بڻائي ٿو ڇڏي. انهن جو خوف ۽ انهن جي پوڄا ۽ انهن کي راضي رکڻ جي چنتا سبب پاڻ کي هڪ طرف انيڪ وهمن ۽ ۽ ڳڻتين ۾ ڌڪي ڇڏي ٿو ۽ ٻئي طرف پنهنجي انساني شرف کي نقصان پهچائي ٿو. جڏهن دل ۽ دماغ جي دنيا خداپرستي ۽ انسان دوستيءَ کان خالي ٿي وڃيس ٿي ته اتي ڏوڪڙ جي هوس، معتبر ٿيڻ جي لونجهه ۽ جنسي حيوانيت جهڙيون سفلي خواهشون مٿس ايترو سوار ٿي وڃن ٿيون جو انهن کي معبود بڻائي پنهنجي تخليقي مقصد کي به يڪسر فراموش ڪري ڇڏي ٿو. ان صورت ۾ هو ڪڏهن به باغي نٿو بڻجي سگهي. سندس قوم کي ڪو غلام بڻائي ڪهڙي به پست حالت ۾ کڻي وڃي، دولتمند ۽ وڏيرا ماڻهن جو پورهيو ۽ وسيلا ڦٻائڻ لاءِ ڪهڙا به ظلم ۽ ڏاڍ ڪندا رهن ۽ ڪوڙا ٺڳ مذهبي پيشوا ڪهڙو به انڌوڪار ڪندا رهن، هي ان ظلم ۽ ڏاڍ خلاف بغاوت ڪرڻ بدران، پنهنجي مجبوري، بي وسي ۽ ڪم علميءَ سبب سندن غلامي اختيار ڪندو آهي. تنهن ڪري شرڪ کي ٽن منهن وارو خدا قرار ڏنو ويو آهي، يعني فرعون (حاڪم مطلق)، قارون (سرمائيدار يا پيداواري ذريعن تي قبضو ڪندڙ) ۽ بلعم باعور يا هامان (مذهبي پيشوا)- جيڪو سماج انهيءَ ٽمورتيءَ جو شڪار ٿيندو آهي اهو مشرڪ سماج بڻجي پوندو آهي.
اهڙي طرح شڪ ۽ شرڪ هڪ اهڙي منفي قوت آهي جو ڪو به ماڻهو پنهنجي ذهن ۾ شڪ يا غيريقينيءَ کي جڳهه ڏئي ٿو ته پوءِ ان جو ذهن پنهنجي غيريقيني لاءِ ڪيترائي سبب ڳولهي وٺندو آهي. شڪ ۽ غيريقينيءَ جي سبب ماڻهوءَ جو لاشعور ته پهرين سٽ ۾ ناڪام ٿي ويندو پر ان جو شعور به سندس ساٿ ڏئي نه سگهندو. ڇو ته هو شڪ سبب ٻن ٻيڙين جو سوار بڻجي وڃي ٿو ۽ ٻن ٻيڙين جا سوار منزل تي رسڻ کان رهجي ويندا آهن. انهيءَ ڪري هي پڪ ڄاڻجي ته سوچ ۾ شڪ هوندو ته نتيجو ناڪامي هوندو ۽ يقين پختو هوندو ته نتيجو ڪاميابي هوندو. پر ڪو ماڻهو پنهنجي شڪ جو آغاز ئي پنهنجي خدا کان ٿو ڪري ته ان جا بڻايل ايمانداري، همت ۽ مسلسل محنت وارا قانون سندس ساٿ ڏيندا الائي نه؟! ڀلا مان ٻيا در به واجهائي ڏسان، مان درگاهون پير ۽ مرشد ڀيٽي ڏسان ته پوءِ هو نه صرف شڪ جو شڪار ٿئي ٿو پر پنهنجي خلقڻهار جو گستاخ ۽ بي ادب به ٿئي ٿو. هو جڏهن پنهنجي خدا کي ۽ ان جي بڻايل قانونن کي پنهنجي ڪاميابين ماڻڻ ۽ پيڙائن جي خاتمي لاءِ اڻپورو ٿو سمجهي ته ان صورت ۾ هو ان جي قدرت کي ۽ ان جي ڪاملتا کي نٿو مڃي. هاڻي ان جو قدرت سان احترام جو رشتو ۽ عبديت جو رشتو ڪمزور ٿو پئجي وڃي. پوءِ هو خدائي راهه کان ڀٽڪي اهڙو ڇورو ڇنو بڻجي ٿو وڃي جو هر طرف کان پريشانين جي ڀنور ۾ ڦاسي پوي ٿو. اهڙي طرح سندس ڀٽڪڻ جو جيڪو سلسلو هلي ٿو پوي ان جو ڪو انت ئي نٿو هجي. انهيءَ ڪري شاهه اهڙي خساري ۽ محروميءَ کان بچائي ٿو. شاهه سائين صاف لفظن ۾ چوي ٿو:
وَحدہٗ لَاشريڪ لہٗ، هي هيڪڙائي حق،
ٻيائيءَ کي ٻَکُ، جن وڌو سي وِرِسِيا.
”الله تعاليٰ هڪ آهي ۽ ڪو به قدرت ۽ ڪارسازيءَ ۾ ساڻس شريڪ ڪونهي. توحيد جي انهيءَ عقيدي جو حق ئي اهو آهي ته ان جي هيڪڙائي مڃجي. جيڪي دوئيءَ کي چنبڙي پيا ۽ انهن ٻين مان ڀلائيءَ جو ويساهه رکيو ۽ شرڪ اختيار ڪيو سي حق ۽ ڀلائيءَ واري واٽ کان ڀُليا ۽ گمراهه ٿيا. هاڻي جيڪو حق ۽ ڀلائي واري خدائي راهه کان ڀٽڪيو، ان لاءِ ٻيو ڪو به هادي ڪو نه بڻبو. جيڪو ان کي ڀٽڪڻ کان بچائي سگهي.“
مشرڪاڻي زندگيءَ ۾ فرد جي روحاني، نفسياتي ۽ سماجي پاسن تي جيڪي اثر پوندا آهن انهن کي نفسيات جي اصطلاح ۾ ذاتي ويڳاڻپ (Self Alienation) چئبو آهي. هي اها ڪيفيت آهي جنهن ۾ فرد پنهنجي محنت کان، پنهنجي محنت سان ٺاهيل شين کان، پنهنجي سماجي لڳ لاڳاپن کان ۽ ڪنهن به اٿل پٿل کان ويڳاڻو ٿي ويندو آهي، جنهن سان انسان جي ذات ۽ اعليٰ قدرن جي تذليل، زندگيءَ جي بي وقعتي، ڪم چوري، انسانن کان نفرت، اڳرائي، تشدد، خانداني رشتن جي تباهي، پاڙيوارن جي حقن کان لاپرواهي، جنسي بي راهه روي، شراب نوشي جي گهڻائي، تنگ نظري ۽ ذات پات جي تصورن جي گرفت ۽ انسان دوستيءَ جي جذبن جي ڪميابي ماڻهوءَ جو مقدر بڻجي ويندي آهي.
قديم شرڪ ۽ جديد شرڪ
هن دنيا ۾ انسان جي لاءِ زندگيءَ جا ٻه رستا آهن. هڪ سڌو رستو ۽ ٻيو وڙ وڪڙن وارو ڀٽڪائيندڙ رستو. سڌو رستو هي آهي ته ماڻهو پنهنجي خلقڻهار کي مڃي ان کي ئي پنهنجو سڀ ڪجهه بڻائي. ڀٽڪڻ جو رستو هي آهي ته ماڻهو مخلوق ۾ ئي گَتل رهي ۽ پنهنجي زندگيءَ جي نقشي تي مخلوق کي ئي حاوي رکي. پهرين طريقي جو نالو توحيد آهي ۽ ٻئي طريقي جو نالو شرڪ آهي.
قديم دور ۾ شرڪ جي قديم صورت نيچر پرستي هئي. قديم زماني جي انسان نيچر کي معبود جو درجو ڏنو ۽ فطرتي مظهرن سج، چنڊ، پاڻي ۽ پٿر جي پوڄا شروع ڪئي. پر موجوده زماني ۾ به اهو شرڪ پنهنجي پوري طاقت سان موجود آهي. اڄ جو انسان به اهو ئي ڪري رهيو آهي ته هو خالق جي بجاءِ مخلوق کي پنهنجو سڀ ڪجهه (Supreme Concern) بڻائي ويٺو آهي. فرق رڳو هي آهي ته قديم انسان نيچر کي پنهنجي پوڄا جو موضوع بڻايو هو ۽ جديد انسان نيچر کي تفريح جو موضوع (Object of entertainment) بڻائي ورتو آهي. ٻانهپ جو مرڪز پهريان به مخلوقات هئي ۽ هاڻي به ٻانهپ جو مرڪز ساڳي مخلوقات آهي.
موجوده زماني جي ماڻهوءَ جو نظريو هي آهي ته پنهنجي اڄ (Now) ۾ خوش رهي، سڀاڻي جو فڪر ڇڏي ڏي. ان لاءِ هو شين ۾ گتل رهي، مفادن جي ڪڍ رهي، خواهشن ۾ گم رهي ۽ انهن ٽنهي شين جي ڪڍ رهي انهن کي زندگيءَ جو اصل مقصد بڻائي ڇڏي ٿو. شاهه لطيف کي ماڻهوءَ جو اهو نقشو ۽ اها شڪل قبول ڪونهي. انهيءَ ڪري هو ٻڌائي ٿو ته وحدانيت واري سڌي رستي تي هلڻ وارا ماڻهو ئي تخليق جي اصل منزل مقصود تي سلامتيءَ سان پهچن ٿا:
اَوتَڙِ ڪَنہِ نه اولِئا، سُتَڙِ وِئا سالِمَ
هيڪان ئِي هيڪُ ٿِئا، اَحَدَ سِين عالمَ
بي بَها بالمَ، آگي ڪِئا اَڳَهِين.

”اهي ڪنهن خطري واري اڻانگي جاءِ ڏانهن ٿيلهجي ڪين ويا پر سنئين راهه تي هلڻ وارا منزل مقصود تي سلامتيءَ سان پهتا. اهي توحيد واري ايمان، عرفان ۽ ساڃهه سان هر قسم جي ذهني نفسي ۽ سماجي غلامين کان آزاد ٿيا ۽ خود رخي زندگي ڇڏي خدا رخي زندگيءَ ۾ هيڪان هيڪ ٿيا. اهڙي خود حوالگيءَ جي ڪري خلقڻهار وٽ انهن بي بها ڀلارن انسانن لاءِ ازلئون آسانيون لکيل آهن. اهي خدا جي عطا ڪيل ضابطن واري فطري زندگي هيٺ هن حياتيءَ ۾ به سک ۽ سلامتيءَ سان گذارين ٿا ۽ مرڻ کان پوءِ جي زندگي ۾ به انهن لاءِ مهربانين جو بندوبست آهي.“
شاهه لطيف زندگيءَ جي بي ثباتي ۽ بي مقصد زندگيءَ گذارڻ جي روش کان روڪيندي پنهنجي هڪ وائيءَ ۾ هيئن چوي ٿو:
وِساريجِ مَ ويڻَ، آهي جوڀَنُ ٻه ٽِري ڏِينهَڙا
١. لُوٺِيون سَهَنِ لوڪَ جا، وِهاڻِيءَ ٿِيون ويڻَ
٢. اَصُلِ اَسارِينِ جا، سُتي وِئَڙا سيڻَ
٣. جيڏِيُون! جي مان وِسَهو، نِنڊ مَ هيرئو نيڻَ
٤. راتِڙِيُون جاڳَنِ جي، سي آءٌ ڪَندَڙِي سيڻَ.
”منهنجا هي نصيحت ڀريا گفتا نه وسار! جُواني جا جوڀن ۽ البيلائي وارا ڏينهن ڪي ٿورڙائي آهن. جيڪي بي مقصد زندگيءَ جي پيچرن جا ڇڙواڳ راهي رهيا آهن سي عملي زندگيءَ جي وقت هٿان نڪري وڃڻ بعد هميشه لاءِ پيا جڳ جا طعنا سهن. اصل کان وٺي اهو دستور آهي ته جيڪي غافل ٿي ننڊ ۾ ستل هوندا آهن تن جا سڄڻ کانئن جدا ٿي ويندا آهن. اي اديون! جيڪڏهن منهنجي غفلت سببان مون جيڪي ڀوڳيو آهي تنهن ڳالهه تي اعتبار ڪريو ته پنهنجين اکين کي ننڊ تي نه هيرايو ۽ پنهنجي زندگيءَ جو هر لمحو ساري سنڀاري محبتي مايا سان انسان دوستيءَ ۾ گذاريو. آءٌ پنهنجو سڄڻ ۽ سائين انهن کي ئي ڪنديس جيڪي راتيون جاڳي هوشمندي ۽ فڪرمنديءَ ۾ گذارين ٿا ۽ صبح جو روزانو پنهنجي پالڻهار سان الستي عشق ورجائي انساني ڀلاين جي واٽ تي هلي پون ٿا. “

عشق پاڻ مقصود ڪونهي پر ذريعو آهي:
اسان وٽ سنڌي ٻوليءَ ۾ محبت ۽ عشق ٻئي هم معنيٰ لفظ آهن پر عشق ۾ واڌاري معنويت آهي. پنهنجي مقصود سان عشق ذريعي اتصال ڪجي. شاهه سائين وٽ ماڻهو جو مقصود الله تعاليٰ جي ذات آهي ۽ الله تعاليٰ جي هن مشيت ته مان زمين تي انسان کي خليفو بڻايان ٿو، سان هم آهنگ ٿي، ماڻهو ان جي رضا ۽ محبوبيت حاصل ڪري. هن زندگيءَ ۾ ان مقصود کي پائڻ جي ڪوشش ڪري. انهيءَ ڪري هينئر ڪنهن به ماڻهوءَ کي ان حق ذات جي رضا ۽ محبوبيت جو مقصد حاصل ڪرڻو آهي ته هُو پنهنجي ڌرتيءَ تي انسانن سان پنهنجي روين ۽ تعلق ۾ ان کي ذريعو بڻائي.
شاهه وٽ خدا، انسان ۽ ڌرتي جو ٽڪندو آهي. جيڪڏهن انسان جي عمل ۽ روين ۾ انسان ۽ ڌرتي عشق کان خارج آهي ته ماڻهوءَ جي خدا سان عشق جي دعويٰ به قابل قبول ڪونهي. ڇو ته انسان دوستي خداپرستيءَ جو لازمي نتيجو آهي.
ڀٽائي چوي ٿو:
پاڻ ئي پسي پاڻ کي، پاڻ ئي محبوب،
پاڻ ئي خلقي خوب، پاڻ ئي طالب تن جو.
انهيءَ ڪري الله تعاليٰ انسان کي ڌرتيءَ مٿان پنهنجي رضا ۽ محبوبيت جا لقاءَ ۽ طريقا، جن جو محور خود انسان آهي، انساني حقن ۽ فرضن جي صورت ۾ پنهنجي موڪليل ڪتابن جي ذريعي ٻڌايا آهن. ايمان ۽ يقين وارو انسان پنهنجي سڀني سگهن سان، جن ۾ عشق سڀني کان مٿاهين سگهه آهي، آسماني هدايت جي انهن حڪمن ۽ ضابطن جي بجاآوري ڪري الله جي رضا سان سرفراز ٿئي ٿو. پر جيئن ته خدا کان وڌيڪ ٻي ڪا به شيءِ حسين ۽ مڪمل ناهي ان ڪري ڪنهن به ماڻهوءَ کي ٻي شيءِ مان اهو لطف حاصل نٿو ٿئي جيڪو عشق الاهيءَ مان حاصل ٿئي ٿو. انهيءَ ڪري ان کي ئي پنهنجو مقصود ٿو بڻائي.
خدا ڏي ماڻهوءَ جي جڏهن عشق جي نسبت ٿئي ٿي ته پوءِ خدا چوي ٿو ته ”مان ماڻهن سان انهن جي جانين ۽ مالن جو سودو ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان جي بدلي ۾ انهن کي ابدي آرام، سلامتي ۽ راحتون عطا ڪندس.“ شاهه لطيف الاهي عاشقن کي پنهنجي ميخاني تي ان سودي نڀائڻ جي جابجا تلقين ٿو ڪري.
عشق نه آهي راند، نه ڪي ڪَنس ڳڀرو،
جيءُ جُسي ۽ جان جي، ڀڃي جو هيڪاند،
سِسي نيزي پاند، اڇل ته اَده ٿئي.
”عشق ڪا ٻاراڻي راند ناهي جو ڇوڪرا ان کي راند ڪري کيڏن. عشق ته اهو آهي جيڪو ساهه، بت ۽ جياپي جي يڪجائيءَ کي ٽوڙي ٿو. سو اي سچا عاشق! جي اها منزل ماڻڻ ٿو گهرين ته پوءِ پنهنجي سر کي نيزي جي چوٽيءَ تي اڇلي چاڙهه ته سِرَ جو ۽ عشق جو حق ادا ٿئي.“
عشق ۾ جهد جاکوڙ زندگيءَ جو لڳاتار سفر آهي ۽ اتي به تڪليفون، ولوڙ ۽ قربانيون آهن. پر سچا عاشق ڪهڙي به پنڌ تي پنهنجي وَسئون ڪو نه ٿا گهٽائن.
شاهه سائين سسئي کي چئي ٿو ته:
تون ڪيئن پاتو پاند، پلئه پرديسين سين؟
متيون موڙهيئي سسئي، ڪيئي ڪوهيارو ڪانڌ،
رُلي ڀانئي راند، ٻانڀڻ عشق ٻروچ جو.
خداپرستي يا عشق الاهي، اهو ماڻهوءَ جي خمير ۾ آهي. ماڻهوءَ جو روح ڇاڪاڻ ته الست بربڪم جي جواب ۾ قابلوابليٰ چئي چڪو آهي، انهيءَ ڪري انسان جي روح کي هر وقت ان سان اهو عهد نڀائڻ جي لڇ پڇ آهي. ابن عربي چوي ٿو ته: ”هر بلند نور کي هيٺين نور تي غلبو ۽ اقتدار حاصل آهي ۽ هيٺيون نور مٿئين نور سان محبت رکي ٿو ۽ ان سان ملڻ جا جتن ڪري ٿو ۽ انهيءَ ڪشش ۽ رغبت سان هن جهان جو انتظامي وجود قائم آهي.
اهڙي طرح هاڻي هيءَ ڳالهه فزڪس به چوي ٿي ته سڄي ڪائنات جو نظام ڪشش ۽ ڇڪ Attraction and Repulsion تي ٻڌل آهي. يعني شيون پنهنجي مدار جي چوڌاري ڦرن ٿيون. هي سيارا هي ڪهڪشائون هي ڪائنات جو وشال منڊل سڀ ڪشش ۽ ڇڪ جي نظام سان هلي ٿو. جيڪڏهن ڪو به سيارو يا ستارو انهيءَ ڪشش ۽ ڇڪ جي حدن کان ٻاهر نڪري وڃي ته سندس وجود انهيءَ پل ۾ ختم ٿي ويندو.
عربي چوڻيءَ ۾ انهيءَ ڳالهه کي کُلَّ شَیءِ یَرْجِعُ الیٰ اَصْلِہٖ چيو ويو آهي ۽ رومي انهيءَ لاءِ چوي ٿو ته ”سڄي ڪائنات انهيءَ ڪري ارتقا ڏي مائل آهي، جو هو خدا ڏي عود ڪرڻ گهري ٿي.“
انساني تاريخ ۾ جاکوڙي ماڻهو پيغمبر، صديق، شهيد ۽ صالح انسان انهيءَ درجي بنديءَ سان پنهنجي خدا ڏانهن رجوع ۾ اڳرا رهيا آهن. صوفي هجڻ ان عشق جو چوٿون درجو آهي پر چوٽي اڃا اڳتي آهي. رفعت اڃا اڳتي آهي. صوفي هجڻ تلاش جو اهڙو ڏاڪو آهي. جنهن ۾ جلڻ آهي پچڻ ۽ پڄرڻ آهي. پر عشق جي رفعت ۽ چوٽي ته لڇڻ ۽ لوچڻ ۾ آهي ۽ اهڙو لڇڻ ۽ لوچڻ جنهن جي انتها نه هجي. اهڙي تن ۾ تونس پرينءَ جي هجي جنهن جي هن دنيا ۾ ڪڏهن به پيان ۽ ڍاپان نه هجي، جنهن ۾ سمونڊ سڄو پي وڃجي تڏهن به سرڪيائي محسوس نه ٿئي.
انسان سان عشق جي حقيقت:
الله تعاليٰ آدم کي پيدا ڪري ملائڪن ۽ جنن کي حڪم ڪيو ته کيس سجدو ڪيو. جنهن به الله جي حڪم کي مڃيو ۽ آدم کي تعظيم جو سجدو ڪيو انهيءَ الله جي رضا ۽ محبوبيت حاصل ڪئي ۽ جنهن اهو حڪم نه مڃيو سو شيطان لعنتي بڻيو. اُهو غائب ۾ جيڪو آدم کي سجدو ڪرايو ويو، هن ڌرتيءَ تي انسان کي حاضر ۾ پنهنجي انسان دوستيءَ ۽ نيڪ عملين ذريعي اهڙو سجدو ثابت ڪرڻو آهي. هتي به ماڻهو ڪامياب تڏهن ٿيندو جڏهن حڪم ۽ ضابطا پنهنجي خلقڻهار جا مڃيندو ۽ تعظيم انسان جي ڪندو. ماڻهن جو احترام، ليکي لهڻي جي حق ادائي، غلطيءَ تي معافي ۽ پنهنجي چوڌاري يا ذميواريءَ ۾ آيل ماڻهن جي حقن جي ادائگي نڀاهيندو ته ماڻهو ڪامياب ٿيو. هن ڌرتيءَ تي ماڻهوءَ جو اصل امتحان آهي ئي اهو. خدا جا حڪم ۽ ضابطا مڃڻ، اهي هُن لاءِ حقوق الله آهن ۽ اها هُن جي خداپرستي آهي. ماڻهوءَ جي تعظيم ۽ حقن جي ادائگي اها هُن لاءِ حقوق العباد آهي ۽ اها ماڻهوءَ جي انسان دوستي آهي. انسان دوستي عاشق جي خداپرستيءَ جو لازمي نتيجو آهي. هُن جي خدا کيس ايئن ڪرڻ لاءِ چيو آهي، ان کيس پنهنجي رضا ۽ محبوبيت جو اهو ذريعو ٻڌايو آهي، ان ڪري هو هر نفس ۾ ۽ هر انساني رشتي ۾، تعظيم ۽ حقن جي ادائگيءَ سان الله جي رضا ۽ محبوبيت کي تلاشي ٿو.
پنهنجي اولاد جي پرورش ۽ پالنا ۾ پنهنجون ذميواريون بيحد انس، خوبي ۽ حسن سان نڀائي ٿو، اِهو هُن جو اولاد سان عشق آهي. پنهنجي گهرواريءَ جي حقن جي ادائگي ڪري ان سان انس ۽ الفت جو نڀاءُ ڪري ۽ ان کي برابر جو پارٽنر بڻائي سٺي خاندان جي تشڪيل ڪري ماڻهو پنهنجو عشق اظهاري ته ان ۾ عظمت آهي. پنهنجي استاد ۽ رهبر سان نسبت جوڙي ٿو ۽ پنهنجي ابي امان جي بيحد عقيدت ۽ پاٻوهه سان خدمت ڪري ٿو، اِهو هُن جو استاد ۽ ابي امان سان عشق آهي. پنهنجي عزيزن ۽ پاڙيوارن جي حق ادائي ڪري ٿو، پنهنجي شاگردن کي تعليم ۽ تربيت ذريعي هڪ ذميوار انسان بڻائي ٿو، پنهنجي ڌرتيءَ واسين کي استحصال ۽ ظلم جي نظام مان ڪڍڻ لاءِ جهد ۽ جاکوڙ ڪري ٿو ۽ سڄي انسانيت لاءِ چڱاين جو اُلڪو ۽ عملي اظهار رکي ٿو ته اهي سڀ ڳالهيون انسان سان سندس محبت ۽ عشق جو عملي اظهار آهن. انهن عملي طريقن کانسواءِ عشق جي ٻي ڪا به مجرد شڪل پاڻ سان به ٺڳي آهي ۽ انسانن سان به دوکو آهي.
مڪمل وابستگي ۽ ڪميٽمنٽ سان عشق جي هن منزل ۽ مقام کي پائڻ لاءِ وحدانيت پرستي هر حال ۾ ماڻهوءَ جي سگهه آهي، انهيءَ ڪري شاهه لطيف وحدانيت پرستيءَ کي پنهنجي فڪر ۾ بنيادي جڳهه ڏني آهي. ان کي زندگيءَ جو بنياد بڻايو آهي. شاهه لطيف سُر ڪلياڻ داستان پهرين ۾ وحدانيت جي بيتن ۽ واين کي اِجهو هيئن بيان ڪري ٿو:


اَوَلِ اَللهُ عَلِيۡمُ، اَعليٰ عالَمَ جو ڌَڻِي
قادرُ پَنهِنجِي قُدرَتَ سِين قائِمُ آهِ قَدِيمُ
والِيۡ واحِدُ وَحدَهُ رازِقُ رَبُ رَحِيمُ
سو ساراهِ سچو ڌَڻِي، چَئي حَمدَ حَڪِيمُ
ڪَري پاڻُ ڪَرِيمُ، جوڙَئُون جوڙَ جَهانَ جِي.

سڀ کان اول الله جو نالو، جيڪو حمد ۽ تعريف جو لائق آهي. جيڪو سدا ڄاڻڻهار، مڙني کان مٿانهون ۽ سڄي جڳ جهان جو مالڪ آهي. اهو هر شيءِ تي قدرت رکندڙ قادر آهي، جيڪو پاڻ پنهنجي قدرت ۽ طاقت سان ازلئون محڪم ۽ موجود آهي. اهو اڪيلو ئي ڪائنات جا ضابطا ۽ قانون جوڙيندڙ والي ۽ ڪارساز آهي. هڪ ئي هڪ هر شيءِ کي روزي رسائيندڙ، درجي به درجي پالڻهاري عطا ڪندڙ ۽ سدا ٻاجهارو آهي. جيڪو ايڏي قدرت ۽ مهربانيءَ واري ذات آهي. تون انهي سچي ڌڻي، سدا حڪمت جي سائينءَ جي تعريف ڪري سندس ٻانهپ ۾ اچ ۽ ان جا ضابطا قبول ڪر. انهيءَ سدا نوازيندڙ سائينءَ، پنهنجي قدرت سان جهان جي اهڙي سهڻي جوڙ ٺاهي آهي جو ڪائنات جو هيڏو نرالو نظام خوبيءَ سان هلي رهيو آهي. انهيءَ ڪري تنهنجي زندگي ۾ به ان جا جوڙيل ضابطا اچي ويا ته ان ۾ به اها ترتيب ۽ خوبي پيدا ٿيندي.

وَحدَهُ لاشَرِيڪَ لَہُ، اِيءُ وِهائجِ وِيءُ
کَٽِين جي هارائِيين، هَنڌُ تُنهِنجو هِيءُ
پاڻان چوندءِ پِيءُ، ڀَري جامُ جَنَتَ جو.

الله تعاليٰ هڪ آهي، ٻيو ڪو به قدرت، حاڪميت ۽ ڪارسازيءَ ۾ ساڻس شريڪ ڪونهي. تون اهو توحيد، حق، يقين ۽ ايمان وارو حقيقي وکر ۽ خزانو حاصل ڪج. ان واٽ تي هلندين ته نفعو، ۽ نه هلندين ته نقصان، اهو سڀ هن جهان ۾ ئي طئي ٿيڻو آهي. جي تو هت توحيد ۽ الله جي هيڪڙائي تي ايمان ۽ يقين رکيو ۽ ان جي ٻڌايل ضابطن واري زندگي گذاري ته توکي ايندڙ زندگي ۾ ان جو ئي صلو ملندو. اتي تنهنجا استقبالي الله تعاليٰ جي طرفان توکي سڏي جنت جي پاڪ شربت جو پيالو ڀري پيئڻ لاءِ چوندا.

وَحدَهُ لاشَرِيڪَ لَہُ، هِي هيڪَڙائِيءَ حَقُ
ٻِيائِيءَ کي ٻَکُ، جَنِ وِڌو سي وِرِسِيا.

الله تعاليٰ هڪ آهي ۽ ڪوبه قدرت ۽ ڪارسازيءَ ۾ ساڻس شريڪ ڪونهي. توحيد جي عقيدي جو حق ئي اهو آهي ته ان جي هيڪڙائي مڃجي. جيڪي ”دوئيءَ“ کي چنبڙي پيا ۽ انهن ٻين مان هدايت ۽ ڀلائيءَ جو ويساهه رکيو ۽ شرڪ اختيار ڪيو سي حق ۽ ڀلائي واري واٽ کان ڀليا ۽ گمراهه ٿيا. هاڻي جيڪو حق ۽ ڀلائيءَ واري خدائي راهه کان ڀٽڪيو، ان لاءِ ٻيو ڪوبه هادي ڪونه بڻبو جيڪو ان کي ڀٽڪڻ کان بچائي سگهي.

وَحدَه لاشَرِيڪَ لَہُ، ٻُڌءِ نه ٻوڙا
ڪِ تو ڪَنين نه سُئا، گهَٽَ اَندَرِ گهوڙا
ڳاڙِيندين ڳوڙها، جِتِ شاهِدَ ٿِيندَءِ سامُهَان.

الله تعاليٰ هڪ آهي، ٻيو ڪوبه قدرت ۽ ڪارسازيءَ ۾ ساڻس شريڪ ڪونهي. اي ٻوڙا، اهو توحيد ۽ حق وارو آواز تو نه ٻڌو جيڪو هزارين سالن کان لکين پيغمبرن ۽ سڌارڪن انسانيت کي ڏنو. يا تو پنهنجي اندر ۾ پنهنجي ضمير ۽ قلب جا قالوا بليٰ وارا جا آواز نه ٻڌا يا؟! انحراف تي اڀاريندڙ پنهنجي نفساني خواهشن جي واڄٽن کي نه سمجهيو. تون ڀلي هتي خدا جي آواز ۽ ضمير جي خلش کي نظرانداز ڪري انحراف واري واٽ وٺ، پر هي ياد رک ته حساب ڪتاب واري ڏينهن جڏهن پڪا شاهد تنهنجي عملن جو رڪارڊ کڻي روبرو ٿيندا تڏهن انحراف ۽ نافرماني وارن ڪمن تي گهڻو رئندين ۽ پڇتائيندين.

وَحدَهُ لاشرِيڪَ لَہُ، جان ٿوچَئِين اِيئن
مَڃُ مُحَمدُ ڪارَڻِي، نِرتَئُون مَنجهان نِينهَن
تان تُون وڃئو ڪِيئن، نائِين سِرُ ٻِئَنِ کي.

جڏهن تون ”وحده لاشريڪ لہ“ چئي شهادت جو ڪلمو ٿو پڙهين ۽ الله تعاليٰ کي پنهنجو رب ۽ مالڪ مڃي ان جي وحدانيت جو اقرار ٿو ڪرين ته پوءِ مثالي رهبر محمد ﷺ کي نينهن جو ناتو لڳائي، دلئون دلبر مڃي ان کي پنهنجو رهبر، رهنما ۽ ڀرجهلو ڪري مڃ. محسنِ انسانيت جي اهڙي مثالي رهبري ۽ رهنمائي جي هوندي تون ڪيئن وڃي ٿو ٻين جي رهبرين آڏو پنهنجو مٿو ٽيڪين. انسانيت جا اعليٰ اصول ۽ اعليٰ قدر ان ذات کان وڌيڪ توکي ٻئي جي درئون ڪونه ملندا.

وَحدَهُ لاشَرِيڪَ لَہُ، جَڏِهن چيو جَنِ
تَنِ مڃيو مَحمدَ ڪارَڻِي، هِيجان ساڻُ هِنيَنِ
تَڏِهن منجهان تَنِ، اَوَتَڙِ ڪونه اولِئو.

جن ماڻهن جڏهن ”وحده لاشريڪ لہ“ چئي، پوري يقين سان الله جي وحدانيت تي ايمان آندو. تن وڏي خوشي ۽ دل جان سان محمد ﷺ کي پنهنجو رهبر ۽ رهنما ڪري قبوليو. تڏهن اهڙي پڪي يقين سان اسوه محمدي پٽاندڙ وحدانيت واري عملي زندگي گذارڻ وارن انسانن مان ڪوبه بي راهه ٿي ڪونه ڀليو ۽ سڀ ڪو سلامتي واري منزل مقصود تي پهتو.

وَحدَهُ لاشَرِيڪَ لَہُ، جَنِ اُتو سِين اِيمانَ
تَنِ مَڃيو مُحَمدُ ڪارَڻِي، قَلَبَ ساڻُ لِسانَ
اُوءِ فائِقَ ۾ فَرمانَ، اَوَتَڙِ ڪَنہِ نه اولِئَا.

جن ماڻهن ”وحده لاشريڪ لہ“ چئي الله جي وحدانيت جو سچو اقرار ڪيو. تن دل ۽ زبان يعني پنهنجي قول ۽ عمل ٻنهي سان، محمد (ﷺ) کي پڻ رهبر ۽ رهنما ڪري مڃيو. اهي پنهنجي اعليٰ فڪر ۽ عملي زندگيءَ واري الاهي فرمانبرداريءَ ۾ ٻين کان وڌيڪ مٿاهان آهن ۽ انهيءَ ڪري اهي زندگيءَ جي سفر ۾ ڀٽڪڻ کان ايئن بچي وڃن ٿا جيئن ڄاڻو ناکئا پنهنجي ٻيڙي سان ڪنهن اڻانگي تڙ ڏانهن ٿيلهجڻ کان بچي ويندا آهن.

اَوتَڙِ ڪَنہِ نه اولِئا، سُتَڙِ وِئا سالِمَ
هيڪان ئِي هيڪُ ٿِئا، اَحَدَ سِين عالمَ
بي بَها بالمَ، آگي ڪِئا اَڳَهِين.

اهي ڪنهن خطري واري اڻانگي جاءِ ڏانهن ٿيلهجي ڪين ويا پر سنئين راهه تي هلڻ وارا منزل مقصود تي سلامتيءَ سان پهتا. اهي توحيد واري ايمان، عرفان ۽ ساڃهه سان هر قسم جي ذهني نفسي ۽ سماجي غلامين کان آزاد ٿيا ۽ خود رخي زندگي ڇڏي خدا رخي زندگيءَ ۾ هيڪان هيڪ ٿيا يعني موحد انسان بڻيا. اهڙي خود حوالگيءَ جي ڪري خلقڻهار وٽ انهن بي بها ڀلارن انسانن لاءِ ازلئون آسانيون لکيل آهن. اهي خدا جي عطا ڪيل ضابطن واري فطري زندگي هيٺ هي زندگي به سک ۽ سلامتيءَ سان گذارين ٿا ۽ مرڻ کان پوءِ جي زندگي ۾ به انهن لاءِ مهربانين جو بندوبست آهي.

آگي ڪِئا اَڳَهِين نِسورو ئِي نُورُ
لاَخَوفُ عَلَيهِم وَلاَ هُم يَحَزَنُونَ، سَچَنِ ڪونهي سُورُ
مَولي ڪِئو مامُورُ، اَنگُ اَزَلَ ۾ اُنِ جو.

انهن خود حوالگي ۽ فرمانبرداري ڪندڙ شخصن لاءِ ازلئون آسانين جو روشن ۽ سگهارو نظام جڙيل آهي. اهڙن سچن انسانن کي خوف خطري ۽ ڳڻتين ڳاراڻن ۽ اهنج ايذاءَ واري زندگيءَ بجاءِ سلامتيءَ جي زندگي ملي ٿي. ازل کان ئي ڌڻي تعاليٰ اهڙا ٺوس ضابطا ۽ قانون جوڙي مامور ڪري ڇڏيا آهن جو نيڪوڪارن ۽ ڀلايون ڪندڙن کي ڀلاين جو پورو پورو بدلو ملي.

وَحدَهُ جي وَڍِئا، ’اِلاللهُ‘ اَڌَ ڪِئا
”مُحَمَّدُ رَسُولُ اللهِ“ چَئِي، مُسلمانَ ٿِئا
عاشِقَ، عبداللطيفُ چئي، اِنَهِين پَہِ پِئا
جيلاه ڌَڻيءَ ڌُئا، تي وِئا وَحدَتَ گَڏِجِي.

هڪ الله جي رضا ۽ طلب جن کي گهائل ڪري ڇڏيو ۽ جيڪي رڳو هڪ الله جي پچار ۽ ان جي رضا جي حاصلات واري جستجوءَ ۾ ڪٺل رهيا، سي محمد ﷺ کي مثالي نمونو۽ رهبر بڻائي حقيقي معنيٰ ۾ مسلمان ٿيا. اهي سچا عاشق عبداللطيف ٿو چوي ته انهيءَ عبديت ۽ اطاعت واري گس تي رهيا. سندن تلاش ۽ تڙپ جي نتيجي ۾ الله کين چاهيو، چونڊيو ۽ اُجاريو، ته هو الله جي صفتن کي اپنائي وحدت ۾ رَلجي هڪ ٿي ويا! انهن الله جي منشا کي پورو ڪيو ۽ پنهنجي عبديت ۾ الله کان راضي رهيا ۽ الله وري پنهنجي عطا ۽ رضا ۾ انهن کان راضي رهيو.

وَحدَهُ جي وَڍِئا، ڪِئا ’اِلاَاللهُ‘ اَڌَ
سي ڌَڙَ پَسِي سَڌَ، ڪَنہ اَڀاڳي نه ٿِيي.

هڪ الله جي رضا ۽ طلب جن کي گهائل ڪري ڇڏيو سي بس هڪ الله جي پچار ۽ ان جي رضا جي حاصلات واري جستجوءَ ۾ ڪٺل رهيا. سندن اهڙي ديوانگيءَ واري ’حال‘ ۽ ’منزل‘ کي ڏسڻ پسڻ کان پوءِ، اهو ڪو بي نصيب ئي هوندو جنهن کي اهڙي ’حال‘ ۽ ’منزل‘ کي پهچڻ جي سِڪ ۽ سڌ نه ٿيندي!



”وَحدَهُ جي وَڍِئا، ”اِلاَاللهُ“ سِين اورِينِ
هِنيُون حَقِيقَتَ گَڏِئو، طَرِيقَتَ تورِينِ
مَعرِفَتَ جِي ماٺِ سِين ڏِسَ اَندَرِ ڏورِينِ
ڪُلهَنِئُون ڪورِينِ، عاشِقَ عبداللطيفُ چَئي.

هڪ الله جي رضا جي ديوانگيءَ جن کي گهائل ڪري ڇڏيو، سي دل جي پوري حضور سان خدا رخي زندگي جيئن ٿا. اهي وڏي خوشيءَ سان دل لائي حق واري حقيقت اختيار ڪن ٿا. پنهنجي پوري شعور سان توري تڪي طريقا هلن ٿا. هو معرفت جو خود خدا جو ٻڌايل شعور حاصل ڪن ٿا ۽ ان شعور سان پنهنجي اوسر ۽ انساني ترقيءَ جي درجن کي پنهنجي عملي زندگيءَ سان ڳولين ٿا. عبداللطيف چوي ٿو ته انهن جي عشق ۽ ديوانگيءَ جي حد اها آهي جو ان واٽ تي جهد ۽ قربانيءَ ۾ پنهنجو سر ڪلهنئون ڪاٽي ٿا ڏين، يعني وڏي ۾ وڏي قرباني ڏيڻ کان نٿا ڪيٻائين.

سِرُ ڍوُنڍيان ڌَڙُ نه لَهان، ڌَڙُ ڍُونڍيان سِرُ نانهه
هَٿَ، ڪَرايُون، آڱرِيون، وِيا ڪَپِجِي ڪانہِ
وَحدَتَ جِي وِهانہِ، جي وِئا سي وَڍِئا.

سندن جدوجهد ۽ پاڻ کي قربان ڪرڻ جي حالت اها آهي جو بظاهر سر سلامت اٿن پر پنهنجي وجود/ڌڙ جون آسائشون تياڳي ڇڏيون اٿن. ذاتي زندگي جا عيش قربان ڪري ڇڏيا اٿن. هو اهڙي حالت ۾ ٿا گذارين جو کين پنهنجي وجود يا عضون جي سالميت جو ڪو فڪر يا احساس ڪونهي. هو انهن کان بي خبر آهن. پوءِ هٿ، ڪرايون، آڱريون ۽ وجود جي ٻين حصن جو الڪو به انهن لاءِ ڪا حيثيت ڪو نه ٿو رکي. جيڪي وحدت جي رنگ سان رنگجي وصال حاصل ڪري ان مرتبي کي رسن ٿا تن جي قربانيءَ جي ڇا ڳالهه ڪجي!

تون چَئُه اَللهُ هيڪَڙو، وائِي ٻِي وِسارِ
تَنَ ۾ تَندُ تنوارِ، سَدا سُپِيرينِ جِي.

تون پڪي ايمان ۽ عقيدي سان کلي زبان سان اهوئي اقرار ڪر ته الله هڪ آهي. پوءِ ٻين جي ڪارسازي ۽ ڇوٽڪاري جي عقيدي کي دل ۾ نه آڻ. تنهنجي ساهه پساهه ۾، هر سوچ ۾، ۽ تنهنجي هر عمل ۾ سدائين ان پالڻهار جا مقرر ڪيل ضابطا مدِنظر هئڻ گهرجن. هميشه اُن جي تند تنوار هجي. ان جي پچار هجي ۽ ان جي مخلوق سان ڀلاين جي عملي زندگي هجي.

تون چئُه اَللهُ هيڪَڙو، ٻِي وارِجِ مَ وائِي
جيڪا مُڪِي سَڄَڻين سِکِجُ تون سائِي
اوڙَڪَ اِهائِي، ڳولي لَهِجُ ڳالَهڙِي.

تون پڪي ايمان ۽ عقيدي طور کلي زبان سان اهوئي اقرار ڪر ته: ”الله هڪ آهي“، ان عقيدي کان سواءِ ٻي ڪابه ڳالهه زبان تي نه آڻج. تون اهائي ڳالهه سکي ياد ڪج جيڪا مخلوق جي سڀ کان وڏي خيرخواهه الله تعاليٰ اسان لاءِ هدايت جو پروانو ڪري موڪلي آهي. تون ان هدايت ذريعي پنهنجي ايمان، علم ۽ فڪر کي وحدانيت وارو بڻاءِ ۽ پوءِ انهيءَ وحدانيت واري حقيقت کي پنهنجي زندگيءَ جي عملن ۾ رهنما طور پروڙي وٺ.

تون چئُه اللهُ هيڪڙو، ٻِي وائِي وِساري ڇَڏِ
تَنُ هِنيين سِين گَڏِ، سَڄَڻُ ساهَ پَساهَ ۾.

تون پڪي ايمان ۽ عقيدي طور کلي زبان سان اهوئي اقرار ڪر ته ”الله هڪ آهي“، ٻيو ڪو به غير خيال ۽ عقيدو دل تي نه آڻ. ايمان ۽ اطاعت جي جيڪا ڳالهه تنهنجي قلب مڃي آهي، سڄڻ جي ان ڳالهه کي حياتيءَ جي هر لحظي ۾ پنهنجي ساهه پساهه، هر سوچ ۽ هر عمل ۾ ظاهر ڪر. تان جو تنهنجي قول ۽ فعل ۾ ڪوبه تضاد نه رهي.

وَحۡدَتانۡ ڪَثۡرتَ ٿِي، ڪَثرتَ وَحۡدَتَ ڪُلُ
حَقُ حَقَيۡقِيۡ هيڪَڙو، ٻولِي ٻِيءَ مَ ڀُلُ
هُو هُلاچو هُلُ، بِاللهِ سَندو سَڄَڻٖين.

ڪائنات ۾ ان اڪيلي ذات مان ئي هي گهڻائي ٿي آهي پر اها ”هيڪڙائي“ توڙي ”گهڻائي“ يعني جهان جو جملي جنسار اصل وجود جي لحاظ سان ساڳي هڪ حقيقت آهي. انهيءَ حقيقت کانسواءِ ٻيون جيڪي به ڳالهيون ۽ نظريا آهن، سي ڀلائيندڙ آهن. سڄي ڪل ڪائنات ۾ هر قسم جو چوٻول، صدا ۽ پڙلاء، الله جو قسم ته، انهيءَ حقيقي محبوب جي خلقڻهاريءَ جو شاهڪار آهي.

پاڻهِين جَل جَلالُہُ، پاڻهِين جانِ جَمالُ
پاڻهِين صُورت پِرينءَ جي، پاڻهِين حُسَنُ ڪَمالُ
پاڻهِين پِيرُ مُرِيدُ ٿِئي، پاڻهِين پاڻَ خِيالُ
سَڀُ سَڀوئِي حالُ، مَنجهان ئِي مَعلومُ ٿِيي.

سمجهاڻي: ان وحدت مان ڪثرت يعني اڪيلي ذات مان گهڻائي جا رنگ ڏسو جو الله جو جيڏو پاڻ پنهنجو شان شوڪت ۽ جلال آهي تيڏو پاڻ ئي پنهنجي خليفي انسان کي جمال عطا ڪيو اٿائين ۽ سندس وجود کي نسورو سونهن سان احسن تقويم ڪري بڻايو اٿائين. ان ۾ روح ڦوڪي پاڻ ئي پرينءَ جي صورت ڏئي، ڪمال جو حسن عطا ڪيو اٿائين. ان کي خيال ۽ آزاد راءِ جي چونڊ جو پاڻ ئي اهڙو حق ڏنو اٿائين جو ماڻهو ڪٿي پاڻ ئي رهبري ڪندڙ پير ته ڪٿي وري پاڻ ئي پوئلڳي ڪندڙ مريد بڻجي ٿو. اهو سڄو حال ۽ ان جي حقيقت، انسان کي پنهنجي نرالي تخليق ۽ تلخيق جي مقصدن تي غور ۽ فڪر ڪرڻ مان ئي حاصل ٿيندي.

پاڻهِين پَسي پاڻَ کي، پاڻهِين ئِي مَحبُوبُ
پاڻهِين خَلَقي خُوبُ، پاڻهِين طالِبُ تَنہِ جو.

هو انسان جي تخليق ۾ پنهنجي پرتوي (صفتن) کي پسي ٿو ۽ پاڻ ئي پنهنجي ڦوڪيل روح سان سرجايل ان شاهڪار تخليق کي محبوب بڻائي ٿو. هن پاڻ ئي پنهنجي صفتن سان انسان کي خوب ۽ نرالو خلقي پاڻ ئي ان جي اعليٰ عبديت کي پنهنجي رضا ۽ پسنديدگي بڻايو آهي.

عاشِقُ چَئُه مَ اُنَ کي، مَ ڪِين چَئُه مَعشُوقُ
خالِقُ چَئُه مَ خامَ تون، مَ ڪِين چَئُه مَخَلُوقُ
سَلِجِ تَنہ سُلُوڪُ، جو ناقِصيَان نِڱِئَو.

عارف الاهي عشق جو اولڙو يا عڪس آهي. انهن عارفن کي فقط عاشق ۽ معشوق نه سمجهه ۽ نه وري انهن کي خالق ۽ مخلوق جي نسبت سان ياد ڪر. هي معرفت وارو راز ۽ خدا جي صفتن جو شعور فقط انهيءَ سان بيان ڪج، جيڪو ناقصي، اڻ ڄاڻائي ۽ بي خبري واري حالت مان نڪري ٻاهر ٿيو هجي ۽ الله ۽ سندس عبد جي تعلق ۾ ڪمال معرفت واري درجي کي رسيو هجي.

’اَحدُ‘ ’اَحمَدُ‘ پاڻَ ۾، وِچان ’مِيم‘ فَرَقُ
ٿِئا مُستَغَرَقُ، عالِمَ اِنهِين ڳالهِه ۾.

(الله ۽ انسان) ”احد“ ۽ ”احمد“ جي ان تعلق ۾ فرق فقط ”م“ جو آهي. سڀ پڙهيا لکيا ۽ داناءَ انسان انهيءَ فرق واري هن نازڪ نُڪتي کي سمجهڻ ۾ غرق ۽ آتا آهن ته انسان پنهنجي خلقڻهار سان ڪيڏو ويجهو ۽ قريب آهي، جنهن ماڻهوءَ خدا جي صفتن کي اپنائي ان جي رنگ ۾ رنڱجي انسان دوستيءَ جي ريت کي نباهيو سو پنهنجي منزل مقصود کي پهتو.
شاهه جا شارح مٿين ٻن بيتن کي حقيقت محمدي جي سڃاڻ ڏي به ورائن ٿا. ان تشريح موجب پوئين بيت ۾ ٻي سٽ جو مطلب ٿيندو ته ”تون حقيقت محمديءَ جي هن نڪتي کي ڄاڻي وٺ ته ان عظيم انسان جي ڪري انسانيت جو ڪيڏو وڏو درجو آهي.“ اهڙي طرح مٿئين بيت ۾ ”احد“ ۽ ”احمد“ جي نسبت حقيقت محمدي ڏانهن ڇڪيل آهي ته پوءِ دنيا ۾ خدا پرستيءَ جو حصول پيغمبر جي اطاعت سان وابسته آهي. يعني جيڪو پيغمبر جي ٻڌايل طريقن تي هليو ته ان خدا جي رضا حاصل ڪري ورتي.

اَحَدان اَڳي جا هُئِي، سُوڌِي سا صِفَتَ
اَپَرِ اِشارَتَ، پَرَ سِڌَنِ کي سُٿَرِي.

”ذات حق“ جون جيڪي به صفتون آهن سي سڀ ازلئون برحق ”ذات حق“ ۾ ”ذاتي طور“ سمايل هيون. يعني ”ذات حق“ کان ”جملي صفتون“ جدا نه هيون. عام لاءِ اها هڪ ڳوڙهي ڳجهارت آهي پر ذات حق جي صفتن جو رنگ اپنائيندڙ صحيح عقيدي ۽ سليم فڪر وارن سالڪن لاءِ اها خدا پرستي ۽ ان جي لازمي نتيجي طور انسان دوستي جي نبست سمجهڻ ۾ سولي آهي.

’صِفَتَ‘ سَنگُ ’اَحَدَ‘ سين، اَحَدُ صِفَتَ‘ ري ناهِ
’اُو‘ اُن هــي ئُون آهِ، پَرِ ٻِيءَ ٻِيَائِي ٿِيا.

خدائي صفتن جو اصل ڳانڍايو ته احد سان آهي پر احد چاهي پيو ته منهنجي صفتن جو انسان جي ذريعي ظهور ٿئي. اهي صفتون جيڪي تون ڏسين ٿو، اهي انهيءَ ذاتِ حق منجهان ئي آهن پر اهي صفتون توکي انسان اندر ٻيءَ حالت ۾ محدود درجي تي ۽ هڪ ٻئي کان الڳ نظر اچن ٿيون.
’هُو‘ پُڻ آهي ’هِنَ‘ سِين، ’هِيءُ‘ نه ’هُنئَان‘ ڌارَ
اَلانسانُ سِرِي وَاَنَا سِرِهُ، پَرُوڙِجِ پَچارَ
ڪَندا وِئا تَنوارَ، عالِمَ عارِفَ اِهِڙِي.

هن ڪائنات جي ظاهري حقيقت جيڪا نظر اچي ٿي اها ”ذات حق“ يا ”وجود حقيقي“ سان لاڳاپيل ۽ قائم آهي. ظاهري وجود يا حقيقتون جيڪي نظر اچن ٿيون اهي به ”هُن“ يعني ذات حقيقي جي وجود کان الڳ نه آهن. ”انسان منهنجو ڳجهه آهي ۽ آئون انسان جو راز آهيان“ ۾ اهو ئي فڪر سمايل آهي. صحيح علم ۽ فڪر وارا توڙي معرفت جا صاحب به اهائي ڳالهه ڪندا ويا آهن.

سُڃاپٖي نه صُورَتَ ري، ’صُورَتَ‘ هَڏِ مَ سوجهِه
ٿِيءُ ٻاراڻٖي ٻوجِهه، وڃائي وُجُودَ کي.

الله جي ذات، ايئن ڪنهن به شڪل صورت سان سڃاپڻ کان مٿي آهي. ان کي ايئن صورت ۽ جسماني شڪل سان معلوم ڪرڻ جي بنهه ڪوشش نه ڪر. ان ذات کي سولي ٻاراڻي سمجهه سان به سمجهي ويندين جڏهن تون پنهنجي وجود کي وڃائي ان جي صفتن واري رنگ ۾ پاڻ رڱيندين. جيستائين تون ان جون صفتون ۽ اخلاق نه اپنائيندين، تون ان کي پائي نه سگهندين.

صورتَ سوجهه مَ تَنہ جِي، ڄاڻي ٻُجهِين جو
اِيءُ سُخُنُ آهي سو، جو مُنہَ مُقابِلِ نه ٿِيي.

ان الله جي ذات ايئن دليلن ۽ صورت سان سڃاپڻ جو ويچار ۽ پچار نه ڪر. جيڪڏهن تون پنهنجي وجود جي نرالي تخليق ۽ وجود کان ٻاهر چوڌاري ڪائنات ۾ ان جي نشانين ذريعي يقين جي روشنيءَ کي ڏسين ۽ پسين ٿو ته اهوئي الله جي ذات جو سڀ کان وڏو دليل آهي. هيءُ ته اهڙو سخن آهي جو آمهون سامهون جي دليل بازين ذريعي ان کي نبيري نٿو سگهجي.

ڪارِي راتِ، اَڇو ڏِينہُ اِيءُ صِفَتَان نُورُ
جِتي پِرينءَ حُضُورُ، اُتي رَنگُ نه رُوپُ ڪو.

رات ”ڪاري“ آهي ۽ ڏينهن ”اڇو“ آهي: هن دنيا اندر انهيِءَ ڦيرگهير ۽ شين جي ضدن ۾ به ان جون صفتون ۽ قانون محرڪ آهن جنهن سان ڪائنات جو چرخو هلي ٿو. پر جتي پرين پاڻ حاضر آهي اتي ته سدائين سهائي آهي، اتي رات جي ڪاراڻ ۽ ڏينهن جي اڇاڻ جو ڪو سنڌو ئي ڪونهي.

سو ’هِيءُ‘ سو ’هُو‘ سو ”اَجَلُ“ سو ’اَللهُ‘
سو ’پِرِين‘ سو ’پَساهُ‘، سو ’ويرِي‘ سو ’واهِرُو‘.
هيءَ شيءِ يا خود پاڻ بندو، توڙي هو شيءِ يا خود پاڻ ڌڻي ۽ ان جي جوڙيل تقدير سڀ حقيقت ۾ هڪ ذات جو ئي اظهار آهن. ماڻهو جي ساهه پساهه ۾ به ساڳيو پرين موجود آهي. برائيءَ جي نتيجي جو بدلو چڪائيندڙ ويري به اهو ئي آهي ۽ نيڪين جي جزا ڏيندڙ واهرو به اهو ئي آهي.

ڪوڙيين ڪايَائُون تُنهنجيُون، لَکَڻَ لَکَ هَزارَ
جِيءُ سَڀَڪَنہِ جِيءَ سِين، دَرَسَنُ ڌارو ڌارَ
پِرِيَمِ تُنهنجا پارَ، ڪِهِڙا چَئِي ڪِيئَن چُئان.

اي منهنجا ڌڻي! تنهنجي قدرت جون ڪروڙين صورتون ۽ تنهنجي خالقيت، مصوري، ڪاريگري ۽ صفتن جا رنگ لک هزار- ساهه هر ڪنهن جو ساڳيو ئي آهي پر صورت هر هڪ جي جدا جدا آهي. اي منهنجا محبوب سائين، تنهنجا نشان ۽ پار پتا ايترا ته گهڻا ۽ انيڪ آهن جو انهن مان آئون ڪهڙا چونڊي ۽ انهن کي ڪيئن بيان ڪريان.

پڙاڏو سو ’سَڏُ‘، وَرُ وائِيءَ جو جي لَهِين
هُئا اَڳَهِين گَڏُ، ٻُڌَڻَ ۾ ٻه ٿِئا.

هي جيڪو ”پڙاڏو“ آهي سو ئي ”سڏ“ آهي. پڙاڏو اصل سڏ جي موٽ آهي پر جيڪڏهن تون ان اصل آواز جي حقيقت کي پروڙي سگهين. حقيقت ۾ اهو اصل آواز يا سڏ ۽ ان جو پڙاڏو ٻئي هڪ هئا پر رڳو سڻڻ ۾ وٿي پوڻ سببان اهي ٻڌڻ ۾ ٻه ٿا لڳن.

ايڪُ قَصَرُ دَرَ لَکَ، ڪوڙِييٖن ڪَڻِسِ کِڙِڪِيُون
جاڏي ڪَريان پَرَکَ، تاڏي صاحبُ سامُهُون.

هيءُ جهان هڪ ئي محلات وانگر آهي جنهن کي ڪيئي دروازا ۽ دريون آهن. فطرت جو هر ذرو نرالو دروازو ۽ دري کوليو بيٺو آهي. ان ۾ جيڏانهن به پرک ۽ نظر ڪريان ٿو ته ان ئي خلقڻهار جي ذات جو حسن، جلوو ۽ جمال نظر اچي ٿو جنهن ۾ صاحب پنهنجي سونهن پاڻ پسائي ٿو.

جَنِ کي جِئائِين، پِرينِ پاڻُ پَسائِيو
تَنِ کي تِئائِين، لِيا پائِڻُ آئيا.

جن کي محبوب خلقڻهار پنهنجي ڪنهن به خلقڻهاري ۽ ڪارسازيءَ سان فطرت جي حسن ذريعي جلوو ڏيکاريو يا انساني نفعي بخشيءَ وارن جي ڪمن ذريعي پنهنجي رضا ۽ اطمينان جي مايا عطا ڪئي، تن کي ان واٽ تي هلندي پرين پسڻ جي آرزو اڃا به وڌندي وئي ۽ انهن جو اشتياق اڃان به وڌندو رهيو.

سَڀَڪَنهِين ڏانہَ سامُهُون، ڪو هَنڌُ خالِي نانہِ
اَحدان جي اَرڳِ ٿِئا، سي ڪانهِرَ ڪِبَا ڪانہِ
مُحِبُ مَنجِهين مَنَ مانہِ، مُون اَڄاڻَندِي اُجِهئَو.

هو سڀني جو سائين هر شيءِ جي آڏو موجود آهي. هُن جي رضا جا اسباب به چوڦير آهن ۽ ڪو هنڌ خالي ڪونهي. جيڪي ان اڪيلي ڪارساز جي عبديت ۽ رضا کان محروم ۽ الڳ ٿيا ۽ ان جي رضا کان ويسلا بڻجي انساني ذميوارين نباهڻ کان پٺيرا رهيا سي نڪما ڪهڙي ڪم جا. منهنجو محبوب منهنجي پنهنجي ئي من ۾ انسانيت لاءِ جيئڻ جي آدرشن سان موجود آهي، پر آءُ ان پاسئون غفلت ۽ اڻڄاڻائيءَ سببان سندس ڳولا ۾ ٻاهر پئي ڀٽڪيس.

سَڀَڪَنهِين ڏانہَ سامُهُون، ڪو هَنڌُ خالِي ناهِ
ڪُڇَڻُ ڪَڍِي لاهِ، پاهَتُ ئِي پِرِينءَ سِين.

هو سڀني جو سائين هر شيءِ آڏو موجود آهي. هن جي رضا جا اسباب به انسان دوستيءَ جي شڪل ۾ چوڦير آهن ۽ ڪو به هنڌ خالي ڪونهي. ان جي رضا لاءِ ان جي ٻڌايل ضابطن کي اکين تي رک ۽ ڪڇڻ پڇڻ واري وائي ڇڏي ڏي. ڇو ته پرين پالڻهار جي رضا ۽ محبوبيت کي پنهنجي عاجزي، نيازمندي ۽ اطاعت جي طريقن سان ئي ماڻي سگهندين.

وائي
ڪِئَن آن لَهَندِي سي، اي يا اَللهَ!
ڪِئَن آن لَهَندِي سي، ”وَحَدَهُ“ جي وَڍِيا
١- جِتي وَحدهُ وَڍَ ٿِئي يا اللهَ!
ڪو تِتي مُونکي ني
٢- سِسِي ڏِيان ساهَ سِين، يا اللهَ!
آءٌ تَنہِ پانڌِيءَ کي
اي منهنجا الله! اي منهنجا سائين! تنهنجي رضا حاصل ڪرڻ واسطي جن پاڻ کي گهائل ڪري ڇڏيو. آءٌ ڪهڙيءَ طرح انهن کي ڳولي لهان. ان ماڳ جو مون کي ڪو ڏس ڏئي، جيڪو مون کي اتي پهچائي ته هوند پنهنجو سر، ساهه دل جان سان تنهن تان گهوري ڇڏيان.