اصول 1. عشق ۾ فنائيت جي مقام تي پهچڻ شاهه وٽ عشق جو پهريون اصول آهي.
ڌرتيءَ سان هجو ته ان جي مفادن جي مٿان پنهنجا سڀ مفاد قربان ڪري ڇڏيو. جي ڌرتي اسان جي ماءُ آهي ته پوءِ ان جي ٿڃ جو حق ادا ڪيو. جي ڌرتي اوهان جي غلام آهي ته ان جي آزاديءَ لاءِ وڙهو. ان جي ترقي لاءِ فڪرمند ٿيو ۽ پنهنجي هر ارادي ۽ ڪم ۾ پنهنجي وطن دوستيءَ کي مقدم رکو. اها اوهان جي ڌرتيءَ لاءِ فنائيت ۽ وابستگي آهي. انسان لاءِ اوهان جي فنائيت ۽ وابستگيءَ جو آغاز اوهان جي پنهنجي ذات کان هئڻ گهرجي. خودشعوري انسانذات جي امتيازي خاصيت آهي. جي اوهان ۾ اها ناهي ته اوهان سٺا انسان بڻجي نٿا سگهو. خودشعوري ذريعي اوهان آگاهه آهيو ته اوهان ڪير آهيو؟ ڇو پيدا ڪيا ويا آهيو؟ ۽ اوهان جي منزل ڪهڙي آهي؟ اوهان اشرف المخلوقات آهيو، هن ڌرتيءَ تي خدا جا خليفا آهيو، هڪ امتحان ۾ آهيو ۽ اهو امتحان آهي احترام آدميت جو. اهو احترام آدميت جنهن لاءِ الله تعاليٰ آدم کي ملائڪن کان تعظيم جو سجدو ڪرائي ڌرتي تي موڪليو. هاڻي جيڪڏهن اوهان هت ڌرتيءَ تي تعظيم ۽ احترام جي ان سجدي کي سرانجام ڏيندؤ ته اوهان ڪامياب ٿيندؤ.
جڏهن اوهان کي خودشعوري حاصل آهي ته پوءِ اوهان پنهنجو پاڻ سان به محبت ڪريو ۽ سڄي انسانيت سان محبت ڪريو. محبت کانسواءِ انسان جو روح ڪمزور ٿي وڃي ٿو، انڪري پنهنجي روح کي ڪمزور ٿيڻ نه ڏيو جيڪو شخص روحاني سگهه ۽ توانائي وارو هوندو آهي اهو بغاوت تي مجبور هوندوآهي. محبت اوهان کي باغي بڻائي ڇڏي ٿي. محبت اوهان کي بلندين ڏانهن پرواز لاءِ پر عطا ڪري ٿي. محبت اوهان کي شين جي داخل ۾ ڏسڻ جي بصيرت بخشي ٿي. ان صورت ۾ ڪو به ماڻهو اوهان کي فريب نٿو ڏئي سگهي، توهان جو استحصال نٿو ڪري سگهي ۽ توهان تي جبر نٿو ڪري سگهي. پنهنجو پاڻ سان محبت ۽ عشق جي معنيٰ انا پرستي ۽ غرور ناهي، بلڪه عشق ته هميشه ذات Self کي تحليل ڪري ڇڏيندو آهي صوفين وٽ اها ئي فنا آهي. اها ڄاڻ معرفت، علم ۽ شعور حاصل ڪرڻ جي ڪيمياگر اسرارن ۽ رمزن مان هڪ آهي. اهي اسرار جڏهن اوهان تي کلي وڃن ٿا ته پوءِ ماڻهو شيخ اياز جي هي دعا بڻجي پوي ٿو ته يار رب! مون مان منهنجي مون ڪڍي ڦٽي ڪر، رڳو تون ئي تون رهجي وڃ“. مولانا روم چيو آهي ته ”عاشق فنا ٿي معشوق جي اعليٰ صفتن کي پاڻ ۾ جذب ٿو ڪري.“ شاهه صاحب ان ڏانهن ”نابوديءَ نيئي عبد کي اعليٰ ڪيو“ جو اشارو ٿو ڪري. سُر ڪلياڻ جي داستان ٻين ۾ اجهو هيئن فرمايو اٿس:
صُوفِيءَ سَيرُ سڀَنِ ۾، جِئَن رَڳُنِ ۾ ساهُ
سا نه ڪَري ڳالَهَڙِي، جا پَرُوڙِي پَساهُ
آهِسُ اِيءُ گُناهُ، جِئَن ڪا ڪَري پَڌَرِي.
الله تعاليٰ جي وحدانيت، ان جي صفتن جي شعور ۽ انسان جي سندس نائب هجڻ جي شعور سان جيڪو انسان پنهنجي مالڪ حقيقيءَ جي سڃاڻ ۽ معرفت ماڻي وٺي ٿو ته اهڙي صوفيءَ کي الله جي رضا ۽ محبوبيت جا اهي مقام جابجا ملي ٿا وڃن جهڙي طرح رڳن ۾ ساهه سمايل آهي. ان جي باوجود جيڪڏهن ڪنهن صوفيءَ جو فهم ۽ ادراڪ جيڪڏهن ڪا به انوکي ڳالهه، ڪائناتي حقيقت يا الاهي ڪيفيت، پنهنجي ذهن ۽ فهم جي روشني سان پسي پرجهي ٿو ته ان کي عام جي آڏو بيان نٿو ڪري. هن لاءِ اهو هڪ گناهه آهي جو انهن حڪمت وارين حقيقتن ۽ ڪيفيتن کي سياق ۽ سباق کانسواءِ عام آڏو بيان ڪندو وتي.
صُوفِي سالِمُ سي وِئا جي اَڪثَرَ سِين اَڏِيارَ
بازِي بازِندَنِ کي آهي اَويسارَ
پِريان سِين پَهڪارَ، رِنديءَ رَساڻِي ڪِئا.
اهي ئي صوفي پنهنجي خدا پرستيءَ ۽ انسانذات کي فائدو ڏيڻ جي واٽ تي هلندي ڪاميابي سان اعليٰ منزل کي پهتا، جيڪي گهڻن جي ياري کان پري رهيا هڪ الله کان سواءِ ٻين کان پري رهيا، غيرالله کان پري رهيا. توحيد جي ميدان جي اهڙن بلند مقام رانديگرن ۽ جاکوڙين کي سلامتيءَ سان منزل مقصود تي پهچائيندڙ اها وحدانيت واري رمز ۽ هنرمندي هميشه ياد آهي. سندن انهي رِنديءَ يعني خدا پرستي ۽ انسان دوستيءَ جي هڪ ئي اصول ۽ هڪ خيال واري سندن پڪي ارادي کين آخر وڃي محبوب جي حاضري، قرب، رضا ۽ محبوبيت واري منزل تي پهچايو.
صُوفِي چائين سَڌ ڪَرين، صُوفيءَ ايءَ نه صَلاحَ
ڪاٽي وِجُهه ڪُلاهَ، هَڻُ اُڇَلي آڳِ ۾.
تون پاڻ کي ”صوفي“ ٿو سڏائين ۽ ساڳئي وقت وري خود رخي زندگي ۽ نفساني خواهش به ٿو رکين! سچي صوفي کي ايئن ڪرڻ نه جڳائي! سچو صوفي ٿيڻو اٿئي ته پوءِ پنهنجي انهيءَ رسمي وضع قطع جي نمونن کي وڍي ٽڪرا ڪري، اڇلي هڻ باهه ۾ ته ڀسم ٿي وڃن ۽ تون انهيءَ ظاهرداري کان آجو ٿي پوين.
ڪُلاهَ رَکين ڪَنڌَ تي، ته صُوفِي سالِمُ ٿِيءُ
وِهَ وَٽِي هَٿِ ڪَري، پُرُ پِيالو پِيءُ
هَنڌُ تَنِي جو هِيءُ، جَنِي حاصُلُ ڪِئو حالَ کي.
جيڪڏهن تون صوفي ٿيڻ جو دعويدار آهين ۽ اهو لقب چاهين ٿو ته پوءِ سچو صوفي ٿيءُ. ان واٽ تي هلڻ لاءِ انساني خيرخواهي جا دشمن طبقا تنهنجي لاءِ گهاٽ گهڙيندا. تون اهي زهر جون وٽيون ۽ ڀريل پيالا پيئڻ لاءِ تيار رهه. جيڪي صوفي ثابت قدميءَ سان ايڏيون قربانيون ڏيڻ لاءِ تيار ٿيندا تڏهن وڃي اهي پنهنجي منزل ماڻيندا.
”صُوفِي لا ڪُوفِي“ ڪونه ڀانئيسِ ڪيرُ
مَنجهائِين مَنجِهه وِڙهي، پَڌَرِ ناهِسِ پيرُ
جَنِي ساڻُسِ ويرُ، ٿِيي تَنِي جو واهَرُو.
سچو صوفي انانيت کان آجو انسان دوست آهي. هُن کي استحصالي طبقا ته ڪونه ڀانئن پر جن جي ڀلائيءَ جو اونو رکي ٿو، سي به جيڪڏهن کيس ڪو نه ٿا ڀانئن ته ان جي باوجود پنهنجي اَنا کي دٻائي، پنهنجن جون تلخيون ۽ لااباليون برداشت ڪري ٿو ۽ پنهنجي اندر ۾ پيدا ٿيندڙ ڏک کي وجود کان ٻاهر نڪرڻ نٿو ڏئي. سندس حالت اها آهي ته جيڪڏهن ڪي ٻيا ساڻس وير وجهن ٿا ته به هوڏکئي ۽ تڪليف واري وقت ۾ سندن مددگار ٿي بيهي ٿو.
ڏِنِي ڏُکويا، اَڻَ ڏِنِي راضِي رَهيا
صُوفِي تي ٿِيا، جِئن ڪِينِ کَنيائُون پاڻَ سِين.
اصلي صوفين کي مال دولت جي حرص واري حالت ڏکوئي ٿي، ان ڪري اڻ هوند واري حالت تي قناعت ڪن ٿا۽ راضي رهن ٿا. هو انهيءَ ڪري ئي سچي صوفيءَ واري منزل کي وڃي پهتا، جو هميشه پاڻ سان گڏ ڪجهه نه کنيائون.
حاصُلُ جان نه حالُ، صُوفِي جِمَ سَڏائِيين
ڪونهي تَنِي قالُ، وَٿُون جَنِ وِڃائِيُون.
جيستائين خدا پرستي ۽ انسان دوستيءَ جو اهو حال ميسر نه ٿئي تيستائين پاڻ کي ”صوفي“ متان سڏائين. اهي مال ملڪيتون، لڳ لاڳاپا ۽ دنيا جا مرتبا ڇڏيندڙ رڳو زباني دعويٰ ڪندڙ نه هوندا آهن، پر هو پنهنجي خداپرستي ۽ انسان دوستيءَ واري فڪر ۽ عمل تي برجستا ٿي ۽ جاکوڙيندڙ هوندا آهن.
وَٿُون جَنِ وِڃائِيُون، صُوفِي سالِمُ سي
هاڻي تَنِي کي، ڏوريان ڏوريي نه لَهان.
سچا ”صوفي“ اهي آهن جن مڙيئي مال ملڪيتون، لڳ لاڳاپا، دنيا جا مراتب پنهنجي مقصد لاءِ ڇڏيا. هنن جي ڪل حاصلات سندن جيئڻ جي اعليٰ مقصد لاءِ هئي. اهڙا اعليٰ فڪر جي لاءِ جاکوڙيندڙ ماڻهو اڳ ته ڪي گهڻا هئا پر هاڻي ته اهڙن سچن کي ڳوليان ۽ پڇايان پيو ته به نٿا ملن.
تَعظِيمان تَرَڪُ ٿِئا، واکاڻان وِئا
وَڃِي تِتِ پِئا، جِتِ نِهايَتَ ناهِ ڪا.
خداپرستي ۽ انسان دوستيءَ واري واٽ تي هلڻ جي طلب انهن مان دنيا جي تعظيم ۽ تعريف جي ڪاڻ به ڪڍي ڇڏي آهي. انانيت کان آجا ٿي هو ايترو گهڻو اڳتي نڪري ويا آهن جو کين پنهنجي عظمت يا تعريف جي ڪا خواهش نه رهي آهي. اهي حاصلات جي اهڙي اعليٰ منزل تي وڃي رسيا جنهن جي ڪا حد ئي ڪانهي! اتي پهچڻ کانپوءِ ايترين ننڍڙين خواهشن جي ڪا اهميت ڪونهي.
ظاهِرَ ۾ ظانِي، فِڪرَ مَنجِهه فَنا ٿِئا
تَنِي کي تَعلِيمَ جِي ڪُڙِهه اَندَرِ ڪانِي
حَرَفُ حَقانِي، دَورُ ڪِئائُون دِلِ ۾.
اهي ظاهري طرح اوهان کي جيڪو اڻ تڻ ۽ گمان واري حالت ۾ نظر اچن ٿا پر حقيقت ۾ هو زندگيءَ جي مقصد بابت غور ۽ فڪر ۾ محو آهن. انهن کي ازلئون پنهنجي خالق سان ڪيل عبديت ۽ اطاعت واري قول جي اندر ۾ اڻ تڻ آهي. انهن اهو هڪ ئي ”هائو“ وارو اقرار ته ”تون ئي اسان جو رب آهين“جيڪو هنن حق تعاليٰ جي اڳيان ڪيو هو، پنهنجي هر لحظي ۽ عمل ۾ ان جي پچار ۽ پنهنجي دل ۾ ان کي سمائي ڇڏيائون.
عشق جا اسباب به جابجا آهن ۽ ان جا پيچرا به ڪيئي آهن. عاشق سڀني اسبابن سان انهن پيچرن تي پيا هلن. هوڏانهن وري ڪي اهڙا محروم ماڻهو آهن جن جي ذري ذري تي سئي اٽڪيو پوي، جيڪي پرجهه پروڙ کانسواءِ ڳالهين جي پٺيان پيا ڊوڙين. سڌي رستي کان ڀٽڪيل ڀانت ڀانت جي رستن جا رولاڪ تن کي سچي سون جهڙي ڳالهه به منهن نه ٿي پوي. شاهه سائين انهن لاءِ چوي ٿو:
اَڻَ ڪِي عَيان نه ٿِيي، ڪِي پَرُوڙي ڪونَ
سَچي جِهڙِي سونَ، مُنہِ نه پيئي ماڙُهوئين.
غير موزون ۽ اڻ آزمايل ڳالهه غير فطري ۽ مڃيل اصولن جي ابتڙ هئڻ سبب سمجهه ۾ ڪا نه ايندي آهي پر پوءِ به عجب اهو آهي جو گهڻا ماڻهو سوچ سمجهه ۽ پرجهه پروڙ کانسواءِ ڳالهين جي پٺيان پيا ڊوڙن. ٻئي پاسي وري ڏسو ته جيڪا ڳالهه سون جهڙي سچي صاف ۽ سهڻي ڳالهه آهي، سا به ماڻهن پنهنجي عقل جي ڪوتاهي ۽ غور فڪر جي گهٽتائي سبب نه سڃاتي.
علَّتِيءَ آرامُ، پَسِي عِلَّتَ آئِيو
حُسُنُ جو حَقَ جو، خامِي ڀانئِي خامُ
اَچِي ٿِئَا اِسلامُ، ڪُفرُ ڪافِرُ پاڻ ۾.
جيڪو شخص عيب نقص ۽ سببن جي علتن ۾ ڦاٿل آهي سو ٻئي ۾ عيب، نقص ۽ سبب ڏسي خوشي محسوس ڪندو (جيئن بيمار ٻئي بيمار کي ڏسي راحت ۾ ايندو آهي) اهڙو علتي ۽ عادتي ذات حق جي جوڙيل جوڙ، حسن ۽ خوبيءَ کي به خامي ڪري ڀانئين ٿو يعني قدرت جي حسن، ان جي جوڙيل ضابطن ۽ ان جي فطرت مان به ڪا نه ڪا خامي پيو ڪڍندو، جيڪو سندس بيمار ذهن کي ظاهر ڪري ٿو. هوڏانهن حقيقت اها آهي ته حق ۽ حقيقت جو اهو انڪار ڪفر آهي. اهو ڪفر ۽ انڪار ڪندڙ ڪافر ٻئي ٻٽ ٿي اسلام ۽ مسلمانيءَ جا ڪوڙا دعويدار ٿيا آهن.
مَحرُومَ ئِي مَرِي وئا، ماهِرَ ٿِي نه مُئِا
چِڙيءَ جِئَن چُهُنجَ هَڻي لَڏيائُون لُئا
حُبابَ ئِي هُئا، اِنهِين وادِيءَ وِچَ ۾.
اهي بيمار ذهن پنهنجي داخلي محرومين واري حالت ۾ ئي مري ويا. انهن جي داخلي محرومين کين خداپرستي ۽ انسان دوستيءَ جي اعليٰ انساني آدرشن جي حاصلات کان به محروم رکيو، جنهن سان ماڻهوءَ جو ماڻهپو، حڪمت ۽ ذهني صلاحيتون طاقتور ٿينديون آهن. نتيجي ۾ اهي سڦلائتي زندگي ۽ مهارت واري منزل ماڻي نه مئا. جهرڪيءَ وانگر داڻي پاڻيءَ مان هڪ چهنب ڀري دنيا مان هليا ويا. انهن محرومن جو حال ڏسو، ڄڻ وهندڙ واهيءَ جي پاڻيءَ مٿان جر- ڦوٽا هئا، جيڪي پل ۾ ڦاٽي پورا ٿي ويا.
پر جن عاشقن زندگيءَ جي رازن کي پنهنجي تلاش سان پائي ورتو آهي ۽ اهي پنهنجي سڦلائتي خدا پرست انسان دوست عملي زندگي گذاري، پنهنجي ابدي سلامتيءَ واري جهان جا باسي بڻيا آهن، شاهه لطيف انهن جي نصيب ۽ خودشقسمتيءَ کي هيئن بيان ڪري ٿو:
مَرَڻا اَڳي جي مُئا، سي مَرِي ٿِيَنِ نه ماتُ
هُوندا سي حَياتُ، جِيَڻان اَڳي جي جِيَا.
طبعي موت جي اچڻ کان اڳ جيڪي پنهنجي زندگيءَ ۾ خدا پرستي ۽ انسان دوستيءَ جو نظريو ۽ نصب العين رکي پنهنجا حرص ۽ نفساني خواهشون ختم ڪري چڪا، سي ٻين وانگر عام موت وگهي هميشه لاءِ مري ختم ٿي نٿا وڃن پر اُهي امر آهن. اهي سدائين جيئرا هوندا، جيڪي جسماني طور ظاهري جيئڻ واري هر گهڙي ۽ لمحي کان اڳ به پنهنجي خلقڻهار کي قالوا بليٰ واري جيءُ چئي چڪا آهن. ۽ مرڻ پڄاڻاڻ به جيئرا آهن.
جِيَڻان اڳي جي جِيا، جُڳَ جُڳَ سي جِيَنِ
موٽِي ڪِينَ مَرَنِ، مَرَڻان اَڳي جي مُئا.
جيڪي جسماني طور جيئڻ واري هر گهڙي، هر دم ۽ هر لمحي کان اول، دل جي حضور سان پنهنجي خلقڻهار کي جيءُ چئي چڪا آهن، سي هميشه لاءِ حيات آهن. اهي سدا حيات وري ٻيهر موت نه ڏسندا، جيڪي جسماني موت جي اچڻ کان اڳ پنهنجي هر قسم جي خواهش کي حق جي تابع ڪري چڪا آهن. انهن جي ابدي سلامتيءَ واري اها زندگي، اڳ ۾ گهاريل هڪ سگهاري عملي زندگيءَ جو نتيجو آهي. جنهن کي شاهه لطيف هيئن بيان ڪري ٿو:
طالِبُ قَصَرُ، سُونہَ سَرُ، اِيءَ رومِيءَ جِي رُوءِ
جَنِي ڏِٺِي جُوءِ، تَنِي ڪُڇئو ڪِين ڪِين.
الله جي رضا جي جستجو ڪندڙ، کاهوڙي انسان هڪ شاندار محل جي مثل آهن. زمانو انهن جي آڏو عميق پاڻي سان ڀريل تلاءُ آهي، جنهن ۾ سندن عڪس پوي ٿو. اهائي عڪس اوتجڻ واري حقيقت رومي جي روءِ ۽ لقاءُ هو. يعني روميءَ به اهو ماڻي ورتو هو ۽ سندس فڪر به ان حقيقت جو اظهار آهي. جن کاهوڙين، سڌارڪن ۽ استادن اها حقيقت ماڻي ورتي، ۽ سماج تي پنهنجو اهو عڪس پسي ورتو، انهن زندگيءَ ۾ پنهنجي عمل ۽ حاصلات جي نتيجي ۾ الله جي محبوبيت واري اها جوءِ ڏسي ورتي سي ان واٽ تي هلندي جن ڏکين حالتن مان به گذريا، ان تي ڪجهه ڪو نه ڪڇيائون.
طالِبُ قَصَرُ، سُونہَ سَرُ، اَندَرِ رُومِي راءِ
جَنِي ڏِٺِي جاءِ، تَنِي ڪُڇيو ڪِين ڪِين.
”طالب قصر سونہ سر“، کاهوڙي ماڻهن، سماج جي سڌارڪن ۽ استادن جو عڪس پنهنجي سماج تي نظر اچي حقيقت ۾ اهو ئي رومي جو نظريو آهي. جن پنهنجي عملي زندگيءَ سان حق ۽ حقيقت واري اها منزل ماڻي ورتي، سي اطمينان سان ان تي هلندا رهيا ۽ کين جيڪي به تڪليفون ان واٽ تي آيون ته ڪجهه به نه ڪڇيائون.
طالِبُ قَصَرُ، سُونہَ سَرُ، رُومِي چيو آهي
تاڙِي جي لاهي، ته مَنجِهين مُشاهدو ٿيي.
الله تعاليٰ جي رضا جو طالب، کاهوڙي ماڻهو، سڌارڪ ۽ استاد هڪ شاندار محل جي مثل آهي. زمانو انهن جي آڏو عميق پاڻيءَ سان ڀريل تلاءُ آهي، جنهن ۾ سندن عڪس پوي ٿو. اهائي عڪس اوتجڻ واري حقيقت روميءَ جي آهي. جيڪو به انهيءَ حقيقت ۽ حاصلات جو طالب آهي سو زماني جا حجاب هٽائي ۽ پنهنجي نفساني خواهشن ۽ زماني جي مفادن کي پاسيرو ڪري خود حوالگي ڪري ته حاصلات جا مشاهدا پسندو ويندو.
طالِبُ قَصَرُ، سُونہَ سَرُ، ايءَ رُومِيءَ جِي رِهاڻُ
پِهرِين وِڃائِڻُ پاڻُ، پَسَڻُ پوءِ پِرينءَ کي.
الله تعاليٰ جي رضا جا طالب، کاهوڙي ماڻهو، سڌارڪ ۽ استاد هڪ شاندار محل جي مثل آهي. زمانو انهن جي آڏو عميق پاڻيءَ سان ڀريل تلاءُ آهي، جنهن ۾ سندن عڪس پوي ٿو. اهائي عڪس اوتجڻ واري حقيقت روميءَ جي ٻڌايل آهي. جيڪو به انهيءَ حقيقت ۾ حاصلات جو طالب آهي ته پهريائين پنهنجي ”خودي“ ۽ ”هستي“ کي وڃائڻو آهي، ۽ پوءِ ئي ان کي پسڻو آهي.
طالِب قصر، سُونہَ سَرُ، ايءَ رُومِيءَ جِي راحَتَ
جَنِي ڏِٺي سَٿَ، تَنِي ڪُڇِئو ڪِين ڪِين.
”طالب قصر، سونہ سر“، سماج جي سڌارڪن ۽ استادن جو عڪس سندن ڪوششن ۽ عمل جي صورت ۾ پنهنجي سماج تي نظر اچي، رومي جي اها ئي اطمينان ۽ خوشي واري وائي آهي. جن ان مقصد سان لاڳاپيل ساٿ ۽ جماعت کي ڪم ڪندي ڏٺو، هو انهن جي گڏيل جاکوڙ جو حصو بڻجي ويا. ٻي واٽ واجهائڻ انهن ڇڏي ڏني.
طالِبُ قَصَرُ، سُونہَ سَرُ، ايءَ رُومِيءَ جِي اوطاقَ
پَچِين دَرِ فِراقَ، ته مَنجهِين مشاهدو ماڻِيين.
”طالب قصر، سونہ سر“، سماج جي سڌارڪن ۽ استادن جو عڪس پنهنجي سماج ۾ نظر اچي، اهائي رومي جي فڪر ۽ نظر واري منزل آهي. تو منجهه اها طلب ۽ جستجو جي هورا کورا پيدا ٿئي جيڪا خدا پرست انسان دوست کاهوڙين ۾ سندن جستجو ۽ تلاش جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندي آهي ته جيڪر توکي به پنهنجي چوڌاري حالتن بدلائڻ وارين رازن ۽ حڪمت عملين جو مشاهدو ٿي وڃي.
ڪَر طَريقَتَ تَڪِيو، شَرِيعَتَ سُڃاڻِ
هِنيون حَقِيقَتَ هيرِ تُون، ماڳُ مَعرفَتَ ڄاڻِ
هُوئِجِ ثابُوتِيءَ ساڻِ، ته پُسَڻَ کان پالهو رَهِين.
خدا تعاليٰ جي سڃاڻ ۽ معرفت جو شعور حاصل ڪرڻ واسطي ان جي ضابطن يعني ”شريعت“ کي اختيار ڪر. پنهنجي اندر کي حقيقت واري بصيرت سان همڪنار ڪر ۽ انهيءَ سان خدا جي معرفت ۽ رضا کي منزل مقصود بڻاءِ. پنهنجي عملي زندگيءَ ۾ انهيءَ حاصلات تي ثابت قدم رهندين ته ڀٽڪڻ جي گناهه واري آلاڻ کان آجو رهندين.
’پاڻُ‘ پَردو ’پاڻَ‘ کي، سُڻِي ڪَرِ سَنڀالَ
وِچان جو وِصالَ، سو تان هُئَڻُ ’هِنَ‘ جو.
پنهنجي ’پاڻ پڻي‘ ۽ ‘آءٌ’ وارو خيال ئي، پنهنجي ذاتي حقيقت جي آڏو هڪ حجاب آهي. اها ڳالهه ٻُڌي سمجهي، خبردار ٿيءُ. انسان ۽ ان جي وڏي منزل ماڻڻ جي وچ ۾ جيڪا وڏي جهل ۽ رڪاوٽ آهي سو ماڻهوءَ جو پاڻپڻو ۽ ان جي انانيت آهي. سو جيستائين پاڻ پڻي ۽ معتبريءَ جو وهم نه نڪرندو تيستائين زندگيءَ ۾ وڏي حاصلات ممڪن ڪونهي.
’پاڻُ‘ پَردو پاڻ کي، طالِبَ سُڻِجُ تون
نَڪا ’هان‘ نه ’هون‘، پَردا سَڀِ پاسي ٿِئا.
پنهنجي ’پاڻ پڻي‘ ۽ ‘انانيت’ وارو وهم ئي تنهنجي زندگيءَ جي اصلي منزل آڏو هڪ حجاب آهي: اي طالب! تون اها ڳالهه سڻ ۽ سمجهه. جيڪڏهن پنهنجي اندران ”مان“ واري هان ۽ هون ڪڍي ڦٽي ڪرين ۽ شڪ شبهن مان نڪري اچين ته پوءِ توکي اتم حاصلات ۽ اعليٰ انساني سچايون حاصل ٿي پون. اندر ۾ ڪو به شڪ شبهو ڪونهي ايمان پختو ۽ يقين ڪامل آهي ته پوءِ سڀ حجاب هٽي وڃن ٿا ۽ حاصلات جا دروازا کلي وڃن ٿا.
وائي
سَڀَڪا پِريان ڪوُن پُوڄي
نِيہُ نيڻين، ڳُڻُ ڳالهِيين
١- جا چِتايَمِ چِتَ ۾، سَڄَڻُ سا ٿو ٻُجهي
٢- لاتِ جا لَطيفَ جِي، سَڏُ تَنهِين جو سُڄي.
هن جهان ۾ هر شيءِ هڪ ئي محبوب جي تلاش ۾ آهي. هر عاشق، هڪ ئي محبوب جي پرستش ڪري ٿو. جتي نيڻن جو نيهن اٽڪي ۽ جتي ڳالهيون ڳڻ واريون هجن ٿيون. ايئن ماڻهو هڪ ئي عقيدو ۽ نظريو رکي، ڀانت ڀانت جا عقيدا ۽ نظريا رولي خواريءَ ۾ وجهندا. پوءِ وري ماڻهوءَ جو اهو نظريو سندس سوز، درد ۽ عمل ۾ سمايل نظر اچي ۽ نيڻن مان ان مقصد جي جاکوڙ ۽ حاصلات جو نينهن بکندو نظر اچي. جڏهن ماڻهو اها ريت اختيار ڪندو ته پوءِ جيڪو مقصد ۽ حاصلات هُن دل ۾ سوچي آهي، اها هن جي لاءِ آسان بڻبي وڃي ٿي. لطيف جي ٻڌايل خدا پرستي ۽ انسان دوستيءَ جي اها لات يا پڪار سڄي انسانيت جو ورثو آهي ۽ ان جي جاکوڙ، پڪار ۽ سوز پري پري تائين پهتل ۽ مڃيل آهي.
عشق جو سوز ۽ آواز جيڪڏهن آفاقي آهي ۽ عالمگير آهي ته ان مان حاصلات آهي به آهي. باقي جيڪڏهن عشق جي نالي تي رڳو خواهشن جي پيروي ڪرڻ آهي يا رڳو سنگت جو سڏ ڀرڻو آهي ته ڪنهن هُل ۾ شرڪت ڪري تفريح ڪرڻي آهي ته اهو پاڻ کي به ڌوڪي ۾ رکڻ آهي، پاڻ کي اطمينان ۽ سلامتي واري زندگي کان به محروم رکڻو آهي ۽ پنهنجي ڌرتيءَ وارن ٻين انسانن کي به ڌوڪي ۾ رکڻ آهي. يا وري نالي ماتر صوفين وارو عشق به هڪ وڏو ڌوڪو آهي ته ڪنهن کي مرشد سان عشق آهي انهيءَ ڪري زماني جا سڀ حق ۽ فرض ڇڏي گيڙو الفي ڳچيءَ ۾ وجهي پاڻ کي عاشقن ۾ شمار ڪرائيندو وتي. اها ته پاڻ غلاميءَ جي هڪ قبيح شڪل آهي.