ڪھاڻيون

پنج آڱريون

سڪندر  هاڙهو سنڌي ادب جو نوجوان پُرجوش ۽ جاکوڙي ليکڪ آهي. هن ننڍي عمر ۾ ئي گهڻو ڀوڳيو آهي، اُهو ئي سبب آهي جو اُهو اظھار لکڻين ذريعي ڪيو اٿس. هو ادب جي مڙني صنفن تي مسلسل لکڻ جا تجربا ڪري رهيو آهي، هڪ ئي وقت شاعر، مضمون نگار، ڪالم نگار توڙي ڪھاڻيڪار آهي. سندس ڪھاڻي جيئري جاڳندي حقيقت نگاريءَ تي آڌاريل آهي، ڪھاڻي پڙهڻ سان محسوس ٿيندو تہ جھڙوڪر اُها وارتا پڙهندڙ جي ڀرسان ٿيندي يا ٿي هجي.

Title Cover of book پنج آڱريون

مهاڳ

سڪندر هاڙهو هن ڪهاڻي ڪتاب کان اڳ ٻه شعري مجموعا ”مينهن ڪڻيون“ ۽ ”روشنيءَ جا رنگ“ ادبي دنيا کي ڏئي چڪو آهي هي سندس ٽيون پر نثر ۾ پهريون ڪتاب آهي.
هي ڪهاڻيون، سندس زندگيءَ جون شروعاتي ڪهاڻيون آهن هنن ڪهاڻين بابت ڪا راءِ ڏيڻ کان اڳ آئون پنهنجي ادبي زندگي جي شروعاتي ڏينهن جي هڪ غلطي جو اعتراف ڪرڻ ٿو چاهيان ۽ چاهيان پيو ته ٻي ڪنهن کان اها غلطي نه ٿي.
اصل ۾ ادبي زندگي جي شروعاتي ڏينهن ۾ منهنجو اهو خيال هيو ۽ شايد گهڻن ماڻهن جو هوندو ته هر تحرير ۽ هر ليکڪ تنقيد جي لائق آهي يا تنقيد ٿيڻ گهرجي. پر وقت گذرڻ سان گڏ ۽ خاص طور هن وقت جڏهن ته ادبي دنيا جو ماحول ئي بدليل آهي تڏهن اسان کي ادبي تنقيد تنقيدي رويو به بدلائڻو پوندو پهرين ڳالهه ته هن وقت ڪي ادبي محفلون، ڪي ادبي ڪلاس ڪو نه پيا هلن جنهن جي ڪري ڪنهن لکڻيءَ کي غلطين کان آجو ڪري سگهجي يا ليکڪ جي ڪا رهنمائي ٿي سگهي هن وقت ليکڪ وٽ لکڻي پيش ڪرڻ جو پليٽ فارم يا ته فيس بڪ آهي يا ڪتاب.
فيس بڪ تي به هرڪو ” ياري“ نڀائيندي صرف منظورِ نظر/ دل گهريئي دوست کي پڙهڻ پسند ٿو ڪري سو به لائق جو آپشن استعمال ڪري ڄڻ احسان ٿو ڪري ۽ جيڪا تنقيدي يا تعميري رايو ڏيڻ گهرجي ان کان هر ڪو لنوائي ٿو.
ٻيو ليکڪ وٽ آپشن آهي ته پنهنجي تحريرن کي ڪتابي صورت ۾ ڇپائي جيڪا هر ڪنهن جي وس کان چڙهيل ڳالهه آهي. ليکڪ پنهنجي هڙان خرچ ڪري ڪتاب ڇپائي به ٿو ته خريد ڪري پڙهڻ بدران ”اعزازي“ ڪاپي گُهري وٺڻ وار تمام گهڻا آهن جنهن جي ڪري ڪتاب ڇپرائڻ جي همٿ/سڪت هر ڪو نٿو ڪري.
بحرحال اها صورتحال بيان ڪرڻ جو مقصد آهي ته ڪنهن به ليکڪ جي تربيت جو جڏهن ڪو ذريعو نه رهيو آهي ته اهڙي صورت حال ۾ تڪڙي ڪنهن تي تنقيد جا تير هلائڻ کان به پاسو ڪجي ته بهتر. اهي سڀ ڳالهيون ذهن ۾ رکي ڪري جڏهن مون سڪندر هاڙهو جي هن ڪهاڻي ڪتاب تي ڪجهه لکڻ چاهيو ته سڀ کان پهريان اهو لکيم ته ”هي سڪندر هاڙهو جي زندگيءَ جون شروعاتي ڪهاڻيون آهن“.
ان ڳالهه مان منهنجو مطلب ۽ مقصد اهو ئي آهي ته شروعاتي ڪم ڪهڙو به آهي اصل ۾ اُهو رهنمائي ۽ درگذر چاهيندو آهي. اهڙي رهنمائي جنهن ۾ ٽوڪ، ٺٺول شامل نه هجي ۽ جيڪا اڳتي هلي ڪم ۾ نکار جو سبب بڻجي.
ان پس منظر کي ذهن ۾ رکي جڏهن موجوده وقت ۾ لکجندڙ/لکيو ويندڙ سنڌي ڪهاڻي ڏسنداسين ته ان ۾ هر موضوع تي ۽ هر فارميٽ ۾ ڪهاڻي لکي پئي وڃي جيڪا يقين خوش آئيند ڳالهه آهي.
ٻاهرين ٻولين جا تجربا جهڙوڪ جديد، مابعد جديد فليش فنڪشن، مختصر ڪهاڻي، سو لفظن جي ڪهاڻي هڪ سِٽ جي ڪهاڻي وغيره وغيره.
سنڌي ڪهاڻي ۾ آزمايا ويا ۽ سنڌي ليکڪن پاڻ ملهايو ان سان گڏ کوڙ اهڙا ليکڪ به سامهون آيا لکندا رهيا جن جون ڪهاڻيون جديد هوندي به ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان روايتي رهيا ڪڏهن پنهنجي ڪردار نگاري جي حوالي سان ته ڪڏهن بيانيه انداز يعني اسلوب نگاري جي حوالي سان.
هن وقت سڪندر هاڙهو جو اسلوب توڙي جو قديم انداز بيان آهي پر اهو يقين اٿم ته اهو انداز هميشه نه رهندو.
سڪندر هن وقت نوجوان آهي، مزدور پيشه آهي سندس مشاهدو ۽ بيانه انداز ڪنهن فلاسفر يا ڊرائننگ رومن ۾ ويهي زندگيءَ جا سک مزه ماڻيندڙ ليکڪ جهڙو ناهي پر اُس ۾ سڙندڙ مزدور، ڏُک سُکَ اڪيلو ڀوڳيندڙ مزدور وارو لهجو آهي.
اسان اهو نه ڏسون ته هو ڪهڙي انداز ۾ زندگيءَ جي وارتا بيان ٿو ڪري اسان اهو ڏسون ته هو چوڻ ڇا ٿو چاهي.
اسان کيس اڳتي وڌڻ جو دڳ ڏيون جو اها ئي ”ادبي جمهوريت“ آهي.
سڪندر هاڙهو جي ڪهاڻين تي ڪجهه لکڻ کان اڳ واضح ڪندو هلان ته هنن جي ڪهاڻين تي اوهان پنهنجي نظر سان ڪائي به رائي جوڙيو، منهنجي رائي سان اوهان جو متفق هجڻ ضروري ناهي، پر جي اوهان به کيس همٿ افزائي وارو رايو ڏيندوُ ۽ اصلاح ڪندئو ته يقينن هُو بهتر کان بهتر جو سفر جاري رکندو سڪندر هاڙهو جون ڪهاڻيون هن سماج ۾ ساهه کڻندڙ، چڱن سان گڏ بُرن ڪردارن جون به ڪهاڻيون آهن شايد ان ڪري به سندس ڪو به ڪردار مون کي اوپرو نه لڳو.
سندس ڪهاڻين ۾ پهريون آئون ذڪر ڪرڻ چاهيندس ” انتظار“ جي. سچ پڇو ته هن ڪهاڻي جو موضوع کڻي نئون نه چئجي پر اهم موضوع آهي ۽ هن تي لکڻ ڄڻ پنهنجو هڪ فرض ادا ڪرڻ جي برابر آهي شادين ۾ ٿيندڙ فائرنگ ۽ نتيجي ۾ ٿيندڙ اڪثر درد ناڪ واقعا، سڪندر هن ڪهاڻي ۾ هڪ مرڪزي ڪردار ”ڪنوار“ جي حوالي سان ڏاڍو اثرائتو لکيو آهي.
وهم ۾ وڪوڙيل ذهنن جي اسان وٽ ڪا ئي ڪمي ناهي، اتفاقن ٿيندڙ واقعن ۽ حادثن کي به ”ڪاري زبان“ جو ڪارنامو چئي ڊڄڻ وارن جي باري ۾ سندس هي ڪهاڻي به سُٺي ڪهاڻي آهي.
سنڌ اندر ادبي رويا ڪنهن کان به ڳجها ناهن انا پرستي، پنهنجا نوازڻ، وڏيرڪي ذهنيت ۽ کوڙ برايون اسان لکڻ وارن ۾ به موجود آهن انهن روين تي اڪثر دوست ڪالم ۽ ڪهاڻيون لکندا رهيا آهن.
هن ڪهاڻي ۾ هڪ سُٺي ڳالهه ڏانهن توجهه ڏياريو ويو آهي.
هن معاشري ۾ جنسي برتري ۽ ڪم تري وارا رويا عام آهن عورتن کي ان حوالي سان جائز ناجائز تشدد ۽ الزامن سان روز منهن ڏيڻو پوي ٿو ان پس منظر ۾ لکيل ڪهاڻي ”الزام“ به هڪ مناسب ڪهاڻي آهي.
عام طور تي جسماني مزدوري ڪندڙ هر ماڻهو پنهنجي ڪم کان بيزار ڏٺو ويو آهي ان جا ڪئي سبب آهن پر خاص طور ڪم وارن ماڻهن جا ساڻس رويا کيس ان ڪم کان بيزار ڪندا آهن ان حوالي سان هوٽل جي هڪ مزدور جي ڪٿا ”بيرو“ جي نالي سان سڪندر لکي آهي.
موجوده وقت ۾ اسان جا رويا هر معاملي ۾ ڪجهه عجيب ٿي ويا آهن خاص طور ڪنهن کي ڪو روزگار ڏيڻ، ملازمت ڏيڻ وقت صرف ڪم جو تجربو ۽ صلاحيتون نٿيون ڏٺيون وڃن پر ان سان گڏ اسان ڪجهه ”ٻيا ڊمانڊ“ به ذهن ۾ رکندا آهيون خاص طور ذاتي ملازمن لاءِ اسان ٻٽو رويو رکندا آهيون.
ذاتي يا گهريلو ملازمت خاص طور عورتن کي گهرن ۾ ملازمت ڏين وارن جا بظاهر مطالبا هڪڙا هوندا آهن پر سندن دل ۾ ڪجهه ٻيو به هوندو آهي ان پس منظر ۾ سڪندر هاڙهو جي هي ڪهاڻي ڪتاب جو ٽائيٽل اسٽوري ”پنج آڱريون“ هڪ با مقصد ۽ معياري ڪهاڻي آهي.
ڪنهن ڏوهه، ڪنهن گناهه جو اعتراف ڪرڻ جي جرائت تمام گهٽ ماڻهن ۾ هوندي آهي خاص طور اخلاقي ڏوهه مڃڻ ته تمام ڏکيو مرحلو هوندو آهي ان حوالي سان سڪندر هاڙهو جي ڪهاڻي.
”سڀ ڪجهه مڃان ٿو“ گهڻن ماڻهن لاءِ سوچ جو دروازو کوليندڙ ڪهاڻي آهي.
منهنجي ناول ”واپسي“ جي مهاڳ تي لکندي سائين بيدل مسرور هڪ جملو لکيو هيو ته:
”خوشي جهڙي ڳالهه آهي جو سنڌي ٻوليءَ جو ليکڪ دنيا جي ٻين ٻولين جي ليکڪن جيان جديد ٽيڪنالاجي جهڙوڪ انٽرنيٽ، موبائيل وغيره جي پس منظر ۾ لکڻ لڳو آهي.“ اڄ آئون سڪندر هاڙهو لاءِ به ساڳي ڳالهه چوان پيو ته جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان فائده ته انيڪ ٿيا آهن پر يقين انهن جا منفي پهلو به سامهون آيا آهن.
عالمي وبا ڪورونا جي پس منظر ۾ تقريبن هر سجاڳ ذهن ليکڪ ڪجهه نه ڪجهه ضرور لکيو آهي سڪندر هاڙهو به ان سلسلي ۾ ”هڪ نئون خواب“ ڪهاڻي لکي انهن ۾ شامل ٿيو آهي.
خود غرضي ۽ مفاد پرستي هاڻي ڪنهن خاص طبقي يا ٽولي تائين محدود نه رهي آهي پر ان جو شڪار هن معاشري جو هر فرد ۽ هر شعبو ٿيندو پيو وڃي ان پس منظر ۾ خدمت جي زميواري کڻي نڪرڻ وارن جي حوالي سان سڪندر هاڙهو جي هي ڪهاڻي ” گٽر جو ڍڪڻ“ به تمام سٺي ڪهاڻي آهي.
وڌيڪ ته هي ڪهاڻي به پڙهڻ وٽان آهي، مصيبتون، آفتون دنيا جي جنهن به خطي ۾ اينديون آهن سڌريل مُلڪ، معاشري جا ماڻهو ان جي تڪليفن ۾ هڪ ٻئي سان ڀاڱي ڀائيوار ٿيندا آهن پر اسان وٽ اڪثر ان جي ابتڙ به ڪم ٿيندو آهي ۽ موقعي پرست، مفاد پرست ماڻهو انهن موقعن مان به ذاتي فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.
ٻوڏ جي ڏينهن ۾ ڪئمپن ۾ جنم وٺندڙ ڪهاڻيون ڏاڍيون درد ناڪ آهن انهن مان ڪجهه ڪردارن جا مثال بڻائي سڪندر هاڙهو هڪ خوبصورت ڪهاڻي ”ٻوڏ ۾ لڙهي ويل حقيقتون“ لکي آهي. اها احساساتي ڪهاڻي پڻ پڙهڻ وٽان آهي.
”هڪ منرل واٽر جي بوتل“ موجوده وقت جي سياست، منافقي ۽ غريب ماڻهن جو ان سياست هٿان بار بار بي وقوف بڻجڻ جي خوبصورت ڪٿا آهن.

موجوده وقت ۾ گهرن ۾، رشتن ۾، رزق ۾ بي برڪتي جي شڪايت عام آهي. انهيءَ جا ڪيئي سبب آهن پر انهن مان هڪ جي نشاندهي سڪندر پنهنجي هن ڪهاڻي ”ڪروڌ“ ۾ ڪئي آهي.
جيئن ته آئون شروعات ۾ لکي چڪو آهيان ته هي سڪندر هاڙهو جون شروعاتي ڪهاڻيون آهن ۽ شروعاتي ڪم ڪهڙو به هجي اهو رهنمائي ۽ درگذر جو حقدار هوندو آهي، تيئن آئون آخر ۾ سڪندر جي مسلسل لکڻ تي داد ڏيندي کيس مشورو ڏيندس ته هُو پنهنجي پسند جي ڪهاڻيڪارن کي وڌيڪ غور سان پڙهي ته جيئن سندس ڪم ۾ وڌيڪ نکار پيدا ٿئي ۽ سنڌي ادب کي سندس روپ ۾ هڪ سٺو لکاري/ليکڪ ملي سگهي.

انور ڪليم