انتظار
ادي...! آئون اسلم پُٽ محبوب جو گهوٽ جاويد جو وڪيل بڻجي آيو آهيان سو مهرباني ڪري ٻڌائيندؤ گهوٽ جي ڪنوار صاحبه ڪٿي آهي.
نورين ٽوڪ ڪندي چوڻ لڳي.
اهو گهوٽ ته اسان جي ڪنوار کي قبول ئي ناهي.
نورين ٽوڪ واري ڳالهه تي ڪنواري جي سڄي ڪمري ۾ ٽهڪ شروع ٿي ويا اسلم تڪڙ ۾ چوڻ لڳو.
”ڇا ڪنوار تون آهين.؟“
”الله پناهه ڏيندو.“
”ته پوءِ گهوٽ توهان کي پسند ڇو اچي.“
نورين شرمائيندي چوڻ لڳي.
هوءَ ويٺي اَٿَو ڪنوار توهان پڇي وٺوس.
صنم دل ئي دل ۾ چوڻ لڳي.
” ان ۾ پڇڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي جاويد ته هر جنم ۾ منهنجو ئي آهي.“
تنهن باجود به شرم حيا جي لڃ کي قائم رکندي خاموش رهي. سندس ڀر ۾ اسلم اچي شرعي انداز ۾ پڇڻ لڳو.
”جاويد پٽ حسن جو بطور 10 هزار حق مهر شرعا شريعت محمدي موجب مڙس ڪري قبول ڪيئي.“
نورين وري هڪ دفعو ٽوڪ ڪندي چوڻ لڳي.
”10 هزار به ڪا رقم آهي جو صنم جهڙي حق مهر قبول ڪري.“
” پر جي تون ها ڪرين ته مائي توکي هڪ لک به وٺرائي ڏيان؟.“
اسلم ڪاوڙ چئي ڇڏيو..
نورين به شرم کان ڪنڌ جهڪائيندي دل ئي دل ۾ چوڻ لڳي.
”هونئن ته آئون گهوٽيتن سان ڏاڍي ڪندي آهيان پر اسلم ته منهنجا وڻ ئي وڃائي ڇڏيا.“
”محترمه اوهان هاڻي خاموش رهو اسان ڪنوار کان پڇي وٺون.“
اسلم پيار مان چئي ڇڏيو.
وڪيل ڪنوار کان هڪ دفعو ٻيهر پڇا ڳاڇا ڪئي.
”فلاڻو پٽ فلاڻي جو اوهان مڙس ڪري قبول ڪيو.“
”قبول آ.“
”اوهان ٻڌو“
اسلم پاڻ سان گڏ ٻين شاهدن کان پڇو.
”جي ها“
سراج ۽ نظير چيو..
جيئن ئي وڪيل وارا ٻاهر نڪري ويا ته ڪجهه دير بعد دهل وڄڻ شروع ٿي ويا پر جيڪي دهل صنم جي دل ۾ پيار جي ڪاميابي جا وڄي رهيا هئا شايد ڪنهن کي اها خبر ئي ڪا نه هئي. بس نڪاح ٽائيم گذرڻ بعد بار بار پنهنجي سهيلين کان پڇا ڪري پئي.
”لائُن جو ٽائيم ڇا رکيو اَٿن.“
شبيران شرارتي انداز ۾ چيو.
”مائي ڏسو ته سهي ڪنوار کي اهڙي قسم جي ڳالهه ڪندي لڄ ٿيندي آهي پر هن مائيءَ کي ته صفا لڄ ئي ڪونهي رڳو ٿي چوي جاويد ڏسان موئي مار الاءِ ته جادو ڪيو اٿس.“
”توکي ڪهڙي خبر شبيران صنم جي دل تي ڇا ٿو گذري تو ته پيار ڪيو ئي ناهي توکي ڪهڙي خبر.“
نورين شرارتي انداز ۾ چئي هڪ نظر وال ڪلاڪ تي وڌي رات 3 ٿيا هئا نورين جو بت بي ساهو ٿي پيو هيو هر هر اوٻاسيون ڏيڻ دوران ڪاوڙ مان چوڻ لڳي.
”ماڻهو پنهنجي خوشين ۾ راڳ رنگ جون محفلون ڇو ڪرائيندا آهن ٿيڻ ته ائين گهرجي ها نڪاح کان پوءِ لائون گهوٽ ڪنوار به آرام سان روح رهاڻ ڪن ۽ ڪاڄ وارا به قرار جي ننڊ ڪن پر اسان وٽ هتي عصر تائين انتظار.“
نورين جي انتظار واري ڳالهه ٻڌي صنم کي به ڪاوڙ لڳي ۽ دل ئي دل ۾ چوڻ لڳي.
”هن ڪمري مان نڪري انهن مردن جي محفل کي بند ڪري ڇڏيان.“
پر هو ائين هرگز ڪو نه پئي ڪري سگهي ڇو ته هوءَ ريتن ۽ رسمن جي ڪڙين ۾ قيد هڪ عورت هئي. هونئن ته عورت ڇا ڇا نه ٿي ڪري سگهي.
پر صنم جي دل جي دڙڪن گهڙيال جي ڪانٽن کان وڌيڪ تيز هلي رهي هئي دل ۾ هزارين خوف محسوس ٿي رهيا هئس. بلڊ پريشر به گهٽ ٿي رهيو هئس. هن کي ائين محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ جاويد هن جي زندگيءَ کان هميشه هميشه لاءِ پري ٿي رهيو آهي. اچانڪ دل مان دانهن نڪري ويس.. هڪ منٽ لاءِ پاڻ سان ڳالهائيندي چوڻ لڳي.
” نه نه ائين نٿو ٿي سگهي هو منهنجو آهي ۽ مان هن جي آهيان دنيا جي ڪا به طاقت مون کان پري نه ٿي ڪري سگهي.“
صنم جي اهڙي دانهن تي سڀن سهيلين ڇرڪ ڀريو. نورين صنم جي چهري کي ڏٺو هن کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ چنڊ جي اڳيان ڪارا ڪڪر اچي ويا هجن.
پر صنم جي اکين ۾ بادل ڀرجي آيا وڏ ڦڙي مينهن وانگر ان جي اکين ۾ آب بڻجي سنڌوءَ جي سير وانگر وهڻ لڳا.
نورين صنم کي دلجاءِ ڏيڻ لڳي.
”هي ڇا صنم تنهنجي اکين ۾ آب؟ جاويد ته هميشه هميشه لاءِ هاڻ تنهنجو ٿيڻ وارو آهي.“
نورين جي اهڙي دلجاءِ به صنم جي روح کي راحت ڪو نه بخشي. ايتري ۾ صنم جي ماءُ ڪمري اندر داخل ٿيندي چوڻ لڳي.
”امڙ سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي.“
جلديءَ ۾ نورين چوڻ لڳي.
”ها ها ماسي سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي، اوهان کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي.. امان! مار پوي ان مڙسالن کي اصل ڄڻ راڳ ٻڌو ئي نه اٿن ذري گهٽ اچي ڏينهن ٿيڻ وارو آهي لائون ڏئي جان ڇڏائين ته هر ڪو وڃي آرام ڪري.“
”ٺيڪ آهي امان ڪنهن سان چورائي ٿي وٺان.“
صنم جي ماءُ اهو چئي ٻاهر وڃڻ لڳي..
فائرنگ جو آواز شروع ٿي ويو. ڪمري ۾ موجود صنم جي سڀني سهيلين چيو.
”بس هاڻ انتظار ختم ٿي ويو آهي موئي راڳي موالي راڳ مس بند ڪيو آهي جلدي ۾ ڪمري جي سيٽنگ ڪري وٺون هاڻي اجهو ٿا گهوٽ کي لائون ڏيڻ اچن.“
اچانڪ گهر ٻاهران ڪهرام مچي ويو سڀ عورتون ٻاهر نڪري ويون صنم نورين کي چيو.
”خدا خير ڪري مون کي خوف ٿي رهيو آهي ٿورو ڪمري جو دروازو کول ٻاهر جي هوا لڳي هانءَ ته مونجهه ٿي رهي آهي.“
”هائي ظلم ٿي ويو قهر ٿي ويو...“ ٻاهر ڪنهن عورت جو آواز پئي آيو.
”آخر ڇا ٿيو؟“
صنم پنهنجي ماءُ کان پڇو..
تنهن تي ماڻهس هڪ دم صنم کي ڀاڪر ۾ ڀري چوڻ لڳس...
هائي امان..! ظلم ٿي ويو قهر ٿي ويو...
”تنهنجو جاويد توکان هميشه هميشه لاءِ جدا ٿي ويو“
ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته راڳ دوران جاويد جي دوستن نشي جي حالت ۾ فائرنگ ڪئي، جنهن سبب هڪ گولي جاويد کي لڳي آهي.
صنم پنهنجي ماءُ جا جملا ٻڌي ڪونه سگهي هڪ بي جان بت بڻجي وئي جنهن کان پوءِ سڀ کي اهو چوڻ لڳي...
”نه نه اوهان سڀ ڪوڙ ٿا هڻو، منهنجو جاويد مون کي ڇڏي نه ٿو سگهي، اوهان ڪيئن ٿا چئو جاويد مون کي ڇڏي ٻئي دنيا وسائي آهي، ائين نه ٿو ٿي سگهي.
اهو چئي صنم بي هوش ٿي وئي.
لڳ ڀڳ ڇهه مهينا گذرڻ بعد نورين صنم جي گهر پهتي سندس ماڻهس کان صنم جي حال بابت پڇا ڪئي...“
”ماسي هاڻ صنم جي طبيعت ڪيئن آهي؟“
”امان اڳ جيان حال کان بي حال پئي آهي“
رڳو ٿي پئي چوي ڏس ڏس رات جا 3 بجا آهن، اجهو ٿو جاويد اچي.“
”واقعي ماسي انتظار موت برابر آهي“
نورين افسوس مان چئي لڙڪ هاريندي هلي وئي.
**