شاعري

ڏهر منجهه ڏيئا (ڀاڱو پهريون)

هي ڪتاب ”ڏهر منجهه ڏيئا“ سيتاروڊ جي 17 شاعرن بشير سيتائي ، پيرل پرديسي سيتائي ، قادر بخش قلندر ، مجبور ميمڻ سيتائي، محمد بچل بيوس، سقراط سيتائي، مسرور سيتائي، سليم ، دلشاد بلوچ ، وسيم آڪاش سيتائي، اصغر سيتائي ، سڄڻ سيتائي ، گهائل غلام مصطفي ، شاڪر عزيز سيتائي، عزيز سيتائي ، منظور سيتائي ، ۽ ذاڪر سيتائي جي شاعريءَ جو گڏيل مجموعو آهي جنهن جو مرتب وسيم آڪاش سيتائي صاحب آهي.
Title Cover of book ڏهر منجهه ڏيئا (ڀاڱو پهريون)

سيتا صدين کان

جتي مون فطرت جي حسين سنگم سان رچيل ڪائنات ۾ زندگيءَ جون پهريون اکيون کوليون، ۽ ٻاروتڻ کان وٺي جواني جون بهارون ماڻيون، هن شهر سان پنهنجي محبت جو ڪاٿو لڳائڻ منهنجي شعوري سگهه جي وس ناهي، هن شهر جي مٽيءَ جو هُڳاءُ روح کي تسڪين بخشيندو آهي، حسن درس چواڻي “ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو”، سنڌ ته منهنجي خمير ۾ شامل آهي، سنڌ ته منهنجي عشق جو محوَر آهي، پر سيتاروڊ جيڪا منهنجي جنم ڀومي آهي، اُن سان ناتا به ازلي آهن، مون کي ادبي کيتر ۾ هن وقت تائين تيرنهن سال ٿيا آهن، پر انهن تيرنهن سالن ۾ مون کي موزون لفظ نه ملي سگهيا آهن يا نه ٿا ملن، جنهن سان پنهنجي جنم ڀومي کي ڀيٽا ڏئي سگهان ۽ پنهنجي روحاني محبت ۽ عقيدت جو اظهار ڪري سگهان، سيتاروڊ جي مٽي ادبي حوالي سان ڏاڍي زرخيز رهي آهي، سيتا هر دؤر ۾ قداور شخصيتن کي جنم ڏيندي آئي آهي، هي خطو علم ۽ ادب جو مرڪز پڻ رهيو آهي، مولوي محمد صديق سيتائيءَ کان حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ۽ علامه دائود پوٽه جهڙا عظيم انسان ابتدائي سبق وٺي ويا، هتان جي شاعرن، اديبن، عالمن، ڏاهن، سُگهڙن، صحافين، گلوڪارن، فنڪارن، اداڪارن، صداڪارن مطلب ته فنون لطيفه جي هر شاخ سان سلهاڙيل شخصيتن پنهنجون سموريون علمي ۽ ادبي صلاحيتون خرچ ڪري سيتاروڊ ۽ سنڌ سميت پوري جڳ ۾ پاڻ مڃرايو آهي،
اُن کان پوءِ وضاحت ڪندو هلان ته سيتا جي ماضيءَ جي تاريخي ۽ ادبي ڪارگذارين جو سمورو احوال مختلف ڪتابن مان حوالا کڻي ڪري سهيڙيو آهي، جنهن ۾ گهڻو تڻو حصو بلوچ صحبت علي جي مرتب ڏنل ڪتاب ’’سيتا جا سدا بهار ماڻهو‘‘ مان کنيل آهي، جنهن ۾ ’’سيتا جو تاريخي پسمنظر‘‘ ۽ ’’سيتا جو ادبي پسمنظر‘‘ بشير سيتائي جو لکيل آهي، جنهن ۾ ويجهڙائي جي ادبي ڪارگذارين جو وڌيڪ احوال ڏئي هن ڪتاب ۾ شامل ڪري رهيو آهيان،
(1) سنڌ ۾ ڪجھه اهڙا ڳوٺ به آهن جيڪي روڊ جي نالي سان مشهور آهن جهڙوڪ لاکاروڊ، ڀريا روڊ، باقراڻي روڊ وغيره، اهڙي طرح سيتا روڊ به تعلقي خير پور ناٿن شاھ جو مشهور ۽ معروف شهر آهي، سيتا ڳوٺ جيڪو جاگرافي حدن مطابق تعلقه دادو ۾ اچي ٿو، ان ڳوٺ کي انگريز سرڪار هڪ ريلوي اسٽيشن ڏني جنهن کي ’’سيتاروڊ‘‘ جو نالو ڏنو ويو.
سيتا ڳوٺ هڪ تاريخي ۽ قديمي ڳوٺ آهي جيڪو ديھه پڪو سيتا، تپو پاٽ ۾ آهي، سيتا سنڌو درياءَ جي ساڄي ڪپ تي دادو تعلقي جي يونين ڪائونسل ’’پاٽ‘‘ جي حد ۾ آهي، هي ڳوٺ ٻن حصن ۾ ورهايل آهي، ٻن ٽن بلاڪن جي وڇوٽي آهي، ان ڪري ان کي سيتا وڏي ۽ سيتا ننڍي جي نالي سان سڏن ٿا، ماضي بعيد ۾ هي هڪ ئي ڳوٺ هيو، انگريزن جي دؤر کان سرڪاري رڪارڊ ۾ هڪ ئي ڳوٺ ’’سيتاوليج‘‘ جي نالي سان هلندو پيو اچي، سيتا ڳوٺ هڪ تاريخي ۽ قديمي ڳوٺ آهي، هتي انگريزن جي منزل گاھ هئي ۽ هڪ وڏو اناج جو ڊيپو پڻ هيو، سيتا ڳوٺ جنهن کي انگريزن پنهنجي دؤر ۾ سيتاوليج جو نالو ڏنو، اهو سنڌو درياءَ جي ساڄي ڪپ تي واقع آهي، اُتي انگريز سنڌو درياءَ جي سروي ڪندا هيا، درياءَ ۾ آگبوٽ هلائيندا هيا، سنڌو ڪپ تي ٻيلي مان عمارتي ۽ جلائو ڪاٺ وڍيندا هيا، اُتان جو اناج ۽ ٻيو سامان سنڌ ۽ هند جي ٻين شهرن ڏانهن موڪليندا هيا، ان ڪري انهن اهو ضروري ڄاتو ته سيتاوليج کي ساڳي ئي نالي سان ريلوي اسٽيشن ڏجي، ان ڪري انهن اناج، سامان، ڪاٺ ۽ ٻين شين جي نقل و حرڪت، روانگي ۽ آمدني واسطي هڪ ريلوي اسٽيشن منظور ڪري ان کي سيتا روڊ جو نالو ڏنو ۽ پو اُتي سمورو مال گڏ ڪري ٻين شهرن ڏانهن موڪليندا هيا، ان ڪري اتان جا مقامي ماڻهو سيتاروڊ کي ’’انگريزن جي گودي‘‘ به ڪري سڏيندا هيا، ان اسٽيشن جي وجود ۾ اچڻ جي ڪري ڀرپاسي جي ڪيترن ئي ننڍن وڏن ڳوٺن مان ڪيترا ئي خاندان ۽ قبيلا لڏي اتي اچي آباد ٿيا ۽ اهڙي ريت سيتاروڊ هڪ شهر جي صورت اختيار ڪري ورتي،
سيتاروڊ جاگرافي حوالي سان خيرپور ناٿن شاھ ۾ اچي ٿو، جيڪو سيتاوليج جي اولھه ۾ ستن ميلن جي فاصلي تي آهي، سيتا روڊ جو وجود 1885ع ۾ پيو، جڏهن انگريزن ريلوي جاري ڪري هتي ريلوي اسٽيشن قائم ڪئي، ۽ اڄ هي شهر هڪ سٺو واپاري مرڪز آهي 1).
(2) سيتا ڳوٺ جي ڪنهن تاريخ جي حوالي سان ڪا مستند روايت جي آڌار اهو نه ٿو چئي سگهجي ته سيتا ڳوٺ تي سيتا جو نالو ڪئينءَ پيو، تاريخ جي اوائلي قديمي ڪتابن ۾ هن ڳوٺ جو تذڪرو ناپيد آهي، ماضي قريب جي تاريخي ڪتابن ۾ ڪٿي اڻ لکي ۽ منجهائيندڙ عبارت آهي، سنڌ جي ڳوٺن جي تاريخ تي اڃا ڪو به خاطر خواه ڪم نه ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري ڪيترن ئي ڳوٺن جي صحيح تاريخ جو پتو نه پئجي سگهيو آهي، جنهن ڳوٺ جي تاريخ اونداهي ماضي ۾ دفن ٿيل هجي، اتي لوڪ روايت جي ئي آڌار تي ان جي تاريخ استوار ڪري سگهجي ٿي، سيتا جي ڳوٺ جي لاءِ عام طرح هڪ رومانوي داستان ’’ستي ديوڪي‘‘ ۽ ’’ساکرو‘‘ جو وابسته آهي جو صدين کان منتقل ٿيندو موجوده ماڻهن جي سينن تائين پهتل نظر اچي ٿو، قديم زماني کان وٺي هن خطي جا وڏڙا، ڀٽ، چارڻ وڏي ڊرامائي انداز سان اهو رومانوي داستان پيش ڪندا پئي آيا آهن، اهو قصو هندو ديو مالائي قصن وانگر آڳاٽو ٿو لڳي، ان ڪري ڳوٺ جي قدامت به اوتري ئي پراڻي سمجھڻ گھرجي، ڪنهن زماني ۾ شايد (سنڌ جي قبل از تاريخي دؤر ۾) جڏهن سنڌ ۾ ننڍڙيون ننڍڙيون بادشاهيون ۽ حڪومتون هيون، تڏهن هتي هڪ راجا جنهن جو نالو ’’ڌرمپال‘‘ چيو وڃي ٿو، حاڪم هيو، ان جي ڪنيا (ڌيءُ) جنهن جو نالو ’’ديوڪي‘‘ هيو، هڪ برهمڻ نوجوان ساکرو سان سويمور کان سوا چوري ڇُپي پريم رچايو هيو ۽ اهو پريم اڳتي هلي آخر پڌرو ٿي پيو ۽ راجا لاءِ منجهائيندڙ مسئلو بڻجي پيو، ايتري قدر جو راجا پنهنجن گھڻ گُھرن سڄڻن ۽ پيارن منترين کان ان بدنامي جي داغ کي ڌوئڻ جو حل پڇيو، جن مان سڀن ٻنهي کي مارائڻ جو مشورو ڏنو ۽ فقط مها منتري راجا کي چيو ته، جيو هتيا مها پاپ آهي، هنن پاڻ ۾ پريم ڪيو آهي، پريم ڪو پاپ نه آهي، پريم دنيا ۾ وڏي شڪتي آهي، ماڻهن ۽ کوهن جا وات بند نه ٿيندا، اوهان ٻنهي جي شادي ڪرائي ڇڏيو، ڪجھه ڏينهن گذرڻ بعد راجا سوچي پنهنجي راءِ ظاهر ڪئي ته، آئون پنهنجي ڪنيا جي شادي برهمڻ نوجوان سان ڪرائيندس، پر ان سلسلي ۾ پنهنجي ڪنيا کان سخت آزمائش وٺندس، يعني ته هوءَ اگني پار ڪري پنهنجو ست ثابت ڪري ڏيکاري، ڇو ته هن هڪ برهمڻ ڳڀرو سان چوري پريم رچائي مون کي پنهنجي پرجا ۽ دنگئي راجائن وٽ بدنام ڪري ڇڏيو آهي ۽ هو سڀ چون ٿا ته راجا جي ڌيءُ ڪاري ٿي چُڪي آهي، آخر ۾ راجا جي حڪم تي کليل وڏو آڙاھ مچايو ويو، هر عام خاص کي ڪوٺ ڏني وئي، پري پري جا ماڻهو مقرر ڏينهن تي اچي مڙيا، ديوڪي کي آندو ويو، ڌرمي رسمون ادا ٿيون ۽ پو راجا ئي ڪنيا کي باھ مان گذرڻ لاءِ چيو ويو، جنهن مان هن پار ٿي پنهنجو ست ثابت ڪري ڏيکاريو، راجا جي ويل ساک بحال ٿي ۽ پوءِ راجائي وچن هيٺ هُن ٻنهي جي شادي ڪرائي وئي، ان کان پوءِ هوءَ ستي ۽ سيتا سڏجڻ لڳي، سيتا جي معني ئي آهي ست واري يا سچي، صدين کان پو ان جي ياد تازه رکڻ جي لاءِ ڳوٺ تي ان قصي جي پسمنظر ۾ سيتا جو نالو پيو،
ڪن ماڻهن جو چوڻ آهي ته تمام قديم زماني ۾ ’’سيتا‘‘ ۽ ’’ناري‘‘ پاڻ ۾ ٻه ساهيڙيون هيون، سونهن، سوڀيا، ديا ۽ وديا ۾ تمام مشهور هيون، جن پنهنجي نالي سان ٻه ڳوٺ ٻڌرايا، اهي ٻئي ڳوٺ سيتا ۽ ناري اڄ به سنڌو درياءَ جي ساڄي ڪپ تي موجود آهن، ڪجه ماڻهن جو چوڻ آهي ته شري رامچندر ۽ سيتا واري ڌرمي ڪٿا مان سيتا جي ڪردار کان متاثر ٿي ڪيئي صديون اڳ هتان جي اوائلي قديمي ماڻهن پنهنجو هڪ وڏو ڳوٺ ٻڌو جنهن تي هنن سيتا جو نالو رکيو،
اها ڳالھه پنهنجي جاءِ تي اٽل ۽ حقيقت آهي ته هن ڳوٺ کي پنهنجي هڪ شاندار لازوال تاريخ آهي، راجائي دؤرن کان وٺي هي ڳوٺ صدين جي لاهين چاڙهين مان گذرندو رهيو آهي، ڪنهن دؤر ۾ اوج تي رسيو ته ڪڏهن اجڙي ويو، هڪ مقامي روايت مطابق مست ۽ پورالي سنڌو هن کي چار دفعا پاتو ۽ هر دفعي تاريخي اثاثا پنهنجي پيٽ ۾ نيندو رهيو، ساکرو ۽ سيتا وارو قديم ڳوٺ هن وقت درياءَ جي پيٽ ۾ ئي هوندو، هتان جي ماڻهن جو سنڌو ءَ سان اٿاھ عشق جو ثبوت ان ڳالھه ۾ آهي جو هڪ ڳوٺ مڪمل طرح پائجي وڃڻ کان پوءِ ڀر ۾ ٻيو ڳوٺ اڏيندا رهيا ۽ موجوده سيتا وليج جو ڳوٺ جيڪو ٻن حصن ۾ ورهايل آهي، چوٿون ڀيرو اڏيل ڳوٺ آهي، جو پڻ قدامت جو حامل آهي ۽ ڪيئي تاريخي مرحلن مان گذري چُڪو آهي، ارغونن ۽ مغلن ڀيليو آهي،نادر ۽ مدد خان پارن ڪيترن ئي لُٽيو آهي، شاھ حسن ۽ همايون جي پاٽ اچڻ واري زماني ۾ لشڪرن جي ڇاوڻين طور استعمال ٿيو آهي، هن ڳوٺ جي سيني ۾ زماني جون سياسي، سماجي، ڌرمي، عشقي، ادبي، بزمي ۽ رزمي ڳالهيون ڳتيل آهن جو پنهنجي خاموش زبان سان هر ايندڙ ويندڙ سان سلي رهيو آهي، گذريل دؤر جي تهذيب ۽ ثقافت سندس پيٽ ۾ لڪيل آهي، تقسيم هند و پاڪ کان اڳ جي هندن جا گهر، مندر، پاٺشالائون، ودياله، ڌرمشالائون، پنچائت گهر ۽ سنگيت گهر ڊهندا ڪرندا ۽ ڪجھه مقامي ماڻهن طرفان منهدم ٿيندا زمين سان هموار ٿيندا ويا، تانجو موجوده وقت ڪا به هندو دؤر جي سالم بچيل نشاني نه آهي، هاڻ ته ڪجھه اڻ لکا اهڃاڻ به مفقود ٿيندا پيا وڃن،
هن ڳوٺ جا قديم قبيلا برهمڻ، آريا، لهاڻا، ڀاٽيا (ڀٽي)، جاٽيا، ٺڪر، راجپوت، ماڇي، ميربحر، ميمڻ، سک، راوڙا، آرهيڙي، ڀٽ، ڀان، چارڻ، شڪاري، جوڳي، کتري، سومرا، ٻڙا، سولنگي ۽ چنا هيا.هندن جي لڏ پلاڻ کان پوءِ کٽي، ڀٽي، سومرا، سولنگي، چنا، لهاڻا، ميمڻ، ماڇي ميربحر بدستور موجود آهن، عربن جي دؤر حڪومت ۾ هي ڳوٺ سيدن جو به آمجگاھ بڻيو.
انهي کان علاوه هن ڳوٺ ۾ خاصخيلي، صديقي، ڀنڀورائي، سمه، ڪلهوڙا، ڀُرٽ، ڀچ ۽ ٻيون ذاتيون به عرصه دراز کان سڪونت پذير آه، سيتا ڳوٺ جي ڀروارن قبيلن ۽ ذاتين ۾ چانڊيا، ماڇي، منگي، ڀُرٽ، شر، لاشاري، لغاري، کوسا، ڪولاچي، لاکير، کوکر، ٽڳا، گھلو، سرائي، راهوجا، هنڱورجا، لاکا ۽ پلھه آهن، جن مان ڪيترن ئي قبيلن جا پنهنجا ڳوٺ ٻڌل آهن،
قديم زماني کان وٺي هن ڳوٺ ۾ هندو ڌرم ۽ فرقا جهڙوڪه هندو ڌرم (سناٿن ڌرم) جين ڌرم، ٻڌ ڌرم، دريا پنٿي، مها ڪالي پنٿي، ويشنو پنٿي ۽ گرونانڪ پنٿي هئا، عربن جي فتوحات کانپوءِ هن ڳوٺ ۾ اسلام پکڙيو ۽ مٿين ڌرمن ۽ پنٿين جو اوج ٽٽڻ لڳو، تان جو 1947ع ۾ هندو قبيلا لڏي ويا ۽ رهيل کهيل هندو معاشرو به ختم ٿي ويو.
هندو معاشري واري زماني ۾ هتان جا پنڊت، مهراج، ٻاوا، ٻانڀڻ، ديوان، عامل، جوتشي، گويا، ڀڳت، مُکي، بت تراش، مصور، شاعر ۽ ڳائڻا مشهور هئا، ان دؤر جي مشهور شخصيتن ۾ مهراج ڪرشنا نند، پنڊت فتن داس، ٻائو لڇمڻ داس، مکي طوطل داس ٽهلياڻي، ايسر مل خانچنداڻي، آچاريه جوتو مل، شاعر ليلا رام، مصور بولچند، استاد ڪوڏڻ مل، گويو تارا چند وغيره آهن،
اسلامي معاشري کي استوار ڪرڻ ۾ هتي سيد دارا شاھ، حاجي اشرف شاھ، سيد فتح محمد شاھ، سيد علي مراد شاھ پيش پيش رهيا، ديني عالمن ۾ مشهور عالم دين ۽ مدرس آخوند مولانا ڇُٽو ڀٽي،آخوند عبدالرحمان ڀٽي، آخوند مولانا الهه بخش ڀٽي، آخوند محمد صالح ڀٽي سيتائي ۽ مولوي محمد صديق سيتائي جهڙا اسلامي بزرگ قابل ذڪر هئا، هتان جي عالمن فقيهن ۽ بزرگن جي سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر به هاڪ هئي، آخوند محمد صالح ڀٽي سنڌ ۾ کوڙ سارا شاگرد پيدا ڪيا جن مان مولوي الهرکيو معرفاڻي جو قمبر جي پاسي جو هيو، وڏو جيد ۽ مشهور زمانه عالم بڻيو، آخوند محمد صالح ڀٽي جو ننڍو ڀاءُ آخوند محمد دائود ڀٽي به پنهنجي دؤر جو بلند پايه عالم، مذهبي اسڪالر ۽ فارسي زبان جو بهترين شاعر هو،جڏهن ته مولوي محمد صديق سيتائي کان حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ۽ علامه دائود پوٽه جهڙا عظيم انسان ابتدائي سبق وٺي ويا.
سيتا اڄ به هر شعبه زندگي ۾ نهايت نالي وارا ماڻهو پيدا ڪيا آهن، سيتا علم ۽ فيض جو سرچشمو رهي آهي ۽ اڄ به هتي وڏڙن جي جوت جلندڙ آهي.
سيتا ڳوٺ جو شاندار ماضي گواھ آهي ته هي ڳوٺ علم ۽ ادب جو هر دؤر ۾ مرڪز رهيو آهي، هندن جي دؤر ۾ ساهت سنگتون ۽ ڪوتا منڊليون قائم هيون، ان دؤر ۾ ساهت، سڀيتا کي زور وٺائڻ لاءِ ننڍيون وڏيون تنظيمون موجود هيون، ادبي پروگرام محفلون ۽ مشاعره ڪرائڻ ۾ هندو اديب ۽ شاعر پيش پيش رهيا، ناٽڪ لکڻ ۽ ناٽڪ منڊليون قائم ڪرڻ ۽ انهن ناٽڪن کي اسٽيج ڪرائڻ به انهن جو محبوب مشغلو هيو، ناٽڪن ۾ سماجي رنگ اجاگر ڪرڻ، ٻڌي ۽ ايڪي جهڙا موضوع ماڻهن تائين پهچائڻ جي شعوري ڪوشش هوندي هئي، جن جو ذڪر هتان جا پڙهيل ڪڙهيل وڏڙا اڪثر ڪندا هئا، پر اهڙين ڪارگذارين جو ڪو به تحريري دفتر سرد ست موجود نه آهي جو تفصيلي طرح ٻڌائي سگهجي ته ان دؤر ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون سڀائون ۽ منڊليون هيون، وڏڙا ٻڌائن ٿا ته نه رڳو ادبي منڊل ٿيندا هئا پر راڳ ۽ رنگ جون محفلون به ٿينديون هيون، جن جي ذريعي هندو ڪوي پنهنجو ڪلام ڳوٺاڻن تائين پهچائيندا هئا، هندن جي لڏپلاڻ سبب ڪجھه هندو اديب، ڪجھه ڳائڻا، ڪجھه مصور ادب ۽ فن سان دلچسپي رکندڙ مور ماڻهو سيتا کي خير آباد چئي ويا، انهن مان ليلا رام ’’شاعر‘‘ سيتائي جنهن جو تخلص ئي “شاعر” هيو، تارا چند گويو، پرسورام (ڳائڻو)، هولا رام (ڀڳت) به سيتا جي وڻن کي هميشه لاءِ خير آبا چئي ويا، بولچند ڪيسوملاڻي ماهر استاد شاعر ۽ مصور هيو، جو 1947ع ۾ لڏي ويو، جنهن جي هڪ شاهڪار تصوير ( هڪ هندو ناري ۽ ڪاز پکيءَ جي )پرائمري اسڪول سيتا وليج جي هڪ ڪلاس جو ديوار تي ٺاهيل هئي ( جنهن کي ڏسي متاثر ٿي بشير سيتائي هڪ نظم به لکيو هيو جيڪو سندس ڪتاب “ڏات نه ٿيندي مات” جي صفحي نمبر 36 تي آهي ۽ ان تصوير جي بربادي بابت نظم به هن مجموعي ۾ پڻ موجود آهي) سيتا ڳوٺ جي ان وقت ڊگهي بازار چوڪ کان پرائمري اسڪول تائين، هوندي هئي، ۽ ان ۾ مشاعرا، ست سنگ، ناٽڪ ۽ راڳ جون محفلون ٿينديون هيون، ۽ هندياڻيون ماڙين ۽ ڪوٺن تي چڙهي اهو رنگ ڏسنديون هيون، پري پري جا شاعر، سنگيتڪار، راڳي. گويا، ناٽڪن جا اداڪار ۽ صداڪار به ايندا هئا، ڪي منڊل ۽ ميڙاڪا مندر جي ايوانن تي به ٿيندا هئا،
“بشير سيتائي، جيڪو سيتا جي ماٿي جو سندور آهي ۽ هن سموري تاريخ جو ليکڪ پڻ آهي”، تنهن سيتا ڳوٺ جي ماضي جي ڪن منظرن بابت ڳوٺ جي وڏڙن کان معلومات وٺي هڪ مضمون “ جڏهن سيتا، سيتا هئي” جو عنوان سان ڇپايو هيو. جنهن ۾ ڳوٺ جي ماضي جي تعليم، ادب، ثقافت رهڻي ڪهڻي، هندن جي رسمن رواجن ۽ ست سنگ ۽ ڀڳت جي محفلن ۽ رهاڻين بابت انهن جون يادون قلمبند ڪيون هيون، المقصد سيتا ڳوٺ جو ادبي ۽ ثقافتي حوالي سان هڪ شاندار ماضي هيو، هندو لڏي ويا ته اهي سڀ رونقون پاڻ سان گڏ کڻي ويا، اڄ فقط انهن جون ڌنڌليون يادون آهن جي پڻ هن وٺ پُڄان جي دؤر ۾ ميساربيون پيون وڃن ۽ ايندڙ نسل ته ان جو تصور به نه ڪري سگهندو، اڄ اهي ادب ۽ ثقافت جا پرستار ۽ سهائتا ڪندڙ سيٺ هيمراج، سيٺ ٺاڪو مل، سيٺ ڏاسو مل، سيٺ لکو مل، سيٺ ورند مل، سيٺ پوپٽ مل، مکي طوطل داس، ٻالچند، حڪيم تارو مل، مينگهومل باغائي، استاد ڪوڏڻ مل، جوتو مل، ڀيرو مل، ۽ سرپئنچ ايسرداس به ڪونهن، وقت جو واءُ انهن کي الائي ته ڪاڏي کڻي ويو، نه اهي مندر، نه منڊليون، نه سنگيت گهر، ۽ نه ساهت گهر.2)
ماضي قريب ۾ ادبي ڪارگذارين جو ٿورو گھڻو وچور ملي ٿو، جنهن تي بلوچ صحبت علي جي مرتب ڏنل ڪتاب “ سيتا جا سدا بهار ماڻهو ” ۾ بشير سيتائي پاران تفصيلي مضمون ڏنل آهي، جنهن ۾ 1880 کان وٺي 1990 جي وچ واري عرصي جي پوري تفصيلي ڪارگزاري ڏني وئي آهي، جنهن ۾ هُن صاحب ٻڌايو آهي ته پاڪستان ٺهڻ کان ڪي سال اڳ ۽ پوءِ مرحوم جمعه خان غريب هن ڳوٺ ۾ وڏي ادبي هلچل پيدا ڪئي ۽ هن ڳوٺ مان ماهوار رسالو طالب الموليٰ پڻ جاري ڪيو،
سيتا روڊ جو سدا حيات شاعر پيرل پرديسي سيتائي جيڪو “استاد” پيرل پرديسي سيتائي جي نالي سان سڏجڻ لڳو تنهن سيتاروڊ ۾ اهڙو ته ادبي باغ لڳايو، جنهن مان ڪيترا ئي شگفته گل ڦُٽي نڪتا، جن پنهنجون سموريون ادبي توانايون ۽ صلاحيتون خرچ ڪري سيتا سميت پوري سنڌ ۾ پاڻ مڃرايو آهي، جن ۾ مجبور ميمڻ سيتائي (جنهن جو شاعري مجموعو “ٻرندي ٻرندي لاٽ” 2013 ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو)، سقراط سيتائي، قمرڀان، حقير بلوچ، صابر پريمي، فدا سومرو، بيوس بچل سيتائي، منصور سيتائي، مشهور ميمڻ، مسرور سيتائي، سهڻل سيتائي، ادنيٰ جانوري، درد جانوري، سڄڻ سيتائي، شهزاد سيتائي، اصغر سيتائي ( جنهن جا ٻه شاعري مجموعا “ اکڙيون اوسيئڙا” سال 2002ع ۾ ۽ “سونهن کي سلام” 2014ع ۽ سندس حمد ۽ نعتن جو تخليقي مجموعو “موتي ميڙيا مون” 2012 ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا.)، غريب گل سيتائي، آس اسماعيل سولنگي ۽ ٻيا ڪيترا ئي نالا شامل آهن.
استاد پيرل پرديسي سيتائي جو شاعري مجموعو “ دل آئينو پٿر دنيا” 1992ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن جو مهاڳ سنڌ جي مشهور ۽ معروف شاعر استاد بخاري لکيو، ۽ ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي بشير سيتائي جا تاثرات آهن. مُهاڳ ۾ استاد بخاري پيرل پرديسي سيتائي کي “ادب جو ادارو” ڪري سڏيو آهي، ان کان پو سيتاروڊ ۾ ادبي سرگرميون پنهنجي عروج تي هيون، ۽ ڪيترا ئي ننڍا وڏا مشاعرا ڪرايا ويا، جن ۾ مقامي توڙي غير مقامي اديبن ۽ شاعرن وڏي پئماني تي حصو ورتو،“پيرل پرديسي سيتائي 29 ڊسمبر 2002ع ۾ وفات ڪئي”.
سال 1984ع ۾ فياض بلوچ جي ڪوششن سان شاھ عنايت شهيد لائبريري سيتاروڊ جو قيام عمل ۾ آيو.فياض بلوچ، ابراهيم سومرو، غريب گل سيتائي ۽ منصور سيتائي بلترتيب ان جا انچارج رهيا، 1984ع ۾ ئي فياض بلوچ ۽ قمر ڀان جي ڪوششن سان “سنڌي ادبي سنگت” سيتاروڊ جي “شاخ” جو بنياد وڌو، سنڌي ادبي سنگت شاخ سيتاروڊ ڪيترائي مشاعرا ۽ ليڪچر ڪرايا، مختلف موضوعن تي جن صاحبن ليڪچر ڏنا انهن ۾ استاد بخاري، ناظم منگي، نواز رڪڻائي، بشير سيتائي، نشتر ناٿن شاهي، تاج جويو، ناز سنائي، شمس سومرو، تاج صحرائي، حاڪم علي شاھ بخاري، عزيز ڪنگراڻي، علي دوست عاجز، راهي چنا، سنڌو ميراڻي ۽ پروانو سيوهاڻي قابل ذڪر آهن. هن سنگت هتان جي مقامي ۽ ٻين شاعرن، عالمن ۽ اديبن جي ياد ۾ ننڍا وڏا ميڙاڪا ۽ محفلون پڻ ڪرايون آهن، جن ۾ مرحوم جمع خان غريب، محمد رمضان ثاقب، آخوند محمد صالح ڀٽي، مولوي محمد صديق سيتائي، مولوي عبدالغفور سيتائي، سيد حاجن شاھ هموطن سيتائي، سر شفيع، ناظم منگي، استاد بخاري ۽ مرحوم استاد پيرل پرديسي سيتائي وغيره اچي وڃن ٿا. سنگت جي ان روايت مطابق مرحوم اديبن جا ڏهاڙا ۽ حال حيات اديبن سان رهاڻيون ملهايون وڃن ٿيون، مرحوم پيرل پرديسي سيتائي جنهن هن شهر ۾ پنهنجا لاتعداد شاگرد پيدا ڪري ادبي ماحول سنواريو ۽ سجايو ان جي هر سال ورسي نهايت عقيدت، ادب ۽ احترام سان ملهائي وڃي ٿي،
پيرل پرديسي سيتائي جي پيدا ڪيل شاگردن به ( جنهنجا نالا مٿي ڏئي آيو آهيان) سيتاروڊ ۾ پنهنجا ڪيترائي نوجوان شاگرد پڻ پيدا ڪيا جن ۾ مون مضمون نگار وسيم آڪاش سيتائي ( شاعري مجموعو “هوائن ڇير ڇمڪائي” 2014 ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو)، گهائل غلام مصطفيٰ سولنگي، عاجز فهيم ميمڻ سيتائي، فياض منصور، آصف علي خاصخيلي سيتائي، منور ملاح، عزيز سيتائي، حليم باغي سيتائي، منظور سيتائي، عزيز شاڪر، ذاڪر سيتائي، راجا اشفاق سميت ڪيترا ئي نالا شامل آهن. جيڪي وڏڙن جي روايت کي برقرار رکندي مسلسل اڄ تائين سنڌي ٻولي جي بقا واري عمل کي هٿي ڏئي سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجھه واري عمل ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
سنڌي ادبي سنگت شاخ سيتاروڊ ويجھڙائي ۾ منصور سيتائي جي اڻٿڪ ڪوششن ۽ ڪاوشن سان پڻ وڏي پئماني تي ادبي ميڙاڪا ڪرايا آهن جنهن ۾ دادو ضلعي جي مختلف شهرن سميت گھوٽڪي، ڏهرڪي، شهداد ڪوٽ، ڪراچي، حيدر آباد، لاڙڪاڻو سميت سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان وڏي انگ ۾ اديبن ۽ شاعرن شرڪت ڪئي آهي!سنڌي ادبي سنگت شاخ سيتاروڊ پنهنجا ادبي فرائض بدستور سرانجام ڏئي رهي آهي ۽ هر قدم تي ان جو مرڪز سان پڻ ڳوڙهو ڳانڍاپو آهي.
(3.سنڌي ادبي سنگت شاخ سيتاروڊ جا سلسليوار سيڪريٽري هيٺ ڄاڻايل صاحب رهيا.
فياض بلوچ 1984ع
قمرڀان 1985ع ۽ 1986ع
فياض بلوچ 1987ع ۽ 1988ع
بشير سيتائي 1989ع
منصور سيتائي 1990ع
صابر پريمي 1991ع ۽ 1992ع
فدا سومرو 1993ع
منصور سيتائي 1994ع
مشهور ميمڻ 1995ع، 1996ع ۽ 1997ع
غريب گل سيتائي 1998ع، 1999ع ۽ 2000ع
منصور سيتائي 2001ع، 2002ع، 2003ع کان مئي 2014ع)
عزيز سيتائي جون 2014ع کان ڊسمبر 2014ع
منصور سيتائي جنوري 2015ع کان هلندڙ..........!

سيتا جي سموري ادبي سفر دؤران جيڪي به عاليشان مشاعرا، ميڙاڪا ۽ ڪانفرنسون ٿيون، انهن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان جيڪي بزرگ ۽ نوجوان اديب_شاعر اڪثر مشاعرن ۽ ادبي محفلن ۾ قرب جا قدم ڀري ايندا رهيا انهن جو ذڪر ڪرڻ پڻ ضروري ٿيندو، انهن جا نالا هي آهن.
حافظ محمد احسن چنا، عبدالله اثر لاڙڪاڻوي، احمد خان آصف، محسن ڪڪڙائي، آثم ناٿن شاهي، احمد خان سيال، احمد خان مدهوش، استاد بخاري، نواز رڪڻائي، جگر سنڌي، نشتر ناٿن شاهي، علي حيدر حيدري، سيد فيروز حسين شاھ، “ظفر” سيوهاڻي، مظهر سيوهاڻي، اسحاق راهي، محمد علي عيان دائود پوٽو، محمد اشرف “منصور” ٽلٽائي، محمد نواز محزون، محمد عالم شبنم ڏوگر، لونگ خان لائق سيتائي، اڪرم ٻورڙائي، مخدوم غالب ملڪاڻي، مفتون ملڪاڻي، تاج صحرائي، عبدالله مگسي، اڪبر شاهاڻي، سومر سودائي، خدا بخش خادم، عبدالله همدم، مولوي عبدالغفور سيتائي، سرتاج لڪياري، هموطن سيتائي، مشتاق سچاوري، غلام حيدر سيوستاني، ڪمال الدين سولنگي، حبيب الله ٻاٽائي، يار محمد جهانگي، نثار بزمي، مقصود گل، دادن فقير، ملنگ حيدري، سرڪش سنڌي، خادم رفيقي، هذارو خان مجاهد، پيرل قمبر، گل حسن گوپانگ، محمد رمضان آزاد، علي حسن گدا، محبوب ڏيپر، جوهر بروهي، علي دوست عاجز، نواز عباسي دادوي، عبدالمجيد پياسي، الهورايو مسرور، خليل عارف سومرو، الطاف لاکير، آزاد سچل اعواڻ، غلام قادر عطاش، اختر بروهي، فياض بلوچ، ناظم منگي، وفا ناٿن شاهي، راز ناٿن شاهي، راهي چنا، اطهر منگي، بخشل لڌاڻي، سيد عبدالرحمان شاھ اظهر، عبدمگسي، سڪندر آه ،شاهنواز مسافر، عبدالغفار تبسم، ذوالفقار گاڏهي،گلزار سيال، معصوم بخاري، تابش بخاري، مولائي منظور، مارو جمالي، گلزار پاٽائي، اعظم ميمڻ، زخمي زاهد، محبوب زنگيجو، احسان زنگيجو، نماڻو صديق مهيسر، گوهر گل ڳورڙ، اسحاق سميجو، عزيز ڪنگراڻي، لياقت علي لياقت، صابر سيد پوري، جميل سومرو، مفتون ڪورائي، پريم پتافي،امر کهاوڙ، مير علي مير، فقير عابد علي، غلام مجتبيٰ لاڙڪ، عزيز قاسماڻي، عاجز سرگاڻي، الطاف جانوري، رجب آزاد، شبيرڻ پاٽائي سميت ڪيترائي نالا شامل آهن،
انهن سڀني اهل علم ۽ اهل قلم حضرات جو سيتاڳوٺ_ سيتاروڊ جي ادبي محفلن کي رونقون بخشڻ ۾ تمام وڏو هٿ آهي،
هن وقت سيتاروڊ جي موجوده ادبي هلچل پنهنجي شاندار ماضيءَ جئان عروج تي آهي، سيتاروڊ ۾ هن وقت تقريبن ٻٽيهه شاعر مسلسل لکي رهيا آهن، ايترن سارن شاعرن جي هوندي منهنجي ذهن ۾ خيال جنم ورتو ته ڇو نه سيتاروڊ جي شاعرن جو گڏيل شاعريءَ جو مجموعو ترتيب ڏجي. تنهن کان پوءِ باقاعدگيءَ سان پنهنجي خيال کي حقيقت جو روپ ڏيڻ ۾ لڳي ويس، ان مرحلي ۾ ڪيترن ئي ڏکاين مان گذرڻو پيو، پر سڀ کان وڌيڪ اهم مسئلو اهو هيو ته ٻٽيهن شاعرن جي شاعريءَ کي هڪ هنڌ هڪ مجموعي ۾ ڪئين پوئجي، گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ ان فيصلي تي پهتس ته ڇو نه هن گڏيل شاعريءَ جي مجموعي کي ٻن حصن ۾ ورهائي ’’ڏهر منجهه ڏيئا“ ڀاڱو پهريون ۽ ’’ڏهـر منجهه ڏيئا‘‘ ڀاڱو ٻيون جي صورت ۾ ڇپائجي، ۽ تنهن کان پوءِ سينيئرز ۽ جونيئرز جي مليل سنگم تي هن مجموعي کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو، ۽ مان الله تعالي جو شُڪر ادا ڪريان ٿو، جو هن مجموعي ۾ شامل شاعرن جي شاعري سهيڙڻ کان وٺي ڪمپوزنگ ۽ ڇپائي تائين سڀئي مرحلا منهنجي هٿان ٿي گذريا، ۽ انشاالله هن مجموعي جو ٻيون حصو به جلد پڙهندڙن تائين پهچائڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي ويندي،
مان بشير سيتائي جو بيحد ٿورائتو آهيان جنهن هن مجموعي جي خيال کان وٺي ڇپجڻ تائين منهنجي رهنمائي ۽ رهبري ڪئي، اُن کان پوءِ پنهنجي محسن، ٻاجهاري ۽ سنڌي ٻوليءَ جي نقاد خليق ٻگهيو جو نهايت ئي ٿورائتو آهيان جن پنهنجي مصروف زندگيءَ مان وقت ڪڍي صرف ٻن هفتن ۾ هن مجموعي ۾ شامل شاعرن جي تخليقي پورهئي تي مهاڳ لکي اُن ۾ روح ڦوڪي ڇڏيو ۽ تخليقن کي عمر جو شرف عطا ڪيو، جوهر بروهي ۽ پريم پتافي جو به ٿورائتو آهيان جن هن مجموعي جو بيڪ ٽائيٽل لکيا، ان پوري سلسلي ۾ ساٿ ڏيندڙ سنڌي ادبي سنگت شاخ سيتاروڊ جي سمورن دوستن منصور سيتائي، مشهور ميمڻ، قمرڀان، غريب گل سيتائي، ربنواز سولنگي، احمد نواز سولنگي، عاجز فهيم ميمڻ سيتائي، آصف سيتائي ۽ فياض منصور سميت سڀني جو پڻ ٿورائتو آهيان، ۽ پنهنجن ڀائرن جهڙن دوستن، سجاد حسين ميمڻ، سعيد احمد ميمڻ، امجد علي ميمڻ، آزاد ميراڻي، سعيد احمد سولنگي، سيد عبدالستار شاھ، سليمان سومرو، جو پڻ ٿورائتو آهيان، جن هر وک تي منهنجي حوصله افزائي ڪئي ۽ مون کي اُتساھ ڏنو.



وسيم آڪاش سيتائي
سيتاروڊ_سنڌ
Cell: 03008735469
________________________
حوالا:
1.دادو ضلعو هڪ اڀياس_ محمد عرس “اظهر“ سولنگي
2. سيتا جا سدا بهار ماڻهو _مرتب بلوچ صحبت علي.
“سيتا جو تاريخي پسمنظر”_ بشير سيتائي
3. سنڌي ادبي سنگت شاخ سيتاروڊ جي هلچل ۽ قيام_ منصور سيتائي