آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

مُرڪون مهڪون ميڙيم !

اقبال بلوچ سنڌي ادب جو هڪ سٻاجهڙو ۽ نفيس ليکڪ آهي. هن پنھنجي يادگيرين جي ڪتاب (مُرڪون مَھڪون ميڙيم) ۾ پنھنجي 61 سالن جي سموري زندگيءَ جا اکين ڏٺا حال، يادگيريون، پنھنجي پوري سچائيءَ سان (بقول اقبال بلوچ جي) اوهان پڙهندڙن جي اڳيان اوريا آهن. هن ڪتاب ۾ موضوعاتي تسلسل کي برقرار رکندي ترتيبوار سال جي واقعن کي قلم بند ڪرڻ جي بدران وقت، واقعا ۽ سال بنھ الڳ الڳ بيان ڪيل آهن.

Title Cover of book مُرڪون مهڪون ميڙيم !

اداري طرفان

يادون انساني جيون ۾ تمام گهرو اثر ڇڏينديون آهن. هر شخص وٽ پنهنجي پنهنجي دور جون اڻ ڳڻيون يادون دفن آهن. ماضي جا ورق اٿلائيندي ڪڏهن ڪڏهن انسان بي اختيار ڳوڙها به ڳاڙيندو آهي ته وري ڪڏهن چپن تي هلڪي مرڪ به سجائيندو آهي. سو هڪ ليکڪ جنهن جو سڌو سنئون تعلق احساس سان پڻ آهي، اهڙي حساس ليکڪ لاءِ پنهنجي ماضي جي يادن کي ڪاغذ جي پنن تي اتارڻ ڪنهن پُلصراط تان گذرڻ کان گهٽ نه آهي. اقبال بلوچ اسان جي سنڌي ادب جو هڪ سٻاجهڙو ۽ نفيس ليکڪ آهي. هن پنهنجي يادگيرين جي ڪتاب (مُرڪون مَهڪون ميڙيم) ۾ پنهنجي سموري زندگي جا اکين ڏٺا حال، يادگيريون پنهنجي پوري سچائي سان (بقول اقبال بلوچ جي) اوهان پڙهندڙن جي اڳيان اوريا آهن. هن ڪتاب ۾ موضوعاتي تسلسل کي برقرار رکندي ترتيبوار سال جي واقعن کي قلم بند ڪرڻ جي بدران وقت، واقعا ۽ سال بنهه الڳ الڳ بيان ڪيل آهن. ڇو ته هن ڪتاب ۾ رواني به انهيءَ ترتيب سان وڌيڪ خوبصورت ۽ وڻندڙ ٿي پئي آهي. لفاظي، اجائي ڊيگهه، خوامخواهه جي ڪوڙ ۽ طوالت کان پاسو ڪندي، پنهنجي سنڌي ٻولي ۾ بلڪل آسان ۽ سولي طريقي سان پنهنجي تمام واقعن کي اقبال بلوچ هن ڪتاب ۾ محفوظ ڪيو آهي ۽ سنڌي ادب کي پنهنجي طرفان هڪ وڌيڪ ڪتاب جي سوکڙي ڏني آهي. ياد رهي اقبال بلوچ جا هن وقت تائين 4 ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. هي سندس پنجون ڪتاب آهي.
احساس پبليڪيشن حيدرآباد هن موقعي تي پنهنجي خوشي جو اظهار ڪري رهي آهي ته هميشه جيان هن دفعي به اسان جي اداري طرفان اوهان پڙهندڙن جي لاءِ هڪ خوبصورت تحفو حاضر آهي. اميد ته اڳ جيان هن ڀيري به اسان جي هي نماڻي ڪوشش اوهان سڀني کي پڻ پسند ايندي.

خيرانديش
احساس پبليڪيشن حيدرآباد
Cell # 03013324100
Email: magazineehsaas@gmail.com