4
1988 جي 30 سيپٽمبر ۽ پهرين آڪٽوبر جنهن ڏينهن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ لساني جڳهڙا (اردو ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ وچ ۾ فساد) شروع ٿي چڪا هئا. ڏسندي ڏسندي سڄي سنڌ کي ان باهه ۾ ڌڪيو ويو هو. اندورنِ سنڌ ۾ مهاجرن جي گهرن کي ساڙيو ويو هو ۽ ماڻهن کي ماريو ويو هو ته اهڙي طرح ڪراچي، حيدرآباد ۾ سنڌي ماڻهن کي ماريو ويو. جتي جتي به سنڌي رهندا هئا انهن جي گهرن ۾ لُٽ مار، عزتون لُٽڻ، مارڻ ۽ گهرن کي ساڙڻ جي باهه چپي چپي ۾ هر هنڌ ڦهلجي وئي هئي. آءُ ته هڪ سال اڳ بلڪه ڪجهه مهينا اڳ لطيف آباد مان لڏي HDA فليٽن ۾ منتقل ٿي چڪو هوس. هاالبته منهنجو وڏو ڀاءُ ۽ منهنجا سهريجا لطيف آباد 8 نمبر ۾ رهندا هئا. منهنجي وڏي جي فيملي کي پاڙي وارن فوج جي نگراني ۾ ريلوي اسٽيشن پهچايو جتان هو خيريت سان تلهار پهتا. ۽ منهنجي سهريجائي فيملي کي فوج انهن جي چوڻ تي فليٽن ۾ منهنجي گهر پهچايو. جتي اظهر صاحب انهن کي هڪ فليٽ ڪجهه ڏينهن لاءِ کولي ڏنو. هفتي کن کانپوءِ حيدرآباد ۾ لڳل ڪرفيو ۾ منهنجا سهريجا فوجين سان گڏ پنهنجو سامان کڻڻ ويا ته ڇا ڏسن سڄو گهر سڙي ويو ۽ گهر ۾ پيل هر شيءَ باهه ۾ سڙي رک ٿي وئي هئي، بس انهن ڏينهن ۾ سنڌين لاءِ حيدرآباد ۽ ڪراچي ڄڻ ڪربلا ۽ ڪوفو ٿي ويا هئا. ڪجهه مهينا هو هتي رهيا پوءِ دوابي سومرا ڳوٺ ۾ سنڌين نسيم نگر ۾ سنڌين کي آباد ڪيو ويو. منهنجو سهريجا نسيم نگر ۾ جاءِ ورتي پوءِ اهي هوڏانهن شفٽ ٿي ويا.
اهي قيامت خيز ڏينهن لساني فسادن سبب هزارين سنڌين، مهاجرن پنهنجن زندگي کان، گهرن کان، ملڪيت کان، جان ۽ مال کان محروم ٿي ويا. اها تلخ ۽ غمن ڀري لمحات زندگي جا ڪجهه مهينا ڪڏهن به نه وسرندا ۽ اڃان تائين اهو لمحو به لمحو ياد ئي رهجي ويو.
بابا جو وڇوڙو (1990 جي ڏُک ڀري ياد)
1988 جي لساني فسادن بعد جيڪو جتي هو اتي رهجي ويو. بابا جيڪو مون وٽ گهڻو ايندو هو. هن جو اچڻ به گهٽ ٿي ويو. 1989 جو سال شروع ٿي چڪو هو. فساد گهڻو گهٽجي ويا هئا. مسلسل ڪرفيو لڳڻ سبب ڪجهه اُمن به ٿي رهيو هو. سنڌين پنهنجو رهيل لکن جون ملڪيتون هزارن ۾ وڪڻي ڇڏيون هيون. نسيم نگر ۾ جڳهيون سنڌين کي سستيون ملي رهيون هيون. اتي به گهڻن جڳهين جا مالڪ مهاجرن جا بوڪ ٿيل هئا انهن به ڀڳڙن مُٺ ۾ جڳهيون وڪرو ڪيون. گهڻن جڳهين تي سنڌين قبضا ڪيا قوم پرستن تالا ڀڃي سنڌين کي رهايو. بابا وري اسان وٽ هر هفتي اچڻ لڳو هو. سو اچانڪ بيمار ٿي پيو راجپوتانه اسپتال ۾ داخل ٿيو ۽ پوءِ نسيم نگر ۾ ادا ناصر علي جي گهر رهڻ لڳو. جنوري 1990 ۾ گذاري ويو. هن جو لاشض منهنجي گهر HDA فليٽن ۾ ايمبولنس ذريعي آندو ويو ۽ پوءِ اسان گڏجي تلهار کڻائي وياسين.
بابا جي آخري دعا (1990 جي مٺي ياد)
بابا پنهنجي وفات کان اڳ آخرين ڏينهن ۾ اسان جي گهر آيو هو منهنجي زال حسبِ دستور اُسر ويل اُٿي هئي هن کي گرم پاڻي ڪري ڏنو هو. وهنجي سهنجي نماز پڙهي، قرآن شريف هر روز پڙهندو هو. نيرن ڪري صبح سوير ستين بجه روانو ٿي ويندو هو. بابا پنهنجي ننهن جي خدمت سان ڏاڍو خوش ٿيندو هو انهن ڏينهن ۾ منهنجي شادي کي 8 کان 9 سال گذري چڪا هئا. باوجود ڪيترن ئي علاجن جي ٻار نه ٿي رهيو هو. سڀني ڊاڪٽرياڻين کي آزمائي آخر ۾ ميڊم آفتاب منير جي علاج کي لڳي وياسين. هونئن ته منهنجي اولاد لاءِ بابا کي به سِڪ هئي ۽ سدائين دعائون پيو ڪندو هو پر هڪ ڏينهن جي دعا مون کي ياد آهي. صبح سوير وهنجي سهنجي نماز پڙهي حسبِ معمول قرآن شريف پڙهي رهيو هو. قرآن شريف جو دور ختم ڪندي پنهنجي ننهن کي سڏ ڪري مٿي تي هٿ رکي دعا ڪندي چيائين ڏسجانءِ توکي هاڻ الله سائين ٻار ڏيندو. مون دعا ڪري ڇڏي آهي. ۽ واقعي هن جي دعا سان الله سائين رنگ لاتو هو ۽ بابا جي دعا قبول پئي هئي. الله سائين ٻاجهه ڪئي هئي. الل سائين کان هميشه رحم و ڪرم جي دعا آهي ته هميشه الله پاڪ مون غريب تي رحم ڪندو رهي. آمين
بابا جا آخري ڏينهن (1990 جي دعائن واري ياد)
بابا پنهنجي آخري ڏينهن ۾ اسپتال ۾ داخل هو. هڪ ڏينهن اسان ٻئي زال مڙس هن سان ملڻ لاءِ اسپتال ويا هياسين جيئين ته اسان جو گهر پري هو ۽ لساني جڳهڙن جي باهه اڃان ٻري رهي هئي. ڪير به شهر نه ويندو هو سواءِ ڊيوٽي جي. هر روز ڪرفيو لڳندو هو. ڪرفيو ۾ وڏا وڏا وقفا ٿيڻ لڳا ها. بابا اسپتال ۾ داخل هو پنهنجي ننهن (منهنجي گهر واري) کي دعائون ڪندي پڇيائين: هن چيو ها بابا! هن مهيني ٻار جو پهريون مهينو آهي. توهان جي دعائن سان آءُ توهان کي پهرين مهيني جي خوشخبري ٻڌايان ٿي مون کي ڀاڪر پائي چيائين: ابا الله ڪندو ڪڻن مان ڪيڄ ٿيندو. ائين بابا جي بي شمار دعائن سان اسان ٻنهي کي حاصل رهيون آخر تائين اهڙي طرح بابا جو لاڏاڻو جنوري 1990 ۾ ٿيو.
سرواڻ جو جنم (آڪٽوبر 1990 جي مٺي ياد)
بابا جي ڳالهه پئي ڪيم ته هن اولاد جي لاءِ تمام گهڻي ۽ دل سان دعا ڪئي هئي. هن جي دعا اهڙي اگهامي جو جنوري 1990 ۾ پاڻ ته هليو ويو پر دعا ڏئي ويو. اهڙي طرح سرواڻ 4 آڪٽوبر 1990 ۾ خير سان پيدا ٿيو هن وقت هو ماشا الله سول انجنيئر آهي. سرواڻ جي جنم ۽ ٻين ڳالهين جو تفصيلي ذڪر پنهنجي گذريل ڪتاب ”سروس بخير“ ۾ ڪري چڪو آهيان سو ڳالهه پئي ڪيم بابا جي دعائن جي ڪڏهن ڪڏهن جي دعا مُنڊي تي ٽِڪ جيان لڳي ويندي آهي ۽ سون برابر ٿي ويندي آهي. مون کي الله پاڪ تي يقين آهي ته بابا ۽ امان جون ڪيل دعائون مون سان گڏ، سرواڻ سان گڏ هميشه رهنديون ۽ تاحيات الله پاڪ جون مهربانيون مون سان ۽ منهنجي گهر سان گڏ رهنديون. آمين
قاسم آباد ۾ قدم (1990 جي شيرين ياد)
سرواڻ جي جنم آڪٽوبر 1990 کان ڪجهه مهينا اڳ آءُ HDA فليٽ وڪڻي، قاسم آباد منتقل ٿي ويو هوس. 1985 جي لساني فسادن کان پوءِ 1990 تائين قاسم آباد جي ايريا خاص ڪري نسيم نگر جا گهر جيڪي الله بخش مگسي جي وڏي اسڪيم هئي اهر گهر تقريباً ٺهي راس ٿي چڪا هئا. اهڙي طرح آس پاس جون ٻيون اسڪيمون ٺهي ويون هيون. اهي اسڪيمون اڃان پنج اٺ سال اڃان آباد نه ٿين ها جي هي لساني فساد نه ٿين ها ڇو جو شهباز بلڊنگ کان نسيم نگر ٻن ميلن جو فاصلو صرف جهنگ هو سومرن جون ٻنيون هيون انهي ٻنين جي وڇ سان پيرين پنڌ هلي نسيم نگر تائين پهچڻو پوندو هو.
بهرحال جيئن وقت گذرندو ويو. تئين سومرن ٻنيون وڪڻي ڇڏيون هيون آبادي ٿيڻ لڳي هئي. بسون هلڻ لڳيون هيون، سوزڪيون هلي پيون هيون. مون تي هاڻ مائٽن جو زور هو ته آءُ هاڻ اڪيلو هت نه رهان. سو آءُ به شايد جون جولاءِ 1990 سائيٽ ايريا جا HDA فليٽ ڇڏي نسيم نگر جي اسڪيم جي ڀرسان مصطفىٰ ٽائون فيز ون ۾ منهنجي دوست ۽ هاڻ مائٽ محترم عبدالڪريم سنديلو جي پٽ محترم اسلم سنديلو مون کي پنهنجي جاءِ جي چاٻي ڏيندي چيو ته توهان فوراً منهنجي جاءِ ۾ شفٽ ٿيو نه مسواڙ نه ايڊوانس. انهي ڪري جو انهي وقت شهر مان لڏي آيل سنڌي جاين تي قبضا ڪري رهيا هئا. جنهن جو هڪ دفعو قبضو ٿي ويو ڄڻ اها جاءِ ڇُٽي.... سو اسلم سنديلو پنهنجي جاءِ ۾ پنهنجا ماڻهو ويهاري ڇڏيا ۽ اسان جيئن انهي جاءِ ۾ شفٽ ٿياسين ته هن جا ويهاريل ماڻهو هليا ويا. اسان انهي جاءِ ۾ جيترو عرصو به رهياسين مفت رهياسين. انهي وچ ۾ مون نسيم نگر ۾ هڪ 80 گز جي جاءِ وٺي ڇڏي هئي.
شايد 1993 ۾ اسلم سنديلو کي جاءِ وڪڻڻي هئي. اسان کي جاءِ خالي ڪرڻ جو چيائين آءُ ورتل جاءِ جيڪا نسيم نگر ۾ هئي اوڏانهن شفٽ ٿيس ۽ اسلم پنهنجي جاءِ وڪڻي ڇڏي. اهڙي طرح منهنجو پُٽ سرواڻ حسن جي ولادت ته اسپتال ۾ ٿي پر انهي مصطفىٰ ٽائون واري گهر ۾ ٿي. سرواڻ ماءُ جي پيٽ ۾ HDA فليٽن ۾ ٿيو ۽ پيدائش قاسم آباد ۾ المصطفىٰ ٽائون فيز ون جي جاءِ ۾ ٿي.
قاسم آباد ۾ آءُ (1993 کانپوءِ جون يادون)
قاسم آباد ۾ ايندي ئي منهنجي جستجو اهيا هئي ته پنهنجي جاءِ وٺان.... جيتوڻيڪ لساني فسادن کان پوءِ مهاجر پنهنجون جايون سستيون وڪڻي رهيا هئا. ائين جيئن شهر لطيف آباد ۾ سنڌي ڀڳڙن مٺن ۾ جايون ڏئي رهيا هئا. HDA جو فليٽ وڪيو هوم. اتان پڳڙي سسٽم تحت 25000 روپيه مليا هئا. 10000 ملائي نسيم نگر ۾ هڪ مهاجر کان جاءِ ورتم. جيڪا ڪمپني کي هڪ لک پنجويهه هزار روپيه ڏيڻا هئا. هن ڪمپني 35000 روپيه ڏنا هئا. اهي هن کي ڏنم باقي رقم ڪمپني کي قسطن ۾ ڏيڻي هئي. قسطون ڏنم پر گهڻو پئسو نه هو جو ڪا اُڪي جاءِ وٺي سگهان يا ڪو پلاٽ وٺي سگهان. پوءِ هڪ جاءِ وٺندو هوس انهي ۾ سال کن رهي مرمت ڪرائي وري وڪڻندو هوس ائين جايون مٽائيندي مٽائيندي 12 جايون مٽايم. 11 جاين جي لڏ پلاڻ ۾ منهنجي گهر واري جو مون سان تعاون رهيو ته شفٽنگ واري (لڏ پلاڻ) مرحلي ۾ هن هر دفعي منهنجو ساٿ ڏنو.
هن وقت آءُ 13 جاءِ جنهن ۾ 2008 کان رهان پيو، علمدار چوڪ تي آهي. شڪر الحمدالله هي جاءِ جنهن تي ڪنهن قسم جو ڪو قرض نه آهي. ايتري قدر جو مون تي به ڪنهن قسم جو قرض نه آهي. جاءِ ۾ هر شيءَ بنا قرض جي آهي. گاڏي پنهنجي آهي. ننڍڙو بنگلو، فرنيچر وغيره الله جي مهرباني گذر سفر به ڀلي نموني ٿي رهيو آهي. تازو ٽريزري آفيس تان پهرين ڊسمبر 2016 تي 60 سالن جو ٿي رٽائرڊ ٿيس. ڪٿي موقعو مليو ته انهن 12 جاين جو ذڪر ڪندس. جتي جتي آءُ رهي آيو آهيان. نه ته بس اتي ئي الله پاڪ جا شڪر انا بجا آڻيندي هن باب کي ختم ٿو ڪيان.
امان جو وڇوڙو (فيبروري 1993 جي دکدائڪ ياد)
امان جو تفصيلي ذڪر هن ڪٿا جي شروعاتي بابن ۾ ۽ منهنجي آيل ٽن ڪتابن ۾ ڪري آيو آهيان. هتي به ڪجهه ذڪر هن جي لاڏاڻي تي ڪري وڃان. امان ، بابا جي بي وفائي بعد جهڙي نموني اسان کي پاليو ۽ خاندان کي سنڀاليو اهڙي نموني تسبيح جي داڻن وانگر گڏ رکيو. مشڪلاتن مرحلن مان گذاري پيڙاءُ پار ڪيائين. اهڙي نموني جو ڪڏهن به محسوس نه ڪرڻ ڏنائين ته هي خرچ ڪٿان ايندو؟ ۽ ڪم ڪيئن هلندو؟ اسان جي تربيت، تعليم، صحت ۽ غربت کي ڪڏهن به محسوس ڪرڻ نه ڏنو بلڪه مڙس ماڻهن جيان حالتن سان مهاڏو اٽڪائي ڏکين ۽ مشڪل مرحلن کي منهن ڏئي اسان اولاد کي اڳڀرو ڪري هر ڪنهن کي سُٺي منزل تي پهچايو ايتري قدر جو پٽن جي شادي ڪرايائين. هڪ ڪمرو الڳ ڏئي ديڳڙيون ۽ ٿانو ڏئي الڳ سسٽم ڏيندي هئي ته پاڻ ڪمايو، پاڻ پچايو ۽ پاڻ کائو. انهي هوندي به سڀني پٽن کي هڪ اڱڻ ۾ ويهاري گڏ رکيو. آءُ جڏهن حيدرآباد شفٽ ٿيو هوس ته ڇڏڻ تي راضي به هئي ۽ راضي نه به هئي. ايترو چيائين پنهنجي ڀائرن کان ڪڏهن به جدا نه ٿجانءِ.
عورتون هڪٻئي سان ڪڏهن نه ٺهنديون آهن پر مرد (ڀائر) هڪٻئي سان ڪڏهن نه ڦٽائجو. منهنجي زال کي تمام گهڻو ڀائيندي هئي. منهنجي اولاد جي ڏاڍي سِڪ هئي. بس الله جو شڪر آهي جو هو لاڏاڻي کان اڳ منهنجي پٽ کي ڏسي وئي. ان مهل تائين ڏاڍي ڪمزور ٿي چُڪي هئي. بيمار گهڻي ٿي پئي هئي. چاهيندي هئي ته آءُ پنهنجي پُٽ ”سرواڻ“ کڻان، جهولي ۾ ويهاريان، کيڏايان پر هو ڪجهه به نه ڪري سگهندي هئي. نسيم نگر واري گهر ۾ منهنجي پٽ کي خاص ڏسڻ ايندي هئي. هڪ دفعو چيائين ”ابا جڏهن ڏند هئا، تڏهن انب ڪونه هئا، جڏهن انب آهن تڏهن ڏند ڪونه آهن“ هن جو چيل جملو اڄ به ياد آهي ته هن جو مقصد هو ته جڏهن آءُ چڱي ڀلي هيس تڏهن توکي اولاد ڪونه هو جڏهن بيمار آهيان ماشا الله پٽ آيو آهي. جو آءُ هٿن ۾ کڻي نه ٿي سگهان. بهرحال سرواڻ کي هن جيتريون دعائون ڪيون شايد مون کي ايتريون ڪونه ڪيون هوندائين. امان اسان کي دعائن جا جهول ڀري ڏنا ۽ آءُ هن وقت جيڪو ڪجهه آهيان ان ۾ امان جي دعائن جو وڏو اثر شامل آهي.
امان جي موت مون کي ڏاڍو روئاريو هو. ايترو افسوس هن کان اڳ ڪڏهن به ڪنهن جي موت تي نه ٿيو هو جيترو امان جي موت تي ٿيو هو. آخري رات مون کي ادا ناصر جي فون آئي ته امان توکي ياد پئي ڪري تون فوراً اچ. باوجود ڪوشش جي آءُ نه اچي سگهيس جو ڪا سواري سج لٿي کان پوءِ نه ملي سگهندي هئي. چيم صبح جو سوير آءُ اچي ويندس پر ٻي ڏينهن صبح جو سوير پنجين وڳي ادا ناصر بلوچ فون ڪري امان جي لاڏاڻي جي خبر ڏني. بس پوءِ ته وڌيڪ ڏُک پهتو هوم ته رات ڇو نه پهتس. بس دل ۽ ضمير اڄ به مطمئن آهي ته امان مون کي به پنهنجي دعائن جا جهول ڀري ڏنا. الله پاڪ هن الله جي نيڪ ٻانهي عبادت گذار ۽ نيڪ صفت ۽ عزادار رسول ۽ پنجتن .... منهنجي ماءُ کي جنت الفردوس جي اعلىٰ مقام تي ضرور جاءِ ڏني هوندي.
هي ويل نه هئي وڃڻ جي (1996 جي دکدائڪ ياد)
مون کان ٽيون نمبر ننڍو ڀاءُ ظفر حسين (مرحوم) جنهن ڏکي حساب سان پڙهيو هو. اها سان کي خبر آهي. بابا جي جدا ٿيڻ بعد ادا ناصر علي ۽ آءُ ته نوڪرين ۾ لڳي وياسين. منير به هڪ سال کانپوءِ باواني شگر مل ۾ لڳي ويو هو پر ظفر حسين اڃان ننڍو به هو ۽ پڙهي ڊاڪٽر ٿيڻ جو جنون جي حد تائين شوق رکندڙ هو. تلهار جي گهٽين ۾ ڇولا وڪڻندو هو. بس اسٽاپ تي اخبارون وڪڻندو هو. ماهوار خرچ جي حساب سان اسان ڀائرن کان وٺندو هو ۽ باوجود جُٺون سهڻ جي هو بابا وٽ به ويندو هو. هو اڪثر چوندو هو ته ڀلي بابا مون کي ماري، موچڙا هڻي پر آءُ پئسا هن کان وٺندس ضرور ... ڇو جو مون کي ڊاڪٽر ٿيڻو آهي. ۽ هن ائين ڪيو به سهي بس هو پنهنجي پڙهائي جو خرچ ڪڍي وٺندو هو.
1984 ۾ حيدرآباد شفٽ ٿيس ته اسان هيرآباد ۾ گهر ورتو. هن کان اڳ ادا ناصر سان بئراج ڪالوني ۾ رهندو هو. ڌڪي ڌڪي هو حيدرآباد جي لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ پهچي ويو هو. جڏهن هيرآباد ۾ اچي رهياسين ته هن تي ڪو بار نه هو. کائڻ، پيئڻ، ڪپڙا ۽ مسواڙ جي خرچن کان آجو قرار ڏنو ويو هو. شام جو هر روز اسان گڏجي ٻاهر چڪر تي نڪري ويندا هياسين. هيرآباد روپ محل کان پرنس علي روڊ وٺي ٽاور مارڪيٽ مان ٻوڙ، ڀاڄي وٺي سلاٽن جي پاڙي مان ضرور لنگهندا هئاسين. ٻاهر روڊ تي کٽن تي ويٺل سلاٽين عورتن کي ڏسي تبصرا ضرور ڪندا هئاسين مون کي چوندو هو توهان شادي شده آهيو. پراين ماين کي نه ڏسو آءُ ڇڙو ، ڪنوارو آهيان. آءُ ڀلي ڏسان.... بهرحال سلاوٽ پاڙي مان لنگهڻ اسان جو معمول هو. مون سان الاهي ٺهندو هو، حالانڪه عمر ۾ مون کان الاهي ننڍو هو. پر حيدرآباد ۾ گڏ رهڻ سبب دوستي وارا رشتا ٿي ويا هئا. هن جنهن نموني پڙهيو پئي سچ ته لائق شاباس هو. هاڻ ادا ناصر بلوچ ۽ منهنجي نوڪري سٺي ٿي وئي هئي. هاڻ هو وڌيڪ مشڪلاتن مان نڪري آيو هو. پڙهي ڊاڪٽر ٿي ويو هو. هائوس جاب ڪري تلهار ۾ مامي جي ڌي سان شادي ڪيائين ۽ تلهار جي بس اسٽاپ تي پنهنجي ڪلينڪ کوليائين. تلهار جي بهترين خدا ترس ۽ غريب مريضن جي مدد ڪرڻ وارو ڊاڪٽر طور مشهور ٿي ويو هو. اسان جي پوري بلوچ قوم ۾ پهريون ۽ اڃان تائين (هي ڊائري لکڻ مهل) آخري ڊاڪٽر هو. پوري بلوچ قوم جا مريض هن وٽ ايندا هئا. ڏاڍو خدا ترس هو ۽ غريبن جي مدد ڪرڻ منهنجو هي ڊاڪٽر ڀاءُ سڄي تلهار ۾ مشهور ٿي ويو هن کي شايد پنهنجي غربت وارا گذريل لمحن لمحن جو احساس هو تڏهن ته هو نيڪ دل ٿي پيو هو هن جو هڪ خواب هو مون کي هڪ دفعو چيو هيائين ته: ”ادا مون پلاٽ وٺي ڇڏيو آهي، هڪ وڏي ڪلينڪ ٺهرائيندس، ميڊيڪل کوليندس، هر قسم جي بيماري جا ڊاڪٽر هوندا. غريبن جو علاج فري ٿيندو بس هي منهنجو ننڍو احساس رکندڙ ڊاڪٽر نظرجي پيو، جهٽجي ويو، اڃان هڪ سال مس ٿيو هوس ته 10 مئي 1996 جي آڌي رات جو فون آيو ته ڊاڪٽر کي هارٽ اٽيڪ ٿيو آهي ۽ کن پل ۾ گذاري ويو. اسان سڀ نسيم نگر ۾ ادا ناصر علي جي گهر گڏ ٿيا هئاسين. ٻي ڏينهن صبح جو اٺين بجه اسان سڀ تلهار پهتاسين. هن جي شادي کي ٻه ٽي سال ته ٿيا هئا. ڊاڪٽري هلائيندي ته سال کن مس ٿيو هوس ايڏو مشهور ٿي ويو. يقيناً منهنجي لاءِ ڏکن وارا لمحا هئا. ادا ناصر جي گهر انهي رات منهنجي ڏاڍي طبعيت خراب ٿي هئي. ساهه منجهڻ لڳو هئس. الائجي چون پيا ته اقبال کي به اٽيڪ ٿيو آهي. پر ڊاڪٽر جي دوا درمل ۽ انجيڪشن لڳڻ سبب ڪجهه ٺيڪ ٿيو ويو هوس. صبح جو تلهار روانو ٿيو هوس اهڙي طرح منهنجو پيارو دوست ڊاڪٽر ڀاءُ پنهنجي جواني جي عمر 36 سالن ۾ اسان کان هميشه لاءِ موڪلائي اسان کي هميشه لاءِ روئاري ويو. ڪيترا سال آءُ هن جي جواني واري موت کي وساري نه سگهيو هوس. مون کي لڳندو هو ڪو معجزو ٿي ويندو هي زنده ٿي واپس قبر مان نڪري ايندو پر اهي ڳالهيون جنن ڀوتن وارين ڪهاڻين ۾ ضرور پڙهندا هئاسين حقيقت ۾ ائين نه ٿيو هو چند مون کي پنهنجي زندگي ۾ وڏا ڏک مليا هجن يا جن جي موت ۾ آءُ گهڻو رُنو هوندس انهن مان ڊاڪٽر ظفر جو موت ۽ هن جي موت جو ڏک ۽ هن ڏک ۾ روئڻ سڀني کان مٿي هو. مون کي اڄ تائين ڊاڪٽر ظفر جو بي وقتائتو ۽ اڻ مندائتو موت جو ڏک دل تان نه لٿو آهي. يقيناً اڄ تائين مون کي ملندڙ ڏکن مان سڀ کان وڌيڪ ڏک منهنجي ننڍي دوست، ڀاءُ ڊاڪٽر ظفر جي وڇڙي وڃڻ جو آهي.
اي منهنجا پيارا ڀاءُ هي وهي نه هئي وڃڻ جي يار........!!!!!
امان جي آس (1993 کان اڳ جي هڪ ڪچهري امان سان)
جڏهن منهنجي شادي جي ڳولا هلي پئي ته امان کي اهو شديد ڏک هو ته منهنجي شادي منهنجي ڀاءُ جي گهران ڇو نه ٿي...!؟ هن جي شديد خواهش هئي ته منهنجي ڀاءُ صادق علي جي ٽن ڇوڪرين مان ڪابه هڪ سان منهنجي پٽ جي شادي ٿئي... گهريلو جڳهڙن سبب وڏي ڌي جي شادي آڳاٽي ئي ٿي وئي هئي. جيڪا مون سان گڏ پڙهندي هئي. اسان ٻنهي جي انڊراسٽيڊنگ تمام گهڻي هئي ويجها به رهياسين پر اهڙي ڳالهه جو اظهار اسان ٻئي ڪڏهن به نه ڪري سگهيا سين پر وڏن جي جڳهڙن سبب اها شادي تمام گهڻو اڳ ڌارين ۾ ڪئي وئي. اڳتي هلي وڏا ٺهي ويا هئا امان جي خواهش هئي ته ٻئي نمبر ڌي سان منهنجي شادي ٿئي هن ڇوڪري سان منهنجو جنون جي حد تائين پيار هو. جنهن جو تفصيلي ذڪر ڪري آيو آهيان اها به شادي هن جي ماءُ پنهنجي ڀاڻيجي سان ڪئي. امان جي پنهنجي ڀاءُ جي گهران شادي ڪرائڻ جي آس اڃان به ختم نه ٿي رهي هئي جيتوڻيڪ ماما جي ٽيون نمبر ڌي عمر ۾ مون کان 15 سال ننڍي هئي. انهي لاءِ امان سڱ گهريو، پر انهن جي مائٽن اهو چئي انڪار ڪيو ته عمر جو وڏو فرق آهي. انهن چيو ته توهان اقبال جي شادي ڪنهن ٻئي هنڌان ڪرايو اسان پنهنجي ننڍي ڇوڪري ڊاڪٽر ظفر جي نالي ڏيڻ جو واعدو ٿا ڪيون. اهڙي طرح منهنجي شادي به ٻئي هنڌ ٿي وئي ۽ منهنجي مامي جي ننڍي ڌي جي شادي اڳتي هلي منهنجي ننڍي ڀاءُ ڊاڪٽر ظفر سان ٿي. امان جي ديرينه خواهش منهنجي حساب سان ته پوري نه ٿي جو ٽن ڇوڪرين سان ڪا هڪ به منهنجي ڪنوار ٿئي ها پر امان جي ديرينه خواهش ته منهنجي ڀاءُ جي گهران هڪ ڇوڪري منهنجي ننهن ٿئي اها ضرور پوري ٿي.
منهنجي ننڍي ڀاءُ ڊاڪٽر ظفر سان حياتي وفا نه ڪئي نوجوان عمر ۾ پنهنجي نوجوان زال سان گڏ اسان کي به وڇوڙي جو داغ ڏيئي راه ابد ڏانهن روانو ٿيو . ۽ پوءِ ڊاڪٽر جي بيواهه اڳتي هلي ٻئي هنڌ ان جي شادي ٿي وئي.ڇو ته ڊاڪٽر ظفر کي ڪو به اولاد ڪونه هو. اهڙي ريت بابا کان پوءِ امان، امان کان پوءِ ڊاڪٽر ظفر هڪٻئي جي پويان انتقال ڪري ويا. آءُ پنهنجي زال سان حيدرآباد شفٽ ٿي چڪو هوس. امان جو ڀريو گهر، وسندڙ اڱڻ گهڻي قدر خالي خالي ٿي چڪو هو.
ٿڇ نه بخشڻ (امان جي يادگيرين مان هڪ ياد)
منهنجي زندگي ۾ ٽي دفعه اهڙا موقعا آيا جتي مون کي امان پنهنجي ٿڃ نه بخشڻ جي ڌمڪي ڏني هئي. الائجي ڇو جڏهن امان ٿڃ نه بخشڻ جي ڌمڪي ڏيندي هئي ته آءُ سمجهندو هوس ته جنهن جي ماءُ پنهنجي اولاد مان ڪنهن به هڪ کي ٿڃ نه بخشي ته ان جي قبر ڪاري ٿيو وڃي، گناهِ ڪبيره ڪيو هجي، يا هن قيامت ۾ بنا حساب ڪتاب جي جهنم ۾ داخل ٿي ويندو. بس اهڙي قسم جون سوچون هن عمر ۾ رهيون. مون کي منهنجي والده ڀائيندي ڏاڍو هئي. منهنجا انگل، ناز، نخرا سڀ پورا ڪندي هئي. هن اسان کي ڏکن سان پاليو هو. منهنجي شادي ڪرڻ جي آس ۽ تمنا هميشه پنهنجي ڀاءُ جي گهران منهنجي شادي نه ٿيڻ جو ڏاڍو ڏک هيس. جتي هو وڏا وڏا ڏک ڏسي ۽ آخري ڏکن به پاڻ سان گڏ کڻي وئي اتي اهو به ڏک کڻي وئي هئي ته منهنجي شادي هن ڀائيٽين مان ڪنهن هڪ سان به نه ٿي.
بهرحال ٽي موقعا اهڙا آيا جتي مون پنهنجي پسند سان شادي ڪرڻ پئي چاهي اتي هن نه صرف مخالفت ڪئي پر ديوار ِ چين وانگر اڳيان به اچي بيهي رهي. اها هئي ٿڃ نه بخشڻ جي ڌمڪي....!!!! بس اها ڌمڪي ٻڌي آءُ انهن پسندن تان هٿ کڻي ويو هوس. پهريون موقعو مون بدين جي واڻئي خاندان جي هڪ ڇوڪري ”روتي“ سان پيار جي شادي لاءِ امان کي زور ڀريو هوم. پر امان پهريون دفعو ٿڃ نه بخشڻ جي ڌمڪي ڏني. تڏهن آءُ امان جي فيصلي کي لوهه تي لڪير سمجهي پوئتي هٽي ويو هوس. ٻيو واقعو ٽنڊي محمد خان جي هڪ ڇوڪري جنهن جي پيار سان منهنجي زندگي بدلجي وئي هئي. ان جو پيار مان اڄ تائين وساري نه سگهيو آهيان. شايد قيامت تائين نه وسري سگهي. امان نياپو موڪلي پنهنجي بيماري جو بهانو بڻائي مون کي ٽنڊي محمد خان مان واپس گهرائي ورتو. ۽ چيائين ته: اڄ کان پوءِ ٽنڊي محمد خان ويندي، يا ان ڇوڪري سان ملندين ته تنهنجي ٿڃ نه بخشينديس. بس انهي ڏينهن کان پوءِ ٽنڊي محمد خان نه ويس ۽ نه هن جو منهن ڏٺم. ٽيون واقعو منهنجي شادي لاءِ جڏهن ڳولها هلي پئي ته منهنجي هڪ دوست جيڪا مئٽرڪ ۾ مون سان گڏ پڙهندي هئي. اها اچانڪ حيدرآباد ويندي بس ۾ ملي هئي. ڪيئي سالن کان پوءِ آءُ هن سان مليو هوس مئٽرڪ جي زماني سٺي دوستي هئي پر پوءِ هو وڏي ٿي وئي هئي يا ڪاليج ۾ مصروف ٿي وئي هئي. يا ٿي سگهي ٿو مائٽن ٻاهر ڪڍڻ ڇڏي ڏنو هوس. اسماعيلي خواجه جي هڪ وڏي ماڻهو جي ڌي هئي. اسان هڪ دفعو وري مليا هياسين. ۽ هڪٻئي سان شادي لاءِ واعدا ۽ وچن ڪياسين. امان سان ڳالهه ڪيم ته هو اسماعيلي خواجن جي مذهب سخت خلاف هئي هنن جي گهرن جو پاڻي به نه پئيندي هئي. هڪ دفعو وري ٿڃ نه بخشڻ جي ڌمڪي ڏيئي منهنجي آنڌ مانڌ کي ٿڌو ڪري ڇڏيو هو.
اهڙي طرح انهي ٿڃ نه بخشڻ واري ڳالهه اڄ به مون کي ياد ٿي اچي ته منهنجي اکين مان ڳوڙها وهي ٿا اچن. الائجي جي ڇا هو هن جي ٿڃ نه بخشڻ واري ڳالهه ۾ جو آءُ ڳالهه ئي ختم ڪري ڇڏيندو هوس. الله جي قدرت ڏسو انهن ذڪر ڪيل ٽنهي ڇوڪرين جو منهن ڏسندي چاليهه سال ٿي ويا آهن. هڪ دفعو منهنجو پنهنجي گهر واري سان ڪنهن ڳالهه تي وڏو جڳهڙو ٿي پيو هو. امان اچي وئي جنهن کي مون چيو ته تو مون کي ڇو ڦاسايو ....؟؟؟ آءُ ٻي شادي ڪندس... پر مان مون کي ٻانهن کان وٺي ٻئي پاسي وٺي وئي ۽ چيائين ”آءُ توکي وصيت ٿي ڪيان ته ٻي شادي نه ڪندين، شايد هن کي بابا جي شادي ڪرڻ بعد جو احساس هو. تنهنجي زال ڌاري آهي تون ڀلي حيدرآباد هليو وڃ. پر ٻي شادي ڪڏهن نه ڪجانءِ.... الائجي هن جي ڳالهه اهڙي لڳي جو ڪيترا دفعه ٻي شادي ڪندي ڪندي رهجي ويو هوس. باوجود چاهڻ جي به ٻي شادي اڄ تائين نه ڪري سگهيس.
هڪ ٻي به پسند (1982 کان اڳ جي هڪ تلخ ياد اچي وئي)
هي به انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن منهنجي شادي لاءِ مائٽ صفا تڪڙا ٿي ويا هئا. ڄڻ ته ڇوڪرو هٿن مان پيو وڃي وري جي ڪجهه ڳالهيون مشهور ٿيون منهنجي پيار جا قصا نمودار ٿيڻ لڳا ته امان ۽ ادا وٺ پڪڙ لاهي ڏني. تلهار کان حيدرآباد ۽ ڪراچي تائين ويهه ٻاويهه گهرن جون ڇوڪريون ڏسي آيا هئا. تڏهن آءُ تلهار جي ٻن ڇوڪرين کي پسند ڪندو هوس. هڪ هئي بلقيس ۽ ٻي هئي آمنه. بلقيس سان ته گڏ پڙهيو هوس. هو ڏاڍي سهڻي هئي. ۽ ٻي هئي آمنه جيڪا اسان جي پاڙيسري هئي. امان وٽ قرآن شريف پڙهندي هئي. هو مون کي پسند ڪندي هئي. ۽ مون کي به ڏاڍو وڻندي هئي. امان منهنجي چوڻ تي انهن ٻنهي جي گهر سڱ گهرڻ لاءِ وئي پر ٻنهي جي مائٽن سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته اسان ڌارين ۾ سڱ نه ڏيندا آهيون.اهڙي طرح اهي سڱ به منهنجي پسند جا نه ٿيا. ۽ مون پنهنجي دل مان پسند جو لفظ ڪڍي ڇڏيو. امان کي چئي ڇڏيو هوم ته جتي اوهان جي دل ڪري اتان ڀلي شادي ڪرايو. اهڙي طرح شادي ٿي وئي.
منظور چيمبر ۾ رهاڻيون (1980_90 جون يادون)
يادگيريون لکندي لکندي اڳتي نڪري ويس اجهو ياد پيم ته منظور چيمبر ۾ سنڌي ادبي سنگت جون گڏجاڻيون وسري پئي ويم. ياد اچي وئي ته هئي پيو لکان. 1980_1990 واري ڏهاڪي ۾ آءُ حيدرآباد شفٽ ٿيس. 1984 ته پنهنجي نوڪري کان سواءِ مون کي ادبي شوق عروج تي هو. انهي زماني ۾ آءُ تمام گهڻو لکي به رهيو هوس. ۽ هر رسالي ۽ اخبار ۾ ڇپجي رهيو هوس. ڪيترائي همعصر اديب ۽ شاعر ساٿي هڪٻئي جي نالي کان واقف هئاسين. سو پنهنجي شوق جي کوجنا ڪندي خبر چار ورتم ته سنڌي ادبي سنگت جون هفتيوار گڏجاڻيون منظور چيمبر حيدر چوڪ گاڏي کاتي حيدرآباد ۾ ٿينديون آهن. سو آءُ شرڪت ڪرڻ لڳس، لکڻ پڙهڻ جو جنون هو هر هفتي آءُ ڪانه ڪا لکڻي کڻي وڃي پڙهندو هوس. منظور چيمبر جي هن فليٽ ۾ جنهن ۾ نياز همايون رهندو هو. شايد اردو ادبي بورڊ جي آفيس به انهي فليٽ ۾ هئي. ادبي سنگت حيدرآباد انهي وقت عروج ۾ هئي. پنهني دور جي بهترين وقت مان گذري رهي هئي. سنڌ جي ادب جا وڏا نالا انهي گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيندا هئا ۽ انهن بهترين گڏجاڻين ۾ مون کي پنهنجي ڪهاڻين ۽ شاعري کي پيش ڪرڻ جو موقعو فراهم ٿيو.
ٽريزري آفيس ۾ نوڪري مان ڪيترائي اديب ۽ شاعر منهنجا واقف ٿيا هئا. ويتر گڏجاڻين ۾ هر هفتي وڃڻ سان ادبي حلقي ۾ ڄاڻ سڃاڻپ وڌڻ لڳي. مون کي چٽي طرح ياد نه آهي ته ادبي سنگت ڪير هلائيندو هو؟ غالباً نثار حسيني يا تاج بلوچ....!؟ معتبر نالا نجم عباسي، نياز همايون، تاج بلوچ، ذوالفقار سيال، نصير مرزا، نثار حسيني، شوڪت حسين شورو، امداد حسيني، سحر امداد، زيب نظاماڻي، ميڊم مهتاب راشدي، گل ڪونڌر، زوار نقوي ۽ ٻيا به ڪيترائي اديب اچي گڏ ٿيندا هئا. منهنجي لکڻين سان چاهه وڌيو هو ۽ نکار به آئي هئي.
آگم پبليڪيشن (1980_90 جي ادبي ياد)
آگم پبليڪيشن نالي ادبي ادارو سائين نثار حسيني هلائيندو هو. عبرت پريس جي ويجهو آفيس هوندي هئي. پاڻ هڪ رسالي جو ايڊيٽر هو ۽ صبح واري ڊيوٽي سنڌي ادبي بورڊ ڄامشوري جي ادا ڪري ٻنپهرن جو 3 بجه ڌاري اچي ويندو هو. ظاهر ته هو نثار حسيني جي آفيس هئي پر حيدرآباد جا سڀ اديب اتي اچي گڏ ٿيندا هئا. وڏا ميڙاڪا مچندا هئا. هر روز ڪچهري ٿيندي هئي. زيب نظاماڻي سندس گهرواري هئي. آءُ به هر روز آگم پبليڪيشن ويندو هوس. نثار حسيني ۽ زيب نظاماڻي منهنجي آفيس جا واقف هئا ۽ سنڌي ادبي سنگت ۾ گڏجاڻين ۾ ايندا هئا سو منهنجا ويجها دوست ٿي ويا هئا. سائين نثار حسيني وڏو مدبر حلقي ۾ وڏي عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو اڄ به آگم پبليڪيشن جون ڪچهريون نثار حسيني ۽ زيب نظاماڻي جون رهاڻيون ۽ هنن جي محبت هميشه ياد اٿم ۽ رهنديون.
ٽريزيري ۾ ادبي قربتون (1990 جي ادبي ياد)
آءُ بدين ٽريزري آفيس مان بدلي ڪرائي حيدرآباد جي ٽريزري آفيس جوائن ڪيم. آهستي آهستي حيدرآباد خزانه آفيس جا ڪليگ سڃاڻپ ۾ اچڻ لڳا پر سڀ کان جلد ۽ وڌيڪ ويجهو جنهن شخص سان ٿس اهو هو عبدالستار مگسي. اهو انهي ڪري جو هو ادبي لڏي جو ماڻهو هو. آءُ به هن زماني ۾ لکندو هوس هو ريڊيو پاڪستان جو صداڪار هو. رائيٽر هو. هن وٽ سڄو ڏينهن ڪچهريون هلنديون هيون. شام ٿيندي ئي هن وٽ اديب ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جا اداڪار ۽ پروڊيوسر اچي گڏ ٿيندا هئا. سو آءُ به ادبي لڏي جو ماڻهو ته هن جي ويجهو ٿيڻ لڳس. ڏسندي ڏسندي هن جو سٺو دوست ٿي ويس هن وٽ حيات علي شاهه بخاري، نور گهلو، نصير مرزا، انور هڪڙو، نور محمد خاصخيلي ۽ ٻيا به ريڊيو ۽ ادب جا ماڻهو اچي گڏ ٿيندا هئا. اسان جي ڪچهري مچي ويندي هئي. سج لٿي هو ريڊيو پاڪستان هليو ويندا هئا آءُ پنهنجي گهر اچي ويندو هوس. حيات علي شاهه بخاري انهي زماني ۾ شام جي نڪرندڙ پهرين اخبار ”شام“ ڪاوش وارن ڪڍي هئي منهنجي خيال ۾ شاهه صاحب شام اخبار جو پهريون ايڊيٽر هو. ريڊيو پاڪستان جو رائيٽر ۽ اداڪار به هو. ريڊيو ڊراما لکندو هو ته اداڪاري به ڪندو هو. انهي وقت آءُ ڪهاڻيون لکندو هوس. شارٽ اسٽوري هر روز هڪ ڪهاڻي لکي ايندو هوس ۽ بخاري صاحب جي حوالي ڪندو هوس ۽ هو ٻئي ڏينهن شام جو اخبار ۾ شايع ڪندو هو. اهو سلسلو هن منهنجي ڪهاڻين کي ڇپڻ سان شروع ڪيو . پوءِ اهو سلسلو لڳاتار جيسيتائين شاهه صاحب ايڊيٽر رهيو. اوسيتائين شارٽ اسٽوري جو سلسلو هلندو رهيو.
اهڙي طرح ٽريزري آفيس حيدرآباد ۾ ڪيل ڪچهريون اڄ به ياد ٿيون اچن ته اکين مان ڳوڙها انهي ڪري به وهي ٿا اچن ته عبدالستار مگسي ننڍي عمر ۾ يعني 42 سالن جي ڄمار ۾ 1996 ۾ اسان کان موڪلائي ويو پوءِ ڄڻ اهي ڪچهريون ئي ختم ٿي ويون.
ريڊيو پاڪستان جي ادبي پروگرام ۾ (1990 جي مٺي ياد)
هڪ ڳالهه ڪري آيو آهيان ته عبدالستار مگسي وٽ ادبي ڪچهري ٿيندي هئي جنهن ۾ ريڊيو پاڪستان جا سڀ پروڊيوسر به ايندا هئا. انهي وقت انور هڪڙو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ ادبي پروگرام ڪندو هو مون کي چيائين ته توهان به ڪهاڻي کڻي اچجو. ريڊيو جي ادبي پروگرام ۾ شامل ڪندس. هڪ ڏينهن هن سان ۽ عبدالستار مگسي سان گڏجي ويس ريڊيو پاڪستان جي بلڊنگ مون پهريون دفعو ڏٺي هئي. اسٽوڊيوز هن گهمايا پوءِ هڪ اسٽوڊيو ۾ اچي ويٺاسين. هن مون کي سمجهايو ته ڪهاڻي ڪيئن پڙهجي؟ رڪارڊنگ ٿي رهي هئي باوجود هن جي سمجهائڻ جي آءُ ڪهاڻي پڙهي نه پئي سگهيس. ريڊيو پاڪستان جي مائيڪ اڳيان آءُ ڏڪي رهيو هوس. منهنجا هٿ پير ڏڪي رهيا هئا. ڪهاڻي کي ڪهاڻي واري نموني نه پڙهي رهيو هوس. انور هڪڙو جا لفظ ياد آهن. هن چيو يار ڪهاڻي کي سبق جيان نه پڙهه.....! ڪاما، فل اسٽاپ جو خيال ڪر. سٽ ۽ پيرا جو خيال ڪر، ٻه ٽي دفعا هن ڪوشش ڪئي نيٺ هڪ دفعي آءُ ڪامياب ويس. اهو منهنجو پهريون پروگرام آن ايئر ٿيو هو. ڏاڍو خوش ٿيو هوس پوءِ ته ريڊيو جي ادبي پروگرام ۾ ڪيترائي ڀيرا شامل ٿيو هوس. شارٽ اسٽوري جي حساب سان آءُ ريڊيو جي ڪيترن ئي پروگرامن ۾ شامل رهيس پوءِ اهو سلسلو به عبدالستار مگسي جي وفات بعد ڄڻ ته منقطع ٿي ويو.
بسنت هال ۾ مشاعرو (1990 کانپوءِ جي ياد)
1990_91 جي زماني جي ڳالهه آهي ته آءُ حيدرآباد جي ادبي محفلن ۾ چڱو خاصو سڃاتو پئي ويس. تنهن وقت ادبي گڏجاڻين کانسواءِ ادبي مشاعرا به جام ٿيندا هئا ۽ گهڻو ڪري اهي مشاعرا ريڊيو پاڪستان حيدرآباد بلڊنگ جي سامهون بسنت هال ۾ ٿيندا هئا. ادبي ماڻهن جون اوطاقون به اتي وسنديون هيون. اهڙن بي شمار مشاعرن ۾ کوڙ دفعه شريڪ ٿيو هوس پر اسٽيج تي بيهي ڪا شاعري پڙهڻ جي دل ڪڏهن به نه ساري هيم. اڃان تائين آءُ اسٽيج تي اچڻ کان لهرائيندو آهيان. هاڻ سينئير اديب ٿيو آهيان ڪجهه وڃي دل جلهي اٿم. پر بنا ڏٺي ڪا تقرير نه ڪري سگهندو آهيان. ها ڳالهه پئي ڪيم انهي وقت جي ادبي سنگت مون تي زور ڀريندا هئا نيٺ انهن جي زور ڀرڻ تي گل ڪونڌر، زوار نقوي، نثار حسيني ۽ زيب نظاماڻي جي چوڻ تي هڪ دفعه بسنت هال جي مشاعري ۾ نالو لکرايم. بسنت هال کچا کچ ڀريل هو. انهي وقت مشاعرن ۾ هوٽنگ تمام گهڻي ٿيندي هئي. انهي گوڙ، شور، اجائي واه واه ۽ هوٽنگ کي سينئير شاعر ته منهن ڏيئي ويندا هئا. مون سمجهيو ته آءُ به شاعري پڙهي ويندس. منهنجو نالو پڪاريو ويو اسٽيج تي پهتس ٽنگون ڏڪڻ لڳيون. شاعري اڃان شروع مس ڪيم هوٽنگ ٿي. واه واه جا آواز اچڻ لڳا. اها واه واه طنزيه هئي. منهنجي مٿي مان پگهر وهڻ لڳو. ٽنگون ته اڳئي ڏڪي رهي هيون. هوٽنگ سبب شاعري مڪمل به نه پڙهي سگهيس. شاعري کي اڌ ۾ ڇڏي اسٽيج تان لهي سڌو ٻاهر نڪري گهر هليو ويس وري ڪيترا سال اسٽيج تي نه چڙهيس. هاڻ وڃي دل جهلي اٿم هاڻ ٿيندڙ ادبي محفلن ۾ لکيل تقرير به سٺي نموني ڪري ويندو آهيان ۽ شاعرن ۾ شاعري به پڙهي ويندو آهيان. انهي بسنت هال واري پهرين مشاعري جو لمحو به لمحو ياد ڪندو آهيان ته اڃان به کِل اچي ويندي اٿم پنهنجي منهن مسڪرائيندو آهيان.
منهنجي آرزو هئي (جنوري 2000 جي هڪ حقيقي ياد)
الائجي ڇو؟ پنهنجا حال ساريا پيا هئا. آڻيون ۽ چاڙهيون واري حال مست ۽ چال مست ۾ زندگي پئي گذري. هاڻ پنهنجو گهر وڃي مس ڪيو هوم. هڪ دل ۾ آرزو سانڍي رکي هئم ته ڪيئن به ڪري پنهنجي گاڏي (ڪار) ضرور وٺندس. صرف انهي گاڏي جي نيت سان آءُ هر مهيني پگهار مان ٻه ٽي هزار ڪڍي انعامي بانڊ ضرور وٺندو هوس. اهي جڏهن نه کلندا هئا ته اهي بانڊ وڪڻي وري ٻيا بانڊ وٺندو هوس. جيڪي ايندڙ مهيني کلندا هئا. بس هڪ دفعو ڇڪو لڳي ويو. 1999 جو انگ ختم ٿيندي ئي پهرين جنوري 2000 ۾ پندرهن هزار روپين واري انعامي بانڊ جي قرعه اندازي ٿي هئي. اڳ رکيل بانڊ وڪڻي ڪجهه پئسا وڌيڪ ملائي پندرهن هزارن وارو انعامي بانڊ حيدرآباد ٽاور مارڪيٽ واري علائقي مان انعامي بانڊ جي وڪري واري هڪ دڪان تان ڊسمبر 99 جي 28 تاريخ هئي. قرعه اندازي کان 3 ڏينهن اڳ ۾ پندرهن سو مٿي ڏيئي 15000 وارو انعامي بانڊ ورتو هئم. بس نيت اها ئي ڪيل هئي ته جڏهن به انعام کليو ته گاڏي وٺڻ جو مون کي جنون جي حد تائين شوق هو. بس الله پاڪ ٻڌي ورتي پهرين جنوري واري تاريخ واري انعامي بانڊن جي لسٽ ڏٺم ته منهنجو ٻن لکن جو انعام نڪتو هو. خوشي جي حد نه رهي هئي. ڪجهه ڏينهن بعد اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان حيدرآباد ۾ ويهه هزار ٽيڪس ڪاٽي مون کي هڪ لک اسي هزار روپين جو چيڪ مليو. اهي پئسا بئنڪ اڪائونٽ ۾ جمع ڪرايم. نيت به ڪري ڇڏي هئم ته گهر به ٻڌايم ته انهن پئسن مان هڪ روپيو به خرچ نه ڪرڻو آهي. بس گاڏي وٺڻي آهي. پئسا ملندي ئي مون پنهنجي هڪ دوست شريف شيخ کي چيو جنهن کي گاڏين بابت سڄي ڄاڻ هئي. ان گاڏي جي ڳولها شروع ڪئي. آءُ ڊرائيونگ سکيل نه هيس. مون کي هن هڪ ڊرائيونگ سينٽر ۾ داخلا وٺي ڏني. انهي سينٽر واري 15 ڏينهن ٽريننگ ڪرائي ڊرائيونگ سيکاري. باقي مون کي پريڪٽس ڪرڻي هئي. اڃان ڊرائيونگ سکيو مس هوس ته شريف مون کي گاڏي مهراڻ سوزوڪي 1996 ماڊل وٺي ڏني. اها گاڏي به بلڪل هڪ لک اسي هزار ۾ ملي. يعني جيترا پئسه مون وٽ هئا اوترن پئسن ۾ گاڏي ملي وئي پوءِ پنهنجي گاڏي ۾ مون وڌيڪ گاڏي سکي ۽ پريڪٽس ڪيم. مون کي گاڏي سيکارڻ ۽ پريڪٽس ڪرائڻ ۾ منهنجي دوست وسيم جروار ۽ علي مراد ٻرڙو جي وڏي مدد حاصل رهي. گاڏي مون کي روڊ تي هلائڻ ۾ ڏاڍو ڊپ ٿيندو هو. گاڏي سکي به ويس پر روڊ تي هلائڻ تان نٽائيندو هوس. نيٺ اهو ڊپ وسيم جروار ۽ علي مراد منهنجو ختم ڪرايو. مزي جي ڳالهه هو گاڏي مون کي سيکاري رهيا هئا. تڏهن منهنجو پٽ سرواڻ صرف 10 سالن جو هو. هُو مون کي ڏسي ڏسي يا وسيم ۽ علي مراد جون ڳالهيون ٻڌي ڊرائيونگ سکي ورتي. جيڪا آءُ گاڏي وٺڻ بعد ٻن مهينن بعد روڊ تي کڻي آيو هوس اها سرواڻ ٻن ڏينهن جي سکيا بعد هڪ هفتي اندر روڊ تي کڻي آيو هو نه ڪنهن سينٽر جي سکيا ۽ نه ئي ڪنهن باقائده ڊرائيونگ جي سکيا بس اسان جون ڳالهيون ٻڌي بس ننڍي عمر ۾ وڏي عمر جي اعتماد جو فرق هو. سرواڻ ماشا الله مون کان وڌيڪ سٺو ڊرائيور آهي. خير اها هئي منهنجي گاڏي وٺڻ جي آرزو ۽ تمنا جيڪا الله سائين اهڙي نموني پوري ڪئي.
علي حسن جي شادي (18 ڊسمبر 2002 جي ترنم ڀري خوشين جي ياد)
هي غالباً 19 ڊسمبر 2002 جي ڳالهه آهي. منهنجي ننڍي ڀاءُ علي حسن جي شادي ماما ڪاظم علي بلوچ جي سب کان ننڍي ڌي سان ٿي رهي هئي. شادي رات غضب جو سيءُ هو. رات ماني کائڻ کان بعد موسيقي جي محفل رکيل هئي. انهي وقت جي حساب سان علي حسن جي شادي به ڏاڍي شانائتي ٿي رهي هئي. انهي وقت جي مشهور ۽ معروف فنڪاره ثمينه ڪنول محفل ِ موسيقي لاءِ آئي هئي. ثمينه ڪنول موسيقي جي دنيا ۾ ان وقت نئين ضرور هئي پر پنهنجي ڪلامن ۽ فن ذريعي وڏي شهرت ماڻي چڪي هئي. سو هر ڪنهن کي ثمنيه ڪنول کي ٻڌٻڻ ۽ هن جي محفل جو انتظار هو. آڌي رات ٻارنهن بجه کانپوءِ محفلِ موسيقي شروع ٿي. جيڪا صبح جي ٻانگ تائين هلي هئي. ٽنڊي محمد خان جا سرهندي ۽ ڪجهه ٻيا علي حسن جا دوست پئسن جي نوٽن سان ثمينه ڪنول تي گهور ڪري رهيا هئا. آءُ بوسڪي جو وڳو مٿي تي سنڌي ڳاڙهي ٽوپي ۽ ڪلهن تي قيمتي شال پائي محفل جي پهرين صف ۾ پيل صوفه سيٽ تي ڪجهه ٻين وڏيرن سان گڏ ويٺل هوس. ڪيڏي مهل ڪجهه گانن جي فرمائش مان به موڪلي رهيو هوس. ثمينه ڪنول هر هڪ جي فرمائش پوري ڪري محفل لُٽي رهي هئي. منهنجي اها عادت اڃان تائين آهي ته محفلن ۾ يا شادين ۾ پئسن جي گهور نه ڪندو آهيان. الائجي ڇو مون کي اها ڏيکاوٽ اڃان تائين نه وڻندي آهي. ويندي مهل ثمينه ڪنول موڪلائي پئي ته اسان سڀني هن کي رخصت پئي ڪيو ته علي حسن کي ثمينه ڪنول منهنجي نالي چيو هي ادو ڪپڙي لٽي ۾ ته وڏو وڏيرو لڳي رهيو هو فرمائشون به موڪلي رهيو هو پر سڄي رات وڏيرن جيان محفل ٻڌي رهيو هو پر گهور ۾ هڪ روپيو به نه گهوريائين. تڏهن علي حسن هن کي الائجي ڇا چيو ته ثمينه ڪنول اهي لفظ منهنجي لاءِ چيل اڄ به ياد آهن. پوءِ محفلن ۾ وڃڻ ڇڏي ڏنو.
گوسپل هومز (2003 کانپوءِ جي انمول ياد)
آءُ جڏهن حيدرآباد شفٽ ٿيو هوس ته منهنجي دلي تمنا هئي ته پنهنجو گهر وٺجي. پنهنجو گهر ته مون مختلف جايون وڪڻي هاڻ پنهنجي جاءِ وٺي ڇڏي هئي. پر هاڻ اها خواهش هئي ته ڪو سٺو بنگلو هجي. لان وارو بنگلو هجي. ڪار پورچ وارو ڊبل اسٽوري پر ننڍو بنگلو هجي ۽ شاندار هجي. انهي جستجو ۾ هميشه لڳل رهيو هوس. مختلف ايجنسينين تي ويندو هوس. مخلتف انائونس ٿيندڙ بلڊرز وارن جي آفيس ويندو هوس. ائين هڪ دفعو گوسپل هومز لڳ سونهري بوڪ هائوس قاسم آباد ۾ بنگلوز جي ايڊور ٽائيز ٿي هئي. انهن جي آفيس ويس. گوسپل هومز جي آفيس ويس ۽ پڇا ڳاڇا جي حساب ته انهن ماڊل بنگلوز ڏيکاريو بس مون کي لڳو ته منهنجي خوابن جي تعبير پوري ٿي رهي هئي. ڪجهه بنگلوز ٺهي به ويا هئا. ۽ ڪجهه ٺهي به رهيا هئا. گوسپل هومز جو مالڪ ارشاد قريشي منهنجو دوست نڪتو. تڏهن مون سان هر قسم جو تعاون ڪيو مون کي چيائين ته هڪ بنگلو تون وٺ پر هن زوري مون کي ڏنو. منهنجي خوابن واري هر ڳالهه هن اسڪيم ۾ هئي. 165 گز جو بنگلو ڊبل اسٽوري اڳيان ڪار پورچ هڪ ننڍڙو بهترين لان، بهترين ڪم ٿيل. بس جيڪو مون خواب ڏٺو هو اهو سڀ ڪجهه ملي رهيو هو. بس مسئلو هو پئسن جو ايتري رقم مون وٽ نه هئي. ارشاد قريشي سان ڳالهه ڪيم هن دوستي نڀائي چيائين هڪ لک روپيه ڏيئي بنگلو بوڪ ڪرائي پوءِ آفيس ۾ وي سي رک. جڏهن وي سي کلي اها هتي جمع ڪرائي ائين هن جي چوڻ تي ٻن ٽن هنڌن تي وي سي رکيم جيڪا وي سي کلندي وي اهي ڪمپني کي ڏيندو ويس. ارشاد قريشي مون سان هر قسم جو تعاون ڪيو. منهنجي فرمائش موجب 2003 جي سال ۾ هو منهنجو بنگلو ٺهرائي رهيو هو. چيائين جيڪو پئسو اٿئي اهو ڏيندو وڃ رعايت سان هن مون کي اهو بنگلو 16 لکن ۾ ڏنو هو. ٿورا ٿورا پئسا ڏئي ٻه ٽي لک ڏئي ويو هوس منهنجو بنگلو ٺهي ويو هو. هن مون کي قبضو به ڏئي ڇڏيو هو. آءُ قرآن خواني ۽ نياز ڪرائي نئين بنگلي ۾ شفٽ ٿي ويو هوس. اها جاءِ جنهن ۾ آءُ رهندو هوس انهي کي سيل ڪرڻ لاءِ اينجنسي وارن کي چئي ڇڏيو هوم. علي پيلس جي پويان قاسم آباد فيز ون ۾ رهندو هوس اها جاءِ 10 لکن ۾ وڪيم. اهي هتي جمع ڪرايم باقي ٻه ٽي لک نه پئي ڏيئي سگهيس. ارشاد قريشي چيو تون فڪر نه ڪر، ٿورا ٿورا ڪري پيو ڏجانءِ تون بنگلي ۾ آرام سان رهه. آءُ پنهنجي پٽ سرواڻ تڏهن هو ماشا الله 13 سالن جو ٿي ويو هو ۽ پنهنجي زال سان هڪ بهترين اسڪيم واري بنگلي ۾ رهي رهيو هوس. هاڻ تقريباً سڀ بنگلا آباد ٿي چڪا هئا. جيڪو مائٽ دوست ڄاڻ سڃاڻ بنگلي جي مبارڪ ڏيئي يا بنگلو ڏسڻ پئي آيا ته سڀني جو وات پٽجي ويو يا هيانءَ ڦاڙ رڙ ٿي وات مان نڪتي....!!! هان اهڙو بنگلو مون آخر ڪيئن ۽ ڪٿان ورتو....!؟ اهو سڀ ڪجهه منهنجي محنت جفا ڪشين هيسيتائين ست اٺ جاين کي وڪڻي وڪڻي پئسا ڪمائي هن پوزيشن تي پهتو هوس جو گوسپل هومز جهڙي شاندار اسڪيم ۾ بنگلو ورتو هوم ۽ رهي رهيو هوس. منهنجي محنتن جي نتيجي مٿي الله پاڪ جي مهربانين ۽ هيٺ ارشاد قريشي جي تعاون سان منهنجي دل خواهش موجب بنگلي ۾ رهي رهيو هوس. سوچيم هوم ته مٿئين پورشن ۾ سرواڻ شادي ڪري رهندو هيٺ اسان مون سوچيو هو ته سڀ ڪجهه پنهنجي حياتي ۾ ڪري وڃان...! بس ڪنهن جي واتان ”هان...!“ جي نڪتي پئي انهي مون کي نظرائي وڌو. اڃان بنگلي ۾ رهي ڪجهه عرصو ئي ٿيو هو ته ڪجهه نه ڪجهه مسئلا شروع ٿيڻ لڳا. چون ٿا ته جاءِ به ڪنهن ڪنهن کي ڀانءِ پوي.... مون کي اهو بنگلو ڀانءِ نه پيو.... سرواڻ کي بخار ٿي پيو. الله ڪري هو ٺيڪ ٿئي ته زال بيمار، هو اڃان ٺيڪ ئي نه ٿئي ته آءُ بيمار رهڻ لڳس. نياز، قرآن خوانيون، علم، هرڪو چوي ته بنگلو توهان کي راس نه پيو اچي. آءُ اهڙين ڳالهين تي يقين نه ڪندو آهيان. ۽ نه ئي ڪري رهيو هوس. ته بنگلو ڳرو آهي. جن ڀوت آهن. اهڙي ڪا ڳالهه نه هئي مون کان پوءِ به اهو بنگلو آباد رهيو ۽ منهنجي سڄي ۽ کاٻي هٿ ڀرسان بنگلا هئا سامهون توڙي پٺيان بنگلا هئا بس مون کي واقعي ڳرو لڳو. مٿان جو آءُ ڪريس منهنجي پير ۾ فريڪچر ٿي پيو. بس پوءِ ته هر ماڻهو جي وات ۾ اها ڳالهه هلي پئي ته جاءِ ڳري آهي. انهي بنگلي ۾ لڳاتار ڇهه مهينا پير جي فريڪچر ڪري کٽ ڀيڙو ٿي ويو هوس. انهي بيماري مان اٿي اڃان هلڻ مس لڳو هوس ته مون کي دل جو دورو پئجي ويو. مشتاق ديوان ۾ داخل ٿيس هيڏانهن بنگلي جو اڃان 3 کان 4 لک روپيه قرض رهيل هو. مٿان وري هي بيماريون مشتاق ديوان مان فارغ ٿي ڪراچي نيشنل هاسپيٽل مان باءِ پاس دل جو ڪرائي اچي گهر ڀيڙو ٿيس. لاڳيتو هڪ سال خطرناڪ بيمارين جو منهن ڏٺم. ارشاد قريشي مون کي گهر ڏسڻ ايندو هو هن کي چيم ته ادا هي گهر مون وڪڻائي ڏي. هي بنگلو مون کي راس نه آيو اهڙي طرح هي منهنجي خوابن جي تعبير وارو بنگلو وڪڻي ٻي هنڌ شفٽ ٿيس. اهڙي طرح ارشاد قريشي مون کي بنگلو وڪڻائي ڏنو هن جا پئسا هن کي ڏنم آءُ واپس 10 لکن واري جاءِ ٻي هنڌ وٺي گوسپل هومز کي الوداع ڪيم. بس هر ڪنهن اها ڳالهه چوندو هوس ته هي منهنجي جاءِ آخري آهي هي منهنجي خوابن جي تعبير آهي بس ڪنهن بزرگ جي چوڻ تي ڪنهن جاءِ کي آخري جاءِ چوڻ ڇڏي ڏنم. هن بنگلي کي ڇڏڻ مهل بي اختيار منهنجي دل ۽ اکين روئي ڏنو هو. بس جيڪا الله پاڪ جي مرضي الوداع الودا گوسپل هومز الوداع....!!!!