آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

مُرڪون مهڪون ميڙيم !

اقبال بلوچ سنڌي ادب جو هڪ سٻاجهڙو ۽ نفيس ليکڪ آهي. هن پنھنجي يادگيرين جي ڪتاب (مُرڪون مَھڪون ميڙيم) ۾ پنھنجي 61 سالن جي سموري زندگيءَ جا اکين ڏٺا حال، يادگيريون، پنھنجي پوري سچائيءَ سان (بقول اقبال بلوچ جي) اوهان پڙهندڙن جي اڳيان اوريا آهن. هن ڪتاب ۾ موضوعاتي تسلسل کي برقرار رکندي ترتيبوار سال جي واقعن کي قلم بند ڪرڻ جي بدران وقت، واقعا ۽ سال بنھ الڳ الڳ بيان ڪيل آهن.

Title Cover of book مُرڪون مهڪون ميڙيم !

مهاڳ: اٿي رائو ريل !

مهڪون، مرڪون ميڙيم اسانجي باشعور ادبي دوست اقبال بلوچ جي زندگي جي گذاريل 61 بهارن متعلق ساروڻين جي شڪل ۾ هڪ سوانح حيات آهي. جيڪو تلهار جي هڳاءُ واري ڌرتي تي جنم وٺندڙ هڪ لاڙيءَ جي سادي سودي وارتا آهي. جنهن ۾ پيار، غم، خوشي، احساس، جذبا زندگي جون ڪاميابيون ۽ ناڪاميون، نشيب و فراز شامل آهن. هونئن ته هر شخص پنهنجي ذات ۾ هڪ ڪهاڻي آهي. ڄمڻ کان مرڻ تائين، ٻالڪپڻي کان پيريءَ تائين سندن جي وجود سان ڪيئي خوشگوار ۽ ناخوشگوار واقعا ٿين ٿا. جن ۾ ڪي ته انتهائي اهم واقعا ٿين ٿا، جن کي پنن تي لکي هميشه لاءِ ڪتابي صورت ڏيئي محفوظ ڪيو وڃي ٿو ته جئين انهن ڪيترن ئي ڏهاڪن جي سردين ۽ گرمين، ڏکن ۽ سُکن کي باقي خلق خدا پڙهي ڪو سبق حاصل ڪري.
يادگيريون ته اقبال بلوچ صاحب جي پاڙيسري رئيس ڪريم بخش نظاماڻي جون به آهن، جيڪي ڪيئي ڪتاب جي شڪل ۾ اسان وٽ موجود آهن، جنهن ۾ رئيس هند و سنڌ جي شخصيتن سان لهه وچڙ وارا احوال ڏنا آهن ته اتي لاڙ جي هن پٽ ماتلي ۽ تلهار جا نظارا بيان ڪيا آهن. ائين اقبال بلوچ صاحب انتهائي سادگي سان پنهنجا تجربا ۽ واقعا بيان ڪيا آهن. سموري دنيا ۾ پنهنجي تاريخ ۽ ان دور جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي حالتن بابت لکين ڪروڙين ڪتابي شڪل ۾ دستاويز آهن ۽ انهن ۾ مرڪون مهڪون ميڙيم به هڪ ننڍڙي ڪوشش آهي. ڪتاب ۾ انتهائي سولي سنڌي ۽ سادي زبان ۾ ليکڪ پنهنجي جنم ڀومي تلهار، پرائمري ، انگريزي اسڪول جا واقعا، قرآن شريف حفظ ڪرڻ، مختلف نوڪرين جا حال احوال، 1974ع ۾ باواني شگر مل خوفناڪ ياد يا واقعو سچائي سان بيان ڪيو آهي. پاڻ سموري زندگي محترڪ رهيا ۽ جدوجهد ۾ گذاري ۽ ادب سان سندس لاڳاپو ٻالڪپڻي کان رهندو آيو آهي. اقبال بلوچ ڪهاڻيون لکيون، شاعري ڪئي ۽ سياسي سماجي سرگرمين ۾ پڻ شامل رهيو. سندس ادبي چاهه جو انداز ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته رٽائرمينٽ کانپوءِ ترت قاسم آباد ۾ ادب سان چاهه رکندڙن جي اُڃ اجهائڻ لاءِ بلوچ ڪتاب گهر کوليو آهي. جتي پڻ معياري ڪتاب سينگاريل آهن.
عملي زندگي ۾ به همت ۽ حوصلي وارو آهي ۽ هميشه صاف ۽ سٿرو ڏسڻ ۾ ايندو آهي. هن پنهنجي جنم پتري ۾ پنهنجن دوستن، استادن، محسنن، مهربانن خواهه اهي امير هجن يا غريب سڀني کي ياد ڪيو آهي. اقبال بلوچ هن ڪتاب ۾پنهنجي زندگي جا ڪيترائي پاسا پڙهندڙن سامهون آندا. ٻي شادي ڪندي ڪندي ۽ باغي ٿيندي ٿيندي رهجي ويو ۽ هڪ نهار پوئتي پنهنجي ويڙهي ڏانهن ڏٺو ته کيس ان شوق تان هٿ کڻڻو پيو ۽ اهڙي طرح ڪي پنجن پرين پيچ اڙايو ۽ پوءِ .........................!!!؟؟؟
اقبال پنهنجي ڪتاب ۾ پنهنجي امڙ ابي، جيون ساٿي کانپوءِ دلي دوستن جا احوال ۽ خاڪا ڏيئي هن ڪتاب وسيلي انهن کي هميشه لاءِ امر ڪري ڇڏيو آهي. اقبال جو هڪ پاسو سماجي خدمت گذاري جو به آهي. هوءَ سگاجي سرگرمين ۾ به شامل رهيو ۽ پنهنجي وس آهر هميشه غريبن ۽ ضرورتمندن جي سار لهندو اچي.

اشتياق انصاري
12 ڊسمبر 2018ع