5
بيڪن هائوس اسڪول (1993 کان 2003 تائين جي ياد)
هي وقت به 1993 کان پوءِ جو آهي. تقريباً ٽن سالن جي عمر مون پنهنجي پٽ سرواڻ کي حيدرآباد جي وڏي ۾ وڏي ۽ مهانگي اسڪول بيڪن هائوس اسڪول ۾ ڪي جي ۾ داخل ڪرايو. 1993 ۾ داخل ٿيل ٻار ڪي جي ۾ في تقريباً 1500 روپيه هئي. جياڪ منهنجي وس کان ٻاهر هئي پر دل ۾ اهو عزم ڪيو هوم ته منهنجا جيترا به ٻار ٿيندا انهن کي سٺي اسڪول ۾ پڙهائيندس اتفاق سان هڪ ئي ٻار ٿيو جي هتي ٻه ٽي ٻار هجن ها تڏهن به سٺن اسڪولن ۾ پڙهن ها پوءِ ڇو نه مون کي مرڻو پوي ها اهو دل ۾ عهد ڪيو هوم نيٺ منزل پوري ڪيم. مئٽرڪ تائين اتي پڙهيو پوءِ فائونڊيشن ڪاليج پوءِ سول انجنيئرنگ لاءِ سر سيد يونيورسٽي ڪراچي مان ڪيائين. سرسيد يونيورسٽي جي سالياني فيس هڪ لک روپين جي قريب هئي. مون پنهنجي محنت جفا ڪشي ۽ دل سان سرواڻ تي خرچ ڪيم ۽ پڙهايم. ماشا الله هو هن وقت سول انجنيئر آهي.
دل جو دورو (مئي 2005 جي هميشه ياد رهندڙ ياد)
ها اها مئي 2005 جي ڳالهه آهي. اڃان پير جي فريڪچر مان صحتياب ٿي آفيس جوائن ڪندي اڃان مهينو کن مس ٿيو هو. (گوسپل هومز ۾ رهندو هوس. گوسپل هومز واري گهر جي تفصيلي ذڪر ڪري آيو آهيان) ته آفيس ۾ دل جو دورو پيو. منير لاشاري جيڪو اسان جو آفيسر هو ۽ طارق سهتو جيڪو منهنجي سيڪشن جو اڪائونٽنٽ هو، گڏجي روز ٻنپهرن جي ماني کائيندا هئاسين. هڪ ڏينهن حسبِ دستور ماني آئي. آءُ بلڪل چڱو ڀلو هوس ڪجهه به نه هو. پٽيوالو سڏ ڪيو ته ماني لڳي وئي آهي. توهان اچو منير صاحب جي ڪمري ۾. ماني جو پهريون گرهه وات ۾ وڌم ته ماني جو گهر اندر نه ويو. پاڻي جي مدد سان اندر ڪيم تڏهن به گرهه نه ويو. بلڪل انهن چند منٽن ۾ منهنجي نرڙ مان پگهر وهي پيو. سيني ۾ سور نه هجي پر گهُٽ ۽ ٻُوسٽ ظاهر ٿي رهي هئي. طارق مون کي چيو ته اهڙي ڪا ڳالهه هجي ته اسپتال هلون. مون چيو نه... مون کي گهر پهچائي. هن مون تي زور ڀريو پر آءُ اسپتال بجاءِ گهر آيس. گهر جي دوا درمل ۽ طبعيت خراب هئڻ جي صورت ۾ هميشه آئون پنهنجي سالي ڊاڪٽر مسرت بلوچ سان پهرين صلاح ڪندو هوس، يا هن کي ٻڌائيندو آهيان. هن کي سڏايم هو مون کي قاسم آباد جي پرائيوٽ اسپتال مان ECG وارو وٺي آئي. ECG جي رزلٽ ٻڌايائين. اسان رپورٽ موجب نارمل ٿي وياسين. ڪجهه گوريون ۽ جُوس پي، آءُ سمهي پيس. ننڊ اچي وئي. رات جو آءُ بلڪل نارمل هوس. ڪنهن قسم جو سُور يا دل جي دوري بابت ڪا ڳالهه محسوس نه ڪئي وئي. ٻي ڏينهن صبح جو آءُ وهنجي سهنجي تيار ٿي آفيس لاءِ وڃي رهيو هوس ته مسرت فون ڪري چيو ته توهان ادا شمس سان گڏجي آفيس وڃڻ کان پهرين سِول اسپتال جي OPD وڃي ڊاڪٽر انور ميمڻ کي طبيعت ڏيکاري پوءِ آفيس وڃجو. ڊاڪٽر انور ميمڻ، ڊاڪٽر مسرت بلوچ جي وارڊ جو انچارج هو ۽ منهنجو سٺو دوست هو. شمس آيو هن گڏجي سول اسپتال جي OPD ويس. ڊاڪٽر انور ميمڻ منهنجو معائنو ڪري پٽيوالي کي چيائين ته سائين دل واري OPD ۾ ڊاڪٽر فضل الرحمان ميمڻ وٽ وٺي وڃ. اسان هوڏانهن وياسين. هن ECG ڪڍي ۽ فوراً ويل چيئر گهرائي چيائين. فوراً هتان مشتاق ديوان ۾ داخل ٿيو ۽ داخلا لاءِ لکي ڏنائين، چيائين سائين اقبال صاحب توهان ڪالهه کان دل جي سيريس هارٽ اٽيڪ کي کڻي پيا هلو. الله پاڪ توهان کي هيسيتائين وڏي حياتي ڏني آهي. فوراً داخل ٿيو هن وقت تائين مون کي ڪنهن به قسم جو سُور وغيره ڪجهه به نه هو جو آءُ سمجهان ته منهنجي طبعيت خراب آهي يا ڪو دل جو دورو آهي.
بهرحال الله پاڪ نئين زندگي بخشي هئي. مشتاق ديوان ۾ داخل ٿيس. ڊاڪٽر نذير ميمڻ ۽ ڊاڪٽر زمان بلوچ دل جي وارڊ جا انچارج هئا. هنن منهنجو علاج شرو ڪيو. لاڳيتو ڏهه ڏينهن مشتاق ديوان ۾ داخل هيس. ٽريزري ۾ سڃاڻپ رکندڙ سول اسپتال جا دوست ڊاڪٽر اُٿلي پيا هئا. هر روز منهنجي ڪمري ۾ ڊاڪٽر ۽ ڊاڪٽرياڻيون اينديون هيون. دوستن جو ۽ مٽن مائٽن جو منهنجي عيادت ڪرڻ جي حساب سان اچ وڃ جاري هئي. دوست ڊاڪٽرن جي بيحد پيار ۽ پاٻوهه کي ڪڏهن به وساري نه سگهندس. ڏهين ڏينهن دل جي ڊاڪٽر ڊسچارج ڪندي انجوگرافي لاءِ تجويز ڏني. اهڙي طرح مشتاق ديوان جي دل واري وارڊ مان ڊسچارج ٿيس.
انجو گرافي (مئي 2005 جي هڪ ياد)
دل جي وارڊ مان ڊسچارج ٿي گهر اچي ويس. مڪمل آرام ۽ هفتي کن اندر انجو گرافي لاءِ چيو ويو هو. حيدرآباد ۾ ڪوبه انجوگرافي جو ماهر ڊاڪٽر نه هو. منهنجي برادر ان لاءِ ڊاڪٽر پروفيسير قمرالدين بلوچ ڪراچي ۾ رهندڙ انجوگرافي جي ماهر ڊاڪٽر نديم قمر کان ٽائيم ورتو. هفتي ۾ هڪ ڏينهن هتي هر ڇنڇر تي اسرا هاسپيٽل ۾ ايندو هو. آءُ به مئي 2005 جي آخري هفتي واري ڇنڇر جي ڏينهن اسرا هاسپيٽل پهتس. صبح جو ايڊمٽ ڪيو ويو. انجوگرافي ٿي. شام جو ڊسچارج ٿيس. انجوگرافي جي رپورٽ ۾ اها ڳالهه ظاهر ٿي ته منهنجي دل جا ٽئي وال بند آهن. تنهنڪري فوراً معنى ٰ جيترو جلد ٿي سگهي، باءِ پاس آپريشن لاءِ چيو ويو. ائين باءِ پاس آپريشن جي تيارين ۾ لڳي ويس.
دل جو باءِ پاس آپريشن (جون 2005 جي تلخ ياد)
انجوگرافي جي ماهر ڊاڪٽر نديم قمر شاهه پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻائيندي مون کي اسرا هاسپيٽل مان فارغ ڪندي چيو ته توهان جي دلا جا وال بند آهن. جيترو جلد ٿي سگهي باءِ پاس آپريشن ڪرائڻو آهي. مون وٽ پئسه نه هجن. پئسن جي اوڌر سوڌر جا هٿ پير هڻڻ لڳس. جلد منهنجي برادر ان لاءِ ڊاڪٽر قمر الدين بلوچ ڪراچي جي نيشنل هاسپيٽل ۾ باءِ پاس آپريشن ڪندڙ ڊاڪٽر سيعد کان ٽائيم ورتو. نيشنل هاسپيٽل جو باءِ پس آپريشن پيڪيج اڍائي لکن جو هو. اوڌر پئسه ڏيڻ تي آءُ پنهنجي ڀاءُ ناصر بلوچ جو ٿورائتو سڄي عمر رهندس. جنهن مون کي پئسه اڌارا ڏنا. اهڙي طرح ٽي لک روپيه گڏ ڪري نيشنل هاسپيٽل ڪراچي ۾ 9 جون 2005 تي حيدرآباد مان روانو ٿيس. شام جو داخل ٿي ويس. ٻي ڏينهن 10 جون 2005 تي صبح جو 8 بجه آپريشن هو. ائين صبح جو مون کي آپريشن ٿيٽر تمام گهڻين دعائن سان روانو ڪيو ويو. سڀ گهر وارا اچي گڏ ٿيا هئا. ٻن ڏينهن جي ICU ۾ رهڻ بعد ڪمري ۾ منتقل ٿيس. اهڙي طرح خيرن سان ڏهين ڏينهن مون کي خير خوبي سان ڊسچارج ڪيو ويو. پوءِ 15 ڏينهن ڊاڪٽر قمرالدين بلوچ جي فليٽ ۾ انهن سان گڏ رهيس. انهن 15 ڏينهن جي خدمت ڪرڻ ۽ آپريشن دوران سار سنڀال ڪرڻ تي انهن ۽ سڀني گهر وارن جو ٿورائتو ٿيندو رهندس پر خاص ٿورا پنهنجي وڏي ڀاءُ ناصر بلوچ جا ٿورا ڪڏهن به نه وساري سگهندس، جيڪو آپريشن جا ڏهه ڏينهن مون سان گڏ رهيو هن سان گڏ منهنجو پٽ سرواڻ بلوچ (پندرهن سالن جي عمر هيس ان وقت) هميشه مون وٽ گڏ رهيو. سدائين گڏ رهندڙن ۾ منهنجي گهرواري، مسرت بلوچ، شمس بلوچ، قمر بلوچ، ادي ياسمين ۽ ادي نائلا سان گڏ سڀني گهر وارن، دوستن، احبابن ۽ مائٽن جو هميشه ٿورائتو رهندس. جنهن منهنجي تيماداري ڪئي. جنهن عيادت ڪئي. جنهن به خدمت ڪئي، دعائون ڏينون، پڇڻ آيا. منهنجي زندگي جو هي آپريشن جنهن ۾ زندگي ۽ موت جو ڊپ هميشه رهيو ۽ خدا پاڪ جي مهرباني سان هن الميه وقت کي مون بهادري سان نڀايو . اهڙي طرح خدا پاڪ جي لکين مهربانين سان هڪ نئين زندگي کڻي واپس حيدرآباد آيس.
اڏوهي سڀ ڪجهه کائي وئي ( 2006 کانپوءِ جي دکدائڪ ياد)
گوسپل هومز لڏي آءُ نسيم نگر فيز 3 جي هڪ ننڍي جاءِ ورتم. گهر جي سامان سان گڏ منهنجو ادبي مواد ۽ ڪتاب مون سان گڏ هوندا هئا. ڪيترائي ڪتاب ۽ سَوَن جي تعداد ۾ رسالا مون مختلف لائبيريرين کي مفت ڏنا هئا. تڏهن به گهڻو ڪجهه مون سان گڏ هوندو هو. سنڀالي سنڀالي اڳتي وڌندو رهيو. هڪڙو فائيل اهڙو به هو جنهن ۾ منهنجي پهرين شايع ٿيندڙ لکڻي کان وٺي هن مهل تائين لکڻين جو هڪ فائيل ۾ اهي رسالا هئا، جن جو هڪ بنڊل ٻڌل هو. شايع ٿيندڙ هر مواد هن ۾ هو. جيئن ته جاءِ ننڍي هئي سڀ سامان نمايان نه رکي سگهيس. جاءِ جي هڪ پاسي ننڍڙو اسٽور روم به ٺهيل هو. انهي اسٽور روم جو هڪڙو پاسو مون کنيو ۽ منهنجو ادبي مواد سڀ هن ۾ سنڀالي رکيم. باءِ پاس آپريشن کان پوءِ مون ذهن تان هر ڳالهه هٽائي ڇڏي هئي. لکڻ ۽ پڙهڻ به مون کان تمام گهڻو پري ٿي چڪا هئا. هن بنڊل ۾ منهنجون شايع ٿيل سَوَن جي تعداد ۾ مواد موجود هو. اهي رسالا ، ڊائجسٽ، اخبارون به موجود هيون. جن ۾ منهنجو مواد شايع ٿيل هو. 1976 کان سنڀالي سنڀالي رکيو هوم. جيڏانهن ويندو هوس مون سان گڏ هوندا هئا. نسيم نگر واري انهي جاءِ ۾ آءُ ٻه اڍائي سال رهيس. اها جاءِ وڪڻي ٻي هنڌ وڃي رهيو هوس جڏهن سامان ٻڌڻ جي ڪيم ته انهي اسٽور روم ۾ ڇا ڏسان هر شيءَ کي اڏوهي کائي چُڪي هئي. مون کي ايڏو ته شديد صدمو پهتو هو جنهن جو اندازو اڄ به آءُ ئي ڪري سگهان ٿو، بس ڇا ٿي ڪري سگهيس...؟ ڪابه شيءَ نه بچي هئي. مون سنڀالي سنڀالي ڪيترا سال مواد رکيو هوم ته اڳتي هلي شايع ٿيل مواد جنهن ۾ سوين ڪهاڻيون، لاتعداد شاعري، مضمون ۽ ڪالمن جي موادن جا ڪتاب ڇپرائيندس، چار پنج ڪتابن جو مواد مٽي ٿي چڪا هئا.
هاڻ گهڻي ٿي (2000_2010 جي هڪ ڳالهه )
آءُ ذڪر ڪري آيو آهيان مختلف جاين کي تبديل ڪرڻ جو هي ذڪر گوسپل هومز کان لڏڻ کان پوءِ ٻه ٻيون جايون به مٽائي چڪو هوس. هر جاءِ ۾ سال، ٻه سال رهي نفعي ۾ وڪڻندو هوس، بس ٻيو ڪجهه نه ڪري سگهيس پاڻ کي شفٽنگ واري خفي ۾ وجهي جايون وڪڻي هاڻي انهي پوزيشن ۾ پهچي ويو هوس ته سڀ ڪجهه پنهنجو ڪري بنا قرض جي جاءِ هجي. مون تي ڪنهن به قسم جو ڪو به قرض نه هجي ۽ هونئن به آءُ باءِ پاس آپريشن کان پوءِ انهي پوزيشن ۾ نه هوس جو ڪو لڏ پلاڻ جو وڌيڪ ڪم ڪجي. ڪنهن ٽينشن يا ٿڪاوٽ وارو ڪم ڪجي... ۽ هيسيتائين 11 جايون مٽائي ايترو نفعو ڪمائي چڪو هوس جو سڀ ڪجهه پنهنجو هجي ۽ مون تي ڪنهن به قسم جو ڪو قرض به نه هيو. مٽن مائٽن، دوستن، احبابن جي ٽوڪن ۽ طعنن سبب به گهڻو ڪجهه ٻڌي چڪو هوس سو سوچيم بس هاڻ گهڻو ئي ٿيو. هاڻ اهو سلسلو ختم ڪجي. پوءِهاڻ انهي گهر ۾ رهان پيو جتي هاڻ 8 سال ٿي چڪا آهن. موجوده جڳهه علمدار چوڪ قاسم آباد حيدرآباد ۾ آهي. الله پاڪ جي رحم و ڪرم سان اڃان تائين اتي ئي رهيو پيو آهيان.
مايوسي وارو وقت (2005_2010 جي هڪ مايوسي جو وقت)
حالانڪه مون پنهنجي بيماري جو بهادري سان منهن ڏنو هو ڪٿي به آءُ ڊنو نه هوس ايسيتائين جو دل جي باءِ پاس آپريشن مهل آپريشن ٿيٽر ۾ ويندي تاهم انسان ضرور هوس شايد ڪٿي گهٻرايو هوندس ڪنهن جي ملڻ ۽ ڪنهن جي نه ملڻ جو ڏک پهتو هوندو بس هڪ آس هيم ته مرڻ کان اڳ پنهنجو نالو روشن ڪري وڃان پر آپريشن کان پوءِ گهر موٽيو هوس خير خوبي سان الله جي ڪرم سان صحتياب ٿي آيو هوس. ڪجهه مهينا ته آرام ڪيو هوم پر الائجي ڇو پاڻ کي ڪمزور سمجهڻ لڳس بس همت ڪيم پنهنجي ڪمزوري ختم ڪيم همت وارو ٿي پيو هوس پر دنيا جي ڪمن ڪارن ۾ پاڻ کي اڌ محسوس ڪرڻ لڳو هوس آفيس ۽ گهر جي ڪا به شيءَ نه وڻندي هئي. لکڻ پڙهڻ به ڇڏي ڏنو هوم ادبي سرگرميون ختم ڪري ڇڏيون هيون. دنيا جي رنگين جذبن کان پاڻ کي پري ڪري ڇڏيو هوم بس ائين پئي لڳو ته بس زندگي گذاري رهيو آهيان. ڪڏهن به مري ويندس، ڪڏهن به دنيا ڇڏي ويندس. ڪيترائي سال مون کي اها ڪيفيت رهي ۽ پوءِ آهستي آهستي انهي مايوسي واري ڪيفيت مان نڪتو هوس. آهستي آهستي پنهنجي دنيا ڏانهن موٽڻ لڳو هوس. هڪدم ادبي دنيا ڏانهن لاڙو ڪيو هوم رنگين ۽ مست هوائون وٺڻ لڳو هوس جنهن ڪيفيت ۾ ويو هوس انهي ڪيفيت ۾ موٽيو هوس ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو ته اچانڪ اهو ڇو ٿيو هو....!؟
سانول جا سُور (2013 جي ادبي ياد)
ڪيترا سال مايوس رهڻ بعد وري هڪ دفعو ادبي دنيا ڏانهن راغب ٿيو هوس. ادبي محفلن ۾ مشاعرن ۾ وڃڻ لڳو هوس. ڪتاب ڇپرائڻ جو شوق اچي ٿيم بس سوچڻ لڳس حياتي تي ڪهڙو ڀروسو؟ پنهنجا ڪتاب ڇپرائي سنڌ جي تاريخ ۾ پنهنجو نالو لکرائي پاڻ ڏسان.... هونئن ته منهنجي ڇپيل مواد جون سڀ ثابتيون اڏوهي کائي وئي هئي پر ڪنهن زماني ۾ حيدرآباد جي مشهور پبلشر ۽ منهنجي دوست محترم مقبول ميمڻ منهنجي مواد کي سهيڙي ڪمپوز ڪرائي هڪڙي ڪاپي ڪمپوز ٿيل سموري مواد جي جيڪا هن وقت تائين هئي اها ڪمپوز ٿيل ڪاپي مون کي ٺهرائي ڏني هئي. هڪڙي ڪاپي ڦوٽو اسٽيٽ ڪرائي آفيس ۾ رکي هيم بس اها ڪاپي مون وٽ هئي. انهي مان پهريون ڪهاڻين جو مجموعو ”سانول جا سُور“ ڇپايم. اهو ڪتاب مٿي ذڪر ڪيل مقبول ميمڻ جي حوالي ڪيم. جيڪو سلام پريس هلائيندو هو. هن جو پبلشر هو منهنجو مواد هن وٽ ڪمپوز ته ٿيل هو انهي مواد مان ڪهاڻيون ڪڍي ”سانول جا سُور“ نالي ڪتاب ڇپرايم. جڏهن ڪتاب ڇپجي منهنجي هٿن تائين پهتو ان وقت سچ ته مون کي دنيا جي چند ملندڙ خوشين مان هڪ خوشي محسوس ٿي هيم. منهنجي زندگي جو اهم مقصد پورو ٿيو هو. جيڪو منهنجن پونئرن کان ڪڏهن به نه ٿي سگهي ها. مارڪيٽ ۾ اهو ڪتاب آيو ته هٿو هٿ وڪرو ٿي ويو. ايتري قدر جو هن ڪتاب جي مون وٽ صرف هڪڙي ڪاپي آهي. ”سانول جا سُور“ ڪتاب جي مهورتي تقريب به شاندار نموني ٿي. ۽ هن جي شاندار مهورتي تقريب جي منهنجي دلي تمنا ۽ آرزو پوري ٿي ۽ آءُ ڏاڍ و خوش ٿيو هوس. الله پاڪ جي شڪرانا بجا آندا هيم.
هن ئي ڪتاب جي مهورتي تقريب ڊاڪٽر ظفر حسين ميموريل سوسائٽي تلهار طرفان ناصر بلوچ جي ڪاوشن سان هن جي اسڪول ۾ ڪئي وئي. هي مهورتي تقريب به شاندار نموني ٿي، جنهن جي صدارت سنڌ جي عظيم شاعر آڪاش انصاري ڪئي. ٻين مهمانن ۾ عبدالله ملاح، خالد راڄپر، خادم ٽالپر، طفيل چانڊيو، محمد اسماعيل ميمڻ، ڊاڪٽر مقبول ٻارو ميمڻ، قمرالزمان شاهه ۽ مشتاق علي خواجه اعزازي مهمان هئا. هي تقريب تلهار جي تاريخ ۾ ياد رکي ويندي ۽ مونکي الله پاڪ جي مهرباني سان وڏي عزت ملي.
اي منهنجي شهر جي مٽي ! (2014 جي ادبي شاهڪار ياد)
جيئن مون کي پنهنجي پهرين ڪتاب ڪهاڻين جي مجموعي “سانول جا سُور” ڇپجڻ ۽ هن جي مهورتي تقريبن ۾ سنڌ وارن جيڪا عزت بخشي انهي منهنجي دل هزار دفعه خوش ٿي هئي. منهنجو اهڙي نموني جي عزت افزائي تي منهنجي ادبي ۽ علمي لگن ۾ ويتر اضافو ٿي ويو. سوچيم ته ٻيو ڪتاب به آڻيان. ٻيو ڪتاب شاعري جي آڻڻ جو سوچيم جيئن ته مواد مون وٽ سهيڙيل هو. مواد الڳ ڪري مقبول ميمڻ جي حوالي ڪيم. گل ڪونڌر پنهنجي اشاعتي اداري ادب ڪتاب گهر پاران اهو ڪتاب ڇپرايو. سلام پريس جي سهيل ڀٽو جي محنتن سان هي ڪتاب پهرين ڪتاب جي ڪجهه مهينن بعد 2014 ۾ آندو. جنهن جي مهورتي تقريب سنڌ ميموزيم جي ممتاز آڊيٽوريم ۾ حمزه ملٽي پروڊڪشن طرفان 18 جنوري 2015 ۾ رکي وئي هئي. هي به پروگرام شاهد چنا ۽ حنيف ملڪ طرفان ملهايو ويو. هن پروگرام جي ڪمپئرنگ ٽيليويزن جي مشهور ڪمپئر دانش مهدي ڪئي. هن مهورتي پروگرام جي صدارت سنڌ جي عظيم ڏاهي ۽ بهترين شاعر مرتضى شاهه ڏاڏاهي ڪئي. اهو منهنجي لاءِ اعزاز هو. ته منهنجي ڪتاب جي مهورتي تقريب جي صدارت ڏاڏاهي صاحب ڪري رهيو هو. خاص مهمانن ۾ سنڌ جون بهترين شاعرائون محترمه زاهده تاج ابڙو، محترمه مهرالنساء لاڙڪ به خاص مهمانن ۾ شريڪ هيون. اهڙي طرح اعزازي مهمانن ۾ گل ڪونڌر، ڊاڪٽر انور عالماڻي، پروفيسر علي حسن خاصخيلي به شامل هئي. ناصر بلوچ تقريب جي هر قدم تي گڏ هلي رهيو هو. اسٽيج تي ويٺلن کي منهنجي ٻئي ڪتاب “اي منهنجي شهر جي مٽي” جي رونمائي واري تقريب ۾ سنڌ گرامر اسڪول تلهار جي ٻارڙن بهترين ٽيبلو پيش ڪيا. اهڙي طرح هي رنگارنگي تقريب پنهنجي يادن جا اڻ مٽ نقش ڇڏي وئي. جيڪا منهنجي جي دل کي خوش ڪندي هميشه لاءِ خوش ڪري وئي.
حيدرآباد جي ادبي حلقن ۾ هي تقريب هڪ يادگار تقريب طور ياد رکي ويندي. آغا ثنا الله جي موسيقي، محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. هي ڪتاب جي ٻي مهورتي تقريب سنڌ گرامر اسڪول تلهار ۾ ناصر بلوچ طرفان ڊاڪٽر ظفر حسين ميموريل سوسائٽي طرفان اسڪول جي اڱڻ تي آچر 24 مئي 2015 ۾ منقعد ڪئي وئي. هن تقريب جي صدارت بدين ضلعي جي سينيئر ليکڪ ۽ تاريخدان احمد ناز ۽ خاڪي جاني خاص مهمانن طور شريڪ ٿيا. هن پروگرام جي ڪاروائي سنڌ جي نوجوان شاعر احسان راهوجو هلائي. اهڙي طرح هي تقريب به منهنجي دل ۾ يادن جا اڻ مٽ نقش ڇڏ ي وئي.
جيئڻ جنين ڪاڻ ۽ سروس بخير (ڊسمبر 2016 جي ادبي ۽ خوشي ڏيندڙ ياد)
منهنجو ادبي رُجحان هڪدم وڌي ويو. ادب ۾ دلچسپي وڌيڪ ٿي وئي هئي. منهنجو قلم ۽ ڪاغذ هڪٻئي سان جنگ وڙهي رهيا هئا. دنيا جي دلچسپين کي پاسيرو ڪري ڇڏيو هوم ٻه ڪتاب اچي چڪا هئا. 2016 جي شروعاتي مهينن ۾ ٻن ڪتابن جو مواد سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد جي ساجد سنڌي جي حوالي ڪري چڪو هوس. هڪ ڪتاب هو ڪهاڻين جو مجموعو ۽ ٻيو ڪتاب سروس بخير جي يادگيرين تي مشتمل ڪتاب هو. جيئن ته پهرين ڊسمبر ۾ آءُ خيرن سان 60 سالن جو ٿيندي رٽائرڊ ٿي رهيو هوس. منهنجي ڪوشش هئي ته پهرين ڊسمبر جي ڏينهن منهنجو نوڪري جي يادگيرين تي ڪتاب نمودار ٿئي. ائين ڊسمبر 2016 کان اڳ منهنجا ٻه ڪتاب “ڪهاڻين جو مجوعو جيئڻ جنين ڪاڻ ۽ يادگيرين جو ڪتاب سروس بخير” ڇپجي چڪا هئا. سروس بخير ڪتاب جي رونمائي مون آفيس ۾ فيئر ويل پارٽي جي ڏينهن ڪئي. پوءِ انهن ٻنهي ڪتابن جي ادبي مهورت سنڌ ميموزيم جي ممتاز آڊيٽوريم ۾ 20 ڊسمبر 2016 تي منقعد ڪئي وئي هئي. هي تقريب به انتهائي شاندار نموني ڪئي وئي. منهنجي دوستن ۽ ساڀيان پبليڪيشن جي سرواڻ احسان راهوجو طرفان ملهايل هي تقريب تمام گهڻي سٺي نموني ٿي. هن ٻن ڪتابن جي مهورتي تقريب جي صدارت مشهور شاعر، تعليم دان ۽ براڊڪاسٽر محترم نصير مرزا جن ڪري رهيا هئا. خاص مهمانن ۾ سنڌي جي مشهور اديبن، شاعرن محترم مٺل جسڪاڻي، گل ڪونڌر، ڊاڪٽر رضا چانڊيو، ڊاڪٽر آپا قمر واحد، آپا نذير ناز، آپا ڪشمير سومرو جن هئا. هن پروگرام کي ڪامياب بنائڻ لاءِ منهنجي وڏي ڀاءَ ناصر بلوچ پاڻ خوب دل سان نڀايو. هن جي اسڪول جي ٻارڙن ٽيبلوز ۽ تقريرن وسيلي خوب داد حاصل ڪيو. خاص ڪري اسڪول جي ذهين شاگردياڻي شائسته جتوئي جي تقرير کي خوب داد مليو. هن مانائتي ۽ شانائتي محفل جي پڄاڻي محفل موسيقي سان ٿي. جنهن ۾ سنڌ جي ڀلوڙ فنڪارن آغا ثنا الله ۽ سنڌ جي ڀلوڙ فنڪاره حميرا سارنگ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري خوب داد حاصل ڪيو. اهڙي طرح منهنجي زندگي جي چند بي بها خوشين مان منهنجي هي به هڪ خوشي منهنجي دل ۾ يادن جا اڻ مٽ نقش ڇڏي وئي ۽ سدائين مون کي تاحيات ياد رهندي.
الوداعي پارٽي (30 نومبر 2016 اکين ۾ ڳوڙها آڻيندڙ ياد)
آءَ پهرين ڊسمبر 2016 ۾ خزانه آفيس حيدرآباد مان 60 سالن جو ٿيندي 41 سال اٺ مهينا 6 ڏينهن نوڪري ڪرڻ بعد 17 گريڊ ۾ A.A.O جي حيثيت سان رٽائرڊ ڪري رهيو هوس. 30 نومبر 2016 منهنجي نوڪري جو آخري ڏينهن هو. آفيس وارن منهنجي مان ۾ هڪ بهترين الوداعي پارٽي رکي هئي. اهڙي طرح عزت سان مون کي رخصت ڪرڻ تي آءَ آفيس وارن جو تاحيات ٿورائتو رهندس. يقيناً منهنجي ڏنل محبتنجي جواب ۾ مون کي محبتون ملي رهيو هيون. اهڙي شاندار محبتن تي منهنجي اکين مان ڳوڙها وهي رهيا هئا. منهنجي دل اُداس ٿي وئي ته اهڙن محبتن سان گذاريل 41 سالن بعد سڀاڻي کان آءَ هن آفيس کان جدا ٿي ويندس. بس اهوئي دنيا جو نظام آهي. دنيا جو نظام اهڙي نموني ئي هلي رهيو آهي. ۽ سدائين ائين هلندو رهندو بس ڪيترا ڏينهن مون اداس وارن لمحن مان گذريو هوس. هڪ معمول هو آفيس جي محبتن وٺڻ ۽ ڏيڻ جو انهي محبتن کان جدا ٿيڻ جو تصور به نه ڪري سگهيو هوس. آءَ آفيس وارن جي فيئر ويل پارٽي جيڪا انتهائي شاندار هئي کي سدائين ياد رکندس ۽ انهن جي محبتن کي ڪڏهن به وساري نه سگهندس.
بلوچ ڪتاب گهر (1 اپريل 2017 جي ياد)
پنهنجي نوڪري تان رٽائرڊ ٿيندي ٻه ٽي مهينا گذري چڪا هئا ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي ته ڇا ڪريان...؟ وقت کي ڪهڙي نموني گذارجي...؟ جنهن ماڻهو 40 سال پبلڪ آفيس ۾ پبلڪ ڊيلنگ سان صبح کان شام تائين ماڻهن جي رش ۾ وقت گذاريو هجي اهو ماڻهو گهر ۾ اخبار ۽ رسالا ڪيترا پڙهي وقت گذاريندو....!؟ مون ذهن ۾ ته اڳئي رکي ڇڏيو هو ته گهر ۾ ويهي وقت آءُ نه گذاري سگهندس سو انهي حساب سان مون جستجو ڪرڻ شروع ڪري ڏني هئي ته ڇا ڪجي ؟ هڪڙو آفيسر ماڻهو سروس کان رٽائرڊ ٿئي ، مٿان وري اديب، شاعر ، ڪهاڻيڪار جنهن جا چار ڪتاب اچي چڪا هجن اهو ماڻهو ڪهڙو جنرل اسٽور هلائي سگهندو؟ ڪهڙو پرچون يا ريزڪي دڪان هلائي سگهندو؟ سوچي سوچي گهمي ڦري ذهن بار بار ادب ڏانهن پيو وڃي. سو بلوچ ڪتاب گهر کوليم. قاسم آباد حيدرآباد ۾ انهي ڪتاب گهر ۾ بيشڪ اهو واپار يا بزنس ڪونهي جنهن مان ڪا آمدني ٿئي ادبي ڪتابن کي پڙهڻ وارا ۽ خريد ڪرڻ وارا اڄڪلهه ڪير ڪونهي؟ سو هن وقت اهو بلوچ ڪتاب گهر هلايان پيو. جنهن ۾ وڪري لاءِ ادبي ڪتاب رکيا اٿم. اڳتي هلي ڪمپوزنگ ۽ ڪمپيوٽر جي ڪم کي اڳتي وڌائبو يار دوست اچن ٿا ادبي گڏجاڻيون ٿين ٿيون ادبي لڏي جا ماڻهو اچن ٿا ڪهچريون ٿين ٿيون بس مون لاءِ اهو ئي ڪافي آهي ۽ مون پاڻ اهو ئي پئي چاهيو. ته منهنجو وقت سٺو گذري ذهن جي ۽ دل جي پسند سان سٺو گذري ڪڏهن ڪڏهن پئسي جي اهميت نه هوندي آهي وقت جي اهميت پئسي کان وڌيڪ هوندي آهي. اميد ته الله پاڪ منهنجي باقي حياتي کي سٺي ۽ سُڪون سان گذارڻ ۾ منهنجي مدد ڪندو رهندو.
سرواڻ جي منڱڻي (28 جون 2017 جي خوشين واري ياد)
ماشا الله سرواڻ بلوچ منهنجو موڀي پٽ جنهن جي پالنا مون ڏاڍي سٺي نموني ڪئي. هن کي سٺن اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽي جي مهانگن خرچن سبب ڪڏهن ڪنهن زماني ۾ مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پيو هو. پر سرواڻ کي اعلى کان اعلى سٺي کان سٺي تعليم ڏيارڻ جو عزم ڪيو هو. جنهن ۾ الله پاڪ مون کي سرخرو ڪيو. سرواڻ بيڪن هائوس کان پرائمري تعليم شروع ڪئي. مئٽرڪ تائين بيڪن هائوس هاءِ اسڪول جهڙي بهترين اسڪول پوءِ فائونڊيشن ڪاليج ۽ پوءِ سرسيد انجنيئرنگ يونيورسٽي مان B.E سول انجنيئرنگ پاس ڪري ماشا الله پڙهي پار پيو آهي. هاڻي ڪراچي ۾ رهي پيو. ماشا الله ڳالهيون ڪندي ڪندي وڏو ٿي ويو آهي ۽ پنهنجي سفر لاءِ همسفر به ڳولهي ورتائين. 28 جون 2017 رمضان المبارڪ جي عيد جي ٽئين ڏينهن حيدرآباد جي بهترين هوٽل رائل تاج ۾ منڱڻي جي رسم رکيل هئي. هن منڱڻي لاءِ سرواڻ جا اِن لاز ڪراچي مان آيا. هي شاندار محفل رائل تاج ۾ ٿي. ڀاڳ وارا آهن سرواڻ ۽ فريال. جنهن جي منڱڻي اهڙي شاندار نموني ڪيم. جو سڀني کي اها منڱڻي وڻي شايد اهڙي منڱڻي منهنجي خاندان ۾ ڪڏهن ڪنهن جي به نه ٿي آهي. انشاء الله اهڙي شاندار منڱڻي کانپوءِ سندس جي شادي جون تياريون آهن. الله پاڪ مدد ڪئي ته سندس شادي به شانائتي ڪبي.
زندگي جا عشق
عشق الائجي ڪنهن کي چئبو آهي ؟ محبت ڇا آهي؟ دوستي ڇا آهي؟ زندگي ڇا آهي؟ جيون ۾ ڪنهن کي چاهيوسين، زندگي ۾ داخل ڪير ٿي ويو؟ جيڪي لڪيرن ۾ نه هئا اهي ملي ويا. جيڪي لڪيرن ۾ نه هئا هن سان سڄي زندگي گذري وئي. زندگي جي جواني جي وقتن جي محبتن ۾ عشقن جو ذڪر ڪري آيو آهيان. پوءِ آفيس جي نوڪري دوران ڪيترن ئي عورتن سان ويجهڙائپ ۽ دوستي رهي. ڪڏهن ڪڏهن محسوس ائين ٿيندو آهي يا ٻيو ڪو ڏسڻ وارو ائين محسوس ڪندا آهن ته هنن جي پاڻ ۾ تمام ويجهڙائپ هوندي يا اهي ٻئي ڄڻا محبت ڪندا هوندا..... آفيس جي ڪمن ڪارن ۾ منهنجو طور طريقو انتهائي محبت وارو رهيو سوين مرد منهنجا دوست رهيا ۽ اهڙي نموني عورتون به منهنجي دوستن ۾ شمار ٿينديون هيون. ڪيترن ئي ليڪچرارن ، ڊاڪٽرياڻين ۽ ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ ٽريزري آفيس ۾ ايندڙ عورتن ، سرڪاري ملازمن سان ڪچهريون ٿيون. محبت ۾ ماڻهو ايندا هئا ڪچهريون ڪرڻ، گڏجي چانهه پيئڻ گڏجي ماني کائڻ اها منهنجي خوش قسمتي هئي پر چوندا آهن ته هر کلڻ واري، هر هٿ ملائڻ واري هر ڪچهري ڪرڻ واري سان محبت نه هوندي آهي. عشق ۽ مهٻت جا رستا الڳ آهن. جيڪو هر ڏسڻ وارو سمجهي نه سگهندو آهي. جهول آيا پر اها حقيقت پنهنجي دل جي ضمير کان پڇندي آءُ مطمئن آهيان ته شادي کان پوءِ مون ڪابه محبت نه ڪئي. ڪوبه عشق نه ڪيو. ڪاٻي شادي نه ڪئي. ڪنهن جي اکين جي نظرن ۾ نه اچي سگهيس ۽ ڪنهن جي به زلفن جو اسير نه ٿيس بس اها حقيقت لکندي هن مهل جيڪو آءُ محسوس ڪري رهيو آهيان اها منهنجي سچائي آهي. افسوس آهي منهنجي هن سچائي کي انهن ماڻهن کي سمجهڻ گهرجي ها جيڪي منهنجي قريب ترين هئا. ها ڪجهه محبتون اهڙيون ضرور ٿيون جيڪي منهنجي قريب ترين رهيا ۽ ها اڄ اعتراف ٿو ڪريان ته هنن سان اهڙي قريب ترين محبتون هوندي ڪنهن به قسم جي جسماني محبتن وارو لاڳاپو نه رهيو . ها ڪجهه ماڻهن اهڙا هئا جن سان روحاني پاڪيزه محبتون رهيون. سمهجڻ وارا سمجهي ويا هوندا ..... نه سمجهڻ وارا سڄي حياتي نه سمجهي سگهندا.
منهنجي گذاريل زندگي
آءَ پنهنجي ننڍي عمر ۾ ئي هوس ته صاف سٿرو رهڻ منهنجي عادت ۾ شمار هو. مٽي ۾ کيڏجندڙ راندين کان پاسو ڪندو هوس. مئٽرڪ تائين پهچندي يا انٽر پاس ڪندي آءُ انهن خوبرو نوجوانن ۾ شامل ٿي ويو هوس جيڪي فيشن ڪندڙ، سُٺا ڪپڙا پائيندڙ ۽ ذهين ماڻهن ۾ شمار ٿيڻ لڳو هوس. انهي قسم جي ڳالهين بابت گهڻو ڪجهه لکي به آيو آهيان. اها صاف سٿري رهڻ جي عادت ، سٺو کائڻ، سٺا ڪپڙا پائڻ ۽ فيشن ايبل رهڻ آءُ عمر جي هر حصي ۾ رهيس ننڍپڻ کان هن پيري تائين آءُ عمر جي حساب سان فيشن ڪرڻ ۾ پنهنجي خاندان ۾ هميشه اڳڀرو رهيس ايتري قدر جو ننڍي عمر ۾ وار ڪٽرائڻ به حيدرآباد ايندو هوس.
هاڻ جڏهن آءُ رٽائرڊ ٿي چڪو آهيان. تڏهن اپ ٽو ڊيٽ رهڻ اهو ئي صبح جو اٿڻ، سٺاڪپڙا پائڻ، ڪاٽن جا وڳا پسند اٿم عادت ۾ شمار آهن هن وقت به جيڪو وڻي ٿو جيڪو ملي ٿو اهو اهوئي چوي ٿو ته توهان هميشه ۽ اڄ تائين اپ ٽو ڊيٽ رهو ٿا. هميشه نفاست پسند، صاف سٿرو رهڻ، فيشن ايبل رهڻ، هر ماڻهو جو احساس ڪرڻ، پنهنجي طبعيت ۾ تمام گهڻو حساسيت رکندڙ شخص آهيان. هن وقت به دنيا جي عياشين کان پري رهيو آهيان. گهمي ڦري نه سگهيو آهيان. پر پنهنجو پاڻ کي ٺاهڻ پنهنجو گهر ڪرڻ، پنهنجن گهر وارن لاءِ قرباني جو هميشه جذبو رکندڙ آهيان. اهوئي سبب جو آهي جو گهر کي ٺاهڻ ۽ گهر وارن لاءِ قرباني ڏيندڙ شخص انهن فردن ۾ پاڻ کي شمار ٿو ڪريان بيشڪ مون دنيا نه ڏٺي آهي پر پنهنجي ضمير مان مطمئن آهيان. ته پنهنجي دل ۾ هزارين غم هجن پر ٻين لاءِ جيئرو رهيو آهيان. ۽ ٻين کي خوش ڪري انهن جي دلين ۾ ڪا جاءِ ضرور جوڙي اٿم.
منهنجو وڏو ٿيڻ
2014_2015 ۾ مون محسوس ڪيو ته اسانجو پورو خاندان تتر وتر ٿي رهيو هو . ڀاڻيجا پنهنجي منهن، ڀائيٽيا پنهنجي حساب سان، سوٽ ماسات پنهنجي ۾ مگن ...... ڪوئي حال مست ته ڪوئي چال مست...!!! ننڍي نسل ۾ پئسو گهڻو اچي ويو هو. انهن وڏڙن جي عزت ڪرڻ ڇڏي ڏني هئي. وڏڙن کي پنهنجي وڏڙي عمر جو ڀرم ته ننڍا ٿي ڪري وڏن جو ڀرم نه ٿا رکن يا عزت نه ٿا ڪن . خير هر ڪو پنهنجي پئسن جي نشي ۾ يا هر ڪو پنهنجي ڀرم جي نشي ۾ زندگي جي ڦيٿي کي هلائي رهيو هئا. گاڏي هئي جا هلي پئي......
وہی چال پرانی بے ڈھنگی،
جو آج بھی ہے وہ کل بھی تھی۔
انسان جي خاندان ۾ وڏا سڀ گذاري ويا آهن. مون محسوس ڪيو ته اسان چار ڀائر به گڏ نه آهيون. هر ڪو پنهنجي حساب سان حالانڪه مون کان منهنجو وڏو ڀاءُ ناصر بلوچ هو . هن شايد محسوس نه ڪيو هجي جي ڪيو به هجي ته نظر انداز ڪيو هجي. مون ڀائرن کي سڏايو هنن جي مهرباني جو اهي منهنجي سڏ تي پير ڀري آيا. مون پنهنجي ڳالهه رکي... فيصلو اهو ٿيو ته آئنده جتي به پاڻ چار ڀائرن کي دعوت ملي ته هلنداسين نه ته نه هلبو. هينئر جيڪو هر ڪو پنهنجي حساب سان پيو هلي آئنده ائين نه ٿيڻ گهرجي. منهنجي هن ڳالهه سان منهنجي وڏي ڀاءُ ناصر بلوچ مون کان ننڍا ٻه ڀائر محمد منير بلوچ ۽ مرحوم محمد اسلم بلوچ سهمت ٿيا. فيصلو ڪيو ويو ته خاص ڪري شادين مرادين يا خوشي جي موقعي تي ڪنهن هڪ ڀاءَ کي به دعوت نه ملي ته چارئي ڀائر اها دعوت نه کائيندا. مون کي خوشي آهي اسان هن فيصلي تي اڄ به قائم آهيون. مون به هر قدم ۾ هر ساٿ ۾ وڏو ٿي نڀائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اميد ته اها عزت سدائين برقرار رکندس.
منهنجون خير خيراتون
نوڪري کان پوءِ جتي مون ۾پيار ۽ محبت ڪنهن جي ڪم اچڻ، ڪنهن جو ڪم ڪرڻ، ساٿي ۽ ٻانهن ٻيلي ٿي رهڻ وارا جذبا مون ۾ هوندا هئا. ۽ اڃان تائين آهن. وقت ، حالات ۽ پئسن جي حساب سان آءُ خير خيرات ڪرڻ جي حساب سان تمام گهڻو اڳتي رهيو آهيان. اها اهيو آهي ته ڪڏهن گهٽ، ڪڏهن وڌ پر ڪجهه نه ڪجهه پنهنجي پگهار مان خيرات جي نيت سان هميشه ڪڍندو رهيو آهيان. پنهنجي مائٽن ۾ ،آفيس ۾ جتي مون کي خبر پوندي هئي ... ڪير بيواهه ٿئي، ڪنهن کي دوائن جي ضرورت پوندي هجي ، ڪنهن کي تعليم جي حساب سان ڪتابن يا اسڪول جي فيس جي ضرورت هوندي هئي ، ڪنهن غريب شاگرد کي ڪتابن ۽ يونيفارم جي ضرورت هوندي هئي يا اڃان تائين آهي ته پنهنجي آمدني آهر يا وس پڄندي مدد ڪندو رهندو آهيان.
خاص ڪري منهنجي دل جي آپريشن کانپوءِ مون ۾ احساس جذبو اڃان به وڌيو منهنجي آفيس اسٽاف مان ڪنهن غريب جي دوائن جي يا علاج جي ضرورت هوندي آهي ته وس پڄندي هن جي مدد ڪندو رهندو آهيان. هر مهيني پنهنجي پگهار مان ڪجهه نه ڪجهه ڪڍي سول اسپتال جي مريضن ۾ دوائن جي حساب سان بنا سڃاڻ مريضن جي مدد اڃان تائين ڪندو رهندو آهيان. مون پنهنجي مائٽن يا دوستن جي علاج ۾ تعليم جي حساب سان ڪهڙي ۽ ڪيتري مدد ڪئي آهي هن کي ڳڻائڻ يا انهن جا نالا لکڻ جي ضرورت محسوس نه پيو ڪريان.... هي لکان نه ها پر ٻين کي پڙهائڻ گهران ٿو ته جيڪي به وس وارا آهن يا هڪ روپئي جي يا هڪ ڪتاب يا هڪ ميڊيڪل جي گوري به ڪنهن کي وٺي ٿا ڏين ته انهن جو نالو الله پاڪ پنهنجي اعلى درجات ۾ لکندو ۽ پنهنجو ضمير به مطمئن هميشه رهندو الله پاڪ مون کي ۽ ٻين کي تاحيات هن اجر جي ڪم ۾ تاحيات حصي وٺڻ جي توفيق عطا فرمائي ... آمين
گهمڻ ڦرڻ
هي ڪتاب لکندي لکندي 2018 ۾ داخل چڪو آهيان ۽ پنهنجي 61 سالگرهه ملهائي چڪو آهيان. ننڍي هوندي کان مون کي جنون جي حد تائين شوق هو ته دنيا جي هر ڪنڊ ڏسندس پر شروع ۾ غربت پوءِ نوڪري پوءِ گهر ۾ سڀ ڪجهه ڪرڻ جي جستجو.... گهر وٺڻ،پنهجي پيرن تي بيهڻ، شادي، ٻار، پڙهايون ۽ اڪيلايون زندگي تي ايڏيون حاوي ٿي ويون جو نه هتي جو رهيس نه هُتي جو رهيس..... هي باب لکندي محسوس پيو ڪريان ته جنهن ماڻهو کي سڄي دنيا ڏسڻ جو جنون هجي اهو ماڻهو پنهنجو صوبو سنڌ به پورو نه ڏسي سگهيو آهي. ها ڪجهه گهمڻ ڦرڻ ياد ٿو اچيم. پورن 2000ع ۾ فيملي ٽوئر ڪوهه مري ڏانهن ڪيو هوم حيدرآباد کان لاهور باءِ ٽرين، لاهور کان راولپنڊي اسلام آباد هتان ڪوهه مري، نٿيا گلي، اهو پٺ گهمندي گهمندي ڪشمير پوائنٽ تائين هليا ويا هئاسين اهو ٽوئر زال ۽ پٽ سان گڏ پندرهن ڏينهن جو ڪيو هوم. هن کانسواءِ پنهنجي حساب سان يا دوستن سان گڏ ڪراچي، سکر، لاڙڪاڻو، خيرپور، ٺٽو ۽ ٿر گهميا اٿم. ٻيو مڙئي خير آهي.
اها آرزو اٿم خانه ڪعبه ، مدينه منوره ڏانهن هڪ ڀلو سفر ڪريان ۽ ايران ۽ عراق جي زيارتن کي ڏسان ۽ دبئي وڃڻ جو شوق اٿم. ملائيشيا ۽ ٿائلينڊ وڃڻ جي آرزو دل ئي دل ۾ رهجي وئي . جيڪا هاڻ شايد پوري نه ٿي سگهي.
حسرتون
هزارين خواهشون اهڙيون جو هر خواهش ۾ ساهه نڪري. اها اردو جي چوڻي منهنجي زندگي سان به گهڻو ٺهڪي آئي آهي. جڏهن ۽ جنهن حسرتن لاءِ هٿ کڻي دعائون ڪيم اهي حسرتون پوريون نه ٿيون. جن حسرتن لاءِ دعا ئي نه ڪيم ته الله پاڪ پنهنجي مهرباني ۽ ٻاجهه سان انهن عظيم نعمتن سان مون کي نوازيو. جن جي آءُ الائجي لائق هوس يا نه؟ چون ٿا ته بندي جي من ۾ هڪڙي الله جي من ۾ ٻي.... منهنجي زندگي انهي چوڻي تي بلڪل ٺهڪي آئي آهي ۽ زندگي جو گهڻو حصو گذري چڪو آهي. اميد ته الله پاڪ منهنجي زندگي ۾ مون کي ٻاجهه، پنهنجي نعمتن پنهنجي مهربانين سان نوازيندو رهندو ۽ مون کي الله پاڪ هر ڪوسي واءُ کان بچائيندو رهندو. آمين اي الله پاڪ توهان جيڪو ڪجهه ڏنو، عزت، شهرت، گهر ، اولاد، روزي، رزق، ايمان، صحت پنهنجي زندگي جي نعمتن سان نوازيو. اي الله سائين ! توهان جي هر ڏنل نعمتن جو شڪر گذار آهيان.
اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض (31 مارچ 2018)
هر سال جيان هن سال به سنڌ گرامر اسڪول تلهار ۾ جيڪو منهنجي وڏي ڀاءُ ناصر بلوچ جو اسڪول آهي. 31 مارچ 2018 جو ڏينهن هو. هر سال مارچ مهيني جي آخر ي هفتي ۾ اسڪول جي ساليانه رزلٽ جو اعلان ڪرڻ وقت هڪ شاندار پروگرام رٿيو ويندو آهي. جنهن ۾ اسڪول جي ٻارڙن ، اسڪول جي استادن ۽ ٻارڙن جي والدين کان سواءِ علمي، ادبي ماڻهن کي به مدعو ڪيو ويندو آهي. هر سال ٿيندڙ هن عاليشان پروگرام جي جيتري تعريف ڪجي اوتري گهٽ آهي. سالياني زرلٽ کانسواءِ اسڪول جا ٻارڙا شاندار قومي ۽ عوامي گيتن تي ٽيبلوز پيش ڪري خوب داد حاصل ڪندا آهن.... مون کي به اهو شرف هر سال حاصل ٿيندو آهي ته پروگرام جي اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض آءُ سرانجام ڏيندو آهيان. منهنجي شاعرانه انداز ۾ اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض ڏيڻ کي اسڪول ۽ تلهار جي حلقن ۾ بيحد گهڻو ساراهيو ويندو آهي. اهو چوٿون ، پنجون دفعو آهي جو هر سال انهي سالياني فنڪشن ۾ مون کي خاص اسٽيج سيڪريٽري جي فرائض سنڀالڻ لاءِ مدعو ڪيو ويندو آهي. اها منهنجي خوش نصيبي آهي جو تلهار جي حلقن ۾ اسڪول طرفان منهنجي انائونسمينٽ ڪرڻ کي ساراهيو ويندو آهي. اهڙي طرح منهنجي زندگي جا هي لمحا به منهنجي زندگي جا يادگار لمحا رهيا ايندا پيا وڃن.
سرواڻ جي مينڌي (12 اپريل 2018 جي خوشين واري رات)
سرواڻ منهنجو هڪڙو ئي پٽ جنهن جي منڱڻي جو ذڪر ڪري آيو آهيان. هن جي منڱڻي ٿيڻ کان پوءِ اسان هن جي شادي جي تيارين ۾ لڳي وياسين. سڀني جي اها راءِ هئي ته شادي ڇهن مهينن يعني ڊسمبر 2017 تائين ڪرڻي آهي. پر جيئن ته سرواڻ جي منڱيندي (فريال) ميڊيا سائنس جي آخري سال ۾ پڙهي رهي هئي هن جي مائٽن هڪ سال جي مهلت گهري هئي ته هو پڙهي وٺي. اسان به ڳالهه کي سمجهندي ماٺ ٿي وياسين. پر شادي جون تاريخون گهرندي گهرندي ڳالهه اچي اپريل 2018 تائين پهتي.
12 اپريل 2018 جي رات به اچي پهتي. هن رات ڪراچي جي هڪ شاندار Sky Deck جي شادي هال ۾ منڱڻي جي تقريب رٿيل هئي. خاندان جي ماڻهن شرڪت ڪئي. هي تقريب انتهائي شاندار نموني ڪئي سين. خوب هلا گلا ڪيو ويو. اهڙي طرح سروان جي منڱڻي جي شاندار رسم کانپوءِ مينڌي جي هي شاندار تقريب هڪ اڻ مٽ يادون دلين ۾ نقش ڪري وئي.
سرواڻ جو نڪاح (13 اپريل 2018 جي مٺي ياد)
ڪلهوڪي 12 اپريل جي مينڌي جي شاندار تقريب جون پياريون پياريون يادون سڄي رات نچندي نچندي اڃان لمحا ياد هئا ته ٻيو ڏينهن 13 اپريل رات 9 بجه Softed Marriage Hall جيڪو 5 Satr چورنگي ڪراچي ۾ هو اتي نڪاح جي تقريب رکيل هئي. رات جو 10 بجه (خوش قسمتي سان اها رات چنڊ جي حساب سان 27 رجب جي ڀلاري رات هئي) نڪاح جي رسم ۽ پوءِ ماني شروع ٿي. اهڙي طرح نڪاح جي تقريب انتهائي شاندار ۽ بهترين ڪراچي جي ميريج هال ۾ ٿي. اهڙي ريت خير خوبي سان سرواڻ پنهنجي ڪنوار فريال کي ساڻ ڪري پنهنجي زندگي جو آغاز ڪيو. ۽ ڪراچي جي هوٽل Pearl Continent ۾ پنهنجي نئين زندگي جي پهرين رات گذاري. اسان سڀ ٻي ڏينهن پنهنجي ڪنوار وٺي حيدرآباد پهتاسين.
سرواڻ جو وليمو (15 اپريل 2018 جي خوشين ڀري ياد)
سرواڻ جي شاندار شادي کانپوءِ اسان ڪنوار کي وٺي 14 اپريل 2018 حيدرآباد پنهنجي گهر پهتاسين ۽ شادي جو وليمو 15 اپريل 2018 رات 9 بجه حيدرآباد جي بهترين بينڪيوٽ (شادي هال) جيڪو ڄامشوري روڊ تي آهي اتي وليمو رٿيل هو. آءُ وليمي جي ڪمن ڪارن کي لڳي ويس. هونئن ته سڀ انتظام مڪمل هئا تاهم ننڍا ننڍا ڪم پئي ڪيم.
15 اپريل 2018 جي وليمي رات GEMS هال کي بهترين نموني سينگاريو هيوسين. مهمانن جي آمد شروع ٿي کاڌي ۾ 12 آئٽم رکيل هئا. گهوٽ ڪنوار جي ENTRY بهترين نموني ٿي. ماني کارائڻ جو بندوبست سرواڻ جي دوستن ۽ ڪراچي مان آيل مهمانن جي هٿ ۾ هو. ماني کارائڻ وارن ايڏو ته شاندار ۽ بهترين نموني ڪيو هو جو هر ماني کائيندڙ ۽ شادي ۾ شريڪ ٿيندڙ منهنجي مائٽن، دوستن، آفيس وارن ، احبابن هر ڪنهن جي وات سان اسان جي تعريف پئي نڪتي. مون ته اهڙي شاندار ۽ بهترين شادي ڪرڻ تي خدا پاڪ جو لک شڪرانا بار بار بجا پئي آندا. گهڻن دوستن تعريف ڪندي اهو به چيو ته اهڙي شانائتي شادي ۽ وليمي جي ماني اسان تمام گهٽ ڏٺي آهي. سرواڻ جي هر تقريب بهترين شانائتي ۽ مانائتي ڪرڻ کان پوءِ سوچيم ته اهڙيون شاندار تقريبون هن کان اڳ اسان بلوچ فيملي ۾ ته ڪڏهن به ڪونه ٿيون آهن. پر چڱن ڀلن شادين مان هي هڪ شاندار شادي خيرن سان خوشين سان بنا ڪنهن رنڊڪ ۽ ڳالهين جي هر ڳالهه خير خوبي سان ئي گذري. شادي جون تقريبون اسان پوري خاندان ۾ ڇا پر سڀني کي وڻيون . اهڙي طرح سرواڻ ۽ فريال جا اهي سٺا ڀاڳ چئبا جو هنن جي باوقار شادي خير خوبي سان يادن محبتن ۽ يادن جا اڻ مٽ نقش ڇڏي وئي. مون خدا پاڪ جا لک شڪرانا بجا آندا ته سرواڻ جي بهترين شادي ڪرڻ جي منهنجي دلي آرزو ۽ دلي تمنا خدا پاڪ خيرن سان پوري ڪئي. اها شادي جيڪا اسان سڀني کي هميشه پيار ۽ محبتن جيان هميشه ياد رهندي. انشاء الله سڀ خير خيريت سان آئنده وقت پيار ۽ محبتن سان گذرندو . آمين
محبتن جو صِلو (اپريل 2018 کانپوءِ)
جيئن ته منهنجي پٽ سرواڻ پنهنجي پسند جي شادي ڌارين سان ڪئي آهي. پر هن جو خاندان ايڏو ته قربائتو آهي جنهن جا مثال تمام گهٽ ملندا آهن. انتهائي پيار واري، پيار ڪندڙ فيملي آهي. تمام گهٽ ماڻهو ڏٺا ويا آهن جيڪي عزت ۽ محبت سان هلن ۽ محبتون وٺن. انتهائي قربائتي عجز ۽ انڪساري، محبت ۽ عزت واري آغا خاني فيملي اسان سڀني جي دلين ۾ گهر پيدا ڪري ويا. سرواڻ جي ڪنوار فريال به انتهائي قربائتي، عزت ڏيندڙ ۽ سٺي طبعيت رکندڙ ، محبتون ۽ عزت ڏيڻ واري ڇوڪري آهي، مون به هن کي انتهائي بلند درجي جي حساب سان محبت ڏني. هونئن ته مون کي هڪ ڌي جي ضرورت هميشه محسوس ٿيندي هئي پر مون کي لڳي ٿو ته فريال هڪ پياري ننهن سان گڏ مون کي هڪ پياري ڌي به ملي وئي آهي. شل اهي محبتون قائم رهن ۽ اهي محبتون سرواڻ ۽ فريال جي صورت ۾ سدائين قائم رهيون ته اسان جو گهر هڪ محبتن ڀريو ليکيو ويندو.
ڌڻي در دعا آهي ته سان جون محبتون انهن سان ۽ انهن جون عزتون اسان سان سدائين قائم و دائم رهن.... بس اولاد کان عزت ۽ محبت نصيب ٿئي ته هن کان وڌيڪ ٻي ڪنهن شيءَ جي طلب باقي نه رهندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن اکين سان ڏسبو آهي ته محبتن جو صلو پنهنجي حياتي ۾ ملندو آهي. يقيناً مون سرواڻ ۽ فريال سان محبت ڪئي آهي ۽ مون کي محبتن جو صلو ملي رهيو آهي. ماشاالله اها محبت سدائين قائم رهي.
اي منهنجي پياري فريال ۽ پيارا سرواڻ ! آءُ صرف توهانجو آهيان ۽ اميد ٿو ڪريان ته توهان وٽان مون کي ڪجهه نه گهرجي صرف توهان جي محبتن ۽ عزتن کي تاحيات ڏسڻ ٿو گهران، وٺڻ ٿو چاهيان ۽ پسڻ ٿو چاهيان..... ڌڻي در دعا آهي ته عزتون ۽ محبتون سدائين قائم ۽ دائم رهن .
مهراڻ TV جا مارننگ شوز (2017_2018 جون اڻ وسرندڙ يادون)
14 مئي 2018 صبح مهراڻ TV جي مارننگ شو ۾ صبح (10 بجه کان 12) اهو چوٿون دفعو هو آءُ مهمان طور شريڪ ٿيو هوس. مهراڻ TV جي مارننگ شو صبح مهراڻ ۾ سنڌ جي علمي،ادبي، سياسي، سماجي ۽ مشهور شخصتين کي گهرايو ويندو آهي. جيڪو ٻه ڪلاڪ Live هلندو آهي. مختلف مرحلن ۾ پروگرام جا ميزبان بدليا ويا آهن. پر پروگرام جو ڊاريڪٽر سنڌ جو مشهور علمي ۽ ادبي ماڻهو محترم مرتضى مجبور آهي. جنهن جي محنتن ۽ ڪاوشن سان هي پروگرام لاڳيتو ڪيترن سالن کان ڪاميابي سان هلي رهيو آهي. اڄوڪي پروگرام جي ميزبان زويا بلوچ هئي جيڪا پاڻ سٺي اعتماد واري ۽ ڄاڻ رکندڙ سٺي ميزباني ڪندڙ هئي ۽ مون سان گڏ سنڌ جو عظيم تاريخدان، نثرنويس ، شاعر ۽ پارکو محترم نور احمد جهنجي صاحب هئا. اها منهنجي خوش قسمتي هئي ۽ محترم مرتضى مجبور جي مهرباني هئي جو هن مون کي علمي ادبي ماڻهو سمجهي اڄ چوٿون دفعو سڏرايو هو.
هن کان اڳ ٽيون دفعو مون کي 15 اپريل 2018 تي به سڏايو هو مون سان گڏ ٻيو مهمان شوبز جو سريلو فنڪار سيد فدا حسين شاهه هو. ان کان اڳ 22 فيبروري 2018 خميس ڏينهن آءُ شريڪ ٿيو هوس. اهي پروگرام جي ميزبان سٺي ڄاڻ رکندڙ قرت العين هئي. اهيا منهنجي خوش قسمتي هئي جو هن دفعي مون سان گڏ سنڌ جو عظيم ۽ انقلابي شاعر محترم آڪاش انصاري خاص مهمان هئا. هن کان اڳ به ساڳئي پروگرام ۾ آءُ مهمان جي حيثيت سان 17 جولاءِ 2017 ۾ شريڪ ٿيو هوس. مون سان گڏ فنڪار وحيد زمان هو. ۽ ميزبان قرت العين هئي. سڀ کان پهرين هن مارننگ شو ۾ آءُ پهريون دفعو 6 فيبروري 2017 تي شريڪ ٿيو هوس. تڏهن منهنجي خوشي جي حد نه رهي هئي ته پهريون دفعو آءُ ڪنهن TV جي پروگرام ۾ شريڪ ٿي رهيو هوس. تڏهن مون سان گڏ مهمان جي حيثيت ۾ اسرا يونيورسٽي جي هي پروفيسر ليڊي ڊاڪٽر هئي. ۽ ميزبان سنڌ جي بااعتماد ۽ بهترين ڄاڻ رکندڙ نازيه قريشي هئي.
جيتوڻيڪ هي ڪنهن به ٽيليويزن چينل ۾ منهنجو هي پهريون پروگرام هو انتهائي نروس هوس پر ميزبان نازيه منهنجي ڊپ واري ڳالهائڻ مان ٻاهر ڪڍيو هو ۽ همت افزائي ڪري رهي هئي ۽ اتنهائي اعتماد واري ميزبان مون کي لڳي هئي. محترم مرتضى مجبور منهنجي ڊپ کي اعتماد ڏياري ختم ڪيو هو.
اهڙي طرح تازو 14 مئي 2018 جي مهراڻ TV جي مارننگ شو ۾ آءُ پنجون ڀيرو شريڪ ٿيو هوس. آءُ انتهائي ٿورائتو آهيان محترم مرتضى مجبور جو جنهن لاڳيتو مون کي پروگرام ۾ شريڪ ڪري منهنجي همت افزائي ڪئي ۽ عزت افزائي به ڪئي آهي. خدا تعالى جا لک شڪرانا بجا ٿو آڻيان جنهن مون کي هن منزل تي پهچايو آهي.
حسرتون (2018 جي حسرت)
آءُ پنهنجي يادگيرين کي سهيڙي پنهنجي ڄمڻ کان وٺي هن وقت 2018 جي آخري مهينن تائين لکندي اوهان تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. زندگي جي هر لمحي کي لکڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. ڪٿي ڪا يادگيري نه لکي سگهيو آهيان يا ته اها صفا وسري وئي اٿم يا صفا لکڻ جهڙي نه هئي. اهڙيون يادگيريون اڃان به گهڻي تعداد ۾ آهن. جيڪي لکڻ کان رهجي ويون آهن. انهن يادگيرين کي ياد هوندي به نه لکي سگهيو آهيان. انهي ۾ سمجهو ته ايتري مجبوري سمجهيم ته چاهيندي به يا سوچيندي به دل تي جبر ڪري نه لکي سگهيس.... باقي زندگي جو گهڻو ڪجهه قصو لکيو اٿم... زندگي جي هن منزل تي پهچندي 62 سالن جو ٿي رهيو آهيان. هاڻ دل چوي ٿي ته سڄي دنيا گهمان، سنڌ جو ذرو ذرو گهمان، پاڪستان ڏسان، پر لڳي ٿو ته ڪجهه عمر جو حساب ڪجهه پئسي جو نه هجڻ ۽ ڪجهه سنگت ۽ ساٿ نه هئڻ سبب منهنجي گهمڻ جون حسرتون پوريون نه ٿي سگهن. پر حسرت سان گڏ الله پاڪ جي حضور دعا آهي ته حج ڪري سگهان، عمرو ڪريان ۽ ايران و عراق ۽ شام جون زيارتون ڪريان. ائين زندگي کان موڪلائڻ کان اڳ زوار ۽ حاجي ٿيان. انشاء الله ڌڻي چاهيو ته جلد حاجي ۽ زوار ٿيندس.