آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

مُرڪون مهڪون ميڙيم !

اقبال بلوچ سنڌي ادب جو هڪ سٻاجهڙو ۽ نفيس ليکڪ آهي. هن پنھنجي يادگيرين جي ڪتاب (مُرڪون مَھڪون ميڙيم) ۾ پنھنجي 61 سالن جي سموري زندگيءَ جا اکين ڏٺا حال، يادگيريون، پنھنجي پوري سچائيءَ سان (بقول اقبال بلوچ جي) اوهان پڙهندڙن جي اڳيان اوريا آهن. هن ڪتاب ۾ موضوعاتي تسلسل کي برقرار رکندي ترتيبوار سال جي واقعن کي قلم بند ڪرڻ جي بدران وقت، واقعا ۽ سال بنھ الڳ الڳ بيان ڪيل آهن.

Title Cover of book مُرڪون مهڪون ميڙيم !

پنهنجي پاران: منهنجون مُرڪون، منهنجون مَهڪون !

قصا ڪنهن يادگيري جا،
وري مقدر بڻيا آهن،
اهي يادون اهي ڳوڙها،
اهي مرڪون اهي سپنا،
وساريل ورق ماضي جا،
وري دل تي وريا آهن. (شيخ اياز)

حضرت علي عليه السلام جو قول آهي ته “ اي انسان! تون ڇو پاڻ کي ننڍڙو صغير ٿو سمجهين، پر اهو ڇو نه ٿو سمجهين ته ساري ڪائنات تنهنجي اندر ۾ ويڙهي پئي آهي.” منهنجي چاليهن سالن جي لکڻ کان پوءِ منهنجو پهريون ڪتاب ڪهاڻين جو مجموعو “سانول جا سُور” 2013ع ۾ ڇپيو. تمام گهڻي خوشي جي حد ۾ اهو سوچيو هوم ته هي منهنجو پهريون ۽ آخري ڪتاب آهي جو ڪتاب ڇپجڻ جي خوشي ۾ دلي مراد پوري ٿي وئي هيم. پر پوءِ مون پاڻ اهو محسوس ڪيو ته پهرين ڪتاب جي اچڻ کانپوءِ مون ۾ لکڻ جو جنون وڌي ويو هو. لکڻ جي رفتار وڌي ويئي هيم. پهرين ڪتاب کان پوءِ مون بي شمار نيون ڪهاڻيون لکيون ۽ مختلف رسالن ۾ ڇپيون به..... ڏسندي ڏسندي 2013ع کان 2016ع جي ننڍڙي عرصي ۾ منهنجا چار ڪتاب اچي ويا اهو سڀ منهنجي جنونيت جي حد هئي. منهنجا ڇپيل ڪتاب جيڪي اوهان جي هٿن تائين پهچايم انهن جي تفصيل هن طرح آهي.
(سانول جا سُور - ڪهاڻين جو مجوعو2013 ع، اي منهنجي شهر جي مٽي - شاعري جو مجموعو 2014ع، جيئڻ جنين ڪاڻ - ڪهاڻين جو مجموعو 2016ع، سروس بخير –يادگيريون 2016ع ) اهڙي ريت غلام مصطفى سولنگي، سنڌ راڻي پبليڪيشن جي سري هيٺ ڪتاب “رو ح جو رمتو” اقبال بلوچ فن، فڪر ۽ شخصيت، منهنجي مٿئين ڪتابن ۽ منهنجي شخصيت تي سنڌ جي نالي وارن اديبن ۽ دوستن جي ڪيل تبصرن کي مرتب ڪري 2018ع ۾ ڪتاب آندو. اهڙي طرح منهنجي نالي پنجين ڪتاب جو به اضافو ٿيو. حضرت علي عليه السلام جو مٿيون لکيل قول بلڪل سچ لڳم ته هر انسان ۾ پوري ڪائنات سمائي پئي آهي. اها ويڙهيل اندر جي ڪائنات هر انسان پنهنجي پنهنجي نموني سان اجاگر ٿو ڪري بظاهر ٿو ڪري. آءُ الله پاڪ جي ڏنل بي شمار نعمتن مان هن ڏات جي ڏنل نعمتن جو به دل سان شڪر گذار آهيان. جنهن مون کي قلم ۽ ڪاغذ جي نعمت سان نوازيو آهي. هي منهنجو ڇهون ڪتاب “مرڪون مهڪون ميڙيم” منهنجي ذاتي زندگي جي يادگيرن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ لکيل يادگيرين کي جنم ڏينهن (1 ڊسمبر 1956ع) کان شروع ڪندي (آگسٽ 2018ع) تائين لکي کڻي آيو آهيان. ڪوشش ڪئي اٿم ته زندگي جي هر ياد کي زيرِ قلم آڻيان، هر ياد کي سچي قلم سان لکيو اٿم، ٿي سگهي ٿو ته ڪا ياد رهجي وئي هجي.... ته واقعي اها ياد وسري وئي هوندي. يا ڪا ياد ڊائري ۾ لکيل هوندي. هن ڪتاب ۾ آڻي نه سگهيو آهيان ته واقعي اها ڪا اهڙي ياد هوندي جنهن ۾ منهنجي ڪا مجبوري هوندي يا اها ياد ڪتاب ۾ آڻڻ جهڙي نه هوندي. چون ٿا ته يادگيرين جي ڪتاب ۾ سچ هئڻ گهرجي تڏهن ئي مزو آهي پڙهڻ جو ڪنهن ياد کي ڪوڙ سان سجائي لکان ها انهي کان بهتر آهي ته هن ياد کي ڪتابن جي زينت ئي نه بنايان . باقي جيڪو ڪجهه لکيو اٿم سچ لکيو اٿم. سچ لکڻ ۾ ڪڏهن ڪڏهن پلصراط تان لنگهڻو پوي ٿو، يا ڪنهن سولي جي سيج تي به سمهڻو پوي ٿو. اڳتي جو مولا مدد آهي، الله مالڪ آهي.
هن ڪتاب “مرڪون مهڪون ميڙيم” ۾ مرڪن کي ياد ڪيو اٿم. مهڪن کي به سجايو اٿم، يادگيرين جا بي بها ۽ اڻ مٽ نقش چٽيا اٿم. يادگيرين جي ويرين کي ورايو اٿم، سمنڊ جي لهرن کي سجايو اٿم. دوستن، احبابن، لمحن، جذبن، ڏکن سکن، محبن محبوبن، ۽ محبتن کي ياد ڪندي دل ڀرجي آئي هوندم. اکيون نم ٿيون هوندم. سکن کي ياد ڪندي کليو به آهيان، ڏکن کي ياد ڪندي رُنو به آهيان. ڪٿي ڪنهن ڏک پهچايو آهي ته ڪٿي ڪنهن رئاڙيو به آهي. خاندان جي هر فرد، مائٽن، دوستن ۽ محبوب ماڻهن کي سچائي سان ياد ڪيو اٿم. مون هن ڪتاب ۾ هر سکن سان گذرندڙ لمحن، هر ڏسندڙ مشڪلاتن، ننڍڙن ڪلهن تي پوندڙ وڏين ذميدارين، عشق، رومانس، الهڙ جوانين جي مستين، رازن رمزن، ميل ملاقاتن، چٺين چپاٽين ۽ اکين جي اشارن وارين گذرندڙ لمحي به لمحي کي ياد ڪيو اٿم. هي ڪتاب پڙهندي، مانوارا پڙهندڙ محسوس ڪندا ته آءُ خوشين، دردن، نياز نوڙت، بي چين روح، تسڪين ڏيندڙ لمحن، هڪ ڪمري ۾ ويهي روئندڙ وقت ۽ عيش عشرت سان گهمندڙ ڦرندڙ لمحن کي گڏ کڻي هليو آهيان، ڪٿي همت ڀرئي شخصيت، ڪٿي معصوم ٻار جيان نرم ۽ سٻاجهڙو ۽ انتهائي گهڻو حساس هئڻ سبب ڏک جي ننڍڙي ڳالهه به جيءُ کي جهوريو وجهي. جسم ۾ نازڪ، نٻل، ارادن ۾ اٽل، بردبار، حوصلو، بهادري، خودداري، همت دار ۽ پنهنجن مضبوط ارادن ۽ قرباني ڏيندڙ جذبن سان پنهنجي زندگي کي اڳتي وڌائي، سنواري سينگاري، گهر جوڙيندي، پنهنجن پيارن سان گڏ هلندي، زندگي کي هن منزل تائين رسائي اٿم. جيڪا هاڻ مضبوط سٺن رشتن جي زنجير سان جوڙي اٿم ۽ هڪ باوقار ۽ عزت سان گذاري سڀ منزلون طئي ڪندي، خيرن سان نوڪري تان رٽائرڊ ٿيندي 60 سالن جي ڏهاڪي ۾ قدم رکندي، زندگي کي هن سٺي منزل تي پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم جا ڪوشش ڪئي اٿم ته هرهڪ جي دل ۾ سمايل هجان، هر هڪ جي عزت واري نگاهه ۾ هجان هرهڪ جي پيار جي رشتن ۾ جڙيل هجان، پيار ۽ پريم جي هر رشتي ۾ ڳنڍيل هجان.... هن ڪتاب کان اڳ يادگيرين جو هڪ ڪتاب “سروس بخير” 2 سال اڳ آندو اٿم. يادگيرين جو ڳپل حصو هن ڪتاب ۾ شامل هئڻ سبب هن ڪتاب ۾ شامل نه ڪيو اٿم.
آءُ بي انتها شڪر گذار آهيان سنڌ جي ڏاهي اديب محترم اشتياق انصاري جو جنهن مون کي همت ڏياري ۽ حوصلو ڏنو ته آءُ يادگيرين جو ڪتاب لکي سگهان ٿو جو ڪهاڻين ۾ سچ جي جهلڪ نظر اچي ٿي. مهاڳ لکڻ تي سائين اشتياق انصاري جو تهه دل سان شڪر گذار آهيان. آءُ شڪر گذار آهيان سنڌ جي ڪامريڊ اديب منهنجي ڳوٺ تلهار جو اصل رهواسي غلام حيدر “بابل” خواجه جو جنهن سان پيار ۽ پريم جو وقت گذريو هن ڪتاب تي سندس طرفان جامع لکڻي پنهنجي طاقتور قلم، جنهن جي قلم ۾ رواني به آهي، طاقت به آهي، امهاڳ لکيو. ٿورائتو آهيان سنڌ جي بهترين ليکڪ ۽ منهنجي وڏي ڀاءُ ناصر بلوچ (جنهن جا تبصرا منهنجي هر ڪتاب ۾ شامل آهن) جو جنهن جو ڀرپور زندگي جي ويجهن هئڻ سبب ڀرپور تاثر لکيو ۽ هن جي ڪيترين ئي سهڻين صلاحن، ڪتاب جي مواد ۾ ڪيترين ئي سٺين راين کي مدِ نظر رکي ڪري سهيڙڻ ۾ مدد مليم.
ٿورائتو آهيان احساس پبليڪيشن حيدرآباد جي روح روان محترم احسان آڪاش جو جنهن هن ڪتاب کي خوبصورت رنگ و ڍنگ سان سجائي، ڪمپوزنگ کان وٺي پرڪشش سرورق ۽ ڇپائي جي سمورن معاملن کي وقت سر اُڪلائي اوهان پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچائڻ ۽ روحاني محبت سان گڏ مالي مدد ۾ به سهڪار ڪيو.
فب آيا الا رب کما تو کذبان !

الله پاڪ جي ڏنل بي پناهه نعمتن جو شڪر گذار آهيان. جنهن مون کي قلم ۽ ڪاغذ جي ڏنل نعمتن سان گڏ دنيا جي هر نعمت، عزت، شان سان زندگي گذارڻ جي نعمت سان نوازيو.
اميد ته منهنجو هي ڪتاب توهان سڀني کي پسند ايندو ۽ منهنجو ايندڙ ڪتاب “ڪهاڻين جو مجموعو” به جلد اوهان جي هٿن ۾ هوندو.
ساٿ سلامت، سنڌ سلامت.
سڪ ۽ سار سلامت !

خلوص منجهان اوهان جو پنهنجو


اقبال بلوچ
قاسم آباد حيدرآباد
03332601988