سنڌسلامت پاران
اقبال بلوچ سنڌي ادب جو هڪ سٻاجهڙو ۽ نفيس ليکڪ آهي. هن پنھنجي يادگيرين جي ڪتاب (مُرڪون مَھڪون ميڙيم) ۾ پنھنجي 61 سالن جي سموري زندگيءَ جا اکين ڏٺا حال، يادگيريون، پنھنجي پوري سچائيءَ سان (بقول اقبال بلوچ جي) اوهان پڙهندڙن جي اڳيان اوريا آهن. هن ڪتاب ۾ موضوعاتي تسلسل کي برقرار رکندي ترتيبوار سال جي واقعن کي قلم بند ڪرڻ جي بدران وقت، واقعا ۽ سال بنھ الڳ الڳ بيان ڪيل آهن.
ھي ڪتاب احساس پبليڪيشن، حيدرآباد پاران 2019ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آھيون احسان آڪاش جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي)، ڪراچي
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com