اقبال بلوچ جي ڏکن ۽ سکن جون يادون ! : ناصر بلوچ
هي ڪتاب سندس ننڍپڻ کان وٺي رٽائرمينٽ جي ٻن سالن بعد يعني تقريباً 62 سالن جي وهي (آگسٽ 2018) تائين جي يادن مشاهدن ۽ تجربن تي مشتمل آهي. مون کي خوشي آهي جو هن پنهنجي زندگي جو تقريباً هر پل سپرد قلم ڪيو آهي ۽ مون وانگي صرف حافظي سهاري نه هليو آهي. سندس هي ڪتاب ترتيب سان ٻالڪپڻ، ننڍپڻ، جواني، عشق، شادي، ملازمت، محبتون، الفتون، ڪلفتون ياد ڪندو اڳتي وڌيو آهي ۽ سندس هي آتم ڪٿا سندس زندگي جو کليل باب آهي جنهن ۾ هن دل کولي لکيو آهي. هو ننڍي هوندي کان ئي نازڪ و نفيس رهيو آهي، بدقسمتي سان جڏهن هو سمجهه ڀريو ٿيو ته بابا جي ٻي شادي ۽ روين سبب هن جي ڪچي ذهن اهو ڪجهه برداشت ڪيو جنهن لائق هو نه هيو. اسان جي مالي پريشانين کيس ذهني طرح لوڏي ڇڏيو، جنهنجو اولڙو سندس زندگي تي رهيو آهي. هن پنهنجي زندگي ۾ گهڻيون ناڪاميون برداشت ڪيون، ناڪام “عشق”، بي وفايون، پسند جي شادي نه ٿيڻ ۽ هڪ شادي منهنجي ۽ امان جي ڪري نه ڪرڻ جنهن کيس گهڻو رئاڙيو. آءُ اڄ به جڏهن هن ڳالهه کي تقريباً 40 سال گذري چڪا آهن، آءُ سمجهان ٿو ته منهنجو ۽ امان جو فيصلو صحيح هو. جيڪڏهن اقبال ان ڇوڪري سان شادي ڪري ها ته پريشانيون ئي ڏسي ها. زندگي جي ڏکئي وقت ۾ آءُ سندس ايتري ئي مدد ڪري سگهيس جو مرحوم علي احمد چانڊئي جي معرفت کيس نوڪريون ئي ڏياري سگهيس. مون کي خبر آهي ته هن گهڻي جدوجهد ڪئي. آءُ پنهنجي ڪمزور مالي پوزيشن ڪري سندس ڪا مدد نه ڪري سگهيس وري به هن پنهنجي زندگي جلد بهتر بنائي ۽ هينئر هو پنهنجي ننڍڙي خاندان سان خوش آهي. هن پنهنجا عشق ننڍي هوندي کان هيستائين سڀ بيان ڪيا آهن جن جو هن مون سان ڪڏهن ڪو ذڪر ڪو نه ڪيو. باقي اها ڳالهه آهي ته جو هو جنس مخالفت لاءِ اڃان تائين ڪشش رکندڙ آهي. هن کي ڪير ڪيترو ڪم آيو سو به ايمانداري سان لکيو اٿس ۽ منهنجي لاءِ شروع کان نيڪ جذبا ٿو رکي. ڏکئي وقت ۾ خاص طرح دل جي باءِ پاس دوران منهنجي ڪردار کي ساراهي ٿو. جيتوڻيڪ مون جيڪو ڪجهه ڪيو، بحيثيت وڏي ڀاءُ اهو منهنجو فرض هو. ادبي ليول تي هن پنهنجو نالو پاڻ ڪمايو آهي. سو اسان تلهار واسين لاءِ قابلِ فخر آهي. اسان جي ذات جي مسئلي تي اقبال جيڪو ڪجهه لکيو آهي تنهن بابت آءُ ايترو چوندس ته مون پنهنجي ذات مرحوم بابا جي ڪري “ڪهيري بلوچ” لکائي، ٻين ڀائرن بابت مون کي خبر ڪونهي ته ڪيئن چانڊيه لکائي ويئي. هونئن به ذات تي ڪهڙو ٿو فرق پوي...؟ انسان جو اخلاق بهتر ۽ رويا انسان دوست هئڻ گهرجن. پدرم سلطان بود وارو زمانو ختم ٿي ويو. سنڌ واسي هن ڪتاب کي ڪيئن ٿا ڏسن، اهو پوءِ پتو پوندو.... منهنجي خيال ۾ هر آتم ڪٿا ايندڙ نسل لاءِ نصيحتون، هدايتون، ۽ تجربا هوندي آهي. اهو انهن تي ڇڏيل آهي ته هو اسان جي صحيح فيصلن، غلطين، ۽ تجربن مان ڪهڙو سبق ٿا حاصل ڪن.....!!!؟
دعا آهي ته نئون نسل اسان جي ڪيل پورهيئي مان لاڀ حاصل ڪري پنهنجي ۽ سنڌ جي بهتري لاءِ ڪم آڻي. اهائي اسان ج ڪاميابي هوندي.