امھاڳ: مرڪن منجهه محبتون ميڙيم، مرڪن منجهه مهڪون ميڙيم !
“ڀلن پيٽان ڍلا، ڍلن پيٽان ڀلا” سنڌي سماج جي اهڙن مقرر ڪيل ماپن به انسان کي سندس قد ڪاٺي مطابق عملي زندگي ۾ سندس سوچن، فڪرن، نيتن کي ماپي بيهاريندو آهي. اهڙي ريت هر انسان ماني ڳڀن جي تلاش ۾ وڏي هڻ هڻان کانپوءِ، هڻي وڃي ڪٿي هنڌ ڪندو آهي، جتان جذبن جا نوان کاتا کلندا آهن ۽ سندس شخصيت کي نکاري روشن ڪري ڇڏيندا آهن. فطرت به مٿس مهربان ٿي پوندي آهي. فضائون به کيس نرم گرم ڀاڪرن ۾ ڀري بيهارينديون آهن. تڏهن انسان ظلمت جي اندهيرن مان نڪري نور جي روشنين ۾ پيرپائي پنهنجو سڻائو سفر شروع ڪندو آهي ۽ عملي زندگي ۾ (ڍلن پيٽان ڀلو) ٿي بيهندو آهي. هو ڪنهن جي اڳيان هٿ ٽنگڻ جي بجاءِ وڏي اعتماد ۽ خودداري سان شريفاڻي زندگي گذارڻ لڳندو آهي. جڏهن ته (ڀلن پيٽان ڍلا) پنهنجن وڏڙن جي ڪئي ڪمائي ڪٽ ڪري ڇڏيندا آهن اوڙي پاڙي راڄ ڀاڳ سان ڦٽائي سندن لاءِ عذاب جهڙي زندگي بنائي، نور جي روشنين، سندن وڏڙن جي اخلاقي قدرن، وڙن، نيڪين مان نڪري، لوڀ لالچ، قتل غارت ۾ حيوان بنجي ظلمت جي اندهيرن جو کاڄ بڻجندا آهن. غربت هجي يا شاهوڪاري ٻار تي گهرو ماحول جو اثر ، اٿڻي ويهڻي اخلاقي بداخلاقي ڳالهه ٻول جا طور طريقا، مذهبي رجحان وڏي ننڍي جي عزت، پاڙيسرين سان سٺا تعلقات ڇهن سالن جي عمر تائين ٻار پنهنجي ماءُ پيءُ کان سکي سڄي زندگي انهي ابتدائي سکيا تي گذاريندو آهي. اهڙي طرح اقبال بلوچ جو گهر تلهار شهر جي پڙهيل لکيل گهرن ۾ ليکيو ويندو هو. سندس والده هڪ پڙهيل لکيل گهراڻي جي نيڪ خاتون هئي. سندس ٻه ڀائر محترم سائين صادق علي صاحب تلهار اسڪول جو استاد هو. جيڪو شهر جي معزز ماڻهن ۾ شمار ٿيندو هو. ٻيو ڀاءُ محترم ڪاظم علي صاحب سول سوسائيٽي جوا ڳواڻ، ڄاڻو ، وڏو سگهڙ، اديب پڻ هو. سندن تعلق شيعه مسلڪ جي اثناعشري طريقي سان هو. جيڪي مذهبي طريقي ۾ به سرگرم ۽ شانائتا انسان جي حيثيت ۾ سڃاتا ويندا هئا.
نيڪ سگهڙ عورت هئڻ جي ناتي اقبال بلوچ جي والده صاحبه پنهنجي مرد جي بيوفائي جهڙي صدمي کي پنهنجي اولاد تي هرگز ظاهر ڪرڻ نٿي گهريو. هن پنهنجي گهر ۾ پاڙي جي ٻارن کي قراني تعليم ڏيڻ شروع ڪئي ڏسندي ڏسندي سندس گهر هڪ مدرسو بڻجي ويو. اهڙي ريت انهي نيڪ ڪم جي برڪت سان اقبال بلوچ کي (ٽريزري) خزانه آفيس بدين ۾ نوڪري ملي وئي. زندگي۾ انسان کي ڪي اهڙا موڙ ملند ا آهن، جيڪي سڄي حياتي جا بُڻ بنياد گهڙي وٺندا آهن. جتان پوءِ انسان پنهنجن پيرن تي بيهڻ لڳندو آهي. ۽ پوءِ پنهنجي دٻيل خواهشن کي حاصل ڪرڻ جي سگهه به ساري سگهندو آهي. اقبال بلوچ (ٽين ايج) ۾ پنهنجي جواني ۾ خوش پوشاڪ، خوش اخلاق، نازڪ نفاست پسند هر فيشن ۾ شهر جي نوجوانن کان اڳڀرو، اهڙي ريت وري لکڻ، پڙهڻ ، ادب ڇپائڻ ۾ به سڀ کان اڳرو، گهمڻ، ڦرڻ ۾ آفيس جي دوستن سان (ويڪنڊ) تي هرهفتي حيدرآباد وڃي نيون فلمون ڏسڻ، پگهار ملڻ تي وڃي ڪپڙا خريد ڪرڻ، فيشني ڊزائين ۾ سبائڻ، پنهنجي شخصيت جو رعب ويهارڻ، هيرو ٿي اردگرد جي ڇوڪرين جي توجهه پاڻ ڏانهن ڇڪائڻ ۽ ساڻن دوستيون رکڻ جو پڻ ماهر بنجي ويو. شروع ۾ پاڪدامني، ننڍڙي عمر وارا عشق، سچيون محبتون، ننڍي هوندو واهه ۾ وهنجڻ جا ٻاراڻا مزا ماڻن، محبوبه لاءِ انبڙيون پٽي ڏيڻ سندس دل رکڻ تي پيار اچڻ، سادگي ۽ سچائي جا سڀئي مزا ماڻن، بدين جي هندو ڇوڪري (روتي) سان شادي جا واعده وچن، ٽنڊو محمد خان جي ملاح ڇوڪري کي قيامت تائين نه وسارڻ جهڙو پيار ڪرڻ، شادي جا واعده وچن، تلهار جي خواجي ڇوڪري سان عشق، شادي جا واعده وچن، سڀ جا سڀ عشق پنهنجي پنهنجي پسند جي شادي جا سانڀاهه آسون، اميدون، ساڻن زندگي گڏ گذارڻ جا ارمان سڀ اڌورا رهجي ويا. صرف ماءُ جي “ٿڃ نه بخشڻ” جي خوف نيٺ وڏي ڀاءُ ناصر علي بلوچ صاحب جي ڪوشش سان بلوچ برادري جي پڙهيل لکيل گهراڻي مان اقبال بلوچ شادي ٿي. اهڙي ريت بدين مان حيدرآباد ٽريزري آفيس ۾ بدلي ڪرائي اچي پنهنجي ڀاءُ ناصر علي بلوچ سان گڏ هيرآباد ۾ رهڻ لڳو، جيڪو پهريائين اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندو هو پر سندن گڏ جو قصو گهڻو وقت هلي نه سگهيو، تنهنڪري اقبال کي لطيف آباد ۾ ڪنهن آفريدي پٺاڻ کان ڪرائي تي جاءِ وٺي رهڻو پيو، جيڪي پرديدار انتهائي چڱا ماڻهو هئا. 30 سيپٽمبر 1988ع واري فائرنگ کانپوءِ سنڌي مهاجر جڳهڙن منهن ڪڍيو. ڪراچي ۾ ته سنڌين جو وڏو ڪوس ڪيو ويو. حيدرآباد ۾ به سنڌين جون جائيدادون ساڙي رک ڪري ڇڏين. لاچار ٿي اقبال کي به اتان جان بچائي ڀڄڻو پيو ۽ اچي HDA جي فليٽن ۾ ڪنهن دوست جي معرفت اچي زيرِ تعمير فليٽن ۾ رهيو. جتان کيس آفيس پهچڻ ۾ به تڪليف ٿيندي هئي، پر کيس پاڙي ۾ ٻه چار گهر سنڌين جا ملي ويا جيڪي بيحد پرخلوص هئا. اهڙي ريت پوءِ اقبال انهن ڏينهن ۾ قاسم آباد اچي رهيو هو. اتفاق سان سندس پيءُ به پنهنجي ٻي زال کي ڇڏي ڏنو، اهو به هاڻ اڪيلائپ محسوس ڪري وڏي ڀاءُ ناصر ۽ اقبال وٽ اچڻ لڳو هو. جتي اقبال جي گهر واري سندس تمام گهڻي عزت ڪندي هئي. هو به نماز پڙهي اقبال کي اولاد ٿيڻ جي دعا ڪندو هو. هڪ ڏينهن نماز بعد قرآن پڙهي پنهنجي ننهن جي مٿي تي هٿ رکي چيائين ته اڄ مون توکي الله کان اولاد وٺي ڏنو آهي. ٻن مهينن کانپوءِ هو سخت بيمار ٿي ٽنڊومحمد خان کان حيدرآباد پنهنجي وڏي پٽ ناصر علي بلوچ وٽ پهتو، جنهن کيس فوري اسپتال ۾ داخل ڪرائي اقبال کي فون ڪيائين، اقبال پنهنجي گهر واري سان گڏ جڏهن اسپتال پهتو تڏهن کين چيائين “توهان کي اولاد ٿيندو، مون توهان جي لاءِ کوڙ ساريون دعائون گهريون آهن.” جنهن تي اقبال جي گهرواري مسڪرائي چيس ته “بابا مون کي هڪ مهيني کان اميد آهي، توهان جي دعا جيڪا توهان مون کي منهنجي گهر، جاءِ نماز تي سڏي ڏني هئي، اها قدرت وٽ قبول پهچي وئي. اهڙي ريت ايڊوڪيٽ حسن علي بلوچ وفات کان اڳ پنهنجي پٽ اقبال بلوچ جي اولاد جي پنهنجي پوٽي جي اچڻ جي خوشخبري کڻي ويو. جنهن جو کيس هميشه فڪر رهندو هو ۽ سڄو ڏينهن دعائون ڪندو هو. سندس پيءُ جي وفات کان پوءِ اقبال بلوچ کي ساڳئي سال فرزند تولد ٿيو جنهن جو نالو پيءُ جي نالي جي نسبت سان “سرواڻ حسن” رکيو ويو.
حيدرآباد ٽريزري آفيس ۾ ڪم ڪندي سندس واسطو ريڊيو پاڪستان جي پروڊيوسر سان ٿيو. جنهن جي معرفت رڊيو پاڪستان تان پنهنجي ڪهاڻيون پيش ڪرڻ جو پڻ کيس موقعو مليو. اهڙي ريت سنڌي ادبي سنگت ۾ به باقائدگي سان شامل ٿيڻ لڳو. سنگت پهرئين بسنت هال ۾ ٿيندي هئي بعد ۾ منظور چيمبر ۾ ٿيڻ لڳي هئي. جنهن ۾ شريڪ ٿي ڪهاڻيون ۽ نظم پڙهڻ لڳو هو. ساڳئي وقت ڪاوش اخبار جي شام واري بليٽن ۾ سندس مختصر ڪهاڻين جو سلسلو پڻ سندس دوست عبدالستار مگسي جي وفات تائين جاري رهيو. اقبال بلوچ سادو، نهٺو، نماڻو، پرڪشش شخصيت جو مالڪ هجڻ ڪري دوستن کان سواءِ پبلڪ جي توجهه جو پڻ مرڪز رهيو هو. ذاتي زندگي ۾ گهر گهاٽ جو فڪر وقتن به وقتن ننڍيون جايون خريد ڪري وڪڻي، بڪنگ ڪرائي نيٺ اچي ڏهه لک واري جاءِ ۾ رهيو. جڏهن ته سندس خواهش ڊبل اسٽوري بنگلي جي هئي. هڪ ڏينهن اوچتو گوسپل هومز جو مالڪ جيڪو سندس دوست هو تنهن کيس ڊبل اسٽوري لان ، ڪارپارڪنگ، وارو بنگلو ڏيکاريو، جيڪا سندس خوابن جي مڪمل تعميل هئي پر قوت خريداري کان ڳالهه مٿيري هئي. هن انهي بنگلي جا 16 سورنهن لک گهريا ٿي، 10 لک جي ته سندس جاءِ هئي، پر 6 لک ڏيڻ لاءِ سندس دوست کيس وڏي سهولت اهيا ڏني ته آفيس ۾ مختلف وي سيون وجهي پوءِ اها رقم ادا ڪندو رهي. اهڙي طرح هڪ شاندار بنگلو جيڪو هن پنهنجي ارادن ۾ گهريو هو کيس ملي ويو هو. وري جي گهڻي عرصي کان ڪار خريد ڪرڻ جي شوق ۾ بانڊ خريد ڪندي نيٺ آخر 15 هزار وارو بانڊ ورتو، اهو کلي پيو کيس 2 لک قدرتي امداد ملي پئي. جنهن مان 20 هزار ٽيڪس جا ڪٽي 1 لک 80 هزار مليا، ڪار جي قيمت به 1 لک 80 هزار هئي. هاڻي وٽس بنگلو، ڪار ٺلهن هٿن واري وٽ جو اچي ويو، مٽ مائٽ، دوست يار به ساڻس حسد ڪرڻ لڳا. نتيجي طور گهر جو هڪڙو فردٺيڪ ٿئي مس ته ٻيو ڊٺو پيو آهي اهڙي ريت نيٺ پاڻ خود اقبال ڪِري پيو. وڏي ڌڪ لڳڻ ڪري فريڪچر ٿي پيس، 6 مهينا وڏي پريشاني ۾ کيس رهڻو پيو. اڃان فريڪچر مس ٺيڪ ٿيس ته کيس دل جو درد ناحق اٽيڪ ٿيو. جنهن مرڳو سندس سر تي نيهيو. اهڙي ريت هي بنگلو کيس راس نه آيو. سڀنن سندس وهمن وسوسن ۾ سندس مدد ڪئي ڪجهه اتفاق به اهڙو ٿيندو ٿي رهيو جنهن نيٺ کيس بنگلو ڇڏڻ تي مجبور ڪيو. اهڙي طرح جاءِ ساڳي مالڪ کي واپس ڪري وري هڪ ڀيرو سندس پسند جي شين تان هن واري امڙ جي (ٿڃ نه بخشڻ) واري ڊپ کان نه پر اتفاقي لڳاتار جاني مالي نقصانن جي ڪري پسند جون شيون کيس راس نه آيون. هاڻي هن 10 لکن ۾ آخري جاءِ ورتي انهي کي آخري جاءِ سمجهي خواهشن تان صوفين وانگر هٿ کڻي ڇڏيو. هڪ دفعي گهر جو سودو وٺندي مرغي واري جي دڪان تي ويو جتي پاڙي جو ڊاڪٽر به موجود هو، اوچتو فون جي گهنٽي وڳي ڊاڪٽر هن ڏانهن ڏٺو ته شايد هن جي کيس ۾ آهي، ايتري ۾ مرغي واري ڳوڻ جي پلاند مٿي ڪري پئسن سان گڏ فون تي الو الو ڪري ڳالهايو. اهڙي سادگي ۾ اقبال بلوچ پنهنجا گهر گهاٽ ٺاهيا، پنهنجي فرزند سرواڻ حسن علي بلوچ کي بيڪن اسڪول ۾ مئٽرڪ تائين پوءِ وڏن ڪاليجن ۽ يونيورسٽي ۾ پڙهائي کيس انجنيئر بنائين سندس شادي هڪ نيڪ خاندان مان ڪرايائين. هن پنهنجي آتم ڪٿا ۾ ننڍپڻ کان جواني جا عشق، اوڙي پاڙي سان گهرو تعلقات، دوستن سان ڪچهريون، ملباري جا پڪوڙا، تلهار اسٽيشن جون ٿڌڙيون هوائون، سائين شمس الدين ميمڻ، مرحوم سائين نياز جتوئي، پوسٽ ماسٽر سائين نواز جتوئي، باواني شگر مل جو ڪين مينيجر سائين علي احمد چانڊيو، جن سندس زندگي ۾ انيڪ رنگ رچائي ڇڏيا، کيس نوڪرين ۾ مدد ڪيائون، کيس علم ادب جا گس ڏسي مچائي، اچي مڙس ڪيو هو. سنڌي ادبي سنگت نيشنل بئنڪ جي ادب دوست محترم نبي بخش ڪلهوڙو جي جاءِ تي ٿيندي هئي.
علي احمد چانڊيو صاحب سان ته اهڙا گهرو تعلقات رهيا جو اقبال مهينن جا مهينا سندن ڳوٺ وڃي سندس گهر رهندو هو. جتان کيس ٻهراڙي جي پيار محبت، عزت جا کوڙ سبق مليا جن کيس اڳيان هلي هڪ اديب بنائي ڇڏيو. سندس اندر ۾ احساسن ۽ همدردين جا کيت وسائي ڇڏيا منجهس ماڻهپو پيدا ڪري ڇڏيو. هاڻي 60 سالن جي حياتي پوري ٿيڻ تي خزانه آفيس مان رٽائرمنٽ وٺي ڪو وڻج واپار ڪري اهو تجربو ته کيس تلهار ۾ خادم جنرل اسٽور هلائڻ مان ملي ٿو، جيڪو سواءِ دل پشوري ڪرڻ جي ٻيو مڙوئي خير هو. اهڙي ريت لکڻ پڙهڻ تي ڌيان ڏئي ڳچ جهڙا ڪتاب نه صرف ڇپائي ويو بلڪه انهن ڪتابن جون مهورتون پڻ شاندار نموني سان ڪرائي ميڊيا ۾ به پنهنجو پاڻ مڃرائي سنڌي چيئنل تي پڻ اچڻ لڳو.
هن وقت اقبال بلوچ پنهنجي زندگي جي پڇاڙي واري دور ۾ پنهنجي طبعيت مطابق جيڪو ٺهيو، ٺاهيو آهي، اهو آهي “بلوچ ڪتاب گهر” جنهن تي سنڌ جي اديبن جا ميڙا متا پيا آهن. ڪتاب وڪجن نه وڪجن جي فڪرات کان آجو هو پنهنجي زندگي جي تڪسين خاطر قرب ڪچهريون ڪريو پنهنجي دل وندرائي ويٺو آهي. الله پاڪ کيس هميشه خوش آباد رکي. آمين
غلام حيدر “بابل” خواجه
مبارڪ ڪالوني _ حيدرآباد
جنوري 2019ع
03312628338